براين جو عروج: ڦورن جي حڪمراني
اھو ئي تہ اوھان جي اونھي ڏوھہ جي احساس جو آواز آھي.
عدالت جا صدر! توھان ھِن ڌرتيءَ جا سرخ ڌرنگ (انقلابي؟) پٽ آھيو. مھرباني ڪري منھنجي مدد ڪريو. آءٌ شين جي ڄاڻ ۾ صدين کان سفر ڪندي بہ اڻڄاڻ آھيان. سچ ٻڌائجو، ڇا توھان کي ھن تھمت مان ڏوھاري سازش جي ڪا ڌپ اچي رھي آھي؟
ڇا منھنجي منھنجي خلاف ھيءَ تھمت ٻڌڻ کان پوءِ بہ توھان مون کي ئي ڏوھاري سڏيندؤ؟ ڇا اھا ٻڌڻ کان پوءِ بہ آءٌ ئي وڏي مياريءَ، ھڪ غدار ۽ ھڪ سازشيءَ جي روپ ۾ نظر اچي رھيو آھيان، ۽ ھيءَ تاناشاھي عيسيٰ جي ڪا معصوم رڍ!
آءٌ ترديد ڪيان ٿو تہ مون ملڪ ۾ ”ڪُلڇڻائيءَ“ (ڪرپشن) جي موضوع تي ھڪ يا چاليھہ پمفليٽ لکيا، ڇپايا ۽ ورھايا. پر، ڇا توھان مون کان اھو چَورائڻ ٿا گُهرو تہ ھن ملڪ ۾ رشوت ۽ ڪلڇڻائيءَ جو ڪو وجود ڪونھي!
اچو، اسين پنھنجي ذات سان تہ بنا حجاب ٿي سچائيءَ سان ڳالھہ ڪيون! ڇا آءٌ، اوھان يا اسان مان ڪو بہ ھن وقت ھتي بيھي اھو چوڻ جي ھمت ڪري سگهي ٿو تہ ملڪ رشوت ۽ ڪلڇڻائيءَ جي وجود کان پاڪ آھي؟ اھو تہ ٺيڪ ھن وقت، ھن دَور ۾، اھي برايون پنھنجي اوج تي ناھن؟
ڇا توھان کي جنرل ضياءَ جي پنھنجن نامزد ڪيل خوشامدي طوطن تي ٻڌل، ھاڻي مراد مجلس شورا آڏو اھا تاريخي تقرير ياد ناھي، جنھن ۾ ھن پنھنجي دور ۾ رشوت ھيڪوڻ، ٻيڻ يا ڏھوڻ نہ، پر پنج سؤڻ ڀيرا وڌجڻ جو فراخدليءَ سان اعتراف ڪيو ھو! اِھا اُھا تقرير آھي جنھن جو پڙاڏو ھن وقت بہ رنگون جي مندر جي گهنڊڻين جيان سَڄي ماحول ۾ ٻڌجي پيو.
عزت وارا صدر! ھاٿي ۽ عورتون پنھنجن ڦٽن کي ڪڏھن بہ وسارينديون ناھن، خاص طرح ”ھاٿي“ تہ اسين ڏسي چڪا آھيون تہ ڏاڍي ظالم ياد جو مالڪ آھي(1 ) پر، منھنجيءَ قوم جي يادداشت افسوس ڪرڻ جي حد تائين ڪچي آھي. ان ڪري ايندڙ نسلن لاءِ اھا تقرير آءٌ پنھنجي بيان سان ڳنڍي رھيو آھيان ۽ ھاڻي انصاف ۽ ”فيئرپلي“ جي نالي تي اوھان کان اھو ڄاڻڻ لاءِ سوال ڪري رھيو آھيان تہ ان سڀ ڪجهہ باوجود وڏي ڏوھاريءَ جو درجو مون کي ڇو ڏنو ويو آھي؟ اھو اعزاز جنرل ضياءَ کي ڇو نہ ڏنو ويو، جيڪو نہ رڳو کُلي عام ملڪ ۾ رشوت ۽ ڪلڇڻائيءَ جي بدترين ڪيفيت جو اقرار ڪري رهيو آهي پر کيس تہ هر ڪم لاءِ رشوت جي بھا جي بہ خبر آھي... جڏھن تہ آءٌ انھيءَ کان اڻڄاڻ آھيان.
هُن کي منھنجيءَ جاءِ تي مياري نمبر پھريون ڪري ڇو نہ بيھاريو ويو، جو مملڪت جو سردار سڏائڻ باوجود ھُو ان معاملي ۾ پنھنجي پاڻ کي ايڏو ئي بيوَس ثابت ڪري رھيو آھي جيترو بيوس اھو جج آھي جنھن کي محتسب اعليٰ جو نالو تہ ڏنو ويو آھي پر عملي طرح ھُو ڪامورا شاھيءَ، جرنيلي، دستوري، رواجي ۽ حڪمرانن جي ٻاجهاري پاڇي ھيٺ پلجندڙ ڪلڇڻائيءَ خلاف زبان کولي نہ ٿو سگهي.
ڇا جنرل کي پنھنجي زبان سان ان ڏوھہ قبوليءَ جي ان ”ڏاکڙي“ ظاھر ٿيڻ کان پوءِ بہ مون کي ان تھمت جا ڇوڏا لاھڻ لاءِ وڌيڪ ڪجهہ چوڻ جي گهرج آھي؟
ڇا مون کي جنرلن، ايئر مارشلن ۽ خاص طرح جنرل ضياءَ جي پرڏيھہ ۾ ڏيتي ليتيءَ جي اھم ترين دلال ان مصري ارب پتي موديءَ (ڪارو ناڻو ميڙيندڙ، ذخيرو ڪندڙ) جي ڳالھہ ڪرڻ جي گهرج آھي جنھن لاءِ پاڪستان اندر ۽ پرڏيھہ ۾ سمورا مھمان خانا ھر وقت کليل رھندا آھن؟ ڇا مون کي ڪئناڊا جي ان پراسرار بلوچستان جي ڀلائيءَ واري انجمن (؟) جو ذڪر ڪرڻ جي گهرج آھي جنھن جو افتتاح پرڏيھي دورو ڪندي، جنرل پنھنجي مبارڪ ھٿ سان ڪيو ھو؟
ڇا مون کي اسلام آباد جي ”گرين ايريا“ (سر سبز علائقي) مان ”صدر جي ڪٽنب“ لاءِ ڪاٽيل ڊبل روٽيءَ جي ٽڪرن بابت ڪجهہ چوڻ جي گهرج آھي؟
ڇا مون کي ھيروئن سٿيل انھن گلدانن بابت بہ ڪجهہ چوڻو پوندو جيڪي اقوام متحده ۾ ڳالھائيندڙ اسلامي اُمه جي 80 ڪروڙ ماڻھن جي اڪيلي نمائندي جي صدارتي جھاز مان پڪڙيا ويا ھئا؟
مون ٻڌو آھي تہ اڄڪلھہ جنرل ضياءُ ”چرچي گهٻي“ ۾ خاص لست وٺي رھيو آھي. سچ تہ ھيءُ آھي تہ ھُن سڄي ملڪ کي ھڪ وڏي ظالمانہ سنجيدي چرچي جو شڪار ڪري رکيو آھي ۽ اھو چرچو انھيءَ ڪلڇڻائي ۽ رشوت سان لاڳاپيل اڃا بہ ڀريل آھي.
اھا تازي ڳالھہ آھي تہ ملٽري آپريشنن (لشڪري مھمن جي) ڊائريڪٽوريٽ جو ھڪ جنرل جنگي نقشو کڻي وڃي پنھنجي چيف آف آرمي اسٽاف واري آفيس ۾ پھتو، جتي ھُو وردي پھريو ويٺو ھو ۽ ھر سال پنھنجي ايڪسٽينشن (نوڪري وڌائڻ) جي درخواست رياستي صدر جي سيڪريٽريٽ ۾ موڪليندو رھندو ھو.
”حضور جن جو مان مٿاھون رھي، جو ھن غلام، نيٺ دھلي فتح ڪرڻ جو اھو منصوبو ٺاھي ورتو آھي جنھن وسيلي 38-ساله پراڻو ڀارتي مسئلو حل ٿي ويندو.“ پگهر ۾ شل ڳاڙھي ڳٽول جنرل فرشي سلام کان پوءِ عرض ڪيو.
”حضور دھلي ور چڙھي وئي، تہ سمجهو ڄڻڪ سڀ ڪجهہ ملي ويو.“ جواب مليو. ”ھا، اھو تہ ٺيڪ آھي.“ چيف سوچن ۾ ٻڏندي جواب ڏنو.
جنگي نقشي تي رنگين پينسلون گسائيندي جنرل ھڪ ڀيرو وري ٽي فرشي سلام ڪيا ۽ چيو تہ ”آقا! اسين دھليءَ کي سڀ کان اڳ چئن زونن (Zones، ڀاڱن، علائقن) ۾ ورھائينداسون، پوءِ ھر زون جا چار چار سيڪٽر (ٽڪرا) ٺاھيا ويندا...“
”ڏاڍو سٺو!“ چيف مڇون مروٽيندي چيو.
جنرل وري فرشي سلام کان پوءِ جنگي منصوبي جي ڳالھہ جاري رکي: ”انھن سڀني سيڪٽرن کي اسين پنھنجي، ماڻھن جي ڳڻپ مطابق سب سيڪٽرن (ننڍن يا ماتحت ٽڪرن) ۾ ورھائي ڇڏينداسون.“
”ڏاڍو سٺو“! چيف چپڙن ۾ ئي مرڪيو، جيئن ھو ٽيليويزن تي پنھنجن (اقتدار ۾) ڊيگهہ وٺندڙ ورھين جو ذڪر ڪندي مرڪندو رھندو ھو.
جنرل آخري فاشي سلام کان پوءِ منصوبي جو باقي رھيل تفصيل ٻڌائيندي چيو، ”منھنجا آقا! انھن سب سيڪٽرن کي اسين پنھنجن ايندڙ نسلن جي ڳڻپ جيترن پلاٽن ۾ ورھائينداسون ۽ آءٌ پڪ ٿو ڏياريان تہ انھن جو ھر پلاٽ ڪارنر پلاٽ ھوندو. نيٺ آرميءَ جي انجنيئر چيف کي بہ تہ اتي ئي آزمايو ويندو.“
مانوارا صدر! اسان جي ھاءِ ڪمان جو ايئن ماڪوڙين جي مُچي جيان دھليءَ تي ڇانئجي وڃڻ کان پوءِ راجيو گانڌي، اروڙا ۽ سام مانڪ شاھہ لاءِ دھليءَ ۾ بچندو ئي ڇا، جو اھي ”ديوناگري“ ڏانھن لڏڻ بدران اتي ئي رھڻ تي زور ڏين.
ڪلڇڻائيءَ ۽ رشوت جي سلسلي ۾ چرچن جي ڳالھہ ھاڻي نڪري ئي پئي آھي، تہ ھڪ سچو واقعو بہ ٻڌو.
ڪجهہ عرصو اڳ جي ڳالھہ آھي تہ ھڪ ڏاڍو وڏو بيوروڪريٽ (ڪامورو) شايد آغاشاھي يا شايد غلام اسحاق خان(2 ) يا شايد روئداد خان يا شايد ان جھڙو ئي ڪو ٻيو... فائيل ڪڇ ۾، صدارتي محل ۾ وڃي پھتو. صدارتي محل، جتي شيرواني پائي ”صدرِ مملڪت“ پنھنجي چيف آف دَ آرمي اسٽاف کي ھر سال نئين ايڪسٽينشن (نوڪريءَ ۾ ڊيگهہ) وڌندو رھندو آھي.
”حضور! پِي آءِ اي (پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز) بلڪل برباد ٿي رھي آھي.“ ھن ڏڪندي ڊڄندي عرض ڪيو.
”جنرل رحيم خان ڍاڪا کان اچي چڪو آھي، ان کي اضافي چارج (وڌيڪ ذميواري) ڏئي ڇڏ.“ حڪم مليو.
”عالمي مقام! فوجي فائونڊيشن بہ پوين پساھن ۾ آھي.“ پگهر ۾ ورتل ڪاموري نظرون فرش ۾ کپائيندي چيو.
”جنرل راؤ فرمان علي جو پلٽن ميدان وارو ٿَڪ لھي ويو آھي، ان کي واڌُو ذميواري ڏئي ڇڏ.“ جنرل ھڪدم فيصلو ٻڌايو.
ٻئي ڏينھن وري ساڳي حالت ھئي. ”عالمي جاه! واپڊا کاتو تربيلا ۾ ٻڏي رھيو آھي.“ بيوروڪريٽ نيزاري ڪندي فائل رکيو.
”جنرل صفدر بٽ ڪٿي آھي؟“
ٽيون ڏينھن بہ مختلف نہ ھو.
”عالم پناه! ريلوي جو ترو نڪري ويو.“
”جنرل جمال سيد ميان جي حوالي ڪري ڇڏ. پيري مريدي ڪري چڪو آھي، انھن نذرانن سان ڇا ٿيندو ھوندس.“
ايندڙ ڏينھن بيوروڪريٽ وري پگهر ۾ شَل ڏڪندو ڦڙڪندو سخي در تي حاضر ٿيو.
”ھا، ھاڻي وري ڇا ٿيو؟“ جنرل پنھنجون نظرون بيوروڪريٽ تي کپائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي پڇيو.
”مائي باپ! ڀارت ڪاھہ ڪئي آھي.“ گنجي ڪاموري گلابي ٽشو پيپر ۾ ڳوڙھا جذب ڪندي چيو.
”ميان! نيٺ توھان ماڻھو بہ تہ سِي ايس پي آھيو، ڪجهہ پاڻ بہ تہ ڪندا ڪيو.“ مملڪت جي صدر ڏاڍي بيزاريءَ سان جواب ڏنو ۽ شيروانيءَ جي کيسي مان اھا تسبيح ڪڍي ورتي، جيڪا ستاويھين عُمري کان موٽندي عربي سمنڊ مٿان اڏام ھلندي، کيس خصوصي صدارتي بوئنگ جي قداور فضائي ميزبان (ايئر ھوسٽس) پِي آءِ اي پاران ڏني ھئي.
عزت وارا صدر! اسان جو ڏاکڙو ئي اھو آھي تہ اسين سڀني براين، ڪلچڻائين کي سڃاڻون ٿا، اڃا بہ انھن مان گهڻيون اسان جون پاليل برايون ۽ ڪلڇڻايون آھن، پر اسين ڪنھن بہ زبان مان اھو ٻڌڻ سھي نہ سگهنداسون تہ اسان جي چوڦير ڪھڙا ديوَ آھن. اسان جا ڪَن ۽ ذھن اسان جي ڄم کان وٺي پالنا ۽ قبرن ۾ لاھڻ وقت تائين لوريون ٻڌڻ جا عادتي ٿي پيا آھن. اھي لوريون، سائين منھنجا! اسان جي مقدر ۾ لکي ڇڏيون ويون آھن. اسين پاڻ تہ چپ چاپ ۾ نجات جي راھہ ڏسون ٿا، پر اھو بہ سھي نہ ٿا سگهون تہ ڪو ٻيو بہ وات ۾ زبان رکي.
اسان پڪو ارادو ٿا ڪيون تہ چُپ چپات گهڻائيءَ کي لانگ مارچ (ڊگهي پنڌ) تي نڪرڻ لاءِ ڪجهہ بہ پَرَ ساھڻ نہ ڏينداسون، اسين اھو عھد ٿا ڪريون تہ چپ سبيل رکيا ويندا، ۽ اسين اھو اڏول ارادو ٿا رکون، تہ ھن دنيا جي نعمتن ۽ اقتدار ۾ ھن ڌرتيءَ کي فيض بخشيندڙن کي ڪڏھن بہ شامل ٿيڻ نہ ڏينداسون.
منھنجو خيال آھي تہ اسين ”حملو“ ڪنداسين ۽ اسين قوم کي نئين سر جيئارڻ جون سموريون چوٽيون ٽپي وينداسين....... [ھتي بہ بيان جا ڪجهہ صفحا گم آھن] ....... مون تي ايندڙ تھمت اھا پروپيگنڊا ڪرڻ جي آھي تہ نظرئي پاڪستان جي اڄڪلھہ غلط تشريح ۽ ترجماني ڪئي پئي وڃي.
_________
(1 ) چيئرمئن ڀٽو جي هڪ اعلان حقيقت تان ورتل.
( 2) ضياءَ جو ساٿي ۽ اڄڪلهه جمھوري حڪومت جو صدر، جنھن کي جمھوري حڪومت جي سڀني چونڊيل عوامي نمائندن (بينظير سميت) ووٽ ڪيو. – سنڌيڪار