لطيفيات

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات

ھي ڪتاب ڊاڪٽر شير مھراڻي جي 2012ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز جي مقالي تي مشتمل آھي، جنھن جو نگران ڊاڪٽر غفور ميمڻ ھيو. ھن مقالي ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ سونھن جي سموري تاريخ تي انتھائي برجستي انداز سان قلم کنيو آھي. ھن جماليات جي اوسر، تاريخ، مذھبن ۾ جماليات جي تصور، جماليات جي مختلف قسمن، جديد فلسفي ۾ جماليات جي تصور، تصوف ۾ جماليات جي تصور ۽ ڀٽائيءَ وٽ جماليات جي تصور ۽ شاھ جي رسالي جي مختلف سُرن ۾ جماليات جي تصور تي عالماڻي انداز سان لکيو آھي.

Title Cover of book AESTHETICISM IN THE POETRY OF SHAH LATIF

سر مومل راڻو

سر مومل راڻي جي نالي سان ڪابہ هندستاني راڳڻي ڪانھي. هن سُر تي اهو نالو سُر جي مضمون جي مناسبت سان رکيو ويو آهي.
سر مومل راڻو مومل، سومل ۽ ڪاڪ محل جي سونھن جو سر آهي.
“هن عشقيہ داستان کي هر دور ۾ اهميت رهي آهي. هن قصي ۾ شاعرن ۽ سگهڙن، حسن ۽ عشق جي عشوہ ترازي، عشوہ سازي ناز و ادا، فراق، ڦوڙائي انتظار ۽ اوسيئري جي روين جي جيڪا چتيرڪاري ۽ رنگ آميزي ڪئي آهي. ان جو مثال دنيا جي ادب ۾ شازونادر ملندو... (پر هن) عشقيہ داستان جي تاڃي پيٽي ۾ (شاه صاحب) حسن ۽ هڳاءَ جا جيڪي گل ٽاڪيا آهن انھن جو ڪاٿو نٿو ڪري سگهجي... دنيا جي هن مھان شاعر مومل راڻي جي عشقيہ داستان جي فڪري روين، معنوي حقيقتن، حسن جي رعناين، فراق ۽ وصال جي لاهين چاريھن ۾ جيڪا حسن ڪاري ۽ محبت جي لوچ پوچ بيان ڪئي آهي، انجي ڪڙائي ۽ مٺائي سان فراق ۽ وصال جي احساس، انتظار ۽ اوسيئري جو جيڪو احوال اوريو ۽ چٽ چٽيا آهن، ادب جي تاريخ ۾ وڏي اهميت ۽ ماڻ وارا آهن.”
سر مومل راڻو حسن ۽ سونھن جي اها ڌارا آهي، جنھن ۾ جمال جا ڪيترائي جلوہ تجلا ڏيندا نظر ٿا اچن. محمد حسين ڪاشف پنھنجي ڪتاب “لطيفي فڪر ۽ سرن جي ساڃاھ” ۾ سر مومل راڻي بابت لکي ٿو.
“لطيف جو سر مومل راڻو ڪيترين ئي ڳاليھن جو محور ۽ مرڪز آهي. جنھن ۾ هر نڪتو جدا بيان ۽ وچور جو گهرجائو آهي. ڪھڙن جو ذڪر ڪري ڪھڙن جو ذڪر ڪجي. هتي موتين جي کاڻ جرڪندر آهي. ان جي حسن ۽ هڳاءَ ۾ سڀ شيون جهڪيون پيون لڳن. پر هڪڙي ڳالھہ جنھن راڻي کي موهيو ۽ محبت جي ميخ هنئي، اها هن سر جي جان آهي. اهو آهي “حسن”. مومل جو حسن، ڪاڪ جو حسن، موم جي ڀيڻ ۽ ساهيڙين جو حسن، جيڪي ڏور پٽائين وٽ جي، ليمي لام پئي لڏيون، ڪائنات جو حسن، زندگيءَ جو حسن، جيڪو هن سر جي لفظ لفظ ۽ بند بند ۾ روان ۽ موجزن آهي... لطيف حسن جي ڪيفيت کي بيان ڪيو آهي، ان کي هن انساني زندگي۽ وجود سان هم آهنگ ڪري دائميت بخشي آهي.”
جنھن تڙ ڌوڙيون ڌوئن، چوٽا چندن چڪ ڪيو
اچن ڀوئنر ڀنڀوليا، پاڻي تنھن پون
راول رت روئن، ڪو وھ لڳو واسئين.

جنھن پاڻيءَ/تڙ/تلاءَ ۾ سفيد رنگ جون حسين ناريون پنھنجا وڏا وار ڌوئن ٿيون. اهو پاڻي سندن وارن جي خوشبوءِ سان ايڏو تہ معطر ٿي ٿو وڃي جو ڀوئنر ڀلجي ان پاڻيءَ اچي ٿا ڪرن. ڪيڏي نہ حسين منظر نگاري آهي مومل ۽ سندس سھيلين جي تلاءَ تي تڙ ڪرڻ (وهنجڻ) واري منظر جي!. سونھن ۽ حسن جي ايڏي سگهاري عڪاسي شاه صاحب ئي ممڪن بڻائي سگهيو آهي. سونھن جو اهو لافاني اهو منظر ڪٿي جو آهي؟ ان لاءِ بدر ابڙو پنھنجي هڪ مضمون“قدم ڪاپڙين جا” ۾ لکي ٿو:
“ڪجلا سر بابت مشھور آهي تہ ان تلاءَ تي نوجوان ڇوڪريون صبح سوير اچي هٿ منھن ڌوئنديون هيون. ڇاڪاڻ تہ اکين ۾ گهڻو ڪجل وجهنديون هيون. تنھن ڪري تلاءَ جو پاڻي ڪارو ٿي ويندو هو. ان ڪري تلاءَ جو نالو ئي ڪجلا سر پئجي ويو.”

هن سر ۾ راڻي ۽ مومل جي عشق جي ڪٿا بيان ڪيل آهي. جيڪا انتھائي دلفريب آهي.
ڪالَھه گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، جھڙو ماهُ مُنِيرُ؛
فَيضُ، فِراقُ فَقِيرُ، جوڳِي جاڳائي وِيو.
(مومل راڻو)1:2


ڪالَھ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پھر سِجَ کان پوءِ؛
پَسو سُونھن ساميءَ جي، رَتَ وَرنو روءِ؛
جو مُنھن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ تَنھن مَسَ ٿِئي.
(مومل راڻو)1:3
سر مومل راڻو مومل ۽ ڪاڪ جي سونھن جو آئينو آهي. مومل ۽ ڪاڪ جي جمال جو اهو حال هو جنھن بہ انھن کي ڏٺو ٿي اهو پنھنجي آپي مان نڪري بي خود ٿي بڻيو. بي خود بہ اهڙو جو ڪاڪ جون ڳالھيون بہ نہ ٿي ڪري سگهيو. هن ڪاڪ محل ۾ جيڪو جمال ڏٺو اهو بيان ئي نٿي ڪري سگهيو، ٿورو ڪجهہ ڳالھائڻ جي ڪيائين ٿي تہ سندس اکين مين لڙڪن جا مينھن ٿي وسڻ لڳا.

بيکارِيءَ کي بَرَ ۾، وِيو ڪَيفُ چَڙهِي؛
ڳالھيون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙها پِيَسِ ڳَڙِي؛
ڪا جا اَنگُ اَڙِي، جِئَن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙِي پِيا.
(مومل راڻو)1:5

آءُ لانگوٽيا لال، ڪنھن پر ڏٺئه گجريون
آب ارتو اکئين لڙڪ وهائين لال
ڏٺئہ جي جمال، سو سامي ڪنھن نہ سلئين
(مومل راڻو)2:1
جوڳي جيڪو ڪوئي شھزادو ئي ٿي لڳو، پر مومل ۽ ڪاڪ جي سونھن هٿان گهائجي جوڳي بڻيو هو؛ شاھ صاحب سندس تصوير ڪشي هن طرح ٿو ڪري.

جوڳيءَ تي جڙاءُ نسوروئي نينھن جو،
پتنگ جيئن پيدا ٿئو سامي سج وڙاءُ
آيو ڪاڪ تڙاءُ ڪنوارين ڪڪوريو.
(مومل راڻو)1:7

شاھ صاحب چوي پيو تہ مومل جي اکين ۾ ڪي تکيون ڪھاڙين هيون، جنھن انھن ڪھاڙين جي ڪيفدار وارن سان ڪيئي حاڪم لٽي ڦري ماري ڇڏيا. مومل ويچارن انھن پرڏيھين جي قبرن جون قطارون ڪاڪ جي ڪنڌيءَ تي جوڙائي ڇڏيون.

گُجَرِ کي گَجميلَ جُون، تارَنِ ۾ تَبَرُون؛
هڻي حاڪِمِيَنِ کي، زورَ ڀَريُون زَبَرُون؛
ڪاڪِ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پسو پَرَڏيھينِ جُون.
(مومل راڻو)2:2
پر اها ڳالھہ بہ غور طلب آهي تہ مومل ڪنھن عام ماڻھوءَ کي نٿي ڦريو لٽيو. هن جي حسن جي حاڪ جا شڪاربادشاه، مير، پير، عالم ۽ عملدار پئي بڻيا.
مُومَلَ ماري مِيرَ، آهيڙِيُنِ کي آڪَري؛
سوڍِيءَ گهڻا سَڪائِيا، پَڙهِيا پَڻِتَ پِيرَ؛
هَڻي تِنِ کي تِيرَ، مَڻِيو جن مَٿَنِ ۾.
(مومل راڻو)2:4
“مومل ايتري تہ حسين آهي جو سندس حسن ڪيترائي مير ماري وڌا آهن. ڪيترائي پڙهيل پنڊت، پير فقير سندس ديدار لاءِ سڪندا رهن ٿا.”
پر مومل جي ان طلسمي محل جا تاڪ ان وقت ٽٽا جڏهن راڻي جي محبت جو تير سندس دل ۾ کپي ويو. “گُجَرِ گهڻا گهائِيا، پاڻا لَڳُسِ گهاءُ” ۽ پوءِ هوءَ حسن ۽ سونھن جي ملڪه مومل پنھنجي ئي دل هٿان مجبور ٿي پئي. ڪاڪ محل جي جن باغن ۾ ڀوئنر بہ نٿي آيا اتي راڻي جو اٺ ڇيڪ پيو چندن جا گل چرندو هو.

آکُون، ڊاکُون، سِرَکَنڊَ شاخُون، جِتِ چَوکا چَندَنَ ڪَؤنرَ؛
مَيي سيئِي ماڻِيا، جِتِ نہ ڀِرَنِ ڀَؤنرَ؛
ڪُنوارِيُون ۽ ڪَؤنرَ، ڪاهِ تہ پَسُون ڪاڪِ جا.
(مومل راڻو)2:9
مومل جي سونھن ۽ سندس سھڻن لباسن جو نقشو پڻ شاھ صاحب انتھائي ڪاريگريءَ سان چٽيو آهي. شاھ صاحب مومل جي سونھن کي سھڻن گلن سان تشبيھ ڏني آهي. سندس وارن کي خوشبوءِ سان ونهتل ۽ جسم کي عطر عنبير سان ڀريل بيان ڪيو آهي. شاھ صاحب جي بيان ڪيل ڪاڪ جي وستي هڪ طلسماتي سونھن جو مرڪز ڀاسي ٿي. سر مومل راڻي ۾ ڪاڪ هڪ اهڙي ڪائنات وانگر لڳي ٿي جنھن جي هر ڪنڊخوشبو سان ڀريل ۽ هر پاسي حسن جا درياھ ڇلندي نظر اچن ٿا. هي سر سونھن جو اهڙو نصاب لڳي ٿو، جنھن ۾ پيشڪار پنھنجي پوري سگهہ سان شعوري توڙي لاشعوري، وجداني توڙي عقلي، مشاهداتي توڙي اڀياسي تجربن ۽ تجزين جي پالوٽ ڪئي آهي. جنھن جي نتيجي ۾ سونھن جو اهڙو حسين دستاويز سامھون آيو آهي. جنھن کي پڙهندي يا ٻڌندي دل ۽ دماغ معطر ٿي وڃن ٿا.
جھڙا گُلَ گُلابَ جا، تھڙا مَٿِنِ ويسَ؛
چوٽا تيلَ چَنبيلِيا، هاها! هُو! هَميشَ؛
پَسيو سُونھن سَيَّدُ چئي، نِينھن اچَنِ نيشَ؛
لالَنَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نہ اُڄَهي.
(مومل راڻو)3:1

جھڙا پانَنِ پَنَّ، تھڙيون سالُون مَٿِنِ سائِيون؛
عَطُرَ ۽ عَبِيرَ سين، تازا ڪَيائُون تَنَّ؛
مَڙهيا گهڻو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ چَندَنَّ؛
سُنھن رُپي سونَ سين، سَندا ڪامَڻِ ڪَنَّ؛
ڪَيائِين لال لَطِيفُ چئي، وڏا ويسَ وَرَنَّ؛
مَنجه مَرڪِيَسِ مَنَّ: “سوڍي سين سَڱُ ٿِيو.”
(مومل راڻو)3:2

سونَ وَرنِيُون سوڍِيُون، رُپي رانديُون ڪَنِّ؛
اَگَـرَ اوطاقُنِ ۾، کَٿُوريون کَٽُنِّ؛
اوتِيائُون عَنبِيرَ جا، مٿي طاقَ تَڙَنِّ؛
ٻاٽَنِ ٻيلون ٻَڌِيون، پَسِيو سُونھن سَڙَنِّ؛
ٿِيا لاهُوتي لَطِيفُ چئي، پَسَڻَ لَئه پِريَنِّ؛
اِجهي ٿا اچَنِّ، ڪاڪِ ڪَڪوريِا ڪاپَڙِي.
(مومل راڻو)3:3
هن سر ۾ جتي شاھ صاحب مومل جي سونھن جي واکاڻ جا ڍڪ ڀريا آهن اتي راڻي جي حسن جي پڻ ڳالھ ڪري ٿو.
رُوءِ راڻي جي ناهِ ڪو، سوڍو سَڀِنِ سُونھن؛
لاٿَائِين لَطِيفُ چئي، مٿان دِلِيُنِ دُونھن؛
ڪانھي ٻِي وِرُونھن، ٿِيو مِڙوئِي مينڌِرو.
(مومل راڻو)3:5
“راڻي جي صورت جھڙو بيو ڪوبہ مڙس ڪونھي. راڻو سڀني مردن جو زيب آهي. هن ڪيترين دلين جي مٿان ڪارنھن لاهي ڇڏي...(ڪاڪ۾) راڻي کانسواءِ ٻي ڪابہ پچار ناهي. هر هنڌ راڻو ئي پيو وسي.”
راڻي جي رسڻ کانپوءِ ڪاڪ محل، ڪاڪ محل نٿو رهي. مومل کي سڀ ڪجهہ سڙندي محسوس ٿو ٿئي.
ڪاڪِ ڪَڙِهي وَڻَ وِيا، ٻَرِيا رَنگَ رَتولَ؛
تو پُڄاڻا سُپِرِين! هِنئَڙي اَچَنِ هولَ؛
جي مون سين ڪَيَءِ قولَ، سي سگها پارِجِ، سُپِرِين!
(مومل راڻو)5:5

جدائي مومل کي جهوري ٿي ڇڏي، هوءَ راڻي کي چوي ٿي تہ تنھنجو شڪ اجايو آهي، بيشڪ تون پڪ ڪرڻ لاءِ ڪاڪ تي اچي قناتون هڻ ۽ ڪاڪ محل جي ماڻھن کي ڏس ۽ اهو بہ ڏس تہ ڪير ٿو اچي وڃي.

کوڙَ قناتوُن ڪاڪِ ۾، راڻا ويہُ رَهِي؛
ماڙهُو جي مَحلاتِ جا، سوڍا ڪَجِ سھي؛
وِيندِيَءِ ڳالِھ وَهِي، وِڪَرِ پَوَندين وَلھا.
(مومل راڻو)6:7

رُئان ٿي، راڻا! هَنڌَ نھاريو حُجِرا؛
پيئِي کِہَ کَٽُنِ تي، ٿِيا پَلَنگَ پُراڻا؛
ڌَرِيائِي ڌُوڙا ٿِيا، وَرَ رِءَ وِهاڻا؛
جايُون، گُلَ، جَباتَ، وَڻَ، تو رِءَ ڪُوماڻا؛
مينڌِرا! ماڻا، تو رِءَ ڪَندِيَسِ ڪِنِ سين.
(مومل راڻو)7:4
سونھن کي نسبتي انداز سان بيان ڪرڻ پڻ شاھ صاحب جو هڪ نرالو ڳڻ آهي. ڪاڪ جيڪو سونھن جي ديس طور مشھور آهي. ۽ ڀٽائيءَ ور ور ٿي چيو، “ هلو هلو ڪاڪ تڙين...” پر جڏهن ڪاڪ جي سونھن جي اصل نسبت (مومل لاءِ راڻو ۽ راڻي لاءِ مومل) غائب آهي تہ سونھن جو محور ڪاڪ ۽ اتان جا باغ بي معنيٰ ۽ بي مزي ٿي پيا آهن.
تِنِ باغَنِئُون بَسِّ، جي ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِيا؛
سوڍي رِءَ سَرِتيُون! ڪاڪِ نہ اچي ڪَسِّ؛
راڻي پائي رَسِّ، تَنُ ٻيڙِيءَ جِئَن تاڻِيو.
(مومل راڻو)7:7
پر عشق جو اهو عالم آهي جو مومل کي سڌ ئي نٿي پوي تہ هوءَ ڪيڏانھن وڃي. هن کي چوطرف راڻو ئي راڻو ٿو نظر اچي. مومل کي هر طرف راڻي جو پرتوو پيو پسجي ۽ چوي پئي “ڪانھي ٻي تَنوارَ، ٿِيو مِڙوئي مينڌِرو”، جيڪو اصل ۾ وجدان جو وجودي نڪتو آهي.
ڪيڏانھن ڪاهِيان ڪَرَهو؟ چَؤڏِسِ چِٽاڻو؛
مَنجهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجهين لُڊاڻو؛
راڻو ئي راڻو، رِءَ راڻي ٻيو ناهِ ڪو.
(مومل راڻو)9:4


ڪيڏانھن ڪاهِيان ڪَرَهو؟ چِٽاڻو چؤڌارَ؛
مَنجهين ڪاڪِ ڪڪوري، مَنجهين باغَ بھارَ؛
ڪانھي ٻي تَنوارَ، ٿِيو مِڙوئي مينڌِرو.
(مومل راڻو)9:5

جڏهن ڪائنات جي سڃاڻ حسن مطلق سان ٿئي ٿي تہ ڪائنات جي حسن ۽ جمال ۽ هن دنيا جي سونھن صرف مادي ۽ خارجي سونھن نہ ٿي رهي. جنھن کي ڪائنات پنھنجو باطني شعور عطا ڪرڻ لڳي ٿي. ڪائنات جو پکڙيل شعور ان جون لا شعوري ڪيفيتون ۽ لاشعوري عمل ان جي رهنمائي ڪن ٿا. نتجي طور اهي قوتون سونھن جي ارتقا کي معنويت بخشڻ لڳن ٿيون. ۽ آخر ۾ “راڻو ئي راڻو” يا “ٿِيو مِڙوئي مينڌِرو” وڃي بچي ٿو. پر ان سڄي عمل کي صرف مابعد الطبعيات چئي ٽاري نہ ٿو سگهجي. ان سڄي عمل ۽ منھاج کي سائنسي اصولن تي پڻ پرکي سگهجي ٿو.
مجموعي طور سر مومل راڻي ۾ ترتيبوار سونھن جو بيان آهي. هن سر جي شروع ۾ جسماني جمال جا جلوا آهن،(...گجر کي گجميل جون تارن ۾ تبرون... مومل کي مجاز جا اکين ۾ الماس... ڏِٺَءِ جي جَمالَ، سامِي! ڪُہُ نہ سَلئِيين) جن جو ذڪر جوڳي ڪري ئي نٿو سگهي، پوءِ فطري حسن جي ڳالھ آهي.( اُڀي اُڀارِيامِ، نَکَٽَ سَڀِ نَـئِي وِيا... ڪَتنِ ڪَرَ موڙِيا، ٽيڙُو اُڀا ٽيئِي )جنھن کانپوءِ نسبتي (تِنِ باغَنِئُون بَسِّ، جي ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِيا... مَيي سيئِي ماڻِيا، جِتِ نہ ڀِرَنِ ڀَؤنرَ) ۽ رومانوي(گجر گهڻئي گهائيا، پاڻان لڳس گهاءُ) ۽ درد جي جمال (پَسِيو هَنڌَ، پَچي هِنئون، جي حَبِيبَنِ هاڻا) جو ذڪر آهي ۽ آخر ۾ حقيقي جمال (راڻو ۽ راڻو، رِءَ راڻي ٻيو ناهِ ڪو... ڪانھي ٻي تَنوارَ، ٿِيو مِڙوئي مينڌِرو )کي موجزن ڏيکاريل آهي. اها هڪ آفاقي حقيقت آهي تہ عشق جڏهن انتھا تي پھچي ٿو تہ مجاز مان حقيقت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. يعني سر مومل راڻي ۾ جماليات جي ايترين ڏسائن کي بيان ڪيو ويو آهي. جو ان کي شاھ جي رسالي ۾ جماليات جو مرڪز سڏي سگهجي ٿو.