جيل ڊائري

اٽڪ قلعي کان

جنرل ضياءَ جي آمريت منجهہ ڪيل ’آپريشن گئليڪسي‘ دوران، جنوري 1984ع ۾، هِن ڪتاب جي ليکڪ ميجر آفتاب ۽ سندس ڪجهہ ساٿين کي،”آئيني حڪومت جو هٿياربند [مسلح] قوت وسيلي تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ۽ مملڪت جي سلامتيءَ کي لاڳو خطرن بابت پرچار ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ گرفتار ڪيو ويو.“ ان ’آپريشن‘ جو عام نالو ’اٽڪ سازش ڪيس‘ سڏيو ويو، جنھن جو پڇاڻو، هڪ سال کان پوءِ جنوري 1985ع ۾، پڪڙيَلن کان شروع ڪيو ويو. جنھن ۾ مٿس، ساٿين سميت، فوجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو، تہ ميجر آفتابَ ان ڪورٽ آڏو جيڪو بيان ڏنو، ان کي ڪجهہ ٻين تفصيلن سميت، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ”اٹک قلعے سے“ نالي سان، 1990ع ۾ڇپايو ويو.

Title Cover of book اٽڪ قلعي کان

هٿيار-رکندڙن جي خصوصي عدالت نمبر 64 آڏو

موضوع
رياست (جي سڃاڻپ) ۽ ان جا مڙھيل صفائيءَ جا وڪيل
حوالو: ميجر آفتاب ۽ ٻين سورھن خلاف رياست جي ڪيس جي جواب ۾

1) آءٌ انتھائي ادب سان گذارش ٿو ڪريان تہ 19-فيبروري 1985ع تي مون ”عدالت“ پاران صفائيءَ جي وڪيلن جي فريادي ڌر جي شاھدن کان آڏي پڇا جي حق کي غير معمولي انداز ۾ نامناسب پابندين ھيٺ محدود ڪري ڇڏڻ جي حڪم خلاف احتجاج ڪندي، پنھنجي بچاءَ جو حق پاڻ ختم ڪري ڇڏيو. ان سان گڏ ئي مون پنھنجي صفائيءَ جي وڪيل کي بہ رد ڪري ڇڏيو (ڇو تہ انھن حالتن ۾ ھن جي موجوديءَ جو ڪو سبب ڪو نہ ھو). ان جي نتيجي ۾ ھڪ ماڻھو ”راجا“ انور عباسيءَ کي زوريءَ منھنجي ۽ منھنجي ساٿي تھمت لڳل ميجر نثار حسين بخاريءَ جو سرڪاري وڪيل مقرر ڪيو ويو. بھرحال، نيٺ مسٽر عباسيءَ بہ موٽ جي واٽ ورتي. شايد ان ۾ سندس شھري آزادين بابت ذاتي احساسن جو ڪجهہ ھٿ ھجي.(1 )
ان کان پوءِ ظفر احمد عرف جالپ کي ان جي لفظن موجب ”مارشل لا حاڪمن پاران ان مقصد لاءِ مقرر ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا.“ ان جي رندن تي ھلندي چوڌري غلام احمد، ھڪ ٻيو ”سرڪاري ڀاڙيتو وڪيل“ 17-مارچ 1985ع تي اچي ڪڙڪيو. ان جبر ۽ ڌانڌليءَ خلاف منھنجن لاڳيتن اعتراضن جي جواب ۾ سرڪار جا اھي نام نھاد صفائي-وڪيل ۽ فريادي-وڪيل چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي حڪم، 82/4 ۾ جاري ڪيل، جو ڇَٽ کنيو ڦرندا رھيا آھن، جيڪو سندن چوڻ موجب کين منھنجي مٿان زوريءَ مڙھيو رھڻ جو سبب مھيا ڪري رھي ٿو. آءٌ توھان کي اھو چوڻ ٿو گهران تہ ھيءَ ان حڪم نامي جي انتھائي گمراھہ ڪندڙ، ليکي-چوکي کان خالي ۽ ”قانون“ جي روح جي قطعي ابتڙ تشريح ۽ ترجماني آهي. شق-10 هڪ اهڙي صورتحال جي ”ڪيمياگري“ ڪري ٿي جيڪا في الحال ھن ”عدالت“ جي ڪمري ۾ مورڳو پيدا ئي ڪو نہ ٿي آھي. اھا صورتحال تہ ان وقت پيدا ٿئي ھا جڏھن ھيءُ تھمت لڳل يا ان جو وڪيل صفائي انصاف جون راھون رد ڪرڻ جي نيت سان عدالت جي ڪمري مان غير حاضر رھيا ھجن ھا. ان جي ابتڙ آءٌ ذاتي طرح پاڻ ۽ منھنجو اڳوڻو صفائي-وڪيل بنا ڪنھن گس گساءُ جي حاضر رھيا آھيون. ايتري قدر جو اڄ جڏھن منھنجي آزادي، منھنجو فرياديءَ خلاف پنھنجي زندگيءَ ۽ نظريا بچائڻ جو حق ۽ منھنجو راءِ ظاھر ڪرڻ جو حق بہ انھن ڌارين کي الاٽ ڪيو ويو آھي، آءٌ ھتي حاضر ۽ موجود آھيان. منھنجي لاءِ اھو ڪنھن ڏاکڙي کان گهٽ نہ آھي. ھيڏانھن ھي ڌاريا الاٽمينٽ ۽ لاٽريءَ تي ايڏا مطمئن ۽ خوش پيا ڏيکارجن، ڄڻڪ آءٌ بہ ڪنھن ان اڻمَئي ترڪ ڪيل جائداد جو ٽڪرو ھوس جنھن جي پيٽ مان ھن ملڪ جي اڄوڪن شريفن ۽ معززن جنم ورتو ھو.
2) پنھنجي صفائي-وڪيل کي موڪل ڏيڻ پٺيان ”انصاف“ جون راھون رنڊائڻ يا ان جي ”نزول“ خلاف دير-ڪرائيندڙ حربا ڪتب آڻڻ جھڙا منھنجا ڪي بہ ارادا نہ ھئا. جن ڇاپن ۾ اسان کي گرفتار ڪيو ويو، انھن کان پوءِ وقت جي ندين ۾ ڪيترو ئي پاڻي ھيٺ وھي چڪو آھي. اسان جا ٿڃ-پيئاڪ ٻار ھاڻي گوڏن ڀر ھلي رھيا آھن، ”وھڙا“ جوان ٿي رھيا آھن ۽ وارن جي ڪارنھہ اڇاڻ ۾ بدلجي وئي آھي. انٽيليجنس مافيا جي منصوبن ۽ حڪمن ھيٺ شروع ڪيل ھن ”سرنگهن جي سفر“ ھلندي، ھڪ دنيا بدلجي چڪي آھي. آءٌ ۽ منھنجا ساٿي ان ڊگهي مدي ۾ بيان نہ ڪري سگهڻ جهڙن عذابن مان گذريا آھن. اسين ڏکن جي ان سفر کي اينگهہ ڏينداسون؟ توھان جي اھا سوچ تہ مون پنھنجي صفائي-وڪيل کي ھن بند ڪمري جي ڪارروائي بند ڪرائڻ يا ان کي ڊيگهہ ڏيارڻ لاءِ رد ڪيو آھي. ”پاڪستان خلاف جنگ“ واري نموني جي ھڪ ٻئي ڏوھہ-چٺي جي تياريءَ ۾ تہ مدد ڏئي سگهي ٿو پر ھنن ڌارين ماڻھن کي منھنجن ڪلھن تي ويھي ھتي پھچڻ جو ڪارڻ ڪنھن بہ صورت ۾ نہ ٿو ٿي سگهي. مون کي اھو چوڻ جي موڪل ڏيو تہ فرياديءَ جي خصوصي وڪيل پاران شق-10 جي ”تفسير“ ۾ ڪا بہ سچائي ڪونھي. ان تشريح جي ڪا بہ اخلاقي، شرعي ۽ قانوني پيڙھہ ڪونھي. اھا ڪنھن بہ حالت ۾ وڪيلن جي ھن ”ماوراءِ ملزمان“ (تھمت لڳلن کان مٿاھين) جوڙي جي ھتي موجوديءَ جو سبب نہ ٿي ٿي سگهي. ھن ”تھمت لڳل کان مٿاھن“ صفائي-وڪيلن جي ھڪ نئين اداري جي جوڙجڪ جو ھڪ بلڪل بي بنياد بھانو آھي. مھذب رياستن جا قانون ڇيڻن جي ڍير ۾ اسريل ”کنڀين“ جيان وجود ۾ نہ ايندا آھن. ھنن قانونن جون پاڙون ان رياست ۽ سماج جي ثقافت، روايتن، قدرن، رسمن ۽ رواجن ۾ وڌنديون ويجهنديون آھن جنھن جي مقصدن جي پورڻتا لاءِ اھي ٺاھيا ويندا آھن. انھن کي ھر حالت ۾ عوام جي سڌن ۽ سچائيءَ ۽ انصاف جي ماڳن ڏانھن انھن جي سفر ۽ جدوجھد جي گهرجن سان ھڪجهڙائي رکڻي پوندي آھي. قانونَ ”ڪنھن ماڻھوءَ“ جي غير معمولي ۽ پراسرار مفادن جي قربان گاھہ تي ”ڀيٽا“ ڏيڻ لاءِ وجود ۾ نہ آڻبا آھن پر انھن جو تہ مقصد ئي ان جو ”آواز“ اوچو رکڻ ھوندو آھي. اھي دراصل ٽينڪن جا اھي ”برج“ ھوندا آھن جن کي ”گهمائي“ نہ سگهبو آھي.
اھا تہ آءٌ رڳو اميد ئي ڪري سگهان ٿو تہ جنھن قانون، اڃا بہ حڪم نامي ھيٺ اسان کي قربان گاھہ تي چاڙھيو ويو آھي ان جو روح انھن اصولن کان صفا خالي ۽ اڻڄاڻ ناھي. شق-10 کي جيڪڏھن شق-14 سان ملائي پڙھيو وڃي، تڏھن بہ اھو ھن صورتحال تي لاڳو ڪو نہ ٿو ٿئي. ان کان سواءِ مون پنھنجي صفائيءَ ۽ بچاءَ لاءِ سرڪار کان ڪا مدد بہ ڪو نہ گهري آھي.(2 ) آءٌ عدالت کي وينتي ٿو ڪريان تہ اھا ان سلسلي ۾ منھنجي ”بنيادي حق“ ۽ ”عمل جي آزاديءَ“ جو بچاءَ ڪري. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏھن قبر مان ڪڍيل 1973ع جي آئين جو پيٽ چيري، ان جي اندران ھڪ آئين (1985ع وارو حرامي ٻار) ڪڍيو ويو، تہ ان جراحيءَ جي عمل يا ناجائز ۽ غير قانوني طرح ٻار ڪيرائڻ جي عمل ۾ بنيادي حقن جي شق جيئري نہ بچي سگهي ھئي. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اھا شق اڻڄاتل مدي تائين ٽنگيل ئي رھندي، پر قرارداد مقاصد بہ تہ منھنجن انھن حقن جو بچاءُ ڪري ٿي.( 3) آءٌ انھي جي نالي ۾ توھان کان مدد گهري رھيو آھيان. توھان مون کي منھنجي پنھنجي ”عمل“ جو ڪجهہ حق تہ ڏيو! 2-جنوري 1984ع کان پوءِ مون کي ھڪ ڀيرو تہ اھو ڪجهہ ٿيڻ جي آزادي ڏيو، جيڪو آءٌ واقعي ھوس ۽ جيڪو آءٌ رھندس.
3) گذريل ڀيري مون توھان کان ان مسئلي تي تفصيلي ڳالھہ ٻول جي موڪل گهري ھئي، تنھنڪري اڄ آءٌ ان سلسلي ۾ پنھنجا سمورا اَھنج، مشاھدا ۽ ذھن ۾ ڪر موڙيندڙ اڻڳڻ سوال کنيو، اوھان جي آڏو بيٺو آھيان. آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ وڪيلاڻي ڌنڌي جا اخلاقي قدر ڪھڙا ھوندا آھن، پر اھي پڪ ئي ان سماج جي قدرن کان مختلف ٿي نہ ٿا سگهن، جنھن جو اھي حصو آھن. انھي نسبت سان اھا مون لاءِ ڏاڍي جائز ڳالھہ ھوندي، تہ آءٌ پنھنجي مٿان مڙھيل ”جبر“ ۽ ”تشدد“ جي جيئرن ڏيکن، انھن صفائي-وڪيلن جي ڪردار جي ڳالھہ ڪريان. انھن جو ھيءُ ڪردار اھڙو آھي، جو ان جي ڪري مون پاران انھن تي کُلي عام بي يقينيءَ ۽ بي اعتباريءَ جي اظھار واري ڳالھہ تي مڪمل تصديق جي مھر لڳي ٿي.
مسٽر جالپ جڏھن کان پنھنجي ”ذاتي ھام“ موجب منھنجي صفائي-وڪيل جو جُبو پھريو آھي، ان وقت کان وٺي لاڳيتو فريادي ڌر سان پڪنڪ تي رھيو آھي. رڳو فريادي ئي نہ، ھُو فرياديءَ جي شاھدن، ھن ڪيس جي جاچو آفيسرن ۽ آرميءَ جي ليگل برانچ جي ان ليفٽيننٽ ڪرنل (نسيم) سان گڏ بہ وندر ورونھن ڪندو رھيو آھي جنھن پنھنجي قانوني حيثيت ۽ مرتبي کان مٿي ٿيندي، اٽڪ قلعي جي ڪوٺڙيءَ کي پنھنجن اڌ-رات وارن ڇاپن وسيلي کوجي کولين ۾ بدلائي رکيو ھو. انھن ڇاپن ھلندي ھن ظلم، جبر، لالچ ۽ انعام جي ڌمڪين ۽ واعدن وسيلي ڪيترن ئي تھمت لڳل آفيسرن کي سلطاني شاھد ٺاھڻ جون ناڪام ڪوششون ڪيون ھيون. منھنجي صفائي-وڪيل جون ھُن طرف وارن سان مانيون، راتيون ۽ ياري باشي بھرحال اھڙي ناھي جو آءٌ ان جي اونھاين ۾ وڃان، نہ ئي وري آءٌ اھو ورجاءُ ضروري ٿو سمجهان تہ ھن ماڻھوءَ ايندي شرط پھرين ڏينھن کان منھنجي خلاف توھان جا ڪَن ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. اھو سچ آھي تہ مون کي ھن تي ڀروسو ناھي. مون ھن کي قانون ڄاڻندڙن جي پيشي جي اخلاقي قدرن جي ياد ڏياري ھئي ۽ ھن کان کوڙ ڀيرا پڇيو ھو، تہ نيٺ منھنجي مرضيءَ خلاف وٽس منھنجي صفائي-وڪيل طور اچڻ جو ڪھڙو قانوني يا اخلاقي سبب ھو؟ پر اھو تہ آءٌ کيس وک وک تي ياد ڏياريندو رھندس. جيڪڏھن ھن ماڻھوءَ کي ”ڪاري پَڙي“ وسيلي پنھنجن ٻارن جو پيٽ پالڻو آھي، تہ آءٌ بہ ھڪ خوددار ماڻھو آھيان. مون کي بہ پنھنجي ”خوديءَ“ جي سنڀال ڪرڻي آھي ـــــ مون کي افسوس آھي تہ مون کي ھن بابت اھو سڀ ڪجهہ چوڻو پيو آھي، پر مون وٽ ڪا ٻي واٽ بہ تہ ڪو نہ ھئي. ان قطعي ھوند جي ڳالھہ ڪرڻ کان پوءِ آءٌ اھو توھان تي ڇڏيان ٿو تہ ھاڻي پاڻ اھو فيصلو ڪيو تہ مسٽر جالپ کي منھنجي صفائي-وڪيل جو ٻھروپ ڀري رکڻ گهرجي يا موٽي وڃڻ گهرجي.
4) ڏاڍي پراسرار نموني 12-مارچ 1985ع تي سرڪار منھنجي ھڪ تھمت لڳل ساٿي نمبر-3 تي وڌيڪ مھرباني ڪندي، اڃا بہ ھڪ ٻي صفائي-وڪيل کي مقرر ڪيو ھو. ان جا ڪارڻ اڃا سوڍو ڳجها آھن. منھنجي لکيل نامنظوريءَ باوجود نئين صليبي مجاھد چوڌري غلام احمد بہ اُن ”رياست“ خلاف منھنجي بچاءَ تي سندرو ٻڌو جنھن جو ھُو ذاتي طرح پاڻ دلال آھي. ھن ڪيس جي وڏي مياريءَ جي حيثيت ۾ اھو منھنجو حق آھي تہ آءٌ توھان کان پڇان تہ ”سرڪار“ نيٺ ڪھڙي نيت سان ۽ ڪھڙا مقصد پورا ڪرڻ لاءِ ڇو ۽ ڪنھن لاءِ ان انوکي ڏاڍ ۽ ڏمر تي ٻڌل ھن انتھائي قدم جو فيصلو ڪيو آھي؟ توھان مون کي اھو بہ ٻڌائيندؤ تہ نيٺ ھن ڪيس ۾ رياست آھي ڪير؟ ــــ اھا ڪير آھي جنھن جي پراسرار مقصدن جي نوڪري اھي شرفا ڪري رھيا آھن.
5) آءٌ احترام سان توھان جو ڌيان ان حقيقت ڏانھن ڇڪائڻ گهران ٿو تہ ھنن سترھن ”تجريدي مھانڊن“ جي نالي تي اڳ ئي ظلم جي انتھا ڪئي وئي آھي. اھو ظلم رڳو انھن تي ئي ڪو نہ ٿيو آھي پر انھن جي گهر وارن ۽ انھن سڀني قيدين تي بہ ٿيو آھي جن کي نيٺ ھنن ڪال ڪوٺڙين مان ڪڍي، ”غلاميءَ واري دَور“ جي يادگار ھن قلعي جي اوچين ڪوٽن کان ٻاھر موجود ڪنھن وڏي جيل ۾ موڪليو ويو.
سائين منھنجا! منھنجي مدد ڪريو. منھنجي مدد ڪريو، اھو ڄاڻڻ ۾ تہ ڇا ھن رياست تي ان جي شھرين جا بہ ڪجهہ حق ڪڏھن ھئا بہ يا ... جي تھہ خانن (بُھرن) کان ھن قلعي تائين انھن ماڻھن جي مقدر ۾ اقتدار جي بکين ھنن قوتن جي ھوس جو چارو ٿي رھڻ لکيل ھو جيڪي ظاھري طرح نظر نہ ٿيون اچن پر جيڪي در اصل پنھنجي ذات ۽ وجود ۾ مڪمل رياست آھن ــــ اھا رياست جيڪا صليب تي لڙڪيلن کي ٽنگڻ کان نہ ٿي ڪيٻائي، جنھن ۾ ھمت ۽ ايمان جي ايتري رتي بہ ڪونھي، جو سج جي روشنيءَ ۾ ڪيل پنھنجن ڪيترن ئي ڪمن، مثال طور، ھن ئي صادق ھال ۾ ريڪارڊ ڪيل اسان جي سمري آف ايويڊنس جي وجود جو ئي اعتراف ڪري ھا! اھا رياست جيڪا آئين کان مٿاھين حڪم نامن جا ”ڦٽڪا“ ھٿن ۾ ھئڻ باوجود ايترڙي ھمت ۽ حوصلي جي مالڪ بہ ڪو نہ ھئي، تہ اسان جي ايس آءِ بِي ۽ قيد ۽ انھن جي ئي ھٿان جاچ پڇا جو اقرار ئي ڪري سگهي ھا.( 4) اھا رياست جنھن ۾ عدالتي جنگ( 5) جو سڄو دارومدار لفظن جي ھيراڦيريءَ ۽ جوڙتوڙ تي ھو.
جنھن لفظ انويسٽِيگيشن کي لفظ انٽوگيشن ۾ بدلائڻ لاءِ سِر ڌڙ جو سودو ڪري ڇڏيو ھو، اھا رياست جيڪا پنھنجي ئي لکرايل ايف آءِ آر جي تقدس کي رڳو پنھنجا ڏوھہ لڪائڻ لاءِ راڄڌانيءَ جي تحفظ جي ڪُوڙي نالي ۾ لتاڙي ڇڏي ٿي، اھا رياست جيڪا ان قسم جي اڻڳڻ ۽ ھاڻي عالمي سطح تي مڃيل سچاين ۽ حقيقتن کان شرم جھڙو انڪار ڪري پنھنجي لاءِ ذلت جو سامان تہ مھيا ڪري ٿي، پر ڪيڏي نہ ستم ظريفي آھي جو ھن جو پنھنجن پيرن-ٻڌل انھن سڀني شھرن جي ”باجماعت ڏوھہ باس“ تي ايترو ئي ايمان آھي جيترو انھن مڃيل حقيقتن جي انڪار تي زور! آءٌ ڀلا ڪيئن ان رياست جي ڀاڙيتو سپاھين کي پنھنجو صفائي-وڪيل مڃان؟ سڄي زندگي مون نظرياتي، جذباتي ۽ جسماني طرح ان رياست سان وفا جو نينھن نڀايو آھي جيڪا 14-آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آئي ھئي. آءٌ ان رياست لاءِ جنگ ۽ امن جي ڏينھن ۾ وڙھيو ۽ جيئو آھيان جيڪا پنھنجن ٻارن ۾ سچائي ۽ وفا، بي غرضي ۽ خلوص، ھمت ۽ دليري ۽ ڪردار جي انھن سمورين اوچاين تي واڌ ويجهہ لاءِ وجود ۾ آئي ھئي جن تي انسانيت تي فخر ٿي سگهي ٿو. اڄ آءٌ اوندھہ ۾ مٿو ڦاڙي رھيو آھيان. منھنجي مدد ڪيو، مون کي سمجهڻ ۾ مدد ڏيو، اھو ڏاکڙو منھنجي سمجهہ کان ٻاھر آھي، آءٌ ان کي سمجهي نہ سگهندس!
6) اڄ آءٌ آزمائش جي ڦاھي گهاٽ تان ھڪ اھڙي قانون، اڃا بہ حڪم نامي ھيٺ لنگهي رھيو آھيان جيڪو شريعت ۽ قانون، ۽ قرآن ۽ سنت کان مٿاھون آھي، جيڪو آئين کان مٿاھون آھي، جيڪو رياست جي وجود کان مٿاھون آھي ــــ ان رياست جي وجود کان، جيڪا اسان جي قائد شھري آزادين جي نالي تي گهڙي ھئي! جڏھن انھن خوبصورت نظرين بابت سوچيان ٿو جن جي نالي تي ھِي ملڪ وجود ۾ آيو ھو ۽ پوءِ پاڻ مٿان گذريل ڏيڍ سال جي حياتيءَ سان ان جي ڀيٽ ڪندي منھنجي نظر پنھنجي سامھون ويٺل ھنن صفائي وڪيلن جي ڪارن ڪوٽن تي پوي ٿي، تہ مون کي ايئن ٿو لڳي ڄڻڪ آءٌ بي گهر ٿي ويو آھيان، منھنجي رياست منھنجو ملڪ مون کان کسجي ويو آھي، مون وٽ ڪنھن ملڪ جي شھريت ڪونھي، آءٌ ڪنھن ملڪ جو رھاڪو ئي ناھيان ــــ آءٌ ”بِھاري“ ٿي ويو آھيان. پر جيڪڏھن منھنجا اھي خدشا بي بنياد آھن تہ پوءِ اڄوڪي ھيءَ مھربان رياست جنوري 1984ع جي سرد راتين ۾ ڪٿي ھئي جڏھن آءٌ لباس کان آزاد رڳو سنگهرن ۾ ڍڪيو ھڪ اھڙي زمين ھيٺ ”گڏي“ ۾ نيم بيھوش پيو ھوس جنھن کي ڄاڻي ٻجهي ٿڌي پاڻيءَ سان ڀريو ويو ھو ۽ جنھن جي رڳو ڌپ ئي ھڪ ماڻھوءَ جي موت لاءِ کوڙ ھئي. ان ڏينھن ھيءَ رياست ڪٿي ھئي جڏھن منھنجو ٽن ورھين جو پٽ حسن مون کان رڳو ڪجهہ سؤ وال پري رت ۾ وھتو ھڪ سرجن جي ميز تي حياتيءَ جا آخري ساھہ کڻي رھيو ھو ۽ منھنجا گهر ڀاتي ھن ملڪ جي ”خدا“ ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجنس کان وٺي ڊائريڪٽر ملٽري انٽيليجنس، ايڊجوٽنٽ جنرل ۽ اسلام جي سڀني قلعن جا دورازا رڳو ان ڪري کڙڪائي رھيا ھئا، تہ ڦاھيءَ جي چائنٺ ڏانھن وڌندڙ پيءُ جي موت جي چائنٺ تي پھتل پٽ سان آخري ملاقات ڪرائي وڃي. اھا ملاقات منھنجي لاءِ تہ قطعي ضروري نہ ھئي، جو منھنجي لاءِ اھو حسن وسيلي حسين سان وَچن پاڙڻ جي نئين سر قبوليءَ جو ھڪ سھڻو وجهہ ھو، اھا ملاقات تہ رڳو انھن ٻارن ۽ عورتن جي آٿت جو ڪارڻ ٿئي ھا جيڪي ان ٽن ورھين جي شھيد چوڌاري گڏ ٿيا ھئا، پر جهانگير جي محل جون گهنڊڻيون نہ وڳيون. اھي دروازا جيڪي تصديق ٿيل زناڪارن، ھن قوم جي لڄ ۽ لوئيءَ جي شڪارين ۽ گهرن جي چار ديوارين کي کاٽ ھڻندڙن لاءِ ڏينھن رات کليا رھندا ھئا، نہ رڳو ان عورت لاءِ بند رکيا ويا پر ڪيتريون ئي رابعائون ۽ مريَمُون جن کي ”نازين“ جنوري 1984ع جي دھشتناڪ راتين ۾ يرغمال ڪيو ھو، اسلام جي قلعن جي انھن تالابندين جو شڪار ٿيون.( 6)
ڇا ھِن رياست ۽ ان ۾ نافذ ھن نظام جي نالي تي، جنھن کي ان جو علمبردار ضياءُ بذات خود ھڪ لعنت سڏي ٿو، توھان اڃا بہ مون کي انھن ٻن ڌارين خلاف ڪنڌ جهڪائڻ جو حڪم ڏيڻ پسند ڪندؤ؟
عدالت جا صاحبو! مون کي اھو سڀ ڪجهہ سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ ۾ مدد ڏيو، آءٌ ”شين جي ڄاڻ“ ۾ اڃا بہ ڏاڍو ڄَٽ ۽ چَٽ آھيان.
7) رياستي ڀاڙي ۽ مسواڙ تي آندل ٻي صفائي-وڪيل پنھنجي غير اخلاقي ۽ غير قانوني حيثيت جو سبب مون کي اهو ”لالي پاپ“ (کٽمٺڙو) ڏئي ڪيو، تہ ھو منھنجو بچاءُ ايئن ڪندو جيئن ڪو پيءُ پنھنجي پٽ جو ڪري سگهي ٿو. بيشڪ ھيءَ ”گاڊ فادرز“جي مند آھي،( 7 ) ڪو انھن تي ڀروسو رکي يا نہ، سندن مقدس، الھامي ۽ خدائي درجا ۽ مرتبا پنھنجي جاءِ تي ھڪ اٽل حقيقت آھن. خدايا! ھنن وڻ ويڙھين ھنن باغن ۾ ڪو ھڪ وڻ بہ تہ سائو ستابو رھڻ نہ ڏنو آھي!
7) اھا صورتحال آڏو رکندي، آءٌ ھن معاملي ۾ ”عدالت“ پاران مدد ۽ ”ملم پٽيءَ“ جي وينتي ڪريان ٿو. اھي صفائي-وڪيل جيڪي ڪڏھن بہ شھري آزادين جا چيمپئن نہ رھيا آھن، پنھنجي ڌنڌي جي اخلاقي قدرن کان کليل انحرافي ڪندي پنھنجن مفادن لاءِ اھا ”مورچي بندي“ ڪري رکي آھي ــــ ان کان بہ گهڻو وڌيڪ، اھي ھڪ ستايل ماڻھوءَ جي احساسن جي بدترين بي عزتي ڪندڙ ٿيا آھن. جن حالتن مان لنگهي آءٌ ھن عدالت جي بند ڪمري تائين پھتو آھيان، اھي ھر ماپي موجب ڏاڍا غيرمعمولي ھئا. انھن وڪيلن جو ”چـمـڙن“(8) جيان منھنجي مٿان زوري مڙھيو رھڻ، نہ رڳو منھنجن ڦٽن جِي بي عزتيءَ پر انھن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آھي.
آءٌ اوھان کان انصاف ۽ انساني حقن جي نالي تي انھن کي ھڪدم ڊِسمس ڪرڻ جو مطالبو ڪيان ٿو، تہ متان، ان سلسلي ۾ توھان کي ڪجهہ خدشن گهيري ۾ رکيو ھجي. آءٌ ھن موقعي تي اھو بہ عھد ڪريان ٿو تہ صفائي-وڪيل جي اڻ موجودي ۾ بہ جيڪا سزا توھان تجويز ڪندا، آءٌ ان کي عزت ۽ مانَ سان قبول ڪندس. ان معاملي ۾ مون کي ڪو بہ پڇتاءُ نہ ٿيندو، ڇو تہ آخري ڇنڊڇاڻ مطابق منھنجي دل ۽ روح جو پھريون ناتو اڃا بہ ”يونيفارم“ سان آھي، باقي سڀ ناتا پوءِ آھن.

اٽڪ قلعو ميجر آفتاب احمد
19-مارچ 1985ع (وڏو تھمت-لڳل)

(نوٽ منھنجيءَ ھن درخواست باوجود، اھي وڪيل منھنجي نالي تي ڪيس وڙھندا رھيا جن سان مون ڪڏھن ڀلجي بہ، لفظ بہ نہ ڳالھايو.)

_________
( 1) مسٽر عباسيءَ کي هنن انھن ڏينھنِ ۾ پنجاب ۾ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل جو عھدو ڏنو ويو جنھن لاءِ کيس ترت ئي وڃڻو پيو. شھري آزادين جو تصور ته هاڻي هن ملڪ ۾ هڪ خواب، ڌوڪو ٿي پيو آهي.
(2 ) پوءِ جڏهن مون اهو موقف ورتو ته جيڪڏهن سرڪار کي واقعي سرڪاري وڪيل مون مٿان زوريءَ مڙهڻو آهي، ته پوءِ ڪو غير جانبدار ۽ شھري آزادين جي حقن جي سلسلي ۾ ڪنھن ڄاتل سڃاتل ماڻھوءَ کي مقرر ڪري. ان درخواست ۾ مون پنھنجي ڀيٽ سک فضائي قذاقن (يا حريت پسندن؟) سان ڪئي هئي، جن کي انتھائي وڏن وڪيلن جو پئنل سرڪار پاران مھيا ڪيو ويو هو. بھرحال، منھنجي اها درخواست مقبوضه پنجاب جي گورنر رد ڪري ڇڏي.
(3 ) قرارداد مقاصد کي انھن ئي ڏينھنِ ۾ آئين جو حصو ٺاهيو ويو هو.
( 4) سمري آف ايوِيڊنس (ثبوت طور مھيا ڪيل حقيقتن جو تت) ۽ ايس آءِ بي پاران جاچ پڇا ۽ قيد ٻنهي معاملن بابت اسان جِي ايڇ قيو (جنرل هيڊقئارٽرز) کي پنھنجن حڪمن جون فوٽو ڪاپيون مھيا ڪيون، پر ان هوندي به پاڪستان جا فاتح جنرل انھن جي وجود کان انڪار ڪندا رهيا.
( 5) مون کي پڪ آهي ته جيڪڏهن اسان جو جِي ايڇ قيو ايترو ڌيان ۽ قوت ڀارت تي ڪنھن هڪ جنگ ۾ ئي ڏي ها ته گهٽ ۾ گهٽ بياس نديءَ جي ڪنارن تائين ضرور پھچي ها.
( 6) رابعه طاهر ۽ مريم عابد اسان جون ٻه مظلوم ڀينرون، جن مان پھرينءَ کي ڏيڍ سال ۽ ٻيءَ کي ڇهه مھينا قلعن ۽ جيلن ۾ يرغمال طور رکڻ کان پوءِ ماٺ مٺيءَ ۾ ڇڏيو ويو.
(7 ) جنرل ضياءَ انھن ئي ڏينھنِ ۾ پنھنجيءَ زبان سان، پنھنجيءَ قوم لاءِ، پنھنجي گاڊ فادر (God Father) هئڻ جو اعلان ڪيو هو. اهو شايد سندس نئين ’آئيني پوڪر‘ جي نسبت سان هو.
( 8) زباني چيل هي لفظ مون مارشل لا ۽ ”ذاتي مجبورين“ جو شڪار وڪيلن جي دل ڏکائڻ جِي تلافيءَ طور پاڻ ئي موٽائي ورتا. عدالت جي صدر به، جيڪو ذاتي طرح پاڻ شريف ماڻھو هو، مون کي ايئن ڪرڻ لاءِ چيو.