لطيفيات

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات

ھي ڪتاب ڊاڪٽر شير مھراڻي جي 2012ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز جي مقالي تي مشتمل آھي، جنھن جو نگران ڊاڪٽر غفور ميمڻ ھيو. ھن مقالي ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ سونھن جي سموري تاريخ تي انتھائي برجستي انداز سان قلم کنيو آھي. ھن جماليات جي اوسر، تاريخ، مذھبن ۾ جماليات جي تصور، جماليات جي مختلف قسمن، جديد فلسفي ۾ جماليات جي تصور، تصوف ۾ جماليات جي تصور ۽ ڀٽائيءَ وٽ جماليات جي تصور ۽ شاھ جي رسالي جي مختلف سُرن ۾ جماليات جي تصور تي عالماڻي انداز سان لکيو آھي.

Title Cover of book AESTHETICISM IN THE POETRY OF SHAH LATIF

سر سسئي آبري

سر سسئي آبري ۾ شاه صاحب سسئي پنھونءَ جي عشق جي داستان کي تمثيلي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. هن سر ۾ گهڻو ڪري سسئي جي ڪوششن ۽ جدوجهد کي بيان ڪيو ۽ ساراهيو ويو آهي. غلام محمد شاهواڻي صاحب سر سسئي آبري بابت لکي ٿو،
“هن نالي سان ڪابہ راڳڻي، هندستاني موسيقيءَ ۾ڪانھي، هن سر جو نالو مضمون موافق رکيو ويو آهي. جنھن صورت ۾ هن سر ۾ سسئي جي اڀرائي جو ذڪر ٿيل آهي، تنھن صورت ۾ مٿس عنوان ئي آبري (اڀري) رکيو اٿن.”
جڏهن تہ ڪلياڻ آڏواڻي صاحب پڻ لڳ ڀڳ ساڳي ڳالھہ ڪري ٿو،
“آبري لفظ “اڀري” (ڪمزور يا ناتوان) جي مٽيل صورت آهي. هن سر ۾ سسئي جي ضعيفائي جو ذڪر آيل آهي. انھي ڪري ئي هن سر کي اهو نالو ڏنو ويو آهي.”
يعني سر سسئي آبري سسئي جي ڪمزوري کي نشانبر ڪندڙ سر آهي، پر اصل ۾ سر سسئي پنھونءَ جي محبت جي اڳيان تہ ڪمزور آهي، پر هن نحيف عورت جھڙي ريت همت جو مظاهرو ڪندي جبل جهاڳيا آهن، شاه صاحب سندس همت کي داد ڏيندو نظر اچي ٿو. (آڏو ٽڪر ٽر، متان روھ رتيون ٿئين).
همت ۽ جدوجھد سان گڏ هن سر ۾ جمال ۽ سونھن جو پڻ مختلف نموني سان اظھار ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ تہ سسئي جي جدوجھد جو مرڪز پنھون جي محبت آهي، ۽ اها محبت پنھونءَ جي “جمال جي جاجهہ” ئي آهي، جنھن مان چڪي چکي سسئي عشق جا ساگر ٿي اڪري. شاه صاحب فرمائي ٿو،

پَسِي جهاجه جَمال جِي، جنِين پِيتِي پِڪَ؛
اَپَرِ اَڳانجهو ٿيو، سُورُ اُنِين کي سِڪَ؛
هڏِ نہ ڀَڳِيَنِ هڪَ، سَدا سائِـرَ سِيرَ ۾.
(سسئي آبري)1:2

“جن پرينءَ جي حسن جو اٿاه ساگر ڏسي ان مان سرڪي پيتي، تن کي بيحد سوذ ۽ سڪ اچي ورتو. اهي هميشہ ساگر جي سير ۾ آهن. تہ بہ هرگز اساٽ نٿي لھين.”

سَدا سائِرَ سِيرَ ۾، اَندرِ لھي نہ اُڃَ؛
پَسَڻُ جو پِرينءَ جو، سا سَڀائِي سُڃَ؛
تيلان مَرَنِ اُڃَ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
(سسئي آبري)1:5

شاه صاحب نہ صرف شاعر آهي بلڪہ هو اهڙو ڏاهو ۽ سونھون آهي جيڪو قدم قدم تي پنھنجن ڪردارن کي خبردار ڪندو رهي ٿو. پر اهو خبرادر ڪرڻ ايڏي تہ خوبصورت ۽ بياني انداز ۾ آهي جو لنو لنو ڪانڊرجي ٿي وڃي.

پاڻِيءَ مَٿي جهوپڙا، مُورکَ اُڃَ مَرَنِ؛
ساهان اوڏو سُپَرِين، لوچي تان نہ لھن؛
دَمُ نہ سُڃاڻَنِ، دانھون ڪن مُٺَنِ جئن.
(سسئي آبري)1:7
ويہُ مَ مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، هاڙهي هڏِ مَ هلُ؛
ڪُوڙِي ڪَجِ مَ ڪڏهين، سَچِي ڳالھ مَ سَلُ؛
جانِبَ لءِ مَ جَلُ، سُورَ وِسارِ مَ سَسُئِي!
(سسئي آبري)1:11

سُکين ٿِيُ مَ سَنَرِي، پَسِي ڏُکَ مَ ڏَرُ؛
پَٽي ڪَر مَ پانھنجو، گهورِي! اَڏِ مَ گهرُ؛
(سسئي آبري)1:12

هتان کَڻِي هتِ، جن رَکِيو، سي رَسِيُون؛
ساجَنُ سُونھن سُرتِ، وِکان ئِي ويجهو گهڻو.
(سسئي آبري)2:2
سر سسئي آبري ۾ شاھ صاحب سسئي جي جهنگلن ۽ جبلن مان ڪيل پنڌ جي تمام خوبصورت منظر ڪشي ڪئي آهي. جهنگلن ۽ جبلن مان سسئي جهاڳيندي بہ وڃي ٿي تہ پنھنجي پبھوءَ کي پڪاريندي بہ وڃي ٿي.

وَڏا وَڻَ وَڻِڪارِ جا، جِتِ نانگَ سُڄَنِ نِيلا؛
اُتي عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، ڪيا هيڪِلِيُنِ حِيلا؛
جِتِ ڪُڙِمَ نہ قَبِيلا، اُتِ رَسجِ، رَهبَرَ! راہَ ۾.
(سسئي آبري)2:5

ويچارِيءَ وَڻِڪارُ، اَڳُ نہ ڏِٺو ڪڏهين؛
مھر نہ هئِي ماڙُهين، هو سَڀُ هندُوڪارُ؛
جَتُ ڪيائِين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون!
(سسئي آبري)2:6
وري شاھ صاحب پاڻ ئي کيس چوي پيو تہ تون وڻڪار ڇو پئي وڃين تون پنھنجي ئي پر ۽ پيڪر ۾ پنھوءَ کي ڇو نہ ٿي ڳولين؟ هتي شاھ صاحب صوفياڻي جمال جي ڳالھ ڪري ٿو.
وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نہ ڳولئِين هوتَ کي؛
لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئي، ٻاروچو ٻِئي پار؛
ٿِيءُ سَتِي، ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنھونءَ سين پارِ؛
نانئَي نيڻَ نھارِ، تو ۾ ديرو دوستَ جو.
(سسئي آبري)3:7
هن سر ۾ وڏن وڻن ۽ وڻڪار جو ذڪر فطري سونھن جي طفيل آهي. پر فطري سونھن کي هن سر ۾ مرڪزي حيثيت ناهي. وڻن جو ذڪر صرف منظر نگاري طور آيو آهي. ڇاڪاڻ تہ چادر ۽ چوديواري ۾ رهندڙ عورت ڪڏهن وڻڪار نہ ڏٺو هو. (ويچاري وڻڪار اڳ نہ ڏٺو ڪڏهين). هن سر جي مرڪزي سونھن سسئي جو عشق، سڪ ۽ پنھنجي پرينءَ کي ماڻڻ لاءِ ڪيل سندس جدوجھد آهي.
مَتان، مُٺِي! ڇَڏِئِين، پاڻان پِرِيتِڻَو؛
کَٿُورِيءَ ڪَڻو، مَڙهي مَڙهجِ مُنھن ۾.
(سسئي آبري)3:11
“اي مُٺي متان محبت کي پاڻ کان الڳ ڪري ڇڏين. اهو مُشڪ جو ذرو پنھنجي منھن تي مهٽي لڳائج.”
ڇُلان، مَنجهمِ نہ ڇاڪَ، پُران، پَوَنِمِ پُرِڪَڻا؛
مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري، موٽَڻَ جِي مَزاڪَ؛
چِتُ سَندو مُون چاڪَ، هاڙهي هڏِ هڻِي ڪيو.
(سسئي آبري)4:11

“تڪليفن ۽ ڏکن ڏاکڙن جو اثر انسان تي لازمي پوي ٿو. ڪنھن تي ٿورو ڪنھن تي گهڻو. سور کان دانھن نڪري وڃي تہ بہ ممڪن آهي... جدوجھد سسئي لاءِ هڪ مسلسل عمل آهي. پرزا ٿئي تہ بہ پرواه نہ ڪري. محبت ۽ مجاز هن ۾ هڪڙي قوت پيدا ڪئي.”
پر اصل ۾ سسئي جي جدوجھد ان وقت انتھائي معنيٰ خيز ٿي وڃي ٿي جڏهن هوءَ پنھونءَ جو پرتوو پاڻ ۾ محسوس ٿي ڪري، يعني هوءَ پنھنجي پاڻ کي پنھنجي محبوب ۾ ضم ڪري “يڪ وجود” ٿي وڃي ٿي.
پُنھون ٿِـيَسِ پاڻھين، ويئِي سَسُئِيءَ جي سُونھن؛
خَلَقَ آدَمَ عَليٰ صُوۡرَتِہٖ، اِئن وَڻَنِ مَنجه وِرُونہَ؛
چَرِي مَنجھان چُونہَ، کَڻِي هوتَ هنجِ ڪيو.
(سسئي آبري)5:4

ويئِي سُونھن سَسُئِيءَ جِي، پُنھون ٿِـيَس پاڻَ؛
سَڀِنِ جِي سَيَّدُ چئي، آهي اُتِ اُماڻَ؛
ڀَنڀورَ جا ڀاڻَ، آڏا عَجِيبَنِ کي.
(سسئي آبري)5:5
سسئي جي سونھن ختم ٿي وئي ( هن ظاهري توڙي باطني تور پاڻ کي پنھونءَ سان منسوب ڪري ڇڏيو آهي) هاڻي هو پاڻ پنھون آهي، بلڪل “ پنھون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا” جي مصداق.
هوتُ تُنھنجي هنجَ ۾، پُڇين ڪُوہُ پَرِياڻُ؟
وَنَـحۡنُ اَقۡرَبُ اِلَيۡہِ مِنۡ حَبۡلِ الۡوَرِيۡدِ، تُنھنجو توهين ساڻُ؛
پنھنجو آهي پاڻُ، آڏو عَجِيبَنِ کي.
(سسئي آبري)5:9

ووڙِيَمِ سَڀ وَٿاڻَ، يارَ ڪارَڻِ جتَ جي؛
اَللهُ بِڪُلِّ شَيۡءٍ مُحِيۡطُ، اِي آرِياڻيءَ اُهڃاڻَ؛
سَڀَ ۾ پُنھون پاڻَ، ڪِينھي ٻيو ٻَروچَ ري.
(سسئي آبري)5:10
انتھائي ڪوششن کانپوءَ انسان ۾ هڪ اهڙي منزل اچي ٿي جو هو اٿندي ويھندي ان کي ڏسي ٿو جنھن کي چاهي ٿو. “ بي سڪوني، اضطراب ۽ ڪرب جا هڃاڻ طلب جي شدت جا قائم مقام آهن. جنھن جي چوڌاري انسان جو عظيم تر، معتبر هيجان_تڪميل جو هيجان_گردش ڪري ٿو. اهو شعري ۽ لا شعوري ٻنھي سطحن تي گردش پذير رهي ٿو. ماڻھو جڏهن پنھنجي منتخب نصب العين ڏانھن ان جو رخ موڙي ٿو تہ هن جا خواب، خيال، جذبا ۽ منصوبا_هن جي پوري وجودي ڪليت ان ترجيح لاءِ وقف ٿي وڃي ٿي. هو ننڊ ۾ بہ ان جي ئي حاصلات جا خواب لھي ٿو.” اهڙي ريت هو پوري طرح ڄڻ تہ پنھنجي مقصد يا گهربل مفھوم ۽ منزل ۾ پيھجي ۽ پيڙجي هڪ ٿي وڃي ٿو. ۽ پنھنجي پاڻ مان ئي آواز اچي ٿو، “ وڃين ڇو وڻڪار هت نہ ڳولين هوت کي.”
پر اهو سڄو منظر نامو صرف ان وقت ممڪن آهي، جڏهن چاهت عشق جو روپ وٺي ۽ ان عشق جو درد دارون سان نہ لھي.
دَرِدُ نہ لھي دارُوئين، زُلِفَ زورُ ڏِنومِ؛
ڪاڪُلُ ڪالَ ڏِٺومِ، رُخساري تي رُوپَ سين.
(سسئي آبري)6:2

ڪاڪُلَ ڪُٺِي جا، ڪَفَنُ تنھن ڪِينَ ٿئي؛
مَنجه شھادَتَ سان، لُڏي ۽ لاڏَ ڪري.
(سسئي آبري)6:3
جڏهن عشق پنھنجي پوري آب تاب سان حاوي ٿي وڃي ٿو تہ انسان ظاهري سونھن کان بي نياز ٿي محبوب ڏانھن ڪاهي پوي ٿو، نہ تہ ڪٿي سسئي جا ڪپھہ ۽ پٽ کان ڪئنرا ۽ ناز ڪ پير ڪٿي پھاڙن جا پنڌ!
پَير پَٽانـئِي ڪُنۡئَرا، ڏُونگَـرَ مَٿي ڏي؛
ڦَٽِيا ڦَڻَ فَقِيرِ جا، سيرُون ٿِـيَڙا سي؛
جھڙي تھڙي حال سين، پُري پُنھونءَ ڏي؛
وَڃي، مانَ وَري، ٻانھيءَ ٻَنڌَڻُ جنھن سين.
(سسئي آبري)6:5
شاه صاحب صرف سسئي جي عشق ۽ جدوجھد جي ڳالھ نہ ٿو ڪري، پر شاه صاحب سسئي جي سونھن جو ذڪر پڻ ڪري ٿو، سندس اهو چوڻ تہ “پَير پَٽانـئِي ڪُنۡئَرا” سسئي جي نفاست ۽ نزاڪت جو تمام وڏو دليل آهي. عورت ذات هونئن ئي نفيس ٿئي ٿي، پر شاه صاحب جون سورميون تہ هيڪاري حسن، سونھن، نفاست ۽ نزاڪت ۾ ڇيھ آهن. ۽ کين وک وک تي ان سونھن جو احساس بہ آهي. پر هو ان سونھن کي عشق جي اڳيان بي معنيٰ سمجهنديون پنھنجي پرين ڏانھن ڪاهينديون ٿيو وڃن.
اَوَجهڙ اَسُونھن، ڏيہُ گهڻو ئيِ ڏورِيو؛
سَڳَر رءَ سُونھن، پھتي ڪانہ پَنڌُ ڪَري.
(سسئي آبري)9:2

دوسِتُ ڏِٺائِين دِلِ سين، وِرچِي تان نہ وِهي؛
لانچي لَڪَ، لَطِيفُ چئي، پھڻنِ مَنجه پھي؛
سَندي نِينھن نھي، ڪِي سَرفِرازُ سَسُئِي.
(سسئي آبري)9:8

پاڻ ارپڻ جو اهڙو عظيم مثال شايد ئي ڪٿي ملي، ڇاڪاڻ تہ شاه صاحب چوي ٿو تہ هن (سسئي) پنھنجي دل سان دوست (پنھوءَ) کي ڏٺو آهي، هاڻي ان پرينءَ ريءَ ويھڻ سندس وڙ ئي ناهي. هوءَ بيخود ٿي پنھوءَ کي پڪاري چوي ٿي.

آءُ اوراهُون، سُپِرِين! پَري وَڃُ ۾ پِيَّ!
موٽُ، مَرَندِيَسِ ڇَپَرين، تُون جِيارو جِيَّ؛
هوتَ! مَ ڇَڏِجِ هِيَّ، پُنھون! پِيادِي پَنڌَ ۾.
(سسئي آبري)10:1
سسئي جا سڪ ڀريا سڏ ۽ انھن سڏن کي ڏنل شاه صاحب جو عظيم اظھار پڙهندڙ توڙي ٻڌندڙ جي هنيانو ۾ هٿ ٿو وجهي. “موٽُ، مَرَندِيَسِ ڇَپَرين” درد جي اونھائي جي آخري شڪل محسوس ٿو ٿئي. جتي درد جمال ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.
ناہِ جَمِعيّتَ جانِ کي، هوتَ پُڄاڻا هتِ؛
پُنھونءَ جي پِرِتِ، ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
(سسئي آبري)10:5

ڇاڪاڻ تہ سسئي پنھوءَ جي عشق ۾ ايتري ٻڏي چڪي هئي جو کيس پنھونءَ کانسواءِ آرام ئي نٿي آيو. کيس پنھونءَ جي ان عميق پريت ئي تہ سڪ جو اصل مفھوم سمجهايو آهي.
عشق جي جمال جو اهڙو اجهل اظھار ڀٽائيءَ کي منفرد بڻائي ٿو. عورت جو عشق ڪرڻ ۽ ان جو وري برملا اظھار اسانجي معاشري ۾ اڄ سوڌو قبول نہ ٿو ڪيو وڃي پر ڇاڪاڻ تہ شاه صاحب جي سامھون عورت ۽ مرد جي وچ۾ جنس جي بنياد تي ڪوبہ فرق نہ هو. انڪري هن گهڻو ڪري عورت کي ئي عاشق جي روپ ۾ رکيو آهي. نہ تہ دنيا جي ادب توڙي شاعري ۾ عورت محبوب رهي آهي. پر شاه صاحب عورت کي عاشق ڄاڻائي، سندس نفيس جذبن جو جھڙو برملا اظھار ڪيو آهي اهو سندس ئي ڪمال آهي. نہ تہ اڄ کان ٽي سو سال اڳ اهڙو اظھار ڪيڏو نہ ڏکيو هوندو. پر شاه صاحب اهڙو اظھار ڪري عورت کي وڌيڪ مانائتو ۽ معتبر بڻائي ڇڏيو آهي. اهوئي شاه جي شاعري جو جمال آهي.

اَکِيُون آرِيءَ ڄامَ جون، اَنڌِيءَ سين آهينِ؛
هُو جي وَڻَ وِندُرَ جا، سي مُون سُونھائِينِ؛
ڏِسِيو ڏيکارِينِ، پيشانِي پُنھونءَ جِي.
(سسئي آبري)11:5

مجموعي طور سر سسئي آبري هڪ ڪمزور ۽ نحيف عورت جي عشق، سڪ ۽ جدوجھد جو سر آهي. پر جيئن تہ عشق ۽ حسن هڪ ٻئي سان لازم ۽ ملزوم آهن. (هتي عشق بہ هڪ عورت جو آهي) انڪري هن سر ۾ شاه صاحب سونھن جو پڻ زورائتو اظھار ڪيو آهي. هن سر ۾ شاه صاحب هڪ پاسي ڪاڪلن، رخسارن، اکين، پيشاني ۽ ڪنئورن پيرن جو ذڪر ڪري جسماني جمال کي بيان ڪيو آهي تہ ٻي پاسي درد، سوز، سڪ ۽ کٿوري جي ڳالھ ڪري درد توڙي رومانوي جمال کي چٽيو آهي. جڏهن تہ وڏن وڻن، وڻڪار، پاڻي ۽ جهوپڙن جو ذڪر فطري جمال کي اڀاري ٿو.