لاکو شبير: جديد رومانوي احساسن جو انجنيئر
سمرسيٽ ماهم چيو آهي تہ “هڪ ليکڪ کي هڪ مقرر وقت تي لکڻ گهرجي. ڀلي وٽس ڪي خيال هجن بہ يا نہ. هن کي ڪاغذ ۽ قلم کڻي ميز تي ويھڻ گهرجي.”
آءٌ سمجهندو آهيان تہ لاکو شبير ائين ئي ڪندو آهي. توڻي جو هو سنڌ جي سرزمين کان ڪوهين ڏور دبئي جي ريگستان ۾ رهي ٿو. هو لکڻ واري عمل مان ڪڏهن ٿڪو ناهي. نثري نظم لکڻ، فليش فڪشن اهو تہ سندس سڃاڻپ بڻجي ويو آهي. هو انگريزي ۾ ناول بہ لکي رهيو آهي. منھنجي خيال ۾ The Last Sip of Wine جي نالي سان. اگهاڙيون اکيون سندس پھريون ڪھاڻي ڪتاب آهي.
سن 200 قبل مسيح کان 400 واري دور ۾ ڳاهن واريون ڳالھيون پيدا ٿيون. هن دور ۾ ڪھاڻيون راڳن ۾ ڳائي ٻڌايون وينديون هيون. اڄ جي جديديت پڄاڻان زماني ۾ لاکو شبير ڪمپيوٽر ۽ موبائيل جي اسڪرين تي ڪھاڻيون ٻڌائي ٿو. دور بدليو آهي تہ ٻڌائين جو انداز ۽ ڪھاڻي بہ بدلي آهي. پر ڪھاڻي پوءِ بہ پنھنجي جمال ۾ موجود آهي ۽ رهندي.
جديد سنڌي ادب ڪلاسيڪل ادب جي دائرن ۽ اصولن کي ٽوڙي نيئن انداز کي اپنايو آهي ۽ نوان گس گهڙيا آهن. ان سڄي ٽوڙ مروڙ ۾ ڪھاڻي بين الاقوامي سطح تي بدلجي وئي آهي ۽ بدلجي رهي آهي. گهاڙيٽي ۽ موضوع جا وڏا فرق ظاهر ٿي رهيا آهن. ڪھاڻي مختصر ٿي وڃي بچي آهي. پر پوءِ بہ سنڌي ڪھاڻي گهڻي مقدار ۽ معياري طرز ۾ لکجي رهي آهي.
مشھور ڪھاڻيڪار محمد صديق منگيي هن ڪتاب تي پرمغز معلوماتي مھاڳ لکيو آهي. سعيد سومري جو اداريو بہ وڻندڙ ۽ گهرو آهي. پر آءُ پنھنجي راءِ رکڻ چاهيندس. لاکي شبير جي پروڙ جي قوت ڇا تہ ڪمال آهي! پنھنجي پاران ۾ لکي ٿو: “حرامي، بنا شادي جي جنسي ميلاپ سان وجود ۾ ايندڙ ٻار کي چيو ويندو آهي. پر انھن کي نہ جيڪي کيس حرام نموني جنم ڏين ٿا. دنيا اڃا تائين انھن لاءِ حرامي لفظ جھڙو لفظ ايجاد ناهي ڪري سگهي.” پيج_19
ادب اهو جيڪو سوچڻ تي مجبور ڪري. لائي شبير جون ڪھاڻيون سوچن جي ساگر ۾ اڇلي ڇڏين ٿيون.
صاحبا:
هڪ روايتي رومانوي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ ٻہ پيار ڪندڙ ڪنھن پنھنجي نازن جا نار وهائي، نئون جھان چاهين ٿا. ڪھاڻي جو هيرو رواجي خط/ڪارڊ وسيلي پيار جو اظھار ڪري ٿو ۽ ڪھاڻي پوري ٿئي ٿي.
بھار ۾ پن ڇڻ: هي ڪھاڻي روايتي سنڌي خاندانن جي ڏي وٺ جي فضول تڪرارن جي ڪھاڻي آهي. اڻ بڻت ڪري هڪ پريم ڪھاڻي اڌوري رهجي وڃي ٿي. منصور مري وڃي ٿو ۽ سپي کري وڃي ٿي.
سمنڊ ڪناري:
هيءَ هڪ مڙس جي ڪھاڻي آهي. جنھن جي زال بم ڌماڪن ۾ مري وڃي ٿي. پر ليکڪ اهو چٽو نہ ڪيو آهي تہ اهي ڪھڙا بم ڌماڪا ۽ ڪٿي ٿيا هئا. پوءِ اهو مڙس پنھنجي ڌي سھاري جيئي ٿو.
ڪاٽا ٿيل لغڙ:
هي ڪھاڻي بہ رومانوي آهي. جنھن ۾ علي ۽ رابعا جو معاشقو آهي. رابعا ڪنھن ٻئي کي چاهي ٿي! هڪ طرفي پريم ۾ علي جي آس ڳوڙهن ۾ وهي وڃي ٿي.
اجنبي:
هن ڪھاڻي ۾ مکيہ ڪردار هڪ شادي شده اديبہ جو آهي. جنھن کي مھراڻ نالي ڪوئي چاهيندڙ خط لکي ٿو. اهو راز ڪھاڻي جي انت ۾ کلي ٿو. جيتوڻيڪ هي هڪ رومانٽڪ ڪھاڻي نہ آهي. پر اديبہ ۽ پاٺڪ جي انسيت وڏي آهي.
لھرون لھرون جيون:
هي ڪھاڻي مون کي ذوالفقار جونيئر تي لکيل لڳي آهي. هي آهي تہ پيار ڪھاڻي پر پڄاڻي ۾ بلال پنھنجي رنگن جي دنيا کي اهميت ڏئي ٿو ۽ عاشي کي ڇڏي ڏئي ٿو. بلال هڪ وڏيري جو پٽ آهي پر آرٽسٽ آهي. سندس محبوبہ وڏيرڪا ڪم ڪار ڪرڻ تي زور ڀري ٿي. پر هو پنھنجي تخليقي دنيا ۾ مگن رهي ٿو.
يادن جي ڊسڪ مان هڪ فائل:
جميل ۽ رخسار هن ڪھاڻي جا ڪردار آهن. رخسار کي برين ٽيومر ٿي پوي ٿو. جميل ان بنا حيات پورن ۾ گهاري ٿو. ڪھاڻيڪار انھن لقائن کي چٽيو آهي.
سونيون چوڙيون:
هن ڪھاڻي جو شروعاتي جملو آهي: “اين جي او جي نوڪري بيروزگاري جي پيرن جا ٿڪ لاهي ڇڏيا هئس.” پيج_62
منھنجي خيال ۾ نوڪري ملڻ کان پوءِ بيروزگاري جي پيرن جا ٿڪ نہ پر اهي پير ئي ڀڄي پوندا آهن. هن ڪھاڻي جي ٻولي، پلاٽ، بيانيو، لفظن، تشبيھن جي بيھڪ ڪمال آهي. ازدواجي زندگي ۾ خاص ڪري زال جو ساٿ نڀائڻ جو عمل ۽ درياھہ دلي هن ڪھاڻي جو نقطو آهي. هي هڪ ٻن پيار ڪرڻ وارن جو احساساتي، جذباتي ۽ شاعراڻو مزاج رکندڙ ڪھاڻي آهي.
ڳولا:
هن ڪھاڻي جو ۾ هڪ مڪالمو آهي: “رئيس جي اوطاق کي چپ چپات وٺي وئي، ڄڻ ڪو نانگ سونگهي ويو هجي.” پيج_71
جملي جي پھرين حصي ۾ چپ چپات واري ڳالھہ سڌي ناهي، ٻيو جو اردو جو اثر آهي. هي هڪ ليکڪ جي ڪھاڻي آهي. جو ڪھاڻي جي ڳولھا ۾ آهي ان ۾ بہ رئيس ۽ ڪمدار جي ساز بازن جون روايتي ڳالھيون ڪھاڻي جو موضوع بنجي ويون آهن.
ڳالھہ ٻڌاءِ نہ...!
لاکو شبير هڪ تخليقي ڪھاڻيڪار آهي. هن ڪھاڻي ۾ هيٺيون منظر ۽ ڪھاڻيڪار جو منظرڪشي جو هنر مون کي موهي ويو آهي: “شام شروع ٿي چڪي هئي. ڏينھن کي بہ مزيدار وڳو پاتل هو. آسمان هيٺيان اڇيون ڪڪريون وڇوٽين سان پکڙيل هيون ۽ هوا انب جي وڻ هيٺيان دل گهرئي مھمان وانگي ترسيل هئي.“ پيج_72
هن ڪھاڻي ۾ پريت جا پيچرا وڏي پيار سان پريمي جوڙين ٿا ۽ پڄاڻي بہ بي حد جمالياتي نوعيت جي آهي. هن ڪتاب جون مڙني ڪھاڻيون رومانوي آهن.
رومانس دراصل رومانوي ۽ افسانوي ادب جو اوائلي اهڃاڻ آهي. رومانس لفظ پراڻي فرانسيسي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندو هو. بعد ۾ اسپيني، اطالوي، پرتگالي، لاطيني ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڪتب اچڻ لڳو. قديم ادب ۾ سورمن ۽ سورهين جي ڪارنامن کي بنيادي حيثيت هئي. پوءِ رومانس جو اصطلاح اهڙن قصن جي لاءِ مخصوص ڪيو ويو، جن ۾ سورهين جي بھادري جو ذڪر مبالغه آرائي ۾ ڪيو ويو هجي. اهڙن داستانن کي Chivalric Romance وارا قصا چيو ويندو آهي.
گهڻو پوءِ چيو ويو تہ رومانس هڪ اهڙو قصو آهي، جنھن منجهہ حياتيءَ کان پري تصوراتي ماحول پيش ٿيل هجي، عاشقاڻي جذبن ۽ باهمي ڪشش دوران حيرت ۽ پراسراريت جو احساس هجي. اهو بہ واضع ڪندو هلان تہ رومانس جا خاص جزا جنگ، حسن، ايمان ۽ مذهب آهن.
رومانس جي ڀيٽ ۾ رومان Roman جي معنيٰ محدود آهي. جنھن ۾ فطرت جي من موهيندڙ نظارن، حسن جي دلفريب ادائن، نزاڪت ۽ نفاست کي اهميت حاصل هوندي آهي. اهڙي قسم ۾ خاص تعلقات ۾ سرور ۽ فضا کي بيان ڪيو ويندو آهي. رومانوي ڪھاڻيون ان روايت جو حصو آهن. لاکي شبير جون ڪافي ڪھاڻيون رومان جي پرائي ۾ اچن ٿيون.
تولاءِ.... توکان ڌار:
هن ڪھاڻي ڪٿي عباس تي تہ ناهي لکيل. خير_ هن ڪھاڻي ۾ وجوديت جي سوال اٿاري ٿي. جنھن ۾ جيئڻ جي بي رحم ڦيري کي ڦيرايو ويو آهي.
ڪارا هٿ:
هي ڪھاڻي دور جديد سان گڏ رشتن جي بدلجندڙ روش جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ عورت جي درد جي دانھن جا هن ڪھاڻي ۾ پڙاڏا آهن. سور جي سٽ سان هي ڪھاڻي پوري ٿي مايوس ڪري وڃي ٿي.
قمبر جون ڇوڪريون خودڪشي ناهن ڪنديون:
نائلا رند جي قتل تي لکيل هي ڪھاڻي ڇرڪائيندڙ آهي. جنھن ۾ ليکڪ ان قتل جي ٻئي رخ کي ظاهر ڪيو آهي. ڪھاڻي جي پڄاڻي سوچن سان گڏ انڪشاف بہ لڳي ٿي: “يونيورسٽي جي يزيدن خودڪشي جو ڊرامو رچايو. ڊرامي جي منظرڪشي ڪمزور هجڻ ڪري سنڌ جون اکيون ڏسي چڪيون آهن تہ “قمبر جون ڇوڪريون خودڪشي ناهن ڪنديون.“ پيج_84
ويجهڙ ۾ ڪھاڻيڪار ابراهيم کرل ٽہ لڙهي ڪھاڻي جو تجربو ڪيو هو. ائين مون بہ ڪامريڊ ڪھاڻي نالي سان ٽرائالاجي لکي هئي. اهڙي تجربي جي نشاندهي محمد صديق منگئي مھاڳ ۾ لاکي شبير جي لاءِ بہ ڪئي آهي. تو وجود ۾ فنا، تون ڪڏهن هارايو ناهي ۽ ڪميڻائپ ان سلسلي جون پراثر ڪھاڻيون آهن. 85 صفحي کان 110 صفحي تائين فارميٽ ڪھاڻيون آهن. جيڪي هڪ ٻن صفحن جون آهن.
تو طرف طواف:
هي فارميٽ ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ حد درجي ڪمٽمينٽ پيار ڪرڻ وارن جي ڏيکاري وئي آهي. ازدواجي رومانس جي شاهي ڪھاڻي آهي.
ناول:
”تنھنجي مرڪ منھنجي خودڪشيءَ کي خودڪشي ڪرائي ڇڏي.“ صفحو_88
لاکي شبير جون فارميٽ ڪھاڻين جا نالا، مڪالما ۽ پڄاڻيون پنھنجي جوڙجڪ ۾ ڀرپور تخليقي آهن. هئڻ ناھہ هوت ريءُ.....، جذبن جو اضطراب، وسرڻ ۾ ياد، ڌاڳا، رنگ، زندگي، تون ڪڏهن هارايو ناهي، منھنجي اکين سان ٿي ڏسڻ چاهي، ڀونڪ ۽ قرباني ڪمال جو ادبي ذوق ۽ ابلاغ ۽ تاثر ڇڏيندڙ ڪھاڻيون آهن. جن کي پڙهي بي حد خوشي ۽ ادبي هڳاءُ محسوس ٿئي ٿو.
”اگهاڙيون اکيون“ سر ورق ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ پوسٽ ماڊرن صورتحال کي چٽيو ويو آهي. ڪھاڻي جا پڄاڻي وارا مڪالما ڪجهہ هئين آهي: “توهان ٻنھي ۾ ٺاھہ ٿي ويو ڇا؟”
“ٺاھہ وري ڪھڙو.... بس پراڻي شرط هئي. اڄ مڃي اٿائين.” شرط! ڪھڙي شرط....!؟”
“سڀاڻي هوءَ پنھنجا سمورا ڪپڙا مون سامھون لاهيندي.”
صفحو_102
اکيون اگهاڙيون ڪيئن ٿينديون آهن؟ اهو استعارو آءُ سمجهي نہ سگهيو آهيان. “محبت جو نصاب” ڪھاڻي ۾ هڪ اڻ پڙهيل جو جواب ۽ ذهن پوسٽ ماڊرن صورتحال کي ظاهر ڪري ٿو.
خوابن ۾ تون ڪھاڻي بہ جديديت پڄاڻان جي پس منظر ۾ آهي. هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ ليکڪ اکين لفظ کي مختلف معنائن ۾ استعمال ڪيو آهي شايد اهو لفظ سندس محبوب لفظ آهي. جيئن:
اگهاڙيون اکيون، گم ٿي ويل اکيون، منھنجي اکين سان ڏسڻ ٿي چاهي، “ڳالھائينديون صرف اکيون آهن. دل جا لفظ اکين ۾ اچي ترسندا آهن.” صفحو 20
”تہ پوءِ تنھنجون اکيون ڇا جي چغلي پيون هڻن؟“ صفحو65
لاکي شبير جي ڪھاڻين جو مک موضوع اخلاقيات، سماجيات ۽ رومانس، رومانس بہ گهڻي پس منظر ۾، جيئن ازدواجي تعلق، وطن سان حب، محبوب جي اڪير، دوستي آهي. لاکو شبير پنھنجي شخصيت ۽ خيالن ۾ هڪ اعليٰ آدرش رکندڙ ليکڪ آهي ۽ ان جو جهلڪيون هن ڪھاڻي ۾ پسايون ۽ اڳتي بہ پسائيندو رهندو.