لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جو تجزيو

هوش ڀٽي هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پھلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن جي ڪھاڻين ۽ ڪھاڻي ڪتابن تي سندس تنقيدي ۽ تفصيلي جائزا ڏنل آھن. ھوش ڀٽيءَ ھن ڪتاب ۾ شيخ اياز، انور ڪاڪا، لاکو شبير، محمد دين راڄڙي، عباس ڪوريجي، ڊاڪٽر تھمينہ مفتي، رسول ميمڻ، اخلاق انصاري، غلام نبي سومري، ڊاڪٽر وحيد جتوئي ۽ امير ابڙي جي ڪھاڻين جي مختلف پاسن تي ادبي تنقيد ۽ اڀياسي مضمون لکيا آھن.

Title Cover of book Jadeed Sindhi Kahane jo Tajzio

رسول ميمڻ جون ڪھاڻيون

رسول ميمڻ سنڌي ڪھاڻي ۾ موجودہ دؤر جو وڏو نالو بلڪ اهڃاڻ آهي. هن باڪمال ٻوليءَ، اسلوب ۾ سنڌي ڪھاڻيون تخليق ڪيون آهن. هن جي ڪھاڻين جا سورهن کن ڪتاب ٿي ويندا. پاڻ ڇھہ ناول بہ لکيا اٿن. ان کان علاوہ ٽي شاعري جا ڪتاب، تنقيد ۽ سائنسي فلسفي جا ٽي ڪتاب، خاڪن ۽ ترجمن جا لاڳ ڪتاب آهن. پاڻ هتي سندن ڪھاڻي جي فن ۽ اسلوب، ڪردار نگاري تي جيڪي هن ڪتاب ۾ ڪھاڻيون مرتب ڪيون ويون آهن انھن تي ڳالھائينداسين.
رسول ميمڻ جي ڪھاڻين جو پھريون مجموعو 1977ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان دؤر ۾ گهڻو مقبول ٿيو ۽ سگهارن ڪھاڻيڪارن جو ڌيان بہ ڇڪايو. ان دؤر کان اڄوڪي زماني تائين هن ڪھاڻين ۽ قصن جا انبار لڳائي ڇڏيا آهن. هنن جي ڪھاڻين ۾ ڪلاسيڪيت کان مابعد جديديت جا عنوان آهن.

ڳالھہ بہ ايتري ڪھاڻي جادوئي حقيقت نگاري تي سرجيل فلسفيانہ ڪھاڻي آهي. اڄ جي هن ڇت ڪتائي واري دنيا ۾ هن ڪھاڻي جو ڪردار بہ منڌل آهي. جنھن کي ڪوليون چرندي نظر اچن ٿيون ۽ ان معاملي کي کڻي ٿو ڀونچال مچائي ۽ پر ان کي مختلف مڪتب فڪر جا انسان ڪھڙي نہ ڇسپائي ۽ ڪند نظري جي پس منظر ۾ ڏسن ٿا. جڏهن تہ حقيقت ان جي ابتڙ آهي.

محمد دين راڄڙي موجب: رسول ميمڻ هڪ متحرڪ، گهڻو ڇپجندڙ، ۽ پڙهيو ويندڙ ڪھاڻيڪار آهي. ”ڳالھہ بہ ايتري“ ڪھاڻي Post-Modernism سيٽِنگ تحت لکي وئي آهي، ۽ ان ۾ جادوئي سحرنگاري (Magical Realism) جا خوبصورت Touches ڏنا ويا آهن. پلاٽ روايتي هوندي ۽ ان ۾ تجسس جي نواڻ، خوبصورتيءَ سان ڀري وئي آهي. هن قسم جي ڪھاڻيءَ کي Panoramic-Story چئجي تہ بھتر، ڇو تہ ڪردار جي رولاڪي، ان انداز جي آهي ۽ ان جي موبائيل جي لائيٽ ۾ ڪويلين کي نہ ڏسي سگهڻ واري ڪردار جي مشاهداتي اُڻاٺ کي تمثيلي طور Post-Modernism وائڙائپ سان برميچجي سگهجي ٿو. (1)

شينھن جو ٻچو ڪھاڻي جنھن زماني ۾ ڇپي تہ ان وقت معروف ڪھاڻيڪار امر جليل هڪ انگريزي اخبار کي انٽرويو ڏيندي چيو هو تہ ”اهڙي ڪھاڻي گذريل پنجويھن سالن ۾ نہ لکي وئي آهي.“ (2)
هي هڪ تاريخي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ سنڌ جي مختلف زمانن ۾ ٿيل ڪاهن کي ليکڪ شاندار منظرنگاريءَ سان گڏ مضبوط ڪردار سازي سان تاريخي ڌوڙ کي ڇنڊي بيان ڪيو آهي. ڌارين سنڌ ماتا تي ڪيئن ڪاهون ڪيون ۽ سنڌين ڪيئن انھن کي پئي پرکيو ۽ ڀاڄ ڪئي آهي. اهو سڀ هن ڪھاڻي جو موضوع آهي.

عشق جو اظھار ڪھاڻي هڪ اهڙي عاشق جي ڪھاڻي آهي، جنھن جو پيار وقت سان گڏ بدلجي ڪيئن ٿو. ان کي ڪھاڻيڪار نفسياتي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. رسول ميمڻ کي محبت ۽ شھوت ۾ فرق ڪرڻ ايندو هو. هن جي ڪھاڻي ۾ پيار ڪھاڻي بہ اهڙي نموني ايندي آهي جو دل کي اوجڪو اچي ويندو آهي. پر ان ۾ جنس پري پري تائين حاوي ناهي هوندي. هي هڪ نفسياتي ڪھاڻي آهي. هڪ جو ڪرار هڪ فوبيا جو شڪار آهي. جنھن کي Apophenia چئجي ٿو.
رسول ميمڻ هن ڪھاڻي بابت لکي ٿو: ”اهڙي نفسياتي ڪيفيت جنھن ۾ ڪو مختلف شين ۾ هڪجهڙائي ڳوليندو آهي. اهو Pareidolia جو قسم آهي، جنھن ۾ ڪنھن جو ادراڪ تصور هڪ هنڌ ڄميل معروض جي چرپر ڏسندو آهي ۽ هڪجهڙائي کي ڀيٽيندو آهي.“

آدرش ارشاد شيخ مطابق: ”رسول ميمڻ جي ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جا عڪس ڏاڍي سچائي ۽ آرٽ سان سرجيل آهن. هن جي ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جا اهي سڀئي رنگ آهن جن کي اسان ڏسندا آهيون ۽ رسول ميمڻ پنھنجي ڪلھن تي سفيد ڪبوتر ويھاري لکندو آهي.“ (3)

عبدالله افغاني جون ٻڪريون افغان جنگ جي علائقائي اثر جو پسمنظر رکندڙ ڪھاڻي آهي. ان دؤر ۾ اهڙي قسم جو ادب نہ جي برابر هو. غربت، ترڪِ وطن، جنگي متاثر ۽ داخلي احساسن بہ هن ڪھاڻي جو حصو آهن. ڪھاڻي جي مک ڪردار ڪل ملڪيت اولاد ۽ مال آهي. اولاد جنگ ۾ مري وڃي ٿو ۽ ٻڪريون ڪهجي وڃن ٿيون. هن جي جيئڻ جو سھارو اهو ئي هوندا آهن، جھڙو هن لاءِ ديس آهي تهڙو ئي پرديس. ڪھاڻي جي اڻت ۽ موضوع ڀلو آهي. عالمي ادب ۾ جنگي متاثرين تي سرجيل ادب کي گهڻي پذيرائي ملندي آهي. هيءَ ڪھاڻي بہ بين الاقوامي معيار جي آهي. رسول ميمڻ هي ڪھاڻي قوميت کان هٽي ڪري هڪ انسان/تخليق ڪار ٿي ڪري لکي آهي. اهڙي نوعيت جون ڪھاڻيون سنڌي ادب ۾ صفا ٿوريون آهن.

نقاد/محقق ممتاز بخاري موجب: ”رسول ميمڻ جون سموريون ڪھاڻيون خالي امڪان ۽ مڪان جي ڳالھہ نہ ٿيون ڪن پر انھن ۾ توهان ”هجڻ“ واري فلسفي کي بہ پرجهي سگهو ٿا.“ (4)

ندا ڪھاڻي نواب الدين نوروز جي آهي. جنھن جو سڀ ڪجهہ هليو ٿو وڃي. ماءُ، پيءُ ۽ ڀيڻ وڃي بچي ٿو پاڻ اڪيلو ۽ هڪ ڪمرو. ان ڪمري ۾ هو اڪيلو رهي رهي ويڳاڻپ ۽ اڪيلائي ۾ شيزوفيرنڪ، هيلسينوشن ۽ نہ ڄاڻ ڪھڙن وهمن ۾ ويڙهجي وڃي ٿو. جنھن ۾ هن کي اهو سڀ نظر اچي ٿو جيڪو نارمل ماڻھو کي نظر نہ ايندو آهي. پنھنجي اڪيلائي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هو مختلف عورتن سان سنڀوڳ ڪري ٿو پر ان مان بہ هن جي سورن ۾ گهٽتائي نہ ٿي اچي.
Pain is protoplasm of literature.
رسول ميمڻ جي تحريرون ۾ سور جون سٽون، هن جي نثر ۾ انمول تشبيھون ۽ اسلوب جو شاهوڪار نمونو آهي. رسول ميمڻ کي سورن کي برداشت ڪرڻ آيو، محسوس ڪري ان جو اظھار ڪري تخليقن ۾ پرٽيو.

ڏاتوءَ جي آتم ڪھاڻي هيءَ رسول ميمڻ جي هڪ اهڙي ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ ڏاتوءَ نالي هڪ ڪردار جي حياتيءَ کي وڏي تڪليف ۾ ڏيکاريل آهي. جيڪو تيز تر ۽ روان انداز ۾ آهي.

نقاد خليق ٻگهئي موجب: سررئيلزم جي فنِ ـــ ڪھاڻيءَ نہ سھڻ جھڙي محسوسات کي لاشعور کان آزاديءَ سان اظھارڻ جو هيءُ فني تجربو آهي. (5)
ڏاتو کي سمبالڪ انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. پاٺڪ جڏهن ان جي روئيداد کي پڙهي ٿو تہ ڏاتو بڻجي وڃي ٿو ۽ اهو سڀ پاڻ سان ٿيندي محسوس ڪري ٿو. رسول ميمڻ جي ڪھاڻين جا پلاٽ ۽ ڪردار وڌيڪ مضبوط ۽ ماحول سان ٺڪندڙ هوندا آهن. هيءَ هڪ سررئيلسٽڪ ڪھاڻي آهي. سررئيلزم بہ معروزيت کي دازخليت ۾ اوتي تخليقي انداز ۾ اکيلڻ چاهيندا آهن. ائين رسول ميمڻ جي هن ڪھاڻي ۾ بہ آهي.
هن ڪھاڻي جي اڻت ۾ مابعدالطبعيات، وجوديت، صوفي ازم جا ٽچز بہ آهن. ان سان گڏ اهو بہ ذهن ۾ هجي تہ رسول ميمڻ جي هڙني ڪھاڻين ۾ نفسياتي ٽريٽمينٽ نرالي هوندي آهي. هن ڏاتوءَ جي ڪھاڻي ۾ نفسياتي وٺ وٺان بہ لکي آهي. رسول ميمڻ جڏهن تہ معالج هو ان ڪري هو ڪٿي ڪٿي ڪھاڻي ۾ اهڙو انداز بہ اپنائي وڃي ٿو. اهو سائنس ۽ نفسيات جي سنگم سھيڙي هن ڪھاڻي کي انجام تائين پڄائي ٿو.

چور ڪھاڻي ۾ ڪھاڻيڪار نبوءَ جي چور ٿيڻ قصو آهي. نبو جيڪو سماجي اڻ ڍنگائي ڪري چور ٿئي ٿو. پر اصل ۾ هي ڪھاڻي ان مظلوم عورت جي آهي جنھن نبوءَ کي پاليو هو. چور ماڻھو بک کان ٿيندا آهن. بک نڇڙو ٽول آهي. بک ڦر بہ ڪرائي ٿي تہ رت بہ وهائي ٿي. پوليس جي اها منظرڪشي هن ڪھاڻِي ۾ ڏيکاريل آهي جيئن هو هميشہ بي ڏوهين کي پڪڙيندي آهي ائين ئي نبوءَ کي پاليندڙ عورت کي پڪڙي ٿي جنھن جي گهر ۾ نبو تہ ڪو نہ هو پر هڪ پيتي هئي جنھن ۾ پٿر هئا جيڪي هوءَ پيٽ سان ٻڌندي هئي.

ڪوهيڙو گهاٽو ٿيندو ويو هڪ نفسياتي ڪھاڻي آهي. رسول ميمڻ جھڙو اسلوب ۽ انداز لکڻ جو سنڌيءَ ۾ ٻيو اهڙو ڪنھن جو نہ آهي. هن ڪھاڻي جو ڪردار نفسياتي هيجان جو شڪار آهي. جنھن کي Reduplicative Amnesia چئبو آهي.
رسول ميمڻ صاحب ان کي وهم چئي ٿو جنھن ۾ واقعو ۽ جاءِ ٻن ساڳين هنڌن تي ظھور پذير ٿئي ٿو.
رسول ميمڻ جون ڪھاڻيون سائنس، مذهب، محبت ۽ وجودي فلسفي جي اپٽار آهن. جن جي فلاسافي هن جي پنھنجي شعور ۽ خيالن جي پيدا ڪيل آهي.

وسري ويل ڪھاڻي ـــ هن ڪھاڻي جو ڪردار دلچسپ ڳالھہ/ڪھاڻي ياد ڪري لکڻ چاهي ٿو پر لکي نہ ٿو سگهي. ڇو تہ هو پوڙهو آهي ۽ هن کان ڪھاڻي وسري وڃي ٿي. پر ان کي ياد ڪندي ڪيئي ڪھاڻيون هن ۾ اچي وڃن ٿيون. هي ڪھاڻي ڄڻ ڪردار جون يادگيريون آهن ۽ ان ۾ سياست، مذهب، تعليم ۽ ٻيون شيون موضوع بڻيون آهن.

پراسرار ڪتو ڪھاڻي علامتي آهي. جنھن ۾ سرڪاري ملازمن جي ڪرپشن، بک ۽ بي انصافي کي نشابر ڪري چٽيو ويو آهي. رسول ميمڻ جي ٻي هڪ ڪتي تي ڪھاڻي آهي جنھن جو نالو سائڪياٽرسٽ وارڊ جو ڪتو آهي. جيڪا نفسياتي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ ماڻھو بود ۽ ٽٽ مستيءَ ڪندو رهندو آهي. جنھن ۾ هو ڪنھن بہ حد تائين اچي ويندو آهي. ڪتا سندن ڪتن جي جي سمبالڪ موضوع تي ڪلاسيڪل ناول آهي.

رت جو صدقو: رسول ميمڻ جون ڪيئي ڪھاڻيون آهن جن ۾ هن اسان جي سماج جو سالن کان وڌندڙ جهالت کي موضوع بڻايو آهي. رت جو صدقو ڪھاڻي بہ اهڙي ئي عڪاسي ڪري ٿي. سنڌي ماڻھو عربن جي ڪاھہ کان پوءِ مڪمل طور تي وهمن، وسوسن ۽ خيالي جهالت جي ور چڙهي ويو. هن ڪھاڻي ۾ ڪھاڻيڪار صدقي لاءِ سنڌي سماج ۾ هلندڙ ڪرت تي لکيو آهي. ڪھاڻي جو مک ڪردار هڪ شھر کان ٻاهر ڪنھن روڊ جي پاسي تي ٺھيل مسجد ڀرسان مختلف ويگنن تي ايندڙ مسافرن کي پاڻي پياري ٿو. جيڪو تہ ڀلو عمل آهي ۽ هڪ حادثي ۾ ان جي مري وڃڻ کان پوءِ هڪ ٻيو اچي اتي جاءِ ولاري ٿو ۽ ماڻھن حادثي جي ڀو کان ان کي صدقو ڏيندا رهن ٿا. جيڪو عجيب لڳي ٿو. حادثو ٿئي ٿو تہ ماڻھو صدقو ڏين ٿا نہ تہ کين ڪو فڪر نہ هوندو آهي. ڊڄ واري نفسيات کي ليکڪ وڏي مھارت سان گهري نموني درج ڪيو آهي. سماج ۾ جيڪو هن محسوس ڪيو آهي اهو لکيو آهي.
جڏهن بہ جديد سنڌي ڪھاڻي جو ذڪرٿيندو. اهو رسول ميمڻ جي ڪھاڻين ۽ ان جي فن کان سواءِ اڌورو بي چسو هوندو. جديد سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ رسول ميمڻ جي ڪھاڻي جو فن اوچو، موضوعاتي لحاظ کان سائنسي، نفسياتي ۽ ٻين جديد ڌارئن سان منسلڪ آهي جيڪو تاريخي ۽ پختو آهي.
هن ڪھاڻين کي ڳوليندي ڪافي دوستن جي مدد رهي انھن ۾ ڪھاڻيڪار غفار سومري جي لائبريري مان ”رت جو صدقو“ ڪھاڻي ملي. ويجهي ساٿي سعيد سومري جا بہ ٿورا جن وٽان بہ ڪجهہ ڪھاڻيون مليون.


حوالا:

1. ماهوار سڦلتا ڪھاڻي نمبر، پرچو 22، حيدرآباد، مئي 2014ع.
2. ماهوارسڦلتا حيدرآباد، پرچو 24، مارچ 2016ع.
3. حليمان، رسول ميمڻ، ڪھاڻيون، پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور، سنڌ، 2013ع.
4. عشق جو آسيب، رسول ميمڻ، ڪھاڻيون، پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور، سنڌ، 2015ع.
5. جديد ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا، خليق ٻگهيو، ڪنول پبليڪيشن قنبر.