پنھنجي ياد ۾...
ميلي ۾ مون لاءِ تفريح جون انيڪ شيون هونديون هيون. پر انھن مان سڀ کان وڌيڪ اهم ڪھاڻين ۽ قصن جا ڪتاب وٺڻ هوندو هو. بابا ڪڏهن بہ اعتراض نہ ڪيو تہ تون اهي نہ وٺ. مون کي اڄ بہ ياد آهي اها منجهند جنھن ۾ آءٌ بابا سان ٽانگي تي سڄي شھر جي گپ، ترڪڻ وارا رستا لتاڙي ميلي پھتا هئاسين. ٿڌي هوا هلي رهي هئي ڪڪر ڪارونڀار بہ هئا پر بابا منھنجي ضد ۽ روئڻ ڪري وٺي ويو هو. اهو مڌماتي منظر تصور ۾ اڄ بہ زندھہ آهي. مون پنھنجي پسند جا ڪتاب ڳولي ڳولي کنيا هئا. ايترا کنيا جو منھنجي هٿ ۾ نہ ماپي رهيا هئا. انھن پاڪيٽ سائيز ڪتابن جا سرورق اڄ بہ اکين اڳيان اچن ٿا پر نالا وسري ويا آهن. ڪي ڪتاب لائبريري ۾ اڃا بہ سانڍيل هوندا. انھن ڳالھين ۾ بابا گريٽ هوندو هو. رانديڪا ۽ ڪتاب دل تي وٺي ڏيندو هو.
آکاڻين/ڪھاڻين سان منھنجي انسيت يا ڇڪ ان عمرکان هوندي هئي آءٌ اڪثر انھن ڪتابن ۾ گم رهندو هوس. انھن آکاڻين جا ڪردار، جانور، ٻڍا ٻار، ديو، انسان، جن بادشاھہ پريون منھنجي حواسن تي ڇانيل هوندا هئا. لطيفن، ڳجهارتن ۽ قولن جا ڪتاب ان عمر ۾ منھنجي خاص دلچسپي هوندا هئا. آکاڻيون تہ ساھہ پساھہ ۾ پيون هرنديون هيون.
ڪھاڻيون پڙهندي پڙهندي ڪھاڻيون لکڻ لڳس، ڪھاڻين لکندي ڪھاڻين جي اکيل ڪرڻ جو ڏانءُ اچي ويو. ٻاراڻيون ڪھاڻيون لکندو هوس اهي تہ الائي ڪاڏي هليون ويون جيڪي ڇپائي نہ سگهيس. البتہ ڪھاڻين جا ٻہ ڪتاب لکي ڇپائي ويس. 1. انگن جي راند (2010ع) ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ (2019ع). فلمن جون ڪھاڻيون، ڪھاڻيون ۾ ڪھاڻيون ۽ ماڻھن جي ڪھاڻين ۾ گهري وڃڻ، غور ڪرڻ جي پٽ پئجي وئي آهي.
اشفاق احمد لکيو آهي تہ: “ممتاز مفتي چيو آهي تہ، جيڪڏهن تنھنجي دل ۾ اهو خيال آهي تہ، منھنجي مرڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ تہ سوچ توکان اڳ جيڪي مري ويا آهن، انھن جي وڇوڙي کان پوءِ ڇا ٿيو آهي.”
اشفاق احمد ۽ ممتاز مفتي اردو ادبي دنيا جا وڏا بحر بيابان آهن. پر مون کي اها خبر آهي تہ منھنجي مرڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ اوطاق تي ماڻھو ڪيئن ايندا؟ تڏو تي ڪھڙا ماڻھو ڪچھري ڪري کلندا... ڪھڙا ڪھڙا مائٽ اچڻ ضروري سمجهندا... ۽ ڪھڙا مٽ ڪيئن نہ اچي سگهڻ جو عضر پيش ڪندا.ڪير ڪيئن روئيندو ۽ ڪنھن کي گهڻو ڏک ۽ صدمو رسندو!! اهو سڀ منھنجي مٿي ۾ ڦرندو رهندو آهي ۽ ڪڏهن مرندس؟ اهو سوال بہ پيو گهمندو آهي؟ پوءِ جي مري ويس تہ منھنجي ليپ ٽاپ ۾ لکيل منھنجا ڪتاب ڪير ڪيئن ڳوليندو؟
منھنجي ڪٽنب ۾ تہ سڀ غيرادبي ماڻھو آهن. منھنجا اڻ ڇپيل ڪتاب ڪير ڇپائيندو؟ ڇا ڪو منھنجو پبلشر دوست منھنجي مائٽن کي ڪتاب ڇپائڻ لاءِ صلاح ڏيندو يا پنھنجي سر ڇپي ڇڏيندو؟ يا وري منھنجي مالڪن کان پيسا گهرندو! جي پيسا چوندو تہ اهي مائٽن يا دوستن مان ڪير ڏيندس! مون کي تہ ٻيا سوال بہ ستائيندا رهندا آهن آئون پڙهيس ڇو؟ ايترو پڙهيس پر مون تمام ٿورڙن انسانن کي پنھنجي علم ۽ تعليم کي استعمال ڪري فائدو رسايو آهي. ڪي ٻہ چار شاگرد پيدا ڪيا آهن!
ڇا اهو ڪافي آهي؟ منھنجي لکڻ سان ڪيتري تبديلي آئي! يا ڇا ٿيو؟ جواب ڪجهہ بہ نہ... ديس لاءِ ڇا ڪيو اٿم؟ ان ۾ ڌرتيءَ جو قرض لھي ويو.
گهر ۾ ڪتابن جا ڍڳ آهن! جن کي هروقت گهر ۾ ڏسندو رهندو آهيان. ڪڏهن ڪو ڪتاب کڻندس! ڪڏهن ڪھڙو... انھن پڙهيل ڪتابن تي لڳل نشان، لائينون ۽ نوٽس پڙهندو رهندو آهيان. يا جيڪي ٻين کي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنم تہ انھن پنھنجا نالا لکيا اهي پڙهي کلندو آهيان. ڪتابن کي وقت ڏيندو آهيان ڪوئي ويجهو نہ ايندو آهي. ها بس عجب نگاهن سان تڪيو ويندو آهي مون کي...
مون کي خبر ناهي اهو نشو ڪيئن ۽ ڪڏهن لڳي ويو ۽ پڪو ڪتابن جو نشائي ٿي ويس، هاڻي تہ بس اهي خيال رڳو هوندا آهن تہ ڪلاسڪ مان ڪھڙا ڪتاب مون وٽ ناهن! انھن جي پٺيان هوندو آهيان. نہ ملندا آهن تہ جن دوستن وٽ هوندا آهن انھن کان ايلاز منٿون ڪري وٺي فوٽو اسٽيٽ ڪرائيندو آهيان.
پوءِ پاڻ کي خوش نصيب ڀانئي ويھي پڙهندو آهيان ۽ ائين محسوس ڪندو آهيان تہ ڪا شاهي دعوت هجي منھنجي...
مون ڪھاڻين، ناولن ۽ شاعري ۽ ٻين موضوعن تي کوڙ ساترا ڪتاب پڙهيا آهن جن تي مان پنھنجي ننڍڙي ۽ عام سوچ مطابق لکندو رهيو آهيان. انھن مضمونن مان مون جيڪو جديد سنڌي ڪھاڻيءَ تي جيڪو لکيو آهي ان کي هن ڪتابي شڪل ۾ پڌرو ڪري رهيو آهيان. هن ڪتاب کي ڪوشش ڪندس تہ هرسال وڌارا ڪري ڇپائيندو رهان تہ جيئن سنڌي ڪھاڻي جي تاريخ ۽ ان دؤر جي ڪھاڻيڪارن جي پورهئي ۽ ڪلا کي وقت سر ڪٿي محفوظ ڪندو رهان.
گهڻا ڪتاب وٺندو هئس تہ امان جيجل چوندي هئي: “ابا ٻہ چار روپيا بچائي پنھنجو ڪو گهر يا پلاٽ وٺ...” گهر ۾ اڪثر منھنجا ڪتاب هيڏي هوڏي ٿيندا رهندا هئا ڪا هڪ جاءِ مقرر نہ هئي. ڇو تہ گهر ۾ منھنجي نہ هلندي هئي. امان کي چوندو هوس تہ: “امان مٺي جيجل! تنھنجو گهر جو آهي.” پر امان جي بہ گهر ۾ نہ هلندي هئي...
سال جا سال ڀٽڪي ڀٽڪي، ڪتابن کي رولي رولي... جن ۾ ڪيئي ڪتاب گم ٿي ويا.. نيٺ گهر جوڙي ورتو. ڪتاب هاڻي هڪ جاءِ تي آهن وڏي سليقي سان پيل آهن. گهر بہ آهي... ڪتاب بہ پيا آهن... بس امان ڪونھي هاڻي... جيڪا ڳالھہ چڀندي رهندي آهي...
امرتا پريتم زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ امروز کي بہ نہ سڃاڻندي، هوءَ امروز کي چوندي هئي “تون ڪير آهين؟” امروز هن کي سندس لائبريري ۾ وٺي ايندو هو تہ هوءَ چوندي هئي “مان ڪٿي آهيان. هي ڪتاب ڪنھن جا آهن...”
اهي ڳالھيون پڙهندو آهيان تہ حيرت جھان جي پراپتي ٿيندي آهي. غالب جي ڳالھہ وانگي “يہ ماجرا کيا هي؟” سڀ ڪجهہ هڪ خال آهي جيڪو ڀرجي نہ ٿو ڀرجي... پر جڏهن بہ ڪو ڪتاب پڙهي پورو ڪندو آهيان تہ عجب مسرتن جي ويڙهي پھچي ويندو آهيان. پوءِ اهو ڪتاب ٻين کي بہ پڙهائڻ جي خوشي ماڻڻ چاهيندو آهيان. ڪو ڪتاب منھنجو ڇپجندو آهي تہ حياتي الاهي وڌي ويندي آهي ائين لڳندو آهي نئون نئون جنم ٿيو آهي منھنجو. سو ائين ئي مون ڪتاب پڙهي انھن تي دل جي اتاھہ گھرائين سان لکيو آهي. جيڪو اوهان جي نظر.
تنقيدي شعبي ۾ اتساھہ ڏيندڙ هنن سائين جن اڪبر لغاري، اخلاق انصاري، نور جوڻيجو، منير چانڊيو، علي آڪاش، حيدر دريا، عباس ڪوريجي ۽ رزاق سھتي صاحبن جا ٿورا ڪي ٿورا تہ ناهن... يار سعيد سومري سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ تنقيدي موضوعن تي ڪچھريون ٿينديون رهنديون آهن. جن جي ڪري هي سڀ ڪم ممڪن ٿي سگهيو آهي. باقي اوهان سڀني پڙهندڙن جي محبتن جو منتظر.
هوش محمد ڀٽي