جيل ڊائري

اٽڪ قلعي کان

جنرل ضياءَ جي آمريت منجهہ ڪيل ’آپريشن گئليڪسي‘ دوران، جنوري 1984ع ۾، هِن ڪتاب جي ليکڪ ميجر آفتاب ۽ سندس ڪجهہ ساٿين کي،”آئيني حڪومت جو هٿياربند [مسلح] قوت وسيلي تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ۽ مملڪت جي سلامتيءَ کي لاڳو خطرن بابت پرچار ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ گرفتار ڪيو ويو.“ ان ’آپريشن‘ جو عام نالو ’اٽڪ سازش ڪيس‘ سڏيو ويو، جنھن جو پڇاڻو، هڪ سال کان پوءِ جنوري 1985ع ۾، پڪڙيَلن کان شروع ڪيو ويو. جنھن ۾ مٿس، ساٿين سميت، فوجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو، تہ ميجر آفتابَ ان ڪورٽ آڏو جيڪو بيان ڏنو، ان کي ڪجهہ ٻين تفصيلن سميت، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ”اٹک قلعے سے“ نالي سان، 1990ع ۾ڇپايو ويو.

Title Cover of book اٽڪ قلعي کان

شاهدن جي وچور ــــ شاهديءَ جو تَتُ

اسپيشل ملٽري ڪورٽ نمبر 64، اٽڪ قلعو،
جي سامھون

شاهدن جي وچور ــــ شاهديءَ جو تَتُ
حوالو: ميجر آفتاب ۽ ٻين سورھن تي رياست جو ڪيس

1) توھان جي سَڌ موجب، اڄ آءٌ پنھنجي صفائيءَ جي شاھدن جي ابتدائي وچور توھان آڏو پيش ڪري رھيو آھيان. روايتن جي ابتڙ ھڪ تھمت لڳل جي حيثيت ۾، پنھنجي صفائيءَ جي شاھديءَ جو تفصيلي تت بہ ھتي کُلي عام پيش ڪرڻ جي ھمت ڪري رھيو آھيان. اھا روايت شڪني، اھو غير معمولي قدم، آءٌ ان ڪري کڻي رھيو آھيان جو منھنجي ايمان ۽ عقيدن جي پاڙُن ھڪ ڏينھن سھڻي ڳوٺ (کاريان) جي کليل کيتن ۾ جنم ورتو ھو. اڄ جيڪڏھن منھنجيءَ دل ۽ روح ۾ سوڙھين ٻوساٽيل ڪوٺڙين ۽ ”بند ڪمرن“ جي خلاف شديد نفرت آھي تہ اھا انھن ئي ويڪرين واڙين جي ڏيا آھي. اھا نفرت مون کي منھنجي علمي ماءُ ۽ ان شھر (اسلاميه ڪاليج سول لائينز لاھور) کان بہ ورثي ۾ ملي آھي جتي 23-مارچ 1940ع تي جناح برطانيا-راڄ خلاف ڳاٽ اوچو ڪري ھڪ آزاد رياست جو مطالبو ڪيو ھو. اھا رياست جنھن پوءِ ناٽ (Knot) محل وائسريگل لاج جي بند ڪمرن ۾ ڪنھن ڳجهي ڪارروائيءَ جي نتيجي ۾ نہ، پر لکين لاشن ۽ ڪروڙين ڌڙڪندڙ اميدن جي وجود تي جنم ورتو ھو. اھي اميدون ھڪ اھڙي آئيندي لاءِ ھيون جيڪو ماڻھوءَ ھٿان ماڻھوءَ جي ڦرلٽ کان پاڪ ھجي، جيڪو بند ڪمرن جي سازشن کان آزاد ھجي. ھڪ اھڙو آئيندو جيڪو اڌ رات جي ڇاپن ۽ ڪارن قانونن جي موتمار چنبن کان محفوظ ھجي. ھڪ اھڙي رياست جيڪا پنھنجي تحفظ ۽ سلامتيءَ جي نالي تي بہ ڪڏھن اجتماعي اذيت گهرن جا ليسن جاري نہ ڪري. اھا رياست جيڪا ”يھودين جا انھن قئارٽرن“ ۽ ”گئس چيمبرن“ جي اڏاوت جي موڪل نہ ڏيندي جن ۾ منھنجا ھِي سورھن ساٿي ۽ اڻڳڻ ٻيا لکين ھڪ وڏي عرصي کان سڙي رھيا آھن، پنھنجي شاھديءَ جي راز کي ھيئن ظاھر ڪندي، آءٌ فريادي ڌر جي وڪيلن ۽ ھن رياست کي، جيڪي چور ڪمرن جي ڪاررواين تي پلجي رھيا آھن، جيئڻ جا نوان ڍنگ سيکارڻ گهران ٿو. اھڙيءَ طرح اڄ آءٌ سڄي رياستي ڍانچي کي کُلي عام للڪاري رھيو آھيان، تہ جيئن ان کي پنھنجي جوابي حملي ۽ جنگي ميدان جي چونڊ جي پوري آزادي مليل ھجي. ان سان گڏ ئي آءٌ فريادي ڌر جي وڪيلن ۽ رياست کي اھو اڻلڀ وجهہ ڏئي رھيو آھيان تہ ھوءَ منھنجن شاھدن مان جنھن کي چاھي، جيترن کي چاھي، مون کان ٽوڙي وٺي، جيتوڻيڪ منھنجي سوچ موجب، منھنجا اھي سمورا شاھد ھڪ ”ڪردار“ جا مالڪ ضرور آھن.
2) سرڪار جر خصوصي وڪيل اسان کي فريادي ڌر جي شاھدن جو انتھائي مختصر خاڪو مھيا ڪري ڏاڍي ”فراخدليءَ“ جو ثبوت ڏنو ھو. جيتوڻيڪ ھاڻي اھو سڀ ڪجهہ عملي طرح رد ٿي چڪو آھي. بھرحال جڏھن آءٌ انھيءَ ”فراخدليءَ“ جي ھن ملڪ جي سڀني پوليس ٿاڻن ۽ ملٽري ۽ سول انٽيليجنس جي پھرن ۾ جاچ پڇا ھيٺ ٻين سازشي ڪيسن، ملڪ جي سڀني جيلن ۽ قلعن ۾ ھلندڙ ھنن ڪيسن جي حالتن سان ڀيٽ ڪيان ٿو، تہ آءٌ پاڻ کي فريادي ڌر جي وڪيلن جي ان ”رد ڪيل“ خاڪي لاءِ ٿورائتو سمجهان ٿو. اھا ٻي ڳالھہ آھي تہ ٽين دنيا جي ڪنھن بہ پناشي تاناشاھي جي اسلامي يا عوامي ريفرنڊم ۾ حاصل ڪيل 93.75 سيڪڙو ووٽن جيان(1) فرياديءَ جون سموريون شاھديون ھاڻي پامر لائينز جي قبرستان مان ڪڍيل انھن مَنڊن رُونڊن تھمت لڳلن جي زوريءَ باسرايل بيانن تائين محدود رھجي ويون آھن. جيتوڻيڪ انھن سڀني تھمت لڳلن پنھنجي پنھنجي قبر مان نڪرڻ کان پوءِ مرزا ڪرم الاھي بيگ جي عبادت خاني ۾ زوريءَ باسرايل سمورن گناھن ۽ ڏوھن کان مڪمل انڪار ڪري ڇڏيو ھو. ان ھوندي بہ اھي بيان ڪتب آندا پيا وڃن. اھا بہ ڏاڍي دلچسپ ڳالھہ آھي تہ فرياديءَ جا ڄاڻايل لڳ ڀڳ 99 سيڪڙو شاھد واپسيءَ جي واٽ وٺي چڪا آھن. تازو ئي مون ھڪ ڏنڊي مُسٽنڊي ڪرنل کي ”بيماريءَ“ جي بھاني قلعي ۾ موجود حمزه ڪمپنيءَ جي بيرڪن مان نڪري ڀڄندي ڏٺو. جيتوڻيڪ منھنجن ڪجهہ سنگتين جي دعويٰ آھي تہ انھن ڍاڪا جي جنگي ميدان ۾ ڪيترن ئي جنرلن (ميجر جنرل رحيم خان ۽ سندس ساٿين) کي پنھنجون مائرون ڀينرون دشمن جي رحم ڪرم تي ڇڏي برما ڏانھن ڀڄندي ڏٺو ھو، پر ان سلسلي ۾ منھنجو ذاتي تجربو ڪرنل جي عھدي تائين محدود آھي. 1971ع جي جنگ ۾ آءٌ بھرحال ھڪ ڀاڄوڪڙ ڪرنل کي پنھنجي اسٽين گن جي نال جي زور تي مارايل دفاع ۾ موٽائي وٺي آيو ھوس، پر آءٌ فرياديءَ جي ڀوڄوڪڙ ڪرنل کي پڪڙي نہ سگهيس، جنھن جي ڀاڄ ۽ پسپائيءَ کي ھن رياست جي عدل ۽ انصاف جي توبن جو حفاظتي ڇاتو ۽ فائر مليل ھو. آءٌ معذرت گهران ٿو، ھن موقعي تي آءٌ ان ڀاڄوڪڙ ڪرنل اشرف سان پنھنجن سڃاڻپو گفٽن جو ذڪر ڪرڻ بنا رھي نہ ٿو سگهان. جاچ پڇا ھلندي پھريون ڀيرو سامھون ٿيڻ تي ھن مون کي ”گارين“ سان نوازيندي چيو ھو تہ ”اھو ڪيئن ممڪن آھي تہ تون ڪرنل اشرف تِڏي کي نہ ٿو سڃاڻين، جنھن کي سڄي فوج سڃاڻي ٿي ۽ جنھن وٽ ھڪ سؤ قتلن جو ليسن موجود آھي“ ــــ ان جي نائب ھيئن چيو: ”ڪرنل پاڪستان انٽيليجنس جو اڪيلو (مڃيل) جلاد آھي“ ـــــ ٻڌل پيرين جديد ۽ قديم اذيتي مشينن آڏو بيٺي بيٺي مون ان دھشتي رات ھن سھڻي دنيا کي عملي طرح خدا حافظ چئي ڇڏيو ھو. ھاڻ جڏھن توھان اسان کي ھن ”بند ڪمري“ ۾ ڪجهہ تازي ھوا مھيا ڪئي آھي، مون کي اھو چوڻ جي موڪل بہ ڏيو تہ نازين خلاف فرانس جي ڳجهي رنڊڪ تحريڪ جي ڪنھن انتھائي دلير ميمبر کي بہ ليؤن جي ڪاسائي (Butcher of Leon) ايڏي ھيبتناڪ صورتحال سان واسطو نہ پيو ھوندو. آءٌ وائڙو ۽ موڳو ٿي پيو آھيان تہ حالتون اھو ڪھڙو گس پيون وٺن! بئنڊياجن سان اعلان ڪيل فريادي ڌر جي 64 شاھدن مان 47 جي ڀاڄ کان پوءِ ھاڻي رڳو 17 شاھد رھجي ويا آھن ۽ اھي 17 شاھد توھان جي آڏو موجود ھنن 17 تھمت لڳلن ۽ انھن جي زوريءَ باسرايل بيانن کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ آھي. اھا ڏاڍي ڪڙي حقيقت آھي، معزز عدالت، تہ ھاڻي توھان کي اسان جي شاھدين جي بنياد تي ئي اسان کي سزا ڏيڻي پوندي! آءٌ توھان آڏو ريفرنڊم ۽ شاھدين جي سلسلي ۾ بيان ڪيل حساب ڪتاب ۽ شرح في سيڪڙو جو قصو ڇيڙڻ لاءِ معافي گهران ٿو.
مون کي ذاتي طرح پاڻ ”حساب جي ڄاڻ“ سان ڪڏھن بہ دلچسپي نہ رھي آھي. اھو تہ ڪجهہ مھينا اڳ ٿيل اسلامي ريفرنڊم جي سلسلي ۾ ئي مون کي ان علم جي معجزن جو احساس ٿيو آھي. آءٌ حياتي ۾ شايد پھريون ۽ آخري ڀيرو انھن جو ذڪر ڪري ويٺو آھيان.
3) مھرباني ڪري منھنجي بچاءَ ۽ صفائيءَ لاءِ ھيٺ ڏنل ماڻھن جي شاھديءَ لاءِ سمن جاري ڪري ڇڏيو. مون کي اميد آھي تہ اھي سڀ ماڻھو ”تذڪيت الشھود“ تي ٺھڪي ايندا. انھن مان ٻن کان سواءِ باقي سڀني بابت ٻڌو اھو آھي تہ ”سچا مسلمان“ آھن تنھنڪري اھي پڪ ئي قرآن الحڪيم جي لفظن ”شاھدي تہ لڪائيندا“. منھنجو انھن مان گهڻن سان ذاتي لاڳاپو رھيو آھي ۽ اھي سڀ انشاءَ ﷲ ھيٺ ڏنل تفصيلن مطابق شاھدي ڏيندا.
(1) جنرل محمد ضياءُ الحق: اسلامي جمھوريہ جو چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ھيٺ ڄاڻايل معاملن بابت شاھدي ڏيندو:
الف: آزاد ڪشمير جي گاديءَ مظفر آباد ۾ ٿيل ٻہ واقعا جن بابت مون جنرل ضياءَ کي ھاڻي ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ ۽ ھن ڪيس جي وڏي جاچو آفيسر ليفٽيننٽ جنرل اختر عبدالرحمان خان جي موجوديءَ ۾ ٻڌايو ھو تہ جنرل اختر اسان جي پيشہ ورانہ زندگيءَ سان لاڳاپيل انھن اھم واقعن بابت جنرل ضياءَ ان وقت چيف آف دَ آرمي اسٽاف سان ڪوڙ ۽ غلط بيانيءَ کان ڪم ورتو ھو، ۽ اھو تہ مون وٽ ان غلط بيانيءَ جو دستاويزي ثبوت موجود آھي. جنرل ضياءُ ٻڌائيندو تہ ان وقت چوري پڪڙجڻ سبب جنرل اختر عبدالرحمان جو ظاھر ردعمل ڪھڙو ھو. ھڪ ”قدسي مسلمان“ جي حيثيت ۾، ھو اھو بہ ٻڌائيندو تہ ھڪ ڪئپٽن (ھاڻي ميجر، آفتاب) ۽ ھڪ ميجر جنرل جي وچ ۾ ان قسم جي ڪڙاڻ جو وجود مستقبل ۾ ان ڪئپٽن لاءِ ڪھڙن تباھہ ڪُن نتيجن جو پيغمبر ٿي سگهي پيو. شايد ان معاملي ۾ ھُو ڀارتي جنرل جگجيت سنگهہ اروڙا جا پاڪ آرميءَ جي ڪپتانن ۽ جنرلن بابت ڪجهہ تاثر بہ ٻڌائيندو.(2)
ب: ھُو ان ڳالھہ جي بہ تصديق ڪندو، تہ ھڪ موقعي تہ مون سندس موجوديءَ ۾ انٽر سورسز سليڪشن بورڊ ۾ (جيڪو اسان جي ٽنھي بَري، بحري ۽ فضائي سروسز جي آفيسرز ڪور جو ماءُ ادارو آھي) ايئر چيف مارشل محمد انور شميم کي چيو ھو تہ ھاءِ ڪمان ھن اھم ترين اداري کي ڏوھاري نموني لاڳيتو نظرانداز ڪيو پئي اچي ۽ جيستائين ان جو معيار ايترو اوچو نہ ٿو ڪيو وڃي جو اھا شاھي ۽ جنرلي ڄاٽن لاءِ ناقابل قبول ٿي سگهي، ان جي چونڊ جو معيار ۽ نتيجي ۾ ھٿياربند فوجن جي آفيسرن جو ڪرندڙ معيار اوچو نہ ٿو ڪري سگهجي، جنرل ان افسوس جھڙي حقيقت جي بہ تصديق ڪندو تہ ان موقعي تي ھن جيڪي ”ھڪ سَؤ“ تعميري ۽ تفصيلي حڪم ان اداري جي بھتريءَ لاءِ ڏنا ھئا، اڄ تائين انھن مان ڪنھن ھڪ تي بہ عمل ڪو نہ ٿيو آھي.
ٻ: جنرل تصديق ڪندو تہ ھڪ ڀيري جڏھن مون کيس ٻڌايو تہ مون 1971ع جي جنگ تي ھڪ ڪتاب جو مسودو ”اردو ڊائجسٽ“ جي ايڊيٽر مسٽر الطاف حسين قريشيءَ کي ڇپائي لاءِ ڏنو آھي، تہ ھن مون کي خفا ٿي ھڪدم اھو مسودو ”ملڪ جي ان بدترين دشمن“ کان موٽائي وٺڻ لاءِ چيو ھو. ان سان گڏ ئي ان مھل اتي موجود جنرل اختر عبدالرحمان کي ھدايت ڪئي ھئي، تہ ھو پڪ ڪري تہ منھنجو الطاف قريشيءَ سان لاڳاپو ھڪدم ختم ٿي ويو آھي. جنرل اختر مون تي چيف پاران انھي غيض ۽ غضب جي نزول تي خوش ٿيندي، پاڻ بہ عجب ظاھر ڪيو ھو تہ نيٺ منھنجو ان ”غُنڊي“ سان ڪھڙو واسطو ٿي سگهي پيو. جنرل اسان کي وطن جي انھيءَ دشمن الطاف قريشيءَ سان پوءِ ملھايل ”ھني مُون“ بابت بہ ٻڌائيندو.(3)
ڀ: جنرل ذاتي طرح پاڻ يا پنھنجي ڪنھن اسٽاف آفيسر وسيلي سندس نالي منھنجو اھو خط بہ پيش ڪندو جنھن ۾ جنگي نڪتهء نظر کان مون خيال ظاھر ڪيو ھو تہ افغانستان ۾ ڪميونسٽ جهيڙي جي ابتدائي ڏينھنِ ۾ اسان جي ھٿيار ٺاھيندڙ فيڪٽرين مان معمولي مدد بہ صورتحال کي بدلائي سگهي ٿي، پر وقت گذرڻ سان اھو مسئلو اسان جي لاءِ ڦاھيءَ جو ڦندو بہ ثابت ٿي سگهي ٿو.(4)
اسان جون اھي ھٿيار ٺاھيندڙ فيڪٽريون جيڪڏھن ان وقت بند رھيون تہ اڄ جڏھن آءٌ ھِي سٽون لکي رھيو آھيان، بدقسمتيءَ سان اھي ھونئن بہ بدترين تالي بنديءَ جو شڪار ٿيو پيون آھن.(5)
ان خط ۾ مون جنرل کي اھو بہ لکيو ھو تہ صدين کان وٺي رتُ اولھہ کان ھيٺ اوڀر ڏانھن وھندو رھيو آھي ۽ ھاڻي وقت ھو تہ ان وھڪري جو رخ بدلائي اوڌر چڪتو ڪئي وڃي. جنرل ضياءَ اھا بہ تصديق ڪندو تہ سوچ جي جنھن اظھار لاءِ ان وقت مون کي ”تنبيھہ“ ڪئي ۽ سزا ڏني وئي ھئي، اھا ئي سوچ پوءِ ايف-16 جي مڱيرن ۽ ”ڪرسيءَ“ جي مضبوطيءَ لاءِ اسان جي قومي پاليسي ٿي پئي؟ ان سلسلي ۾ ھو پڪ ئي پنھنجي پيشرُو جنرل يحى پاران روس جي صدر مسٽر پڊگورني ڏانھن موڪليل ”تنبيھہ نامي“ بابت بہ ضرور ٻڌائڻ گهرندو.
ت: مون کي اميد آھي تہ ھو اڳ ئي ريڪارڊ ڪيل ھڪ حقيقت جي تصديق ڪندو، تہ اھي جنرل ۽ سندس زال شفيقه جنرل ضياءُ الحق نہ، پر ميجر ۽ ان جي بيگم آفتاب ئي ھئا جن ٻن مٿير قومن (سپر پاورز) خلاف پنھنجيءَ نفرت جو اظھار ۽ بي گهر افغان مھاجرن ۽ ڏکاري انسانيت لاءِ ابوبڪر جي روايت جي پوئواري ڪندي پنھنجو گهر آڇيو ھو.
ٿ: جنرل ضياءُ الحق اھو بہ ٻڌائيندو تہ اسان جي قومي وجود جي 38 ورھين ۾ اڄ تائين گهٽ ۾ گهٽ 21 ورھيه ھن ملڪ تي اسان جي ھٿياربند فوجن جو قبضو رھيو آھي. ان ۾ ”نئين پاڪستان“ جي 169 مھينن جي زندگيءَ جا 96 مھينا بہ شامل آھن! سياست جي علم جي ڪنھن بہ تفسير ۽ تشريح موجب حڪومت ڪرڻ جو مطلب سياست ڪرڻ ئي ھوندو آھي. ان ڪري ھو ٻڌائيندو تہ انھن سڀني سالن ۾ اسان جون ھٿياربند فوجون کليو کلايو سياست ڪاريءَ ۾ رڌل رھيون آھن. انھن سببن جي ڪري پاڪ آرميءَ کي خاص طرح ھن ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ سگهاري، سڀ کان وڌيڪ پيداواري ۽ سڀ کان وڌيڪ سخت جان سياسي پارٽي سڏي سگهجي ٿو. جنرل حق پرستيءَ جو مظاھرو ڪندي، ان سچائيءَ جي تصديق ڪندو تہ انھن حالتن ۾ ان جي ڪنھن ماتحت آفيسر يا عھديدار پاران ملڪي سياست تي ڳالھہ ٻول پڪ ئي ڪو ”ڏوھہ“ نہ ٿو چئي سگهجي.
ٽ: جنرلُ ھن عدالت آڏو پنھنجي مجلس شورا ۽ ان عظيم تقرير جو ذڪر ڪندو جنھن ۾ ھن بي مثال ھمت کان ڪم وٺندي، اعلان ڪيو ھو تہ ان جي دَور ۾ رشوت جي بھا 500 ڀيرا وڌي وئي آھي. ”جيڪڏھن اڳي (يعني ڦاھي چڙھيل وزير اعظم جي دَور ۾) ھڪ ڪم لاءِ 50 رپيا لڳندا ھئا، تہ ھاڻي منھنجي دور ۾ ان لاءِ 500 رپيا رشوت ڏيڻي پوي ٿي.“(6)
مون کي پڪ آھي تہ جنرل اسان کي رشوت جي مڏيءَ ۾ اڄوڪي تازي بھا بابت بہ ضرور ٻڌائيندو.
ٺ: جنرل ثابت ڪندو تہ مارشل لا ڪنھن بہ قوم لاءِ بدترين لعنت ۽ برائي ھوندو آھي. ان روشن خياليءَ جو مظاھرو ھو اڄ تائين ڪيترا ئي ڀيرا ڪري چڪو آھي.
ث: سال 1984ع ۾ ڏنل اخباري بيانن ۽ انٽرويوئن وغيرہ جي روشنيءَ ۾ جنرل پنھنجي ان مؤقف تي روشني وجهندو جيڪو ھُن ھِن ”سازش“ ظاھر ٿيڻ جي ابتدائي مھينن ۾ اختيار ڪيو ھو. ان بابت ھن کوڙ ڀيرا اھو اعلان ڪيو ھو تہ ھڪ وڪيل ۽ 24 فوجي آفيسرن ھن يا راڄڌاني ڪا بہ سازش نہ ڪئي ھئي، اھي تہ رڳو ھٿيار جا سمگلر ھئا.
پ: ھڪ تجربيڪار، ٿڌو ڪوسو ڏٺلُ ۽ ڄاتل سڃاتل سپاھي منھنجو چيف ھن سازش جي ڪيس جي حوالي سان ”سازش“، ”بغاوت“ ۽ ”انقلاب“ جي اصطلاحن جي تشريح ڪندو. ھُو حب الوطنيءَ ۽ غداريءَ جي وچ ۾ غداريءَ ۽ انتھائي-غداريءَ جي وچ ۾ ”نازڪ“ ۽ ”سنهڙي“ سرحد جي نشاندھي بہ ڪندو. اھا نشاندھي ۽ وضاحت ھو شايد ”آپريشن فيئر پلي“ واري پنھنجي تجزيي جي روشنيءَ ۾ ڪندو. انھيءَ ئي سلسلي ۾ ھُو پڪ ئي اسان کي ٽوڙيل ۽ پرزا ڪيل قرآني قسمن ۽ واعدن بابت بہ ٻڌائيندو جيڪي ڪڏھن بہ پورا نہ ٿيا.
(2) مسٽر محمد خان جوڻيجو: اسلامي جمھوريہ جو ”وزير اعظم“ ھيٺين معاملن بابت شاھدي ڏيندو:
الف: تہ مارشل لا ۽ ھڪ مھذب شھري حڪومت ڪڏھن بہ گڏ ھلي نہ ٿا سگهن ۽ ھڪ قوم جون پاپولر يا عوامي امنگون ۽ فوجي تاناشاھي نظام بنيادي ۽ فطري طرح ھڪٻئي جو ضد آھن ۽ ھڪ جي بقا لاءِ ٻئي کي ھر صورت ۾ فنا ٿيڻو آھي.
ب: اھو تہ ھٿياربند فوجون نئين ڄاول سياسي نظام (؟) جون ا ڄ بہ سڀ وڏيون حصيدار آھن ۽ آئينده جيڪڏھن اھو ئي نظام ھلندو رھيو تہ انھن جي دائمي سياسي ڪردار کي قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا بہ واٽ نہ رھندي. مسٽر جوڻيجو اھا بہ تصديق ڪندو تہ جنرل، مارشل، ايڊمرل ۽ سپاھي، ھواباز ۽ ملاح يا تہ سڀ ئي سياستدان ۽ سياستڪار آھن يا وردي پوش ڪارڪن!
(3) ليفٽيننٽ جنرل اختر عبدالرحمان خان: ڊاريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ ۽ ھن سازش جي ڪيس جو وڏو جاچ آفيسر ھيٺين معاملن ۾ بيان ڏيندو تہ:
الف: مظفرآباد ۾ چيف آف دَ آرمي اسٽاف جنرل ضياءُ الحق جي موجوديءَ ۾ ظاھر ٿيل واقعا جن جو ذڪر آءٌ اڳ ئي ڪري چڪو آھيان ۽ جن جي نتيجي ۾ ھن مون سان لاڳيتو وير وڌو ھو، مون کي انھن ڏينھن ۾ ”سازشي“ جي لقب سان نوازيو ۽ منھنجي ڏينھن رات جي پورھيي جو ڦل، منھنجي سالياني رپورٽ بہ مسخ ڪري ڇڏي. ھو ان ڌمڪيءَ جو ذڪر بہ ڪندو جيڪا ھن الطاف قريشيءَ کان ڪتاب جو مسودو موٽائي نہ وٺڻ جي صورت ۾ ڏني ھئي ۽ اھو تہ سندس حڪم موجب مون کي ان ”پاڪستان دشمن غنڊي“ سان لاڳاپا ختم ڪرڻا ھئا.
ب: ھو منھنجي ان ”غير سپاھيانہ“ اخلاق جو ذڪر ڪندو جنھن جو مظاھرو مون ھن جي سَڌ تي پلاءَ جي ھڪ ڊش کڻي جنرل ٽڪا خان جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ کان انڪار ڪري ظاھر ڪيو ھو. ٻارھن کن وردي پوش ويٽَرن جي موجوديءَ سبب منھنجي اھڙي انڪار کان پوءِ جنرل پاڻ ڊش کڻي وڃي پري بيٺل جنرل ٽِڪا وٽ پھتو. ھن واقعي ان واقعي (چاپلوسيءَ) جي موٽ ۾ ڪيترائي اعزاز حاصل ڪيا پر منھنجي مقدر ۾ سندس وڌندڙ دشمني ئي لکيل ھئي.
ٻ: ھُو ان واقعي جو بہ ذڪر ڪندو، جڏھن مون سندس سَڌ جي احترام ۾ ھن سان گڏ ان ٽئاليٽ (Toilet) (سينگار گهر ۽ عام معنى ۾ ڪاڪوس خانو يا صفائيءَ جو ھنڌ) جي جنريلي معائني ۾ جنھن جي سياحت لاءِ ڪور ڪمانڊر جنرل آفتاب احمد خان اچڻ وارو ھو، اتي اڏامندڙ ڪجهہ مَکين کي مارڻ کان معذوري ڪئي ھئي. اھو نہ تہ آءٌ ڪو اھنسا جو عامل ھوس پر رڳو ان ڪري جو مکيون مارڻ منھنجي فرضن جو حصو ڪڏھن بہ نہ رھيو آھي. جنرل اڃا بہ ناراض ٿيو. جيتوڻيڪ مکين جي جان بچي وئي پر آءٌ جنرل جي ڄار کان ڪِٿي پئي بچي سگهيس؟
ڀ: ھُو (جنرل اختر) سندس آفيسر ڪمانڊنگ چنار ڊويزن (ڪوھہ مري) جي دفتر ۾ منھنجي ان ”سرڪشيءَ واري“ عمل تي بہ روشني وجهندو جيڪو مون ھن جي ھڪ حڪم جي ناپوئواري ڪري ظاھر ڪيو ھو. ھن مون کي سڏائي ھڪ ڪُلڇڻي برگيڊيئر بابت (جنھن جو انھن ڏينھن ۾ آءٌ ماتحت ھوس) مون کان ڪجهہ تفصيل پڇڻ گهريا ھئا. آءٌ انھن ڏينھن ۾ ان برگيڊيئر سان کليل جنگ جي حالت ۾ ھوس. ان ھوندي بہ مون جنرل (اختر) کي درخواست ڪئي تہ جيڪڏھن ھُو سچ پچ حقيقتون ڄاڻڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو تہ برگيڊيئر کي سڏائي ان جي سامھون ھن بابت ڳالھائڻ جو موقعو ڏي، ۽ اھو تہ آءٌ ڪنھن بہ صورت ۾ برگيڊيئر جي پرپٺ گلا (غيبت) لاءِ تيار نہ ھوس، جنرل ضرور ٻڌائيندو تہ ان سرڪشيءَ تي ھو غيض ۽ غضب جي حالت ۾ اچي ويو ھو ۽ ھن پنھنجي اسٽاف آفيسر ھاڻي برگيڊيئر راٺوڙ کي حڪم ڏنو ھو تہ ھن (ميجر آفتاب) کي ھتي ئي ڊويزن ھيڊ ڪوارٽر ۾ جھليو ۽ منھنجي حڪم نہ مڃڻ جي ڏوھہ ۾ قانوني ڪارروائي شروع ڪيو.
ت: جنرل اختر مظفرآباد ۾ منھنجي خلاف انھيءَ ڪلڇڻي برگيڊيئر جي حڪمن تي ريڪارڊ ڪيل سمري آف ايوِيڊنس جي ڳالھہ بہ ڪندو. منھنجو ڏوھہ چٺو ٽن تھمتن سان شروع ٿيو ھو، جن مان ھڪ مطابق مون ”پانڊو“ جبل(7) تان آيل ڪجهہ آفيسرن کي پنھنجي ڪمري ۾ چانھہ پيئارڻ جو ڏوھہ ڪيو ھو ۽ ٻئي مطابق انھن ئي آفيسرن کي نامناسب وقت يعني منجهند جو ٽين وڳي ميس اسٽاف (ماني ٺاھيندڙن ۽ پھچائيندڙن) کي حڪمن خلاف مجبور ڪري کاڌو کارائڻ جي ”ھمت“ ڪئي ھئي.
جڏھن اھا ”قانوني ڪارروائي“ ڪيترن ئي مھينن کان پوءِ پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھتي تہ ڏوھہ چٺي ۾ لڳ ڀڳ ٻارھن ڏوھن جو واڌارو ٿي چڪو ھو جن مان نيٺ ھڪ بہ ثابت نہ ٿي سگهيو. جنرل اختر مڃيندو تہ اھو ئي برگيڊيئر جنھن مون کي ھڪ ڊگهي عرصي تائين ذھني عذاب ۾ ڦاسائي رکيو پوءِ قرآن ھٿ ۾ کڻي پرچاءَ ۽ معافيءَ لاءِ ڊوڙندو رھيو، رڳو ان ڪري جو انھن ئي ڏينھن ۾ ھن جو ميجر جنرل جي عھدي تي پروموشن لاءِ بورڊ ٿيڻو ھو ۽ منھنجو اھو مؤقف تہ ھن ڌانڌلي ۽ ظلم خلاف آءٌ ھاءِ ڪمان تائين ويندس، ھن جي ساڍا ڇھہ فوٽ ڊگهي لاش جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿي پئي سگهيو.
ٿ: ھُو اھا بہ تصديق ڪندو ٺيڪ امن جي ڏينھنِ ۾ ھنن جي ڪمان ھيٺ ھڪ انفنٽري بٽالين جا عھديدار ۽ جوان آزاد ڪشمير جي ھڪ اھم سرحدي پوسٽ کان رڳو ان ڪري ڀڄي آيا ھئا جو سندن اوسي پاسي موجود بدمست ڀولڙن ڀتر ريڙھي ڦٽا ڪرڻ شروع ڪيا ھئا ۽ ھنن سمجهيو ھو تہ ڀارتي فوج سندن پُٺ ۾ پھچي وئي آھي. اھو آءٌ ئي ھوس جيڪو انھن ڏينھن ۾ ”جبل جاچڻ جي سزا“ تي نڪتل ھوس، اڌ رات کا پوءِ ان برف ڍڪيل جبل تي پھتس، جتي مون ڀاڄوڪڙ پوسٽ ڪمانڊر کي پڪڙي، باقي چئن کي زوريءَ ڌڪي وڃي پوسٽ تي قبضو بحال ڪرايو ھو. اھو منھنجو وطن سان پيار ھو، نہ تہ مون کي اختيار نہ ھو تہ ان خطرناڪ صورتحال ۾ انھن غير واسطيدار جوانن سان ڪو اھڙو ناتو جنھن جي بنياد تي آءٌ انھن کي رڍن جيان ھڪلي وٺي وڃان ھا ـــــ اھو ئي وطن جنھن خلاف اڄ مون کي ھڪ دشمن جي روپ ۾ پيش ڪيو پيو وڃي.
ٽ: جنرل اختر ان قرآن حڪيم جو ذڪر بہ ڪندو جيڪو ھن وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي کي ان جي (اقتدار جي) آخري مھينن ۾ پيش ڪيو ھو. مون کي ان لاءِ مظفرآباد مان اخروٽ جو ٺھيل ھڪ سھڻو ”رحل“ ترت آڻي مري پھچڻ جا حڪم ڏنا ويا. جنرل وفاداريءَ جي ان عھد جي ياد تازي ڪندو جيڪو ھن قرآن تي ھٿ رکي وزيراعظم سان ڪيو ھو.
We have been Loyal to you, come what may we shall ever remain Loyal to you.
”اسين اوھان سان وفادار آھيون ۽ ڀلي زمين آسمان اٿلي پوي، پر توھان جا وفادار رھنداسون.“
مون کي پڪ آھي تہ ان ”وفا جي وچن“ کان ڪجهہ ئي مھينا پوءِ پنھنجن خصوصي جٿن سان پرائيم منسٽر ھائوس جو گهيرو ۽ نيٺ 5-جولاءِ جي ٻاٽ رات ان کي فتح ڪرڻ ۽ پنھنجي وفا وچن جي نشانو ڪيل وزير اعظم کي ”جنگي قيدي“ ٺاھڻ وارو جنرل اسان کي ان معرڪي جي تفصيلن کان ضرور واقف ڪندو.
ٺ: مون کي اميد آھي تہ جنرل ايس آءِ بِي ۾ منھنجي ڪيترائي ڪلاڪ ڪيل ان ذاتي جاچ پڇا جي ڪارروائي جو ذڪر بہ ڪندو، جنھن جي ابتدا ھن اھو چئي ڪئي ھئي تہ ”توکي تہ ڏھہ سال اڳ ھتي ھئڻ گُهربو ھو، بھرحال ھاڻي تون سمجهہ تہ تون دنيا ۾ ڪو وجود ڪو نہ ٿو رکين.“ ھو پڪ ئي اھو بہ ٻڌائيندو تہ ھن ”سازش“ ۾ جنرل اقبال، جنرل سوار، ليفٽيننٽ جنرل شمس الرحمان ڪَلو، ليفٽيننٽ جنرل عباسي، سِي اي مجيد ۽ ڪيترن ئي ٻين جي بيان ڪيل شراڪت سان ھن کي ذاتي دلچسپي ڇو ۽ ڪھڙن مقصدن ۽ نيتن ھيٺ ھئي؟
ث: جنرل اھو بہ ٻڌائيندو تہ مون ڪيئن ۽ ڇو آزاد ڪشمير جي سڀ کان ڏکئي محاذ جي مورچن جو ھڪ مھينو ڏينھن رات لاڳيتو جيل جاچ کان پوءِ 30 صفحن جي تجزياتي رپورٽ ۾ اھو نتيجو ڪڍيو ھو تہ ٽيٽوال سيڪٽر ۾ پاڪ جٿا جنگ وڙھڻ لاءِ قطعي ۽ پڪيءَ طرح ھر لحاظ کان اَن فِٽ (نامناسب) ھئا.(8) اھو محاذ جنھن لاءِ جنرل ذاتي طرح ذميوار ھو ۽ جنھن تي سڄي آزاد ڪشمير جي دفاع جو دارومدار ھو.
منھنجو اھو بي لاڳ تبصرو، پڪ ئي انھن ڪمانڊرن مان ڪنھن کي بہ پسند نہ آيو ھوندو جيڪي خچر جي پٺيءَ تي يا ھيلي ڪاپٽر ۾ سوار ٿي بہ ڪشمير ۾ پنھنجي ڊيوٽيءَ جي سڄي عرصي ۾ ٻہ چار پوسٽون ئي ڏسي سگهندا آھن. ھي ڪمانڊر اھي ڌاڙيل ۽ ڦورو ھئا جن کي رڳو ايترو ايندو آھي تہ سرحدي دفاع لاءِ مليل قومي خزانو ڦري سگهن.
پ: جنرل اختر ان اڻوڻندڙ ڳالھہ ٻول بابت بہ بيان ڏيندو جيڪا منھنجي ۽ سندس وچ ۾ ان وقت ٿي جڏھن اسان سان نيرن ڪندي جنرل سوار بہ موجود ھو. ان وچ ۾ مون ان توبچي جنرل کي اھو ٻڌايو ھو تہ ھو انفنٽري جي ھڪ اھڙي جنگي ڪارروائيءَ بابت بلڪل بي بنياد ۽ غلط بيانيءَ تي ٻڌل رمارڪس پاس (نڪتهء چيني) ڪري رھيو ھو، جنھن جو آءٌ ذاتي طرح پاڻ اکين ڏٺو شاھد ھوس. جڏھن جنرل سوار بہ منھنجي مؤقف جي تائيد ڪئي تہ جنرل اختر ھڪ ڀيرو وري رت جا ڍُڪ پي رھجي ويو. منھنجي ”غير سپاھيانه“ عمل بابت ھن جو ڪَڙيون يادون وڌنديون ئي رھيون.
ج: ھُو اھو بہ ٻڌائيندو تہ جڏھن ٻارھن کن جنرلن ۾ وڪوڙيل رٽائر ٿيندڙ جنرل ٽِڪا خان کي الوداعي دعوت ۾ مون اھو چئي نوجوان آفيسرن جي ھڪ ٽولي ڏانھن سڏڻ گهريو تہ ”انھن جنرلن سان تہ توھان سڄي حياتي گذاري آھي، اڄ اسان وٽ بہ تہ اچو“، تہ جنرل اختر ڪاوڙجي ڇا چيو؟ ٻئي ڏينھن مون کي باقاعدي سندس حاضريءَ ۾ پيش ڪيو ويو ان ڏوھ ۾، تہ آءٌ ”سپاھيانہ ادبن ۽ فضيلتن“ کان خالي ماڻھو ھوس. ھن عدالتي ڪمري ۾ جنرل پڪ ئي منھنجي ان عقيدي جي پوئواري ڪندو، تہ اھي آفيسر ۽ اھي جوان جيڪي امن جي ڏينھنِ ۾ پنھنجن ڪمانڊرن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏسي سگهڻ جو حوصلو نہ ٿا رکن. اھي جنگي ميدان جي ڏکيائين ۽ دشمن جي گولين جي وسڪاري ۾ ڪڏھن بہ نہ بيھي سگهندا.
ڄ: ھن عدالت آڏو جنرل پنھنجي انھيءَ حڪم جي وضاحت ۽ ان جو سبب بہ پيش ڪندو جنھن مطابق ھن منھنجي دم ڏيندڙ پُٽ ۽ منھنجي وچ ۾ آخري ملاقات ڪرائڻ کان انڪار ڪيو ھو.
(4) جنرل سوار خان: ھيٺين معاملن بابت بيان ڏيندو:
الف: جنرل اختر سان منھنجي نيرن مھل ڪيل جهيڙي جي تصديق.
ب: ھُو ان ڳالھہ جي تصديق ڪندو تہ منھنجي رپورٽ ۽ منھنجي مؤقف جي بنياد تي ٻن سينئر فوجي آفيسرن، ھڪ انفنٽري بٽالين ڪمانڊر ۽ ھڪ جي ايڇ قيو يونٽ ڪمانڊر کي انھن جي ننڍي کنڊ جي ورھاست خلاف ڪيل مؤقف ۽ پاڪستان جي نظرياتي ۽ جاگرافيائي وجود جي نفي ۽ ان خلاف پروپيگنڊا جي ڪري فوج مان ڪڍيو ويو.
(5) جنرل محمد اقبال خان: جنرل سوار سان گڏ اھو بيان ڏيندو تہ نيٺ ان کي ڇو ۽ ڪيئن ھن سازش جي ڪيس جي جاچ پڇا ھلندي ”نوڪريءَ“ کان وانجهو ڪيو ويو. فريادي ڌر منھنجي خلاف تھمت ھڻي ٿي تہ آءٌ پروپيگنڊا ڪندو رھيو آھيان تہ ”جنرل ڪڏھن بہ رٽائر نہ ٿيندا آھن“، تہ پوءِ اھو ڪيئن ٿيو جو مارشل لا سان 7 سال ڳٺجوڙ ۽ نڪاح کان پوءِ اوچتو رٽائر ڪيو ويو؟
(6) ليفٽيننٽ جنرل ايس ايم عباسي
(7) ليفٽيننٽ جنرل سِي اي مجيد
(8) ليفٽيننٽ جنرل احمد جمال خان
ھِي ٽئي جنرل مارشل لا جي پھرين ۽ آخري پاڪائيءَ جو قصو بيان ڪندا.
(9) ليفٽيننٽ جنرل سيد رفاقت: جنرل ٻڌائيندو تہ 16-ڊسمبر 1980ع (يا 1979ع) جي ڏينھن، جڏھن ھو ڪوھاٽ ڪلب ۾ ھڪ جشن ملھائڻ جي آخري تيارين ۾ رڌل ھو، تہ مون کيس ڪھڙن لفظن ۾ ڍاڪا ڏاکڙي جي ياد ڏياري ھئي. منھنجيءَ مداخلت کان جهٽ کن اڳ گهٽ ۾ گهٽ ٻن برگيڊيئرن ۽ ٻارھن کن ڪرنلن ۽ ميجرن سان گڏ 16-ڊسمبر جي شام جو ملھائي ويندڙ ان جشن جي انتظامن بابت آخري ڪانفرنس ۾ ھو. ملڪ جي انھن فاتح ڪمانڊرن مان ڪنھن ھڪ کي بہ تہ ان قومي ڏاکڙي جي ورسيءَ تي ھن ڏوھاري عمل کان جھلي ھا. اھو تہ ھن وطن دشمن جي مقدر ۾ لکيو ھو، جو ھو انھن جي راھہ ۾ رنڊڪ ٿيو.
(10) برگيڊيئر محمد شريف: هيءُ ٻڌائيندو تہ ڀارت ۾ قيد ۾ رھي موٽي اچڻ کان پوءِ ڇو ۽ ڪنھن لاءِ مون سندس نيڪ خواھش جي موٽ ۾ ڪڙي ردعمل جو مظاھرو ڪيو ھو، تہ آءٌ ھن کي پنھنجي ذاتي جنگي ڪارروائين جو ريڪارڊ موڪليان تہ جيئن ھُو منھنجي لاءِ جنگي ايوارڊ (انعام، تمغي) جو معاملو ھڪ ڀيرو وري اٿاري سگهي. ھُو اھو بہ ثابت ڪندو تہ آءٌ تہ ”باريسال“ جي پٽن کان بنگال نار جي سرڪش لھرن تائين ھن ملڪ جي بقا لاءِ وڙھندو رھيو ھوس ۽ منھنجي ذھن ۾ ڌرتي ماءُ خلاف جنگ جي سوچ جي مواد لاءِ جاءِ ئي ڪٿي ھئي؟
(11) برگيڊيئر محمد حيات، ستارہء جرئت: جيسور سيڪٽر جو ڪمانڊر منھنجي سپاھيانہ ڪردار، يونيفارم سان منھنجي محبت ۽ قوم سان منھنجي عشق جي ڪھاڻي ٻڌائيندو ــــ انھن جذبن جو داستان جن کي اڄ سازشين ”داءَ“ تي ھڻي ڇڏيو آھي. برگيڊيئر اھو بہ ٻڌائيندو تہ ھن جي دشمن جي قيد (ڀارت) ۾ موٽ کان پوءِ مون ھن کي منھنجي لاءِ سوا انچ جي ربن لاءِ جِي ايڇ قِيو سان ھڪ ڀيرو وري لھہ وچڙ ۾ اچڻ کان جھلي ڇڏيو ھو.(9) ھو تصديق ڪندو تہ دشمن سان جنگ تہ ھڪ پاسي آءٌ پنھنجين قطارن ۾ موجود وطن دشمنن ۽ ڀاڄوڪڙن خلاف ”لاڳيتي جدوجھد“ ۾ رڌل رھيو ھوس، جيڪو دشمن سان جنگ جي ڀيٽ ۾ پڪ ئي ھڪ ڏکيو ڪم ھو. پاڪستان لاءِ ھر گهڙيءَ حياتي کي داءَ تي ھڻي مون ڪيترن ئي ڀاڄوڪڙن کي کوڙ ڀيرا سرحدن تان ڀڄڻ سبب قيدي ڪيو ھو. انھن مان ھڪ تہ پوءِ پاڪستان جي ھڪ قائم مقام صدر جو پُٽ بہ ھو جنھن جِي منھنجي ھٿان گرفتاريءَ جي ڪري جِي ايڇ قيو (جنرل ھيڊڪوارٽر راولپنڊي) ۾ ھيڊڪوارٽر ايسٽرن ڪمانڊ (يعني اڄوڪي بنگلاديش ۾) ڄڻڪ زلزلو اچي ويو ھو ۽ جنرل ھن جي تحفظ لاءِ ڀڄندا رھيا ھئا. اھا ٻِي ڳالھہ آھي تہ اڄ ھُو پاڪستان جي سوِل حاڪمن مان ھڪ آھي، معزز ۽ محب وطن شھري ۽ آءٌ باغي ۽ وطن دشمن!
(12) ھڪ بٽالين ڪمانڊر: اھو جنھن منھنجي اڳواڻيءَ ھيٺ ھڪ مثالي جنگي ڪارروائيءَ کان پوءِ مون کي چيو ھو تہ آءٌ توکي ھن ملڪ جي ان اعليٰ ترين جنگي اعزاز لاءِ نامزد ڪري رھيو آھيان جيڪو وطن جي ڪنھن بہ سپاھيءَ کي ڏئي سگهجي ٿو. پر ان جي جواب ۾ مون کيس چيو ھو تہ ڪنھن تمغي بدران انھن ڇھن ”جنگي قيدين“ جي جان بچائي نوازيو وڃي جن کي مون اڪيلي سر ھڪ ڍنڍ ۾ موتمار ”ڊوئل (دوبدو مقابلي) کان پوءِ پڪڙيو ھو ۽ جيڪي دشمن سھي پر ڏاڍا دلير سپاھي ھئا. مون سان انھن جي جان بخشڻ جو واعدو ڪيو ويو پر ڪجهہ ڏينھن پوءِ آءٌ پٽ واري ڇانوڻي ۾ ويس تہ مون کي خبر پئي تہ نازين جي ڪريل چرٻي پاڪ آرمي انٽيليجنس انھن کي اڳ ئي مغربي پاڪستان موڪلي ڇڏيو آھي. ”مغربي پاڪستان موڪلڻ“ انھن ڏينھن ۾ ھڪ اھڙو ”سرڪاري“ اصطلاح ھو جنھن جو مختصر مطلب ھِي ھو تہ ”قتل ڪريو! ڪُھي ڇڏيو!“ مقتول مشرقي پاڪستان ۾ اھو اصطلاح سڀني لاءِ ڪتب اچي رھيو ھو، انھن لاءِ بہ جيڪي زبان سان اختلاف راءِ ڪري رھيا ھئا(10) ۽ انھن لاءِ بہ جن جي ھٿ ۾ تلوار ھئي ۽ انھن ٻن ٽولن کان سواءِ منھنجي لغت موجب اتي ٻيو جيئرو ئي ڪير ھو؟
(13) مسٽر روئداد خان، سِي ايس پِي: اڄ ڪلھہ شايد اندريَن معاملن جي وزارت ۾ سيڪريٽري جنرل. 1971ع جي پھرين اڌ ۾ پنھنجي مشرقي پاڪستان جي ”دَوري“ جو حال بيان ڪندو جنھن ھلندي کلنا ۽ جيسور جي سفر لاءِ ان جو رابطي وارو آفيسر ھوس. ھو تصديق ڪندو تہ انھن ڏينھن ۾ جڏھن ڪارن ڪڪرن ۾ اڃا بہ سنھري ليڪ ڏيکارجي رھي ھئي، مون ھن کي ٻڌايو ھو تہ مارشل لا نيٺ ملڪ کي ٻہ ٽڪرا ڪري ڇڏيندو. آرمي جنھن کي لڄ لُٽ، ڦرلٽ ۽ گهيراؤ جلاؤ جو فري (آزاد) ليسن ڏنو ويو آھي،(11) بھرحال، جيڪڏھن بيرڪن ۾ موٽي وڃي، تہ شايد ملڪ بچي پئي ۽ جيڪڏھن اسين ملڪ بچائڻ ٿا گهرون تہ ان (فوج) کي ھر حالت ۾ بيرڪن ڏانھن موٽي وڃڻو پوندو. مون ڏاڍي بي رحميءَ سان ملڪ جي اطلاعات ۽ نشريات جي ادارن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي، انھن کي قطعي بيڪار ۽ اڃا بہ ”مردار“ سڏيو ھو. اھا تنقيد ڪلڪتي ۾ موجود بنگلابيتار ڪيندور (ريڊيو اسٽيشن بنگلاديش) جي انھن نشريات جي روشنيءَ ۾ ڪئي ھئي جيڪي ايڏيون اثرائيتون ھيون جو سرحد جي اڪيلن نويڪلن مورچن ۾ جنگ جي ٿَڪ ۾ چُور اسان جي سپاھين جي رڳن جو رت بہ ٿڌو (خشڪ) ٿي ويندو ھو. ھتي آءٌ اھو بہ ذڪر ڪري ڇڏيان تہ مسٽر روئداد خان ھن فوجي تاناشاھي جو اطلاعات ۽ نشريات جو سيڪريٽري ھو.
(14) ميجر جنرل (رٽائرڊ) شوڪت رضا: ان وقت جو جِي او سِي (جنرل آفيسر ڪمانڊنگ) جيسور گيريزن بہ تصديق ڪندو تہ مسٽر روئداد خان جي موجودگيءَ ۾ ان جي رابطي واري آفيسر ھڪ ڪپتان فلئگ اسٽاف ھائوس ۾ ويٺي مارشل لا جي مذمت ڪندي اھو مؤقف ظاھر ڪيو ھو تہ ملڪ بچائڻ لاءِ اسان جي آڏو ھڪ ئي رستو ھو تہ اسين عوامي نمائندن کي حڪومت جون واڳون ڏئي راھہ تان ھٽي وڃون. جنرل رضا جيڪو پاڻ بہ نجو سپاھي ھو، ذاتي طرح پاڻ بہ غاصب يحى خان جي (خلاف) جنرل مجيب الرحمان آڏو انھن ئي خيالن جو اظھار ڪيو ھو.
(15) ميجر جنرل (رٽائرڊ) محمد حسين انصاري: جنرل انصاري شاھدي ڏيندو تہ جيسور گيريزن آفيسرز ميس جي ھڪ وڏي ميڙ ۾ تقرير ڪندي، جتي ھن آرميءَ جا وڏا ”دلير“ ڇاتا برادر بہ موجود ھئا، ھِي چيو ھو تہ ”مون کي ھن ڊويزن جي ھڪ ڪپتان تي ڏاڍو فخر آھي ۽ آءٌ ڇا، سڄي قوم ان ڪئپٽن جي مقروض آھي.“ جنرل انصاري ھتي شاھدن جي جاءِ (ڪٽھڙي) مان، ان ڪپتان لاءِ شاھدي ڏيندو جيڪو فريادي ڌر جي خصوصي وڪيلن ۽ انٽيليجنس مافيا جي ”فرمان“ مطابق ھن ملڪ ۽ ھن قوم خلاف سازش ڪندي گرفتار ڪيو ويو جيڪي ان (ڪپتان يعني ھاڻي ميجر آفتاب) جا اڳ ئي مقروض ھئا ۽ جنھن کي اڄ خصوصي مقصدن ھيٺ وطن دشمن سڌيو ويو آھي.
(16) ليفٽيننٽ جنرل اسلم بيگ: اڄڪلھہ پاڪستان آرميءَ جو چيف آف دَ اسٽاف پنھنجن ذاتي مشاھدن جي روشنيءَ ۾ ھن ڏوھاريءَ جي انھن قربانين جو ذڪر ڪندو جيڪي ھن پاڪستان جي تحفظ ۽ سالميت لاءِ پنھنجو فرض سمجهي ادا ڪيون.
(17) برگيڊيئر منصور الحق: جيڪو اڄڪلھہ ڊائريڪٽر ٽيليفون ۽ ٽيليگراف آھي، مٿي ڏنل حقيقتن جي تصديق ڪندو.
(18) ليفٽيننٽ جنرل صاحبزادو يعقوب خان: پاڪستان جو اڄڪلھہ پرڏيھي وزير، 1970ع ۾ راڄڌانيءَ جي غاصب سردار جنرل يحى خان واري واچوڙي (سائيڪلون) ۾ اجڙيل بنگالي نار جي ٻيٽ ”ڀولا“ جي دَوري جو ذڪر ڪندو. (12) ھِي اھو ئي ٻيٽ ھو جتي مٿين حاڪمن ھڪ انفنٽري بٽالين کي ڪجهہ لاشن جو بلو ڪرڻ لاءِ چيو ھو جن کي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي ھٿان ٻيھر ”دفن“ ڪرائڻو ھو. جنرلن، برگيڊيئرن ۽ ڪرنلن ھفتا پراڻا لاش تہ ھٿ ڪري ورتا پر ڪيڙن جي سَت جون بوتلون ڇڻڪارڻ کان پوءِ انھن مان ايتري ڌپ اٿي رھي ھئي ۽ اھي ايترا خراب ٿي چڪا ھئا جو ”مھربان صدر مملڪت“ پنھنجي جيپ جي آفيسر ڊرائيور کي ھيٺ لھڻ بنا ئي اڳتي وڌي ھلڻ جو چيو. اھا ڏاڍي بدنصيبيءَ جي ڳالھہ ھئي تہ ڪرنل صديق سالڪ ۽ ان جي قلم قبيلا ”سپاھين“ جون ڪئميرائون نہ ھلي سگهيون ۽ قوم ھڪ غمگسار چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ھٿان ”پنھنجا لاشا“ دفن ٿيندي نہ ڏسي سگهي. لاشن کي کوٽي ڪڍڻ ۽ دفنائڻ وارن پاڪ آرمي جي انھن ھر ڏينھن جي مشغلن بابت صاحبزادي يعقوب علي خان جھڙو ھڪ دانشور سفارتڪار سپاھي ئي صحيح تفصيل ٻڌائي سگهندو. شايد ھو ان قومي ۽ بين الاقوامي ڏاکڙي دوران ”لاشن کي دفنائڻ“ جي ان عظيم تصور جي پيدائش واري عمل بابت بہ اسان کي ٻڌائڻ پسند ڪندو. ھو ذاتي طرح پاڻ انھن ڏينھن ۾ ڍاڪا ايسٽرن ڪمانڊ جو ڪمانڊر ھو ۽ ان قسم جو انوکو حڪم پڪ ئي آرمي جي مٿاھين ھيڊقئارٽر کان ھلندو اچي انفنٽري بٽالين تائين پھتو ھوندو!
(19) ميان طفيل: رد ڪيل جماعت اسلاميءَ جو امير ھيٺ ڏنل حقيقت جي تصديق ڪندو:
الف: تہ گهريلو جنگ (يعني بنگلاديش ۾ فوجي ڪارروائي) جي ڏينھنِ ۾ مون کلنا جي سرڪٽ ھائوس جي ڏاڪڻين تي بيٺي بيٺي کيس ٻڌايو ھو تہ مشرقي پاڪستان ۾ فوج کي لڄالٽ، ڦرلٽ، گهيراءُ جلاءُ، نسل ڪشيءَ جو کليل ليسن ڏنو ويو آھي. مون ھن کي اھو بہ ٻڌايو ھو تہ ھڪدم موٽي وڃي اسلام آباد جي جنگباز حڪمرانن جا پير پڪڙي، تہ اھي ھِن آوارا فوج کي بيرڪن ۾ موٽرائي ۽ انھن کي ٻڌائي تہ بيلٽ باڪس (ووٽن) جي قوت تي وجود ۾ آيل ھڪ ملڪ ۽ مارشل لا گڏجي جيئرا رھي نہ ٿا سگهن.(13)
ب: ميان صاحب جيڪڏھن مناسب سمجهيو تہ ھو ”مرچن واري ڏنڊي“ جو پنھنجو ذاتي تجربو بہ بيان ڪندو. منھنجو خيال آھي تہ ان معاملي ۾ منھنجي ڀيٽ ۾ ھن جو مشاھدو پڪ ئي وڌيڪ ڀروسي ڪرڻ جھڙو ھوندو.
(20) مولانا اي ڪي ايم يوسف: مقتول مشرقي پاڪستان جي پوئين گورنر ڊاڪٽر مالڪ جي الوداعي ڪابينا جو ميمبر، مولانا ابو الڪلام محمد يوسف، ھِن عدالت کي ٻڌائيندو تہ ڪھڙن سببن جي ڪري مون کيس منھنجي جنگي خدمتن جو اعتراف ڪندي مشرقي پاڪستان جي ڪئيبنيٽ ۾ ھڪ ٺھراءُ پيش ڪرڻ کان جھليو ھو. ھو اھو بہ ٻڌائيندو تہ 1971ع جي آخري مھينن ۾ مون ھن کي چيو تہ جيتوڻيڪ اڃا ”لڄن جو ويري“ ھڪ ٽائيگر (چيتو) ”ڪُرمي تولا“ جي اوسي پاسي گجي رھيو آھي پر ترت ئي ”رمنا پارڪ“ ۾ ھڪ اھڙو ڪاڄ ٿيندو جنھن کان پوءِ اسين ڪڏھن بہ نہ ملي سگهنداسون. اڄ کان لڳ ڀڳ 14 سال اڳ مون جيسرو ھوائي اڏي تي ”شھيد ڪابينا“ (ڀٽو وزارت) جي ميمبر مڪرم کي چيو ھو تہ فوج جيئن ئي مشرقي پاڪستان جي جنازي مان واندي ٿيندي، اھا ترت ئي ڪنھن ٻي صوبي تي ھٿ وجهندي. مون کيس وينتي ڪئي ھئي تہ ھو ان قسم جي جنگي تمغن ۽ تعريف ۽ پَڏ جي ٺھرائن کي ڀلجي وڃي جيڪي شايد سڀاڻي ئي ردي جو ڍير ۽ بي معنى ٿي ويندا.
(21) مولانا شاھہ احمد نوراني: اسان کي ھڪ اسلامي راڄڌانيءَ جي شھريت جي حڪومت خلاف تنقيد ۽ احتساب جي حقن بابت ٻڌائيندو. مولانا اسان کي اسلام جي ھنن ٻن قسمن بابت بہ ٻڌائيندو: ضيائي اسلام ۽ خدائي اسلام.
(22) خان عبدالوَلي خان: خان ٻڌائيندو تہ کيس ڪيترا ڀيرا ۽ ڪھڙن بنيادن تي ”غدار ۽ محب وطن“ سڏيو ويو آھي. شايد ھو اھو بہ ٻڌائي سگهي تہ نيٺ مون کان ڪھڙي موڙ تي ڪھڙو ڪارنامو سرزد ٿيو آھي، جو مون کي ھن جي صف ۾ شموليت جو اعزاز ملي ويو آھي.
(23) ھُو سَؤ ورھين جو آزادي جو مجاھد، وطن جو غدار، اسان کي ذاتي طور اھو ٻڌائيندو تہ ھِن ملڪ جي حڪمران نسلن ــــ انھن وردي پوشن ــــ جا ابا ان مھل ڪٿي ھئا جڏھن ھو پاڻ برطانوي راڄ خلاف سينو ناڻي بيٺو ھو ــــ ھن سازش جي ڪيس سان لاڳاپيل سڀني ماڻھن، فريادين، ججن، جنرلن ۽ تھمت لڳن خاص طرح ”سرڪاري جاسوسن“ جي نسلن ۾ شجرن جي ڳولا اسان سڀني لاءِ جيڪي ھتي تاريخ جي فيصلي جي اوسيئڙي ۾ آھيون، ڏاڍي اھميت واري آھي.
(24) مسٽر جِي ايم سيد: سيد صاحب پنھنجي نئين تازي ڪتاب ”پاڪستان ھاڻ ٽُٽڻ گهرجي“ جي روشنيءَ ۾ پنھنجي ڳوٺ سن ۾ ھاڻوڪي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر سان طيءِ ڪيل ۽ متفق ٿيل ارادن ۽ نيتن تي تفصيل سان روشني وجهندو. ھُو اھو بہ ٻڌائيندو تہ ھن ملاقات ۾ سندس ئي چوڻ موجب ”ڪفر جي رھنما“ ۽ ”اسلام جي سپاھيءَ“ جي وچ ۾ ٻين ڪھڙن ڪھڙن معاملن تي اتفاق راءِ ٿيو.(14)
(25) ايئر مارشل محمد اصغر خان: پاڪ فضائيہ جو اڳوڻو چيف ”سياست ۾ جنرل“ (جنرلز اِن پاليڪٽڪس، Generals in Politics) جو ليکڪ ھن ملڪ ۽ ان جي عوام خلاف اصل سازش ۽ ان جي ڏوھاري ڪردارن کي بي نقاب ڪندو.
(26) مير غوث بخش بزنجو: مير صاحب بہ ان سازش جي کول ڪندو جنھن جو شڪار نہ رڳو ھي ملڪ ۽ ان جا عوام آھن، پر ھتي ھي پيرن ٻڌل تھمت لڳل بہ ان جي نذر ٿي چڪا آھن.
(27) مسٽر غلام مصطفيٰ جتوئي:
(28) مسٽر غلام مصطفيٰ کر:
(29) مسٽر علي محمود، سابق سينيٽر:
(30) ميجر جنرل (رٽائرڊ) شاھ رفيع عالم:
(31) ميجر جنرل (رٽائرڊ) تصور حسين شاھہ:
(32) ميجر جنرل (رٽائرڊ) خواجه صلاح الدين:
27 کان 32 تائين وارا، صفائيءَ جي شاهدن کي ممڪن حد تائين عدالتي شاھدن جي صورت ۾ آندو وڃي، تہ جيئن ھن بيان ڪيل سازش کي ثابت ڪري سگهجي. آءٌ انھن شاھدن ۾ بيگم علي محمود جو نالو بہ ڳڻائي پئي سگهيس، پر آءٌ فريادي ڌر ۽ رياست کي اھو احساس ڏيارڻ ۽ سيکارڻ ٿو گهران تہ مڙسن جون جنگيون مڙسن جي وچ ۾ ئي وڙھجن. عورتون اڳ ئي ھن سماج جو ڏکايل حصو آھن.
ھن موقعي مان فائدو وٺندي، آءٌ فرياديءَ جي خصوصي وڪيل کي اھا پڪ ھڪ ڀيرو وري ڏيارڻ ٿو گهران تہ ھُو جيڪڏھن 14 مھينن کان يرغمال ڪري رکيل مظلوم رابعہ طاھر کي بہ آزاد ڪري ڇڏين، تہ ھي ڪيس ڪنھن بہ حالت ۾ ڪو نہ ھارائيندو.
(33) ايئر وائيس-مارشل مسعود: ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ ان سوشل (عام رواجي، راڄوڻي) ملاقات جي ڳالھہ ڪندو جنھن ۾ مون ۽ ھن سان گڏ فضائيہ جو ھڪ ايئر ڪموڊور ۽ پاڪستان نيوي (بحريہ) جو ھڪ ڪمانڊو ۽ ھڪ ٻيو ميجر بہ موجود ھئا. ايئر مارشل تصديق ڪندو تہ مون ايئر ڪموڊور ايم ايم عالم جي زوريءَ رٽائرمينٽ جي ڏاکڙي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ھئي. 65ع جي جنگ جي بي مثال ھيرو کي ان ڪري فضائيہ مان ذلت جھڙي طريقي سان برخواست ڪيو ويو تہ ھن سروس (يعني فضائيہ) اندر ڪلڇڻائپن جو احتساب ڪيو ھو. ايئر مارشل مون کان پڇيو تہ منھنجو عالم جي رٽائرمينٽ بابت خيال ڪھڙو ھو ۽ مون کي ھُن ٻڌايو ھو تہ اھا پاڪستان جي عوام ۽ سچائيءَ جي ڪڏھن ڪڏھن اٿندڙ آوازن خلاف ھڪ وڏي ۽ مڪروھہ سازش جو حصو ھئي. ھن جي ان پڇا تي تہ آءٌ ان تي پنھنجو ردعمل ڪيئن ظاھر ڪرڻ گهران ٿو، مون ايئر مارشل کي چيو ھو تہ منھنجو ذھن تہ اھو ٿو چوي تہ آءٌ زيرو پئائنٽ تي ھليو وڃان، ٽريفڪ بيھاري ڇڏيان ۽ سڄيءَ دنيا کي ٻڌايان تہ جيڪا قوم پنھنجي ناز ڪرڻ لائق پُٽن ۽ ھِيرن سان اھو ورتاءُ ڪري رھي آھي جيڪو ”اڃا بہ بھاري“ عالم سان ڪيو اٿائين، ان کي جيئڻ جو ڪو حق ناھي ــــ اھو ڄاڻڻ باوجود تہ منھنجو مخاطب ھن ملڪ تي انتھائي طاقتور ماڻھوءَ جو نائب پھريون آھي. ايئر مارشل تصديق ڪندو تہ آءٌ ان ڏينھن ھڪ سيڪنڊ لاءِ بہ پنھنجن سچن احساسن ۽ جذبن کي ظاھر ڪرڻ ۾ ھٻڪيو نہ ھوس. اڄ انھيءَ ڏوھہ جي تہ مون کي سزا ملي رھي آھي.
(34) ھِز ايڪسيلينسي وِي. سمرنوف، سفير سويت روس:
[بيان محفوظ]
(35) مسٽر ڪرشن ديال شرما، سفير ڀارت:
[بيان محفوظ]
(36) مسٽر ايم بِي زمان، سينئر ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان: محمد بديع الزمان(15) مھرباني ڪري اسان کي اھو ٻڌائيندو تہ ھن ڪھڙن قانوني ۽ اخلاقي بنيادن تي اسان جي ناز لائق سائنسدان عبدالقادر جي دَ ھيگ ھالئنڊ جي ھڪ عدالت کان جند ڇڏرائي. مسٽر زمان کي ڊاڪٽر عبدالقادر ۽ اسان جي ھن ڪيس ٻنھي بابت بلڪل ذاتي ۽ سنئين سڌي ڄاڻ آھي. ان ڪري ان ڄاڻ جي بنياد تي ھُو ٻڌائيندو تہ جيڪڏھن ويھين صديءَ جي ان عظيم ترين ”ايٽمي رازن جي چوريءَ“ جي ”ڏوھاريءَ“ خلاف ڪيس رڳو ان ڪري ٺپ ٿي سگهي ٿو جو ھن کي سزا ڏيڻ واري عدالت تھمت لڳل (عبدالقادر) کي پنھنجي آڏو سڏائڻ يا سمن جا حڪم پھچڻ يا نہ پھچڻ جي پڪي يقين دھاني (پڪ) نہ ڪئي، تہ ھيءَ ”فوجي عدالت“ انھن تھمت لڳل خلاف پنھنجي ڪارروائي ڪيئن جاري رکي سگهي ٿي. ھي تھمت لڳل تہ اھي آھن جن کي نہ تہ ڪنھن وارنٽ آف اريسٽ ھيٺ گرفتار ڪيو ويو، نہ ئي ڪنھن عدالت ڪنھن جاسوس ايجنسي کي انھن جي حوالي ڪرڻ جو رمانڊ ڏنو ۽ جن خلاف جاچ يا پُڇاڳاڇا فريادي ڌر جي سمورن شاھدن جي بيانن موجب ڪنھن بہ قانون ھيٺ نہ ھئي. ھڪ ڪرنل تہ وڦلجي اھو بہ مڃيو تہ ”ھا، اھا جهنگ جي قانون ھيٺ ٿي ھئي.“ اھي تھمت لڳل جن جي جاچ ھلندي سموري قيد کي ھيءَ عدالت غير قانوني سڏي چڪي آھي. جن خلاف رڳو ھڪ شاھدي آھي ۽ اھا شاھدي رڳو ۽ رڳو سندن زوريءَ باسرايل بيان آھي. اھي تھمت لڳل جن مان ھر ھڪ کي بي مثال ”مڃيل“ جبر ۽ تشدد جو نشانو بنايو ويو آھي.
آءٌ اميد ٿو رکان تہ ھڪ وڏي قانوندان جي حيثيت ۾ مسٽر زمان ھر قيمت تي قانون جي حڪمرانيءَ ۽ پنھنجي پيشي جي تقدس ۽ روايتن جي تصور کي اوچو ۽ برقرار رکندو.( 16) مسٽر زمان اسان جي خلاف اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر آھي.
(37) نوابزادہ نصر ﷲ خان(17): هن سازش جي ابتدا ۽ وجود ۾ اچڻ جو قصو بيان ڪندو. هن آزاديءَ جي مجاهد کان وڌيڪ ٻيو ڪير ملڪ خلاف هن ڳُوڙهي سازش کان واقف هوندو!
(38) سردار محمد عبدالقيوم خان: ھُو اسان سڀني کي ٻڌائيندو تہ اسلام آباد جي ننڍين ٽَڪرين جي ھن پاسي ھماليه جي ڪاڇي ۾ آباد شھرن ۾ ھڪ ٻيو ”بنگلاديش“ جنم وٺي رھيو آھي. ڪجهہ ماڻھو ان کي ڪاشر ديش جي نالي سان ياد ڪري رھيا آھن. اھو وقت جڏھن ڪنھن(38) ھماليه جي راڙن ۽ ڳوڙھن جي ڳالھہ ڪئي ھئي، ڏاڍو ويجهو اچي پھتو آھي. اھي ئي خدشا ھئا جن جو اظھار مون 1982ع ۾ منگلا ۾ ھڪ ليفٽيننٽ جنرل(39) سان ملاقات ۾ ڪيو ھو ۽ جن جي قيمت آءٌ اڄڪلھہ ادا ڪري رھيو آھيان.
(39) مسٽر رسول بخش پليجو: پليجو صاحب 1983ع ۾ سنڌ ۾ وڙھيل ”بنگلاديش وار“ (جنگ) جو قصو ٻڌائيندو. اھو قصو مافيا جي ڪرم فرمائيءَ سان اسان جي سازش جي ڪيس سان سئون سڌو ڳنڍيل آھي.
(40) ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) عتيق الرحمان: ھڪ آزمودڪار سپاھي ۽ مقبوضہ مغربي پاڪستان جو فوجي گورنر ــــ اھو مغربي پاڪستان جيڪو ھڪ غاصب ۽ فوجي حڪومت پاران منھنجن پٽن حمزي ۽ حارث کي ورثي ۾ مليو آھي. منھنجا اھي ٻئي پٽ چلي فاشزم جي طوفانن کان بچي نڪتا آھن. اھي پڪ ئي عابد جي پٽ عامر کان وڌيڪ سڀاڳا آھن جنھن پنھنجا ٿڃ پيئڻ جا ڏينھن ھڪ جيل ۾ گذاريا آھن. جنرل عتيق الرحمان جيڪو اڄڪلھہ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمئن آھي، اھو ڪجهہ ٻڌائيندو جيڪو ھن انٽر سروسز سليڪشن بورڊ (آءِ ايس ايس بي) ڪوھاٽ جي ھڪ وفد کي ان وقت ٻڌايو ھو تہ جڏھن ھو آڪٽوبر 1982ع (؟) ۾ ھن سان مليو. پوڙھي جهانديده جا لفظ ھئا:
”سنگ مرمر، سنگ سرخ ۽ سنگ سفيد کان سواءِ شيرپائو برج ڪالوني (جرنيلي ڪالوني لاھور) ۽ ان قسم جي ٻين جاين تي اڏيل جنرلن جي محلن (محلات) ۾ ڪجهہ ٻيو استعمال نہ ٿيو، چُونو ڪٿي بہ ڪو نہ ٿو لڳي. ڇا ضياءُ نہ ٿو ڄاڻي؟ ھو سڀ ڪجهہ ڄاڻي ٿو، پر ھو ڪجهہ بہ نہ ڪندو.“
هو پنھنجي ان دعوا جي بہ رصديق ڪندو تہ جڏهن کان جنرل ضياءَ حڪومت سنڀالي آهي، هن جا هزارين حڪم سوِل ۽ ملٽري ڪاموراشاهيءَ جي رديءَ جي ٽوڪرين ۾ پيا آهن ۽ انھن تي ڪڏهن بہ عمل نہ ٿي سگهندو.
(41) حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ: 1971ع جي ڏاکڙي ۽ ھار جي ڇنڊڇاڻ لاءِ جوڙيل ھن ڪميشن جي رپورٽ ھن عدالت ۾ منھنجي صفائيءَ جي بنيادي دستاويز طور گهرائي وڃي. جيترو منھنجي ڄاڻ جو واسطو آھي، ان دستاويز جا ڇنڊڇاڻ ڪندڙ ۽ ترتيب ڏيندڙ بہ انھن ئي نتيجن، نظرين ۽ حقيقتن تائين پھتا ھئا جن جي ”ملڪيت“ ۽ جن جي کلي عام اظھار جي ڏوھہ ۾ مون کي ھيءَ ڪَڙي سزا ڏني پئي وڃي. انھيءَ ھڪجهڙائي جي بنياد تي آءٌ اھا گُهر ٿو ڪريان تہ ھن ڪميشن سان لاڳاپيل سمورا جج، جنرل، ڪامورا (بيوروڪريٽ) ۽ اھي سڀ جيڪي ھن دستاويز جا مصنف، ليکڪ ۽ شاھد ھئا ۽ اھي بہ جيڪي ھن کي عوام جي نظرن کان لڪل ۽ احتساب جي پڪڙ کان پري قلف ڪڙي ۾ رکڻ جا ذميدر آھن ـــــ ھن ملڪ خلاف ان سازش جي سڀني ڪردارن کي ڏنڊا ٻيڙيون ھڻي اٽڪ قلعي جي ڪال ڪوٺڙين ۾ آندو وڃي. رياست جي نوَن ڄاول سلطاني شاھدن جي نڪري وڃڻ کان پوءِ ھاڻي انھن اونداھين ڪوٺڙين ۾ گهڻي جاءِ ويران پئي آھي. ان سان گڏ ئي ڇا آءٌ اميد بہ رکان، تہ نون ايندڙن ۾ ڪو ھڪ ڄمار ۽ رئنڪ ۾ مون کان سينئر، مون کان منھنجي ڪال ڪوٺڙي نمبر ھڪَ جي چارج وٺندو؟ ان وچ ۾، آءٌ ان سلسلي ۾ سڀ نوان ايندڙ ”سٺي ضمير“ (Good Conscience) کي آواز ڏئي جاڳائڻ لاءِ تيار رھندس. اوھان کي اھو بہ ياد ڪرائڻ جي گهرج ناھي، تہ ھيءُ ھڪ مڃيل ”بدديانت ۽ ڪُلڇڻي“ مئجسٽريٽ پاران اسان سڀني جي ”سٺي ضمير“ کي اپيل ئي ڪئي ھئي جنھن جي نتيجي ۾ اسان مان گهٽ ۾ گهٽ 25 آفيسرن ھن جي عبادت گهر ۾ پنھنجا ننڍڙا وڏڙا گناھہ باسيا ھئا! بھرحال ڪو تہ مون کان منھنجي سيل نمبر ھڪَ جي چارج سنڀاليندو ئي. 9-ڪروڙ ”ڏوھارن“ جي ھن بدمعاش قوم ۾ جنھن تي رڳو توب جي گولن سان ئي حڪومت ڪري سگهجي ٿي، نمبر ھڪُ ھجڻ بہ تہ ڪيڏو نہ خطرناڪ اعزاز آھي!
4) عدالت جا صاحب! ھاڻي جڏھن تہ منھنجي حياتيءَ جو سج لڙي چڪو آھي ۽ پاڇا ڊگها ٿيندا پيا وڃن. ھڪ خواب مان اوچتو جاڳ جي حالت ۾ مون کي اھو احساس ٿي رھيو آھي، تہ ڄڻڪ اجهو ھينئر ”پيدا ٿيل“ ھڪ اسلامي رياست جو شھري ٿي چڪو آھيان. منھنجي آقا محمدﷺ کان پوءِ ٻِي ۽ چوٿين اسلامي جمھوريہ جا اڳواڻ عمررضه ۽ عليعہ منھنجا آئيڊل ھيرو رھيا آھن. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ انھن جي روايتن ۾ ٺھيل ھڪ جمھوريہ ۾ منھنجا ڪھڙا حق ۽ فرض ٿي سگهن ٿا. انصاف ۽ انصاف پلئہ وجهڻ جو حق اھو پھريون حق آھي جيڪو ھيءَ جمھوريہ مون کي عنايت ڪري ٿي، انصاف ھر قيمت تي، انصاف ھر وقت ۽ انصاف ھر حالت ۽ ڪيفيت ۾ ـــــ ھيڏانھن انصاف ماڻڻ لاءِ ۽ سمورن انصاف ڀرين مقصدن لاءِ ”اڻٿڪ“ ۽ ڪڏھن نہ ختم ٿيندڙ جدوجھد منھنجو پھريون فرض آھي، جنھن کي اھا جمھوريہ منھنجن ڪلھن تي رکي ٿي. اھا جمھوريہ مون کي ايڏا ڊگها ھٿ ۽ ٻانھون عطا ڪري ٿي جيڪي وقت جي حاڪم جي ڳچيءَ تائين پھچي سگهن. اھي ئي ھٿ جيڪي ھڪ ”يھوديءَ“ کي وقت جي حاڪم عليعہ جي عدالت ۾ وٺي وڃڻ لاءِ مددگار ٿيا ھئا.
ان عدالت ۾ جنھن نيٺ وقت جي حاڪم خلاف فيصلو ڏنو ھو. عدالت جا صاحب! اڄ آءٌ اوھان کي عليعہ جي عدالت واري ڪرسيءَ تي ويٺل ڏسي رھيو آھيان، جيڪو پاڻ بہ ھڪ وڏو منصف ھو، پر منھنجي ۽ توھان جي وچ ۾ مسئلا ھڪ زرھہ پھريل جي ملڪيت کان گهڻو وڌيڪ آزمائش وارا ڏاڍا ڳتيل ۽ نازڪ آھن. چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر گذريل ڀيري پشاور جي عام جلسي ۾ ڏاڍي جذباتي انداز ۾ عوام کي پاڻ ۾ اھا ھمت ۽ ايمان پيدا ڪرڻ جو چيو هو جنھن جي ڏڍ تي ھڪ بَدوءَ عمررضه جھڙي عظيم مرتبي واري وقت جي خليفي جو احتساب ڪيو ھو. آءٌ مڃان ٿو تہ آءٌ ڪلي ڪنڊي تائين ھٿياربند ھڪ سپاھي ئي آھيان. مون کي بَدو ٿيڻ لاءِ ڪٿي تيار ڪيو ويو ھو؟ مون کي تہ رڳو ھٿياربند بيٺو رھہ (اٽينشن، Attention)، ٻَڌ ۽ ڳالھاءِ نہ (لِسن اينڊ ڊوناٽ اسپيڪ، Listen and do not Speak)، عرض ڪيو (رقُئيسٽ، Request)، رڳو راءِ ڏيو (جسٽ سَجيسٽ، Just Suggest)، بنا اعتراض جي قبول ڪيو يا پاڻ کي حوالي ڪري رکو (سبمٽ، Submit)، حڪم مڃو (اوبي، Obey)، سوال نہ ڪيو (ڊو ناٽ قئيسچن، Do not Question) ۽ ھٿيار ڦٽا ڪريو (سرينڊر، Surrender) ئي سيکاريو ويو ھو.(20)
ھنن بدليل حالتن ۾ آءٌ اوھان جي مدد گهران ٿو. آءٌ محمد ﷺ ۽ عليعہ جي ڪرسيءَ کان واھر ٿو گهران تہ مون کي ”يھودي“ ۽ ”بدو“ جو ڪردار ادا ڪرڻ ڏنو وڃي، ۽ اھو آءٌ تيستائين نہ ٿو ڪري سگهان جيستائين توھان اسلام جي پھرين چاليھن ورھين جي پِي ايل ڊِي ۽ قرآن ۽ سنت جي سڀني حڪمن کي ڪم ۾ آڻيندي انھن سڀني شاھدن کي جن جو مون ذڪر ڪيو آھي، ھتي ھن ھال ۾ نہ ٿا گهرايو.
جيڪڏھن ھڪ اھڙي ماڻھوءَ لاءِ جيڪو پنھنجي ”قوم“ جي عظمت جي خوابن ۾ جيئندو رھيو ھجي، ”سازشيءَ“ جو لفظ مناسب لفظ آھي تہ آءٌ ”سازشي“ آھيان، پر ھن ٻيءَ سازش کي جيڪا ھڪ اگهاڙي ۽ ڪرڀائتي طاقت جي ايوانن ۾ پلي وڌي آھي، غلط ثابت ڪرڻ لاءِ مون کي انھن سڀني شاھدن جي سخت گهرج آھي، انھن کي ھر قيمت تي اچڻو پوندو.
جنھن سازش جو آءٌ اقرار ڪري رھيو آھيان، ان 1981ع ۾ جنم نہ ورتو ھو پر اھا تہ 4-اپريل 1968ع تي ان ڏينھن ئي وجود ۾ اچي وئي، جڏھن مون خاڪي وردي پاتي ھئي. اھي سمورا شاھد منھنجي حقيقي حياتيءَ جي ان حقيقي ڊرامي جا ڪردار رھيا آھن، اھي سڀ مون سان شريڪ سازشي رھيا آھن، آءٌ انھن جي اڻ موجوديءَ ۾ ڪجهہ نہ ٿو ڪري سگهان. مون کي انھن جي ايتري ئي اشد گهرج آھي جيتري وارياسي جي وچ ۾ ڦاٿل ھڪ ماڻھوءَ کي پاڻيءَ جي ھڪ ڍڪ جِي ٿي سگهي ٿي.
اھو بہ ممڪن آھي تہ ھي ماڻھو، منھنجا شاھد، ھيءَ ڪارروائي ھلندي شاھدين کان باغي ٿي وڃن، ڦري وڃن، پر انھن کي ايئن ڪرڻ ڏيو جيئن اھي ڪرڻ گهرن. مون کي ان جي پرواھہ ڪونھي. جيڪڏھن اھي ماڻھو ھن بند ٻوساٽيل ڪمري مان اٿندڙ سڏ جي جواب ۾ لبيڪ چوڻ جي ھمت جو مظاھرو ڪن ٿا تہ مون کي اھا پرواھ نھہ ھوندي تہ اھي ھن شاھديءَ جي جاءِ ۾ منھنجي حق ۾ ٿا ڳالھائن يا مخالفت ۾.
آءٌ ھن ”بيان ڪيل سازش“، جيڪا حقيقت ۾ اسان جي مٿان ڳجهن جيان لامارا ھڻندڙ قومي گهوٽالي ۽ ڪُن مان اٿندڙ لاچار آوازن مان ھڪ آواز آھي، جي ڪيس ۾ ان جي ڪارروائيءَ بابت ڪنھن بہ ڳڻتيءَ ۾ نہ آھيان. تاريخ پنھنجو پاڻ ھن موتمار طوفان ۾ اٿيل خاڪ جي ذري جو تحفظ ڪندي. اڄ جيڪڏھن مون کي ڪا ڳڻتي، ڪو انديشو ۽ ڪو اونو لاڳڙ آھي، تہ اھو رڳو ھي تہ ڇا اڃا بہ ھڪ پيرن-ڀڳل، بدديانت، خودفريبيءَ ۾ ڦاٿل، منافقيءَ جي خمير ۾ ڳوٿل ۽ پوريءَ طرح تباھيءَ جي شڪار ھن سماج جي ٽٽل قطارن ۾ ڪي ماڻھو جيئرا سلامت آھن، جيڪي سچ کي سچ ۽ ھڪ ”ٻاٽ رات“ کي ٻاٽ رات چئي سگهن؟(21)


ميجر آفتاب احمد
(وڏو ملزم)
سيل نمبر هڪ
اٽڪ قلعو
4-اپريل 1985ع

______________
1. جنرل ضياءَ جي اسلامي ريفرنڊم ۾ حاصل ڪيل اهي ووٽ جيڪي ماڻھوءَ جي جسم جي ٺيڪ ڪوساڻ پد 98.6 کان 4.29 پد گهٽ هئا. آءُ نه ٿو سمجهان ته ڪو نظام لاڳيتو ايتري گهٽ ڪوساڻ تي جيئرو رهي سگهي ٿو.
2. ڀارتي جنرل اروڙا جي چوڻ موجب، پاڪستان آرمي بھترين ڪپتانن ۽ بدترين جنرلن جو ڏک جھڙو مربو آهي.
3. الطاف قريشيءَ تي ”وطن دشمنيءَ“ جو الزام ان دَور جو قصو آهي جڏهن چيئرمئن ڀُٽو هن ملڪ جو بااختيار وزير اعظم هو ۽ جنرل ضياءُ ان جي نئين تازي آئين تي حلف کڻڻ وارو چيف آف دَ اسٽاف، وزير اعظم جو تختو اونڌو ڪرڻ کان پوءِ بھرحال پھرين رات مسٽر قريشيءَ ۽ جنرل ضياءَ، آرمي هائوس ۾ هڪ ئي مصلي تي گذاري هئي. هاڻي ته ڀَت ڀائي ئي نه، پر هم بستر به ٿي چڪا آهن.
4. افغانستان کي وچين دَور جي ڦورو نظام بُک، مفلسي ۽ ذلت مان ڪڍڻ جو حل ”انقلاب ثور“ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه پئي ٿي سگهيو. سوچ جي ان ارتقائي سفر جو احوال منھنجي بيان ۾ پڌرو ڏيکارجي پيو.
5. اڄڪلهه هٿيار ٺاهيندڙ فيڪٽريون پنھنجي وجود جي سڀ کان وڌين هڙتالن، تالابندين ۽ آزادي پسند مزدورن جي ڇانٽين جو شڪار ٿيو پيون آهن.
6. پر مون عدالت ۾ چيو هو ته ”جنرل پنھنجي سموري اسلامي جوش ۽ خروش سان اها سڄي جو سڄي تقرير شاهدن جي ڪٽھڙي مان ورجائيندو جنھن ۾ اسين خليفت المسلمين، هن راڄڌانيءَ جي سڀ کان وڏي آڙهتي (پوکي ڪندڙ) جي زباني رشوت جي تازيءَ بھا بابت به معلومات وٺنداسون.“
7. پانڊو جبل جو هيءُ اهو ئي مورچو هو جتي پاڪ آرميءَ جو پھريون نشان حيدر ڪئپٽن سرور شھيد ٿيو.
8. ان عرصي ۾ مون ڳڻي ڳوتي ڪيل ڪاٿي موجب 2-لک فوٽ جبل ماپيو (جاچيو) ۽ برف پوش جبلن ۽ سوڙهين ماٿرين ۾ ڏيڍ سؤ ميل (اڪثر) اڪيلو پنڌ ڪيو.
9. مون کي کوڙ ڀيرا همت ۽ دليريءَ جي فوجي اعزازن لاءِ نامزد ڪيو ويو هو پر عام آفيسرن ۽ عھديدارن جيان آءٌ جيئن ته جنرل محمد حسين انصاري، جنرل ٽائيگر نيازي، جنرل حميد، جنرل گل حسن يا يحى خان جھڙن پاڪستان جي فاتحن جي اعلى نسل مان نه هوس، هر رڪمڊيشن ٽوڪريءَ جي حوالي ٿيندي رهي. اڄ بھرحال، مون کي فخر آهي ته پاڪستان کي وڪڻندڙ هلالِ جرئت ۽ ستارهء جرئت پوکيندڙن جي قطار ۾ منھنجو نالو ڪونهي.
10.هتي ليکڪ جي مراد شايد بنگالي آهن! - سنڌيڪار
11. پاڪستاني فوج بنگال ۾ ڪھڙو ڪردار ڪيو، ان جو ٿورو اندازو انھن لفظن مان ڪري سگهجي ٿو. - سنڌيڪار
12. ڀولا ۽ ان جي آسپاس آيل ان سامونڊي طوفان جي نتيجي ۾ لکين مشرقي پاڪستاني (بنگالي) مري ويا. جيتوڻيڪ فوج دير سان ئي سھي، پر پوءِ به وس آهر امدادي ڪارروائي ڪئي، پر مغربي پاڪستان مان ڪنھن به اڳواڻ کي اها توفيق به ڪو نه ٿي ته حال پڇڻ ئي اتي ها. 1970ع جي چونڊن کان ترت اڳ اها بي حسي گڏيل پاڪستان جي جنازي ۾ آخري ڪوڪن مان هڪ وڏو ڪوڪو ثابت ٿي.
13. ميان طفيل وارن جي پاڻ پاليسي ئي اها هئي جيڪا جنرلن هلائي پئي. هو ڇو ايئن ڪري ها! - سنڌيڪار
14. جنرل ضياءُ ”پاڪستان هاڻ ٽٽڻ گهرجي“ جي ليکڪ جو شيدائي ڇو آهي؟ ايندڙ وقت ئي ان جي وضاحت ڪري سگهندو. بھرحال، جِي ايم سيد کُلي عام چئي چڪو آهي ته جنرل ضياءَ کان وڌيڪ سٺي نموني ڪو به ٻيو سندس مقصدن جي پورائي ڪري نه سگهندو. ان هوندي به هُو محب وطن ۽ ڌيان جو مرڪز آهي ۽ مون جھڙا اڻڳڻ وطن دشمن!
15. مسٽر ايم بِي زمان اسان جي خلاف سرڪار جو خصوصي وڪيل هو. منھنجي ان نموني صفائيءَ جي شاهد طور کيس سڏائڻ سبب هُو مون کان ناراض ٿي ويو ۽ سلام جو جواب ڏيڻ به بند ڪري ڇڏيائين، جنھن جو مون کي افسوس آهي.
16. ان وڏي (بلندپايه) قانوندان، ڊن هاگ جي فاتح، شاهه کان وڌيڪ شاهه جي وفادار (ڏاچِي هڻي ڏهه ته توڏو هڻي تيرهن) جو ثبوت ڏنو. ملڪي قانون ته رهيو هڪ پاسي، مارشل جي لاقانونيت جي ”حڪمن“ جي به شديد کليل ۽ بي مثال خلاف ورزين جي ثبوت باوجود هن (مسٽر زمان) نمبر هڪَ کان سترهين تائين سڀني تھمت لڳلن لاءِ ”حڪم نامي“ ۾ ڏنل وڌ کان وڌ سزائن جو مطالبو ڪيو. هڪ اڌ (تھمت لڳل) سان رعايت ڪندي، هن پنھنجي سفارش مان ”سخت“ جو لفظ ڪڍي ڇڏيو پر سزا ڏيڻ جو مطالبو انھن لاءِ به زور شور سان ڪيائين. (ڊاڪٽر قادر جو وڏو وڪيل ايس ايم ظفر هو.)
17. گواهه نمبر 37 کان 41 حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ تائين واري فھرست، وڏي فھرست عدالت کي ڏيڻ کان پوءِ ورندڙ ڏينھن تي ميسر ڪئي وئي هئي پر تسلسل ۽ سھولت خاطر ان کي وڏي دستاويز ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
18. چيئرمئن ڀٽو.
19. ليفٽيننٽ جنرل شمس الرحمان ڪلو، هن فوج جو آخري نج سپاهي، ڪَرارو، هر دل عزيز ۽ پيارو ليفٽيننٽ جنرل، جيڪو نيٺ جالنڌر مافيا جو شڪار ٿي گهر پھتو.
20. انھن جملن ۾ سمجهو ته اسان جي فوجن جي ڪردار جو نچوڙ پيو آهي. انھن حالتن ۾ هڪ عام شھري انھن کان آئين جي وفاداري ۽ ملڪ جي سرحدن جي صحيح معنى ۾ بچاءَ جي اميد رکڻ ڪيتري حد تائين حق بجانب آهي، توهان پاڻ ئي سوچيو.
21. پنھنجي صفائيءَ جي شاهدن ۽ انھن جي حقيقي ـــ سچ پچ تخريبڪار نسل خلاف ڀُٽي جي شھادت جي ڇھين ورسيءَ جي ڏينھن فوجي عدالت آڏو اها منھنجي فرياد هئي جيڪا اڃا هَلڻي آهي:
ميں کس کے هاتھوں پے اپنا لهو تلاس کروں
تمام شهر نے پهن رکھے هيں دستانے