سڀ رنگ سانول _ اخلاق انصاريءَ جون ڪھاڻيون
نڀاڳو: جيون جي بي اننت Absurdity هن ڪھاڻي ۾ ڀريل آهي. ان کان بہ وڌيڪ واهيات پڻو اهو آهي تہ جڏهن انسان ڪن سماجي وارتائن کي ڪنھن انساني جيون سان منسلڪ ڪري ڪا مخصوص معنيٰ ڏئي ڇڏي. اها معنيٰ نڀاڳ ۽ سڀاڳ آهي. دنيو جو ڪردار ان معنيٰ جو نشانو آهي. انھن معنائن جو جن ۾ رشتا، احساس ۽ زندگي شڪار ٿي وڃن ٿا.
آءٌ ائين سمجهندو آهيان تہ موت ڪو بہ سور ناهي، نہ ئي ڪو الميو! پر وڏو صفا وڏو سانحو حياتي آهي.
جيئن هن ڪھاڻي جي هيءَ سٽ آهي:
”ٻيا ماڻھس جي مرڻ ڪري پئي رنا ۽ هي وري پنھنجي ڄمڻ ڪري ڇڙيون پئي هنيون.“ ص _ 64
هيءَ ڪھاڻي يتيمي جو نوحو آهي جنھن جو نالو ئي يتيمي هجي ها. جاهل سماج يتيم کي ڪيئن نھاري ٿو اهو هن ڪھاڻي ۾ عيان آهي. ڪھاڻي ۾ دينو جي ڪردار جي والد جو بہ ذڪر نہ آهي تہ اهو ڪيئن ۽ ڪاڏي ويو؟ جو ماسيءَ هن کي نپايو.
•
اولڙا اولڙا زندگي اولڙا: هن ڪھاڻي تي مون محمد دين راڄڙي جو هڪ سٽ جو تبصرو پڙهيو هو. جيڪو هن ”اخلاق انصاري نيئن دؤر جو عهد ساز ڪھاڻيڪار“ واري مضمون ۾ هن ريت ڪيو هو. ”اولڙا اولڙا زندگي اولڙ“ ڪھاڻي ۾ رشتن جي بي رخيءَ کي وڏي Craft سان بيان ڪيو ويو آهي.“
(ڪتاب: عملي تنقيد نگاري ۽ سنڌي ادب)
محمد دين جيئن ڪھاڻي کي سمجهيو آهي ڪھاڻي اوئين ناهي. ان ۾ رشتن جي بي رخي کي ناهي بيان ڪيو ويو پر زندگيءَ جي ائبزڊٽي کي چٽيو ويو آهي.
مون ائين محسوس ڪيو آهي تہ مٺ مان واريءَ جيان وهندڙ زندگي کي اخلاق انصاري اولڙن ۾ ڀٽيو آهي. اولڙا کن پل جا هوندا آهن. حيات بہ ائين آهي کن پل جو ڇانورو، جهٽ پل جو اولڙو. اهي اولڙا ڪھاڻيڪار جا داخلي آهن ۽ هيءَ سموري ڪھاڻي هن جي ذات سان سلھاڙيل آهي جيڪا هن جي ڀائرن جي ويندر جوڀن جي بہ آهي.
سندس ڪھاڻي جو پئراگراف آهي: ”ڏک کي سدائين ٽھڪ جي بيٽ سان سڪس هڻي بائونڊري پار ڪرائي هئي. اڄ هُو بيڪ فوٽ ۾ ايل بي ڊبليو ٿي ويل ڪرڪيٽر جيان ايمپائر جي آڱر جي انتظار ۾ تہ ”ڪڏهن ٿي اٿي“ ۽ پاڻ ايڪسپائير ٿي.“ ص_ 93
جيئن شيخ اياز چيو هو تہ:
تون ڳجهارت ڪٿي ڀڳي آهي،
زندگاني سموري ٺڳي آهي.
اخلاق انصاري جي لکڻي ۾ ڇا تہ گهري ۽ ڳوڙهي ڳالھہ ڪيل آهي. جنھن ۾ زندگي جي بي معنويت جو اظھار آهي ۽ ارمان بہ آهي تہ اهو سڀ ڇاهي!؟ هي ڪھاڻي وجوديت جي لاڙي واري ڪھاڻي آهي.
عطيہ دائود موجب:
”اخلاق انصاري جي ڪھاڻين کي جيڪڏهن سنڌي ۾ نہ پڙهجي ها انگريزيءَ، اردو، هندي، تامل يا ڪنھن بہ ٻوليءَ ۾ پڙهجي ها تہ هي ان خطي ۽ ان ٻوليءَ جون ڪھاڻيون لڳنديون. هي هر ان سماج جون ڪھاڻيون آهن جتي ڏکن جو ڪارڻ غربت آهي. اٽي، لٽي ۽ اجهي جي پويان انسان پنھنجي خوشي، ننڊ ۽ سڪون وڃائي چڪو آهيان.“ (2)
اخلاق انصاري زندگي جي پيچيدگيءَ ۽ دماغي خلط کي چٽو ڪري عڪس بند ڪيو آهي. جيڪو هڪ ڪلاڪار ۽ حساس ذهن انسان ئي ڪري سگهجي ٿو.
رڃ ۾ رابيل: هن ڪھاڻي ۾ ليکڪ لکي ٿو تہ ”منھن مان نور پئي بکيس.“ ص_25
منھنجي خيال ۾ اهو مڪالمو ڪو ڪردار چوي ها تہ ٺهڪندڙ لڳي ها پر ليکڪ بيانيہ انداز ۾ چئي ويو آهي. جيڪو درست ناهي. هيءَ ڪھاڻي پير پرستي، جنسي گهرج، ڪارو ڪاري ۽ جهالت جھڙن موضوعن کي ڇھي وڃي ٿي. ورسٽائيل تخليق ڪار گهڻ رخو هوندو آهي. هن ڪھاڻي جي منظرڪشي، لفظيات درد وند ڪھاڻيڪار ئي ڪري سگهي ٿو.
رستا: سمورا اهنج ۽ عذاب بک مان جنم وٺن ٿا. بک جيڪا گهڻي جي طمع ۾ ڦٽي ٿي. پوءِ بہ انھن جي پوري ناهي. رستا ڪھاڻي جا ڪردار وارڊ بواءِ، ڊائريڪٽر، اسٽور ڪيپر ۽ پٽيوالا بدانتظامي ۾ غريب جي بک ۽ اهنجن جا محرڪ آهن. جن کي صرف پنھنجي پيٽ جي پريشاني آهي پر ٻين جا پيٽ ڪپن ٿا.
ڊگهي سفر جي آخري ملاقات: اخلاق انصاريءَ جي ڪھاڻين ۾ ڳوڙها بحث ۽ مڪالما سمايل آهن. فلسفي جا عنوان عشق، موت ۽ عورت مرد جي لاڳاپن جي اپٽار آهي. هن سرئيلسٽڪ ڪھاڻيءَ ۾ ڏک بہ بحث جو موضوع آهن.
ڪھاڻي جي هن پئراگراف کي ڏسون ٿا:
”پر... عورت جي ٽرئجڊي اها آهي تہ هوءَ جسماني طرح Unfit آهي.“
۽ تو چيو هو ”مرد ذهني طرح. ڇاڪاڻ تہ عورت Creater آهي ۽ تڏهن تہ ٻئي Balanced ٿي نہ سگهيا آهن.“ ص_11
ڪھاڻي جي مٿيئن پئراگراف تي پورو ڪتاب لکي سگهجي ٿو پي ايڇ ڊي بہ ڪري سگهجي ٿي. مختصر ان لاءِ ائين چوندس.
فرائيڊ چيو آهي تہ عورت اونداهون کنڊ آهي. پر هن ڪھاڻي ۾ نفسياتي طور مرد منڌل آهي ۽ عورت سڌي آهي. روايتي مڪالمي کان هيءَ ڪھاڻي هٽيل آهي. مرد جو ڪردار خود پسند آهي. عورت روايتي بہ آهي. هي ڪھاڻي مڪمل وجودي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ گهڻو وجوديت جو متن آهي.
وجودي فلسفي چون ٿا تہ وجود جو ڪو بہ طئي ٿيل مطلب يا نصب العين آهي ئي ڪو نه، نہ وري ماڻھو ڪنھن مقصد مطابق ٺاهيو ويو آهي. ان لاءِ انسان سوچي ٿو تہ هو ڇو آهي ۽ سندس مقصد ڇا آهي؟
ڪھاڻي جو هن پئراگراف سنڌي نوجوان ليکڪ جو وجودي بحران اڄ بہ ساڳيو آهي: ”هونئن مون وٽ هو بہ تہ ڪجهہ نہ رڳو لفظن کان سواءِ، مان ٻہ لک خوبصورت لفظ تہ هئا (آهن) پر ٻہ لک روپيا ڪو نہ هئا.“ ص_17
اڪيلو ڪمرو ۽ سيليف پورٽريٽ: طارق عالم ابڙي هن ڪھاڻي کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي تاريخ چيو آهي. هيءَ ڪئمپس ڪھاڻي آهي. هن جي پس منظر ۾ انيڪ موضوع آهن پر بک هن ڪھاڻي جو پسمنظر آهي. ڪھاڻي جو ڪردار سوچي ٿو: ”علامہ آءِ آءِ قاضي جي مزار تي، ايلسا قاضي ڀر ۾...! تڏهن سوچيم: قاضي پاڻ کي ڇو ماريو؟“ ص _35
علامہ آءِ آءِ قاضي پاڻ نہ ماريو هو اهڙو ذڪر مون پنھنجي ڪتاب جيڪو ليکڪن جي خودڪشين بابت آهي ۾ ڪيو آهي. علامہ قاضي کي ائڊاپٽيڊ سن ماريو هو. جيڪو جمال ابڙي جي آتم ڪٿا ۾ بہ لکيل آهي. ان پٽاڙ ۾ نہ ٿا پون.
منشي پريم چند ڪھاڻي جي لاءِ چيو آهي تہ ”زندگيءَ جي ڪنھن بہ هڪ پھلوءُ ۽ جذبي کي افسانو ظاهر ڪري ٿو.“
اخلاق انصاري جي ڪھاڻين ۾ هڪ خاص پھلو تہ آهي ئي آهي پر اهي ڪھاڻيون سڀ رنگ سانول آهن. هن ڪھاڻي جو هڪ پھلو بک آهي ۽ ٻيو آهي انسان. جنھن لاءِ ليکڪ لکيو آهي:
”انسان ڇا آهي؟
مادو، جو جڳھہ ولاري ۽ وزن رکي.“ ص_42
پوسٽ ماڊرن سماج ۽ مشيني دؤر ۾ انسان ڇڙو جڳھہ والاري ٿو ۽ وزن رکي ٿو. ڪيڏي اهم ڳالھہ هن ڪھاڻي ۾ لکيل آهي.
ٻيو هن ڪھاڻي جو نقطو جنھن گهڻو پريشان ڪيو آهي اهو آهي: ”سيٽسفيڪيشن ڪانھي ڪٿي..“ ص_ 36
اخلاق جون ڪھاڻيون جديديت جي فڪر ۾ زندگي جي ڳوڙهن نقطن ۽ وجودي احساسن بابت آهي. اها سوچ ۽ مسئلا حاوي آهن هرڪھاڻي ۾.
•
سروپ ڪروپ: ڪي سال اڳ جڏهن سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ”سنڌو جي ساڃاھہ“ پڙهيو هيم تہ ان ۾ اها ڳالھہ بہ هئي تہ قلندر جي درگاھہ تي نوي جي ڏهاڪي ۾ لنگ پوڄا ٿيندي هئي. جيڪا بعد ۾ هاڻي ختم ڪئي وئي آهي. ڪھاڻي ۾ ڪلاسيڪل سنڌي شاعري جي فڪر جا اولڙا آهن لفظن ۾ ميٺاج ۽ نج پڻو آهي. ڪلاسيڪل سنڌي شعر جون سٽون سمائي ليکڪ ڪردار واتان پنھنجي من جي ڀاونائن کي چٽيو آهي. جيڪو سلاست سان ڀرپور آهي. دقيانوست جي پاڙ پٽيندڙ تہ هن ڪھاڻي جو ڪلائيمڪس آهي پرملا جيڪا ڏاڍي ڀولي آهي.
هن ڪتاب تي لکندي مون گهڻي ڪوشش ڪئي آهي تہ اجائي پٽاڙ نہ ڪريان ۽ ڪي ڪم جون ڳالھيون ڪري پورو ڪري وڃان.
سروپ ڪروپ ڪھاڻي ۾ است جي وردتا بہ عجيب نموني عڪس بند ڪيل آهي. اولاد ڪاتر هوءَ ڇا ڇا پئي ڪري. اخلاق انصاري ڪھاڻين جي ڪائنات آهي جيئن ڪائنات کي ڏس تہ اچرج اچيو وڃي ائين هن جون ڪھاڻيون پڙھہ تہ ڏاهي کي ڏک وڌيو وڃن ۽ حيرت سمان ڪيفيت ۾ ٿيو وڃي.
Balanced/Unbalanced ماڻھو: جارج ڪارٽن George Cartin جو چوڻ آهي تہ ”ڪجهه راتيون اهڙيون هونديون آهن، جڏهن بگهڙ خاموش هوندا آهن، ۽ رڳو چنڊ دانھون ڪندو آهي. پر اسان جي زندگين ۾ هر رات اهڙي هوندي آهي. جڏهن چنڊ پوري سگهه سان دانھون ڪندو رهندو آهي.“ (4)
”بئلنسڊ ان بئلنسڊ ماڻھو“ واري ڪھاڻي جو ڪردار بہ دانھون ڪندو رهي ٿو. پر اخلاق جي ڪھاڻين جا ڪردار راتين ۾ رڙندا رهن ٿا. هن جي ڪھاڻين ۾ رات جا منظر بہ جماليات سان ڀرپور آهن.
شعور جي دانھن اوچي هوندي آهي. اها ئي دانھن هن ڪھاڻي جو محور آهي. ماءُ سان اونسيت اخلاق جي اڳين ڪھاڻي ”نڀاڳو“ ۾ بہ آهي تہ هن ڪھاڻي ۾ بہ آهي. ماءُ سان محبت جي ڳالھہ دنيا جي بي شمار ليکڪن ڪيون آهن. جيئن سائمن ڊي بوار پنھنجي ماءُ جي پوين ڏينھن ۾ بيماريءَ جي گهڙين تي هڪ احساساتي ناول A Very Easy Death لکيائين.
انيس انصاري لکي ٿو: ”اخلاق پنھنجي والده سان گهڻي محبت آهي. گهر ۾ ايندو تہ وڃي وٽس ويھندو ۽ ليٽي پنھنجو مٿو سندس هنج ۾ رکندو. ص_ 109
تخليق ڪار جا داخلي احساس هنن جي ڪردارن ۾ پيوست ٿي ويندا آهن ائين اخلاق انصاريءَ سان بہ ٿيو آهي.
•
ڏک: اڻ کٽ سلسلو: آئون اڪثر سوچيندو آهيان دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو بہ Confilct آهي تہ اهو صرف ڪميونيڪيشن نہ هجڻ جي ڪري آهي. هن ڪھاڻي جو هيرو بہ پنھنجي محبوبہ ڊونا سان ڪميونيڪيشن ڪرڻ ٿو چاهي! جن بہ ڪميونيڪيشن پڙهي هوندي. اهي هن ڪھاڻي کي ضرور ڪميونيڪيٽ ڪري ويندا. ڪھاڻي جو هيرو Hybirdized آهي ۽ ان دؤران هُو نہ ڄاڻ ڇا ڇا چوي ٿو ان مان هڪ مڪالمو هتي توهان پڙهندڙن جي لاءِ لکان ٿو:
”ڊونا! بس لاش جي اهميت گلن سان وڌي ويندي ڇا؟“ ص_74
اختلاط ۾ هو پيو ٿو ڳالھائي ۽ ڊونا جو پيو ٿو هنياءُ ڇڏي!
اخلاق انصاري اڄ کان چاليھہ سال اهڙين ڪيفيتن ۾ رهيو آهي ۽ اهڙي ڪھاڻي لکي اٿس تہ پوسٽ ماڊرن سماج ۾ تہ هن جي ڪيفيت سارتر جي Nuassa جھڙي هوندي. ڏک پيڙا تمام وڏو ۽ وسيع ترين موضوع آهي پر ڪھاڻيڪار جھڙي طرح ان کي هن ڪھاڻي ۾ سمايو آهي اهو ڪلا جو ڪمال آهي.
ماڻڻ نہ ماڻڻ جي وچ تي:
”پيار ڊگرين جو محتاج نہ هوندو آهي.“ ص_ 83
يا وري هي پئراگراف:
”ڏس نہ ائين نہ آهي تہ توکي حاصل ڪرڻ جي هينڊريڊ ميٽر ريس ۾ اهو پنجابي انجنيئر ماري ويو مون کي.“ ص_ 89
هن ڪھاڻيءَ جو هڪ نقطو طبقاتي گهٽ وڌائي جو آهي. هيءُ اڄ جي ڇوڪرو/ڇوڪري جو عام ذهني مونجهارو آهي ۽ خاص ڪري ڇوڪرو سدائين ان نوڪري/پئسي ۽ ملڪيت جي تارازي وڃي ٿو ۽ پوءِ ئي رشتا ناتا جڙن ٿا.
اڃا تہ ان نفسياتي اوچ نيچ ۾ واڌ اچي پئي. ازدواجي مسافتون ضرورتن جي پورائي سان سڦل ٿين ٿيون نہ تہ علحيدگي عام سنوڻ آهي. هيءَ ڪھاڻي طبقاتي ڪشمش جڏهن انساني ذهن جي پاڙن ۾ پوي ٿي تہ ان جو جنم هي ڪھاڻي آهي. هن ڪھاڻي ۾ ٻيو بہ گهڻو ڪجهہ آهي سمجهو ڪي سمجهن.
هيٺ طبقي جي Complexes کي ڪھاڻيڪار ڏاڍي بري/بي رحمي سان نندي ٿو/پيش ڪري ٿو. اهڙو پئراگراف هيٺ ڏجي ٿو:
”اسان جي هيٺين ڪلاس جا ماڻھو پنھنجي زالن کي پيار نہ ڪندا آهن، هو اسان جي مائرن کي Rape ڪندا آهن ۽ مان بہ پنھنجي پيءُ جي زيادتيءَ جو نتيجو آهيان. ڀل منھنجا پنج ئي ڀائر پنھنجي نالي اڳيان پيءُ جو نالو ڳنڍين پر مان ائين ٺيڪ آهيان _ توهان کي اجازت آهي مون کي حرامي چوڻ جي.“ ص_81
ڪھاڻيڪار هن سماج جي بي ڍنگائي ۽ فرسٽيشن کي ائين ظاهر ڪري ٿو وڌيڪ پڙهندڙ پڙهن ۽ ڄاڻن. اخلاق انصاري مون کي ڪھاڻيڪار سان گڏ هڪ نفسياتدان بہ لڳي ٿو.
هن ڪھاڻي جي هيروئن موکي آهي. جا ڪھاڻيڪار جي Narrator کان وڇڙي وڃي ٿي ۽ لامحدود سورن جي حوالي ٿي وڃي ٿو.
ماڻڻ نہ ماڻڻ جي وچ تي ڇا آهي؟ منھنجي خيال ۾ موت آهي يا وري خليل جبران جي هنن خيالن سان ڳالھہ کي چٽو ڪري سگهجي ٿو.
جبران جو چوڻ آهي تہ: ”منھنجو شروع کان وٺي اهو ويساھہ رهيو آهي تہ ”انسان اوچتو نہ ٿو مري پر تنھا ٿورو ٿورو ٿي مرندو رهندو آهي. جڏهن هن جو ڪو دوست مري ويندو آهي تہ، هو ٿورڙو مري ويندو آهي ۽ جڏهن ان جو پيارو کيس ڇڏي ويندو آهي تہ، ٿورڙو وڌيڪ مري ويندو آهي ۽ پوءِ انھن سڀني مئل ٽڪرن کي ڳولھڻ لاءِ موت ايندو آهي ۽ انھن سڀني کي ميڙي هليو ويندو آهي.“
ٻار جي ٽرئجڊي: هي ڪھاڻي فليش فڪشن ۾ اچي ٿي. ٻاراڻي ذهنيت کي ڪھاڻيڪار جيئن جو تيئن چٽيو آهي ڪا بہ مصنوعيت نہ اپنائي آهي.
اندر ڪارو ڪانءُ: جيئن مون مٿي چيو آهي تہ سمورا ايذاءُ ۽ عذاب بک مان جنم وٺن ٿا. ائين اها بک فقير جي هجي يا ليڊر جي اها بس بک آهي ٻنھي کي ماني کپي پر ليڊر هن ڪھاڻي ۾ ڪانءُ آهي ۽ فقير جي ماني کسجڻ جو ڪارڻ به!
داس ڪئپٽال: هي ڪھاڻي کاٻي ڌر جي ساٿين تي Satire آهي. مجبوري ۽ ڪسوٽي ڪھاڻين ۾ بہ ماڻھن جون عجب ڪسوٽيون آهن انھن کي پرکڻ جون.
اخلاق انصاريءَ جون هي ڪھاڻيون جديد ڌارئن سان سلھاڙيل آهن جن ۾ انسان جي نفسياتي ڳر جو تذڪرو آهي.
جلال الدين رومي جي لفظن ۾:
”هي ڳالھيون ارهن ۾ پيل کير وانگر آهن،
اهو کير چوسي ڪڍڻ وارن کان سواءِ
ٻاهر نہ نڪرنديون!“