تاريخ، فلسفو ۽ سياست

آزاد، روادار، جمهوري سنڌ

نئون ڪتاب ”آزاد، روادار، جمهوري سنڌو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ شاعر نواز خان زئور جي فڪري ۽ سياسي مضمونن جو مجموعو آهي.هي ڪتاب آزادي اشاعت گهر ميرپور بٺورو پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترم عبدالعزيز زئور جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book آزاد، روادار، جمهوري سنڌ

خوشحالي آزادي ۾ ئي ممڪن آهي

عوام يا قوم جي خوشحالي هڪڙو اهڙو سوال آهي، جيڪو سياست ۾ ور ور اُڀرندو آهي ۽ هوشيار ۽ چالاڪ سياستڪار انهيءَ سوال سان ور ور کيڏندا رهندا آهن. اهي عوام جي غربت تي ڳوڙها ڳاڙيندا آهن، غريبي ۽ خوشحاليءَ جي وچ ۾ ڀيٽ ڪندا آهن، خوشحاليءَ جو وڻندڙ ۽ دل آويز خواب ڏيکاريندا آهن ۽ هڪڙي خاص مند ۾، جيڪا گهڻو ڪري چونڊن جي مند هوندي آهي، عوام سان خوشحاليءَ جا وچن ۽ واعدا ڪندا آهن، پر اهو عمل صرف چونڊن جي وقت ڪون ٿيندو آهي. سياست جي دنيا ۾ وقت بوقت اهڙا ڪيترا ئي موقعا ايندا آهن، جڏهن هيءُ سوال اُڀري پيو ايندو آهي ۽ انهيءَ جي جواب ۾ ٽيڪا ٽپڻي پئي ٿيندي آهي، تنقيد ۽ تبصرا پيا ٿيندا آهن ۽ وچن وعيد پيا ورجائبا آهن. سماجي ۽ اقتصادي اُٿلن پُٿلن، لوڏن لمن ۽ هيٺاهين مٿاهين ۾ هيءُ سوال پيو اُڀرندو آهي ۽ طالع آزمائي گهڻي ڀاڱي هيءَ کيڏ، غلام، اڻ سڌريل ۽ پٺتي پيل ملڪن ۾ ئي کيڏندا ئي رهندا آهن.
جهڙيءَ ريت سماج هڪڙو مسلسل لقاءُ آهي، بلڪل اهڙي ئي ريت سياست ۽ اقتصاديات پڻ هڪڙو مسلسل تحرڪ ۽ نه رُڪجندڙ عمل آهي. پر ڪو به تحرڪ سڌي لڪير ۾ سفر نٿو ڪري. جتي تحرڪ آهي، اُتي هيٺ مٿانهيون آهن. انهيءَ ڪري سياست، سماج ۽ اقتصاديات پڻ اوڀارين لهوارين ۽ هيٺ مٿانهين وارين ور وڪڙ واٽن جا مسافر هجن ٿا. ساڳيا ماڻهو جيڪي هڪڙي وقت ۾ خوشحاليءَ جي بلندين تي بيٺل ملن ٿا، ٻئي وقت تي انهن جي جڳهه هيٺ گهڻي هيٺ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. آزاد قومن جا معاشرا ۽ عوام پڻ اقتصادي بحرانن ۾ ڦاسندا ۽ مالي مشڪلاتن جي ور چڙهندا رهن ٿا. جيتوڻيڪ غربت هڪڙو عامي مسئلو آهي. تنهن هوندي به آزاد ۽ غلام، سڌريل ۽ پٺتي پيل ملڪن جي صورتحال ۾ هڪڙو چٽو فرق موجود هجي ٿو.
آزاد سڌريل ۽ ترقي يافتا ملڪ بنيادي طور خوشحال ملڪ هجن ٿا، ايئن بلڪل آهي ته آزاد، سڌريل ۽ ترقي يافتا ملڪ به معاشي بدحالي، بيروزگاري ۽ اقتصادي بحرانن جي ور چڙهي وڃن ٿا، پر هر قسم جي خراب صورتحال جي باوجود، نه ته اتي جو عوام بکن ۾ پاهه ٿي مرڻ لڳي ٿو ۽ نه ئي وري معاشي ابتري اُن سطح تي پهچي ٿي، جو ماڻهو بنهه ڪنگال، سقيم ۽ بدحال ٿي، غربت جي عالمي لڪير واري پد کان هيٺ زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي وڃن، آزاد ۽ سڌريل ملڪن ۾ بيروزگاري ۽ بدحاليءَ سبب جيڪا ٿوري گهڻي غربت پيدا ٿئي ٿي، اها مڪاني يا عالمي اقتصادي بحران جو نتيجپو هجي ٿي، جيئن ئي اهو بحران ختم ٿئي ٿو، تيئن ئي اها بدحالي، غربت ۽ ابتري ختم ٿيو وڃي ٿي، آزاد ۽ سڌريل ملڪن ۾ عوام جي معاشي بدحالي هڪڙو عارضي ۽ بنهه مختصر لقاءُ هجي ٿي، ان جي ابتڙ غلام، پٺتي پيل ۽ ترقي پذيريءَ جي نالي ۾ نهال ملڪن ۾ غربت هڪڙو دائمي لقاءُ ٿي پئي آهي ۽ ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي.
آزاد دنيا ۾ غربت ۽ بدحاليءَ جا سبب پيداواري عمل ۾ ايندڙ لوڏن لمن ۽ هيٺانهين مٿانهين ۾ لڪل هجن ٿا، جڏهن ته غلام ملڪن ۾ غربت ۽ بدحاليءَ جو ڪارڻ قومي استحصال ۽ ڦرلٽ هجي ٿي. غاصب ملڪ يا قومي قبضي هيٺ آيل ملڪ يا قوم جي پيداواري وسيلن جي بيدرديءَ سان ڦرلٽ ڪري اُن قوم کي تباهيءَ جي ور چاڙهيو ڇڏي، استحصال جو شڪار قوم جا فرد غربت جي عالمي لڪير کان به هيٺ زندگي گهارڻ تي مجبور ٿيو پنڻ ڀيڙا ٿيو وڃن، جڏهن ته استحصال ڪندڙ قوم جا ماڻهو ڏينهون ڏينهن مچندا مواڙ ٿيندا، شاهوڪار ٿيندا ويندا آهن. غلام ٻن مختلف ڏِسائن ۾ وڌندڙ انهيءَ فرق کي ڏينهون ڏينهن وڌائيندي ويندي آهي.
سنڌ ۾ به مختلف وقتن تي غربت ۽ خوشحاليءَ جا سوال ايندا رهن ٿا، طالع آزما سياستڪار غربت تي ڳوڙها ڳاڙيندا ۽ خوشحاليءَ جا خواب ڏيکاريندا، ماڻهن کي هرکائيندا رهن ٿا، پر هتي وعدن جو جيترو فصل پوکجي ٿو، نتيجن جو اوڏو ڦل نٿو ملي، وعدا اڻ مندائتن ميون وانگر بي سوادا ۽ ڪسارا ٿي پيا آهن، غربت ڪٽاري وانگر ماڻهن جا مٿا چيرصي رهي آهي. خوشحاليءَ جي خوشبوءِ ديس جي ڳلين ۾ وکرڻ ۽ ماڻهن جي منن ۾ مهڪڻ کان نابري واري ڇڏي آهي. بک ۽ بدحالي آهي، جيڪا ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. سوکاري سنڌ جا ماڻهو ڏکارا آهن، سوڪاريل سنڌ ديس جو ڏڪاريل عوام عربت جي عالمي لڪير کان هيٺ زندگي گهارڻ تي مجبور آهي. آخرڪار اهڙو ڪهڙو سبب آهي، جو سنڌي عوام جي زندگين مان نه ته ڏک ختم ٿو ٿئي، نه غربت جو انت ٿو اچي ۽ نه ئي قوم آزديءَ سان جي سگهي ٿي، ان هڪڙو ئي ڪارڻ آهي، جيڪو آهي ’قومي غلامي‘.
قومي غلاميءَ ۾ قومون ترقي نه ڪنديون آهن، قومي غلامي، ترقي، خوشحالي ۽ خوشين جا در بند ڪري ڇڏيندي آهي، اها بدحالي، مسئلا ۽ غربت ڄڻيندي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ غلام يا قبضي هيٺ آيل قوم، ڪمزور، لاچار ۽ هيڻي ٿي ويندي آهي. جيڪا قوم جبر، ڏاڍ ۽ ڦرلٽ جو شڪار هجي، اها ترقي ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟ جنهن عوام کي پنهنجي قومي پيداواري وسيلن مٿان ڪو اختيار نه هجي، اها خوشحال ڪيئن ٿي ٿي سگهي؟سياست ۽ اقتصاديات کي ڪنهن به صورت ۾ الڳ ڪري نٿو سگهجي. جيڪا قوت سياسي طور بالادست ٿي ويندي آهي. اها اقتصادي لحاظ کان به بالادستي قائم ڪري وٺندي آهي. ساڳئي نموني اقتصادي بالادستي رکندڙ قوت هوريان هوريان سياسي طور بالادست ٿي ويندي آهي. سياست ۽ اقتصاديات هڪٻئي کان اڻ ڇڄندڙ ۽ هڪٻئي جا مددي عنصر آهن، جيڪڏهن ڪو هڪ پاسو سگهارو ۽ بالادست ٿي ويندو، اهڙي ئي نموني جيڪڏهن ڪو هڪ پاسو ڪمزور هوندو ته ٻيو پاسو پڻ ڪمزور ٿي ويندو. جيڪا قوم سياسي لحاظ کان ڪمزور هوندي، اها پنهنجا پيداواري وسيلا بچائي يا انهن مان گهربل لاڀ حاصل ڪري نه سگهندي، نتيجي ۾ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ڪمزور ٿيندي ويندي، تان جو ان جي سياسي خودمختياري ۽ آزادي پڻ خطري جي ور چڙهي ويندي ۽ سندس پيداواري وسيلا پڻ سندس هٿن مان هليا ويندا. اهڙيءَ ئي ريت پيداواري وسيلا کسايل قوم پنهنجي سياسي آزادي وڃائي محڪوم بڻجي ٿي وڃي. ڪا به قوم تڏهن ئي خودمختيار رهي سگهي ٿي، جڏهن پنهنجي سياسي آزادي برقرار رکي: سياسي آزادي تڏهن ئي برقرار رهي سگهي ٿي، جڏهن پيداواري وسيلن جي مالڪي ڪري. جڏهن سندس پيداواري وسيلا، سندس مالڪيءَ ۽ اختيار هيٺ هوندا، تڏهن ئي اها ترقي ڪري سگهندي. آزادي، سياسي اختيار ۽ پيداواري وسيلن جي مالڪيءَ کانسواءِ نه ته ڪا قوم ترقي ڪري سگهي ٿي ۽ نه ئي پنهنجو قومي تشخص بچائي سگهي ٿي. سياسي اختيار ۽ پيداواري وسيلا صرف قومي آزاديءَ جي صورت ۾ ئي قوم پنهنجي هٿ ۾ رکي سگهي ٿي. تنهن ڪري خوشحالي ۽ ترقي پڻ قومي آزاديءَ جي صورت ۾ ئي ممڪن آهي. غلام قوم ترقيءَ جي شاهراه تي اڳتي وڌڻ بدران تنزلي، زوال ۽ ابتريءَ جي اونهيءَ کڏ ۾ ڪري پوندي آهي. جنهن مان کيس قومي آزاديءَ کانسواءِ ٻي ڪا به ڏاڪڻ ٻاهر ڪڍي نه سگهندي آهي. عالمي ادارن جي مختلف جائزن ۽ سرويئن موجب سنڌ، ورهاڱي کان اڳ وڌيڪ شاهوڪار هئي، سنڌ جا ماڻهو وڌيڪ خوشحال هئا ۽ اڄ جي ڀيٽ ۾ في ڪس آمدني وڌيڪ هئي. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جا ماڻهو غربت، بدحاليءَ ۽ ابتريءَ جي ور چڙهي ويا آهن. جيتوڻيڪ ان جي پيداواري شرح ۾ تمام گهڻو واڌارو آيو آهي، پر ان جي باوجود خوشحالي ۽ ترقيءَ جي بدران غربت ۽ ابتريءَ ۾ واڌ آئي آهي. اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي، جو ورهاڱي کان اڳ، جڏهن پيداوار جي شرح اڄ کان گهڻي گھٽ هئي، سنڌ جا ماڻهو خوشحال هئا، سندن في ڪس آمدني وڌيڪ هئي ۽ اڄ جڏهن سنڌ جي پيداواري شرح آسمان جي بلندين سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، تڏهن سنڌ جي عوام جي اڪثريت غربت جي عالمي لڪير کان هيٺ واري پاتال ۾ ڪري پئي آهي! ان جو ڪارڻ اهو آهي ته انگريزن جي دؤر جي ڀيٽ ۾ هن وقت سنڌ جي اقتصادي ڦرلٽ وڌيڪ بدترين ٿي وئي آهي ۽ قومي غلامي وڌيڪ ڀيانڪ شڪل اختيار ڪري وئي آهي. اها قومي غلامي ئي آهي، جنهن جي ڪري سنڌ جا پيداواري وسيلا، سنڌ کان کسيل آهن ۽ ’پنجاب سامراج‘ انهن جي ڦرلٽ ڪري، انهن مان فائدو کڻي رهيو آهي ۽ روز بروز ترقي ڪري رهيو آهي.
سامراجيت ٻين ملڪن مٿان والار، قومن مٿان قبضي، بالادستي، ڦرلٽ ۽ غلاميءَ جو نالو آهي. سامراجيت ٻين قومن کي ترقيءَ بدران صرف قومي غلامي آڇيندي آهي ۽ غلام بڻيل قوم جو رت پي، ان جي رڳن کي کوکلو ڪري ڇڏيندي آهي. سامراجيت قومن جي استحصال تي پلبي آهي، نتيجي ۾ ڏينهون ڏينهن مواڙ ٿيندي ويندي آهي، گڏوگڏ سندس قبضي هيٺ آيل قوم کي ڏٻرو، ڪمزور ۽ هيڻو ڪري موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيندي آهي. ’پاڪستاني وفاق‘ جي نالي ۾ ’پنجابي سامراجيت‘ پهرين بنگالين جو استحصال ڪندي رهي، بنگالين جي آزاد ٿي وڃڻ کانپوءِ سنڌ ۽ بلوچستان ان جي ڏاٺن هيٺ آيل آهن. اهي رت پياڪ ڏاٺون ايتريون گهريون کُتل آهن، جو محڪوم قومون بي ست بڻيل آهن ۽ انهن جي جسم ۾ جان ڪون رهي آهي.
هڪڙو دور هو جو وچ ايشيا عروج تي هو ۽ ان جي ڪجهه شهرن کي دنيا ۾ افسانوي حيثيت حاصل هئي. اها انهن شهرن جي بي مثال حيثيت، اهميت ۽ قيمت ئي هئي، جو حافظ شيرازي، سمرقند ۽ بخارا کي محبوب جي ڳاڙهي ڳل جي ڪاري تِر تان گهورڻ جي ڳالهه پنهنجي شعر ۾ ڪئي هئي. جڏهن تيمورلنگ دجلا ۽ فرات جي ماٿرين ۽ ميدانن تي فاتح ٿي لٿو هو، تڏهن سندس حڪم تي سپاهي شيراز جي هن ٻڍڙي شاعر کي پڪڙي سندس سامهون کڻي آيا هئا، تيمور، حافظ کي چيو هو ته توکي خبر آهي ته مون انهن شهرن کي ٺاهڻ لاءِ ڪيڏا نه جتن ڪيا آهن، ڪٿي ڪٿي نه حملا ڪيا آهن ۽ ڪٿان ڪٿان نه دولت هٿ ڪري اُتي آڻي ڪٺي ڪئي آهي. تون محبوب جي تِر تان ان کي قربان ڪرڻ جون ڳالهيون پيو ڪرين! حافظ شيرازيءَ جو جواب پنهنجي جڳهه تي، پر حقيقت هيءَ هئي ته اها ٻين قومن جي ڦرلٽ هئي، جنهن هنن شهرن کي افسانوي حثيت بخشي هئي.
اهڙيءَ ريت اهي برطانوي بيٺڪون (colonies) ئي هيون، جن جي ڦرلٽ برطانيا کي نئين زندگي بخشي. هندستان هجي يا آفريقا، بيٺڪن جو ڪچو مال برطانيا جي ديو هيڪل ڪارخانن جون چمنيون ٻاريندو رهيو. سامراجيت اوائلي شڪل ۾ هجي يا جديد، اها قومن جي ڦرلٽ جو نالو آهي. بيٺڪيت پراڻي هجي يا جديد، اها ملڪن ۽ قومن جي محڪومي، ڦرلٽ ۽ بدحاليءَ جو سبب آهي. اڄ پاڪستاني وفاق جي طلسم ۾ اسلام آباد ۽ لاهور کي جيڪا افسانوي حيثيت حاصل آهي، انهيءَ جو ڪارڻ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ آهي.
اها سنڌ جي گئس آهي، جنهن مان پنجاب جي ڪارخانن جون چمنيون ٻرن ٿيون، سنڌ مان نڪرندڙ گئس، سنڌ جي ڪم نٿي اچي. گئس ڀت جبل مان ٿي نڪري، پر ڪاڇي جي ڳوٺن جون عورتون ٻارن لاءِ جهنگ مان ڪاٺيون ٿيون ڪن ۽ ڀتين تي ڇيڻا ٿيون ٿڦين. گئس قادرپور مان نڪري ٿي، پر سنڌوءَ جي ڪنڌين تي ويٺل ماڻهو انهيءَ کان محروم آهن. گئس گولاڙچي، کورواهه، ٽنڊي محمد خان ۽ سانگهڙ جي علائقن مان نڪري ٿي، پر لاڙ ۽ ٿر جي ماڻهن کي ان جي بوءِ به سُنگهڻ لاءِ نٿي ملي. بلوچستان جي پڻ ساڳي حالت آهي. ايئن بلوچستان ۽ سنڌ مان جتان جتان گئس نڪري ٿي، اتي جي ڀرپاسي جا ڳوٺ ۽ ننڍا توڙي چڱا خاصا شهر، ان نعمت کان محروم آهن. ان جي ابتڙ اها گئس، لاهور ۽ فيصل آباد سميت پنجاب جي ٻين شهرن جي ڪارخانن جي صنعتن جون چمنيون ٻارڻ سان گڏ پنجاب جي گهرن جي چُلهين کي به ٻاري ٿي.
پئٽرول، تيل، گئس، معدنيات، روينيو، صنعت، بئنڪاري، واپار، پاڻي، سمنڊ، سامونڊي بندر، محصول_ مطلب ته سمورو ناڻو، سمورا پيداواري ذريعا مرڪز جي چنبي ۾ آهن. نه فقط مرڪز سنڌ جي ناڻي تي هلي رهيو آهي، پر پنجاب پڻ انهيءَ ناڻي مان ترقي ڪري رهيو آهي. انگن اکرن جي هيراڦيرين، ڏاڍ، ڏمر دٻڙدئونس ۽ طاقت جي زور تي سنڌ جي سمورن پيداواري وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آهي. سنڌ جا وسيلا دستياب نه هجن ته پاڪستان هڪڙو ڏينهن به جيڪر هلي نه سگهي، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ جو ٻارڻ ميسر نه هجي ته پنجاب سامراج جي ترقيءَ جو راڪيٽ هڪڙي اڏام به ڀري نه سگهي. اها سنڌ جي ڦرلٽ ئي آهي، جنهن جي ڪري سنڌ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ غريب ۽ بدحال ٿيندي وڃي، پنجاب ترقي ڪندو مچندو مواڙ ٿيندو وڃي ۽ پاڪستان پنهنجو ڪن ڦٿ هاڻو گندو وجود کنيو، گهلجندو ٿو هلي. سامراجيت جو گندو ۽ رت پياڪ ديو ٻين جي رت ست ۽ ڦرلٽ تي ئي پلجندو آهي؛ اهو قبضي هيٺ آيل وجود جو ساه پي ويندو آهي.
ورهاڱي وقت انگريز ته هتان هليو ويو، پر برصغير کي داغ داغ اُجالي ۽ شب گذيدا سحر جهڙي آزادي نصيب ٿي. ملڪ جي آزاد ٿيڻ ۽ ڪنهن ملڪ جي ٺهڻ ۾ فرق آهي. فطري ملڪ آزاد ٿيندا آهن؛ غير فطري ملڪ ٺهندا آهن ۽ اهي ٺهيل غير فطري ملڪ، ڪي ملڪ نه هوندا آهن، رياست يا مملڪت هوندا آهن. ملڪ سازشن جي وسيلي نه ٺهندا آهن، رياست ۽ مملڪت سازشن جي وسيلي ٺهي سگهي ٿي. ملڪ انعام ۾ نه ملندا آهن، رياست انعام ۾ ملي سگهي ٿي. انگريزن جي سازش ۽ پنجابين لاءِ سندن انعام طور “مملڪتِ خدادادِ پاڪستان” انگريز سامراجيت جي ڪُک مان جنم ورتو. جنهن ۾ بنگال، سنڌ ۽ بلوچستان جي حيثيت ڪالونيءَ واري بڻجي وئي. بنگالي وڙهي پنهنجي آزادي ماڻي ويا. پٺاڻ ’پختون خوا‘ جي لالي پاپ تي شايد خوش آهن! جڏهن ته بلوچ ۽ سنڌي اڃا غلاميءَ جي انهيءَ پنجوڙ ۾ ڦاٿا پيا آهن. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌ ۽ بلوچستان پاڪستان اندر رهي ترقي ڪري سگهن ٿا؟ جيڪڏهن ڪا بيٺڪيت ترقي ڪري سگهي ها ته ايشيا ۽ آفريقا جي قومن کي آزاديءَ جي جدوجهد جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ يقينن ڪا به غلام قوم، ترقيءَ جي بُلندين کي نٿي ڇُهي سگهي، آفريقا ۽ ايشيا جا اُهي ملڪ، جيڪي ويهين صديءَ دوران غلاميءَ ۽ ڏڪارن ۾ ڦاٿل هئا، سي آزاديون ماڻڻ کانپوءِ هاڻي نه صرف پاڻڀرا ٿي ويا آهن، پر ترقي ۽ خوشحاليءَ جي رستي تي به گامزن آهن. نه فقط عالمي تاريخ، پر سنڌ جي تاريخ به اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي ته غلاميءَ جي مختلف دورن دوران ڪيئن نه ڏڪر منهن ڪڍندو رهي ٿو. ڏڪار ۽ غلامي، ابتري ۽ غلامي، غربت ۽ غلامي، بدحاليءَ ۽ غلامي هڪٻئي سان ايئن چهٽيل ۽ چنبڙيل رهن ٿا، جو دنيا جي ڪا به ڪئنچي، ڪو به چاقو، ڪا به ڇُري، ڪا به تلوار يا ڪپو به تيز ڌار وارو اوزار، انهن کي هڪٻئي کان الڳ ڪري نٿو سگهي. ڪو به اقتصادي نظريو، ڪنهن غلام قوم کي خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ جي راه تي وٺي وڃي نٿو سگهي.
سنڌي قوم جي خوشحالي ۽ ترقي پڻ دنيا جي ٻين آزاد قومن وانگر قومي آزاديءَ ۾ ئي لڪل آهي. قومي آزاديءَ کانسواءِ خوشحاليءَ جي وعدن جو فصل پچي ڦر ڏئي نٿو سگهي. سنڌ جيستائين بيٺڪيت بڻيل رهندي، ان جا پيداواري وسيلا ڦربا لُٽبا رهندا. صرف ’سنڌ جي قومي آزادي‘ ئي سنڌي عوام کي پنهنجي قومي پيداواري وسيلن تي مالڪي ۽ اختيار ڏئي سگهي ٿي. پنهنجي قومي رياست ۾ ئي سنڌي قوم، پنهنجي پيداواري وسيلن کي پنهنجي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪتب آڻي سگهي ٿي؛ تنهن ڪري سنڌي قوم کي پنهنجي وطن ۽ ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙڻو پوندو، فقط ۽ فقط سنڌ ملڪ ئي سنڌي قوم جي ترقي، خوشحالي، جياپي ۽ وجود جي بقا جي ضمانت آهي.
****