تاريخ، فلسفو ۽ سياست

آزاد، روادار، جمهوري سنڌ

نئون ڪتاب ”آزاد، روادار، جمهوري سنڌو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ شاعر نواز خان زئور جي فڪري ۽ سياسي مضمونن جو مجموعو آهي.هي ڪتاب آزادي اشاعت گهر ميرپور بٺورو پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترم عبدالعزيز زئور جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book آزاد، روادار، جمهوري سنڌ

آزادي: عالمي ڪردار جو وسيلو

ملڪ، قوم ۽ آزادي، ٽيئي هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن.
آزادي کانسواءِ ملڪ ڪونه هوندو. ملڪ بنان قوم ڪانه هوندي. قوم ۽ ملڪ ڌاران نه آزادي جو وجود هوندو، نڪي اها لاڳو ٿي سگھندي.
تنهن ڪري ٽيئي هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن، هڪٻئي سان سلهاڙيل آهن، هڪٻئي تي آڌارڪ آهن.
قومي آزادي ڪنهن به غلام يا وڃائجي ويل ملڪ جي ملڪي ۽ جاگرافيائي حيثيت ۽ صورت بحال ٿي ڪري. ملڪ قوم کي پنهنجي وسيلن، اختيار ۽ اقتدار اعليٰ جي مالڪي ارپي خوشحالي ٿو بخشي، ترقي ٿو وٺرائي ۽ قومن جي عالمي برادري ۾ برابراڻي سطح تي کڻي ٿو وڃي. قوم پنهنجين گھڻ طرفين تخليقي صلاحيتن سان ملڪ جي سگھه، طاقت، وقار ۽ دوستاڻن عالمي لاڳاپن ۾ واڌارو ڪري ان کي بين الاقوامي ڪردار ادا ڪرڻ جي لائق ٿي بڻائي.
قومي غلامي جي چيڀٽ هيٺ آيل قوم سڀ کان پهرين پنهنجي ملڪي حيثيت وڃائيندي آهي. ڪن ڪن حالتن ۾ ته اها پنهنجون ملڪي سرحدون ۽ جاگرافيائي حدون پڻ وڃائي ويهندي آهي. قابض قوتون سندن قبضي هيٺ آيل ملڪ جون سرحدون (پاڙيسري هجڻ جي صورت ۾) ختم ڪري پنهنجي سرحدن سان ملائي ڇڏينديون آهن. ماضي جي تاريخ توڙي حال جي دنيا ۾ اهڙا انيڪ مثال موجود آهن. رومي شهنشاهيت، بازنطيني شهنشاهيت، ايراني شهنشاهيت، مغليا هندستان، روسي سامراجيت، يورپي سامراجيت وغيرهه جي قبضي هيٺ آيل انيڪ پاڙيسري ملڪن ۽ رياستن پنهنجون جاگرافيائي سرحدون وڃايون. ويجھي ڇَڪ ۾ ايريٽيريا، اوڀر تيمور، بوسنيا هرزگوينيا، ڪوسووو، چيچنيا، ٿُٻيٽ (تبت)، اسڪاٽلينڊ، سنڌ، بلوچستان وغيرهه ان جا ڪجھه مثال آهن. قابض قوتون اهڙن ملڪن جون عالمي ملڪي سرحدون ختم ڪري انهن کي پنهنجي ملڪ ۽ رياست جو حصو بڻايو ڇڏين ٿيون. ويهين صدي ۾ ڪيترن ملڪن جون سرحدون ته موجود هيون، پر اهي غيرملڪي سامراجيت جي والار هيٺ هئا. جيئين آفريقي ملڪ يورپي سامراجي ملڪن جي قبضي هيٺ هئا. هندستان برطانيا جي والار هيٺ هو. هند چيني ملڪ فرانس جي قبضي هيٺ هئا. انهن ٻنهي صورتن کانسواءِ هڪڙي ٻي ڀيانڪ صورت پڻ موجود آهي. اها فلسطين جي آهي. فلسطين جي سرزمين کي والار هيٺ آڻڻ بعد صيهونيت اتان فلسطينين کي ڌڪي ٻاهر ڪڍيو آهي. فلسطينين جي ٽيهن سالن جي مسلسل ويڙهه کانپوءِ اوسلو معاهدي تحت هاڻي عالمي طاقتن جي نگراني هيٺ اهو معاملو سلجھاءَ جي رستي تي گامزن آهي. اهڙي ريت سموريون غلام قومون پنهنجي قومي وجود جي بچاءَ ۽ ملڪي حيثيت جي بحالي لاءِ جاکوڙي رهيون آهن. سو غلامي جي شڪل ڪهڙي به هجي، ملڪي سرحدون سالم هجن يا نه، ملڪ جڏهن به ڌارينءَ والار ۽ قبضي هيٺ ايندو آهي، اهو ملڪ نه رهندو آهي. اهو پنهنجو سياسي اقتدارِ اعليٰ ۽ پنهنجي تاريخي حيثيت وڃائي ويهندو آهي. جيڪي قومون پنهنجون سرحدون به وڃائي ويهنديون آهن، اهي اڃا وڌيڪ ڏکيون ٿينديون آهن. سنڌ اهڙن غلام ملڪن منجھان هڪ آهي.
جڏهن ڪائي قوم پنهنجي ملڪي حيثيت وڃائي ويهندي آهي. تڏهن وٽس نه پنهنجو سياسي اقتدارِاعليٰ رهندو آهي، نه ڪوئي اختيار؛ نه پنهنجي پيداواري وسيلن تي سندس مالڪي رهندي آهي، نه ئي معاشي فيصلن جو حق؛ نه اها پنهنجي قومي تعمير ڪري سگھندي آهي، نه ئي پنهنجي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪي قدم کڻي سگھندي آهي. اها پنهنجو وطن، پنهنجي ڌرتي هوندي به بي وطن ۽ بي اختيار هوندي آهي، پنهنجا لاتعداد مالي وسيلا هوندي به غريب هوندي آهي، سڀ ڪجھه هوندي به لاچار ۽ پرائي وس هوندي آهي. غلام فرد هجي يا قوم، منجھس ٻل نه هوندو آهي. ان کان سڀ ڪجھه ڇڏائجي ويندو آهي، ڦرجي ويندو آهي. اها ڄڻڪ هڪڙو بي ساهو، بي ستو ۽ مئل وجود بڻجي ويندي آهي.
آزادي ڪنهن قوم جي پيشاني جو نُور آهي. اِهو نور آزاد قوم جي ماڻهن جي اکين ۾ نظر ايندو آهي، چهرن تي چمڪندي ڏسبو آهي. انهن جي اٿڻي ويهڻي، ملڻ جلڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، هلڻ چلڻ ۾ انهي نُور جو واسو هوندو آهي. آزادي حُسن آهي، سونهن آهي. غلامي ڪوجھائپ آهي. غلامي ۾ جڪڙجي قوم پنهنجي سموري حسناڪي وڃائي ويهندي آهي. ڀٽائي سائين انهيءَ حالت لاءِ ئي فرمايو آهي ته:
سونهن وڃايم سومرا، ميرو منهن ٿيون،
وڃڻ تِت پيوم، جت هلڻ ناهه حُسن ري.
قومي غلامي قومن کي ميرو ڪريو، ڪوجھو ڪريو، سونهن کان خالي ڪريو ڇڏي. غلامي ۾ قومن جي منزل وري انهيءَ حُسن جي حاصلات آهي. قومن کي آزادي جي سونهن ۽ حسن جي حاصلات لاءِ ووڙڻو آهي، جاکوڙڻو آهي، جدوجهد ڪرڻي آهي. آزادي ئي ڪنهن قوم جي اصل حسناڪي ۽ سرمايو هوندي آهي.
جيڪي قومون صدين تائين غلامي ۾ ڦاٿل هونديون آهن ۽ محڪومي جي گھاڻي ۾ پيڙهجنديون رهنديون آهن، انهن مان ڪڏهن ڪڏهن آزادي جي حس ۽ تمنا به نڪري ويندي آهي. انهن ۾ آزادي بابت ڪيترائي غلط مفروضا پيدا ٿي پوندا آهن. جنهن ڪري اهي آزادي لاءِ جاکوڙڻ بجاءِ مُنجھه جو شڪار لڳنديون آهن. سنڌ ۾ پڻ ڪنهن حد تائين ايئن ئي آهي. هتي گھڻا ئي غلط مفروضا پکڙيل آهن.
قومي آزادي جي حوالي سان ڪجھه ڪچاٽ ذهن ساٿين ۽ وڏي حد تائين اسان جي کاٻي ڌر جي دوستن جي دماغن ۾ هيءَ مفروضو ويٺل آهي ته اها آزادي ڪهڙي ڪم جي، جنهن ۾ ٻاهريون سيڙپڪار ۽ ڏيساور جا واپاري ادارا يا مختلف قسمن جا عالمي ادارا وغيرهه هتي وري به ڪم ڪندا رهن. ان قسم جا سوال اڪثر ڪري کاٻي ڌر جا ننڍڙا ڪارڪن اٿاريندا رهندا آهن. اهي شايد ايئن ٿا سمجھن ته قومي آزادي قوم کي عالمي برادري ۽ ٻين ملڪن ۽ قومن کان ڪٽي الڳ ڪرڻ جو نالو آهي. حقيقت ۾ ايئن ناهي. اصل ۾ قومي آزادي قوم جو وڃايل قومي تشخص بحال ڪري ان کي عالمي برادري سان ڳنڍيندي آهي. قومي غلامي قبضي ۽ والار هيٺ آيل قوم تي پنهنجو تسلط قائم ڪري ان کي عالمي برادري کان ڪٽي ڇڏيندي آهي. غلام قوم جا ڪي به عالمي لاڳاپا نه ٿيندا آهن. عالمي لاڳاپا رڳو آزاد قومن جي وچ ۾ ٿيندا آهن. ٿي سگھي ٿو ته ڪي دوست اهو اعتراض وارين ته غلام قومون سندن قومي آزادي جي جدوجهد لاءِ جيڪا عالمي حمايت حاصل ڪن ٿيون، اهي انهن جا عالمي لاڳاپا ئي هجن ٿا. هائو، اها لاڳاپن جي هڪ شڪل آهي، پر اها ابتدائي نوعيت جي شڪل هوندي آهي. اسان هتي قومن جي برابراڻن لاڳاپن جو ذڪر وسيع تناظر ۾ ڪري رهيا آهيون. اهڙا لاڳاپا رڳو آزاد قومون ئي پاڻ ۾ جوڙي سگھنديون آهن. اهڙن لاڳاپن لاءِ قومي آزادي جو هجڻ لازمي آهي، جو قومي آزادي عالمي برادري ۾ قوم جو مان مرتبو ۽ وقار وڌائي ان کي برابراڻي سطح تي آڻيندي آهي.
قومي غلامي ۾ قوم ٻي دنيا کان ڪٽجندي آهي. آزادي ۾ قوم ٻي دنيا سان لاڳاپجندي آهي، ڳنڍبي آهي. حقيقت ۾ قومي غلامي ۾ واڙيل قوم يا بيٺڪيت بڻيل ملڪ ٻي دنيا کان هر حوالي سان ڪٽجي اڪيلو ٿي ويندو آهي. بيٺڪي قوتون سندن قبضي ۽ والار هيٺ آيل ملڪ کي دنيا کان ڪتي هڪڙو اهڙو ڏورانهون ٻيٽ بڻائي ڇڏينديون آهن، جنهن تائين نه ڪنهن ٻئي ملڪ جي سڌي رسائي هوندي آهي ۽ نه ئي وري بيٺڪي حاڪم ان کي ٻين ملڪن سان ڪو تعلق ۽ لاڳاپو جوڙڻ ئي ڏيندا آهن. اهي ان ڏس ۾ ايڏا حساس هوندا آهن، جو سندن بيٺڪيت تان نر پکي ويٺا هڪليندا آهن. ڇاڪاڻ جو قبضي هيٺ آيل قوم جيتري دنيا کان ويڳاڻي هوندي، اوتري ڪمزوي ۽ هيڻي هوندي، اوتري لاعلم ۽ بي شعور هوندي ۽ اوتري ئي سياسي طور تي پٺتي پيل هوندي.
قابض قوتون بيٺڪيت کي عالمي ڌارا کان ڪٽي پنهنجو ڳيجھو بڻائي رکنديون آهن ۽ پوءِ ان جي وسيلن جي لٽمار ڪنديون آهن. اهي پنهنجي بيٺڪيت جا وسيلا بي دريغ انداز سان استعمال ڪنديون آهن ۽ ڀڳڙن مُٺ تي عالمي قوتن کي وڪڻي تين وال ڪنديون آهن. مثال طور برطانيا ننڍي کنڊ هند سنڌ جي وسيلن ۽ خام مال جو بي رحمي سان استحصال ڪيو. يورپ آفريقي ملڪن جي وسيلن جي بيرحماڻي ڦرلٽ ڪئي.
هاڻي جڏهن ورهاڱي کانپوءِ سنڌ “مملڪتِ خدادادِ پاڪستان” جي نالي ۾ پنجاب سامراج جي بيٺڪيت بڻجي وئي آهي، تڏهن سنڌ جي وسيلن جي نهايت بيرحمي سان لٽمار ڪئي پيئي وڃي. سنڌ جا جيڪي وسيلا پنجاب پنهنجي استعمال هيٺ آڻڻ جي اهل آهي، اهي هو پنهنجي ڪتب آڻي رهيو آهي. جن ذريعن جي عالمي مارڪيٽ ۾ کپت آهي، انهن بابت عالمي قوتن ۽ ٻين ملڪن سان سؤدا ڪري رهيو آهي. تيل سنڌ جو آهي، پر عالمي تيل ڪمپنين سان ٺاهه اسلام آباد ٿو ڪري. سامونڊي ڪنارا ۽ ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، پر انهن بابت معاهدا پاڪستان ٿو ڪري. سنڌ جي ڪهڙي به حڪومت هجي، اها سنڌ جي پيداواري وسيلن جي حوالي سان ٻاهرين ملڪن سان ڪي به ٺاهه، معاهدا ۽ رضامنداڻا دستاويز صحيح نه ٿي ڪري سگھي. سنڌ گڏيل ۽ ٻطرفن مفادن تحت دنيا جي ڪنهن به ملڪ سان سمجھوتو يا ٺاهه ڪري نه ٿي سگھي. سنڌ جي وڏوزارت ان معاملي ۾ اسلام آباد جي شڪي ۽ خونخوار نگاهن هيٺ رهي ٿي. ان ڪري اها ڪجھه ڪرڻ توڙي ڪڇڻ پڇڻ کان لاچار رهي ٿي.
رڳو آزاد قوم ئي پنهنجن قومي مفادن کان آگاهه هوندي آهي ۽ انهن جو بچاءَ ڪري سگھندي آهي. ان ڪري آزاد قوم دنيا سان ٻطرفن مفادن وارا لاڳاپا جوڙي سگھندي آهي. جيئن هيءَ سڄي ڪائنات هڪٻئي تي آڌارڪ آهي، ايئن قومون ۽ ملڪ به هڪٻئي سان سلهاڙيل ۽ هڪٻئي تي آڌار رکندڙ آهن. قومي غلامي ۾ ملڪ ۽ قوم استحصال، ڦرلٽ ۽ جبر جو شڪار ٿيندا آهن. آزادي ۾ قوم رضامنداڻن بنيادن تحت پنهنجن قومي ۽ ملڪي مفادن موجب عالمي لاڳاپا ۽ دوستيون جوڙيندي آهي. غلامي قوم کي ويڳاڻپ ۽ بند اڪيلائي ۾ ڌڪيندي آهي. آزادي قوم کي عالمي ڌارا ۾ آڻيندي آهي.
آزاد قوم پنهنجي مرضي موجب پنهنجا سياسي، معاشي، دفاعي ۽ سفارتڪاراڻا تعلق جوڙيندي آهي. اها دنيا کي پنهنجن وسيلن مان ڪجھه آڇيندي آهي ۽ پنهنجي ضرورت جون شيون دنيا کان حاصل ڪندي آهي.
گڏوگڏ اها قومي آزادي جي نعمت هوندي آهي ته اها قوم کي سندن سمورن وسيلن جو مالڪ بڻائيندي آهي. جيڪي وسيلا ۽ ذريعا غلامي ۾ حاڪم قوم بيرحمي سان استحصال ڪري کڻي ٿي وئي، اهي هاڻي اصل مالڪن جي هٿ ۾ اچن ٿا. جڏهن قوم پنهنجن وسيلن جي پاڻ مالڪ بڻجي ٿي، تڏهن اها ترقي جي شاهراهه تي روان دوان ٿئي ٿي.
قومي آزادي قوم کي رڳو سندس پيداواري وسيلن تي مالڪي نه ٿي ڏياري. پر اها ان کي پنهنجي ملڪ جي مالڪ ٿي بڻائي.
جيڪا قوم پنهنجي ملڪ جي پاڻ مالڪ هجي، يعني جيڪو ملڪ آزاد هجي، اهو ترقي ڪندو، خوشحال ٿيندو. ان جا ماڻهو پنهنجي مڇي مانيءَ وارا ٿيندا، ترقي ڪندا، شاهوڪار ٿيندا.
آزادي اجتماعي معنا ۾ زندگي کان به وڏي شئي آهي، زندگي کان به وڏي نعمت آهي؛ جو آزادي ۾ ئي زندگي محفوظ رهي ٿي، حسناڪ بڻجي ٿي ۽ بلندين ڏانهن وڌي ٿي. رڳو آزاد ماڻهو ئي زندگي جي سمورين حسناڪين کي ماڻيندي شخصي ۽ اجتماعي ڪمال جي درجي تي رسن ٿا.
آزاد ملڪن جا ماڻهو پنهنجي تاريخ، تهذيب، تمدن، ٻولي، ثقافت، ريتن، رسمن، رواجن، ادب، فنون لطيف، سنگتراشي، ناچ، ڳاچ، فنِ اڏاوت، وسيلن، سياسي معاشي مفادن، اجتماعي زندگي، پنهنجي ڌرتي، مطلب ته پنهنجي هر شئي جي حفاظت، واڌ ويجھه، ترقي ۽ تعمير ڪري سگھن ٿا. نه فقط اِهو ته آزاد ماڻهو پنهنجي ديس ۽ قوم جي نئين تعمير ڪندا آهن، پر اهي پنهنجي قومي ۽ ملڪي ڪردار وسيلي هن سڄي دنيا، ڌرتي ۽ ڪائنات جي بهتري، ڀلائي ۽ وڌيڪ سونهن لاءِ انمول ۽ ڪارائتو ڪارج ادا ڪندا آهن.
سنڌي قوم کي به پنهنجي سنڌ ملڪ جي قومي آزادي لاءِ جاکوڙڻو آهي ۽ آزادي بعد دنيا جي ڀلائي، حسناڪي، امنِ عالم، ترقيءِ بني آدم، بقاءِ باهمي ۽ اتحادِ انساني لاءِ پنهنجو عالمي ڪردار ادا ڪرڻو آهي.
* * *

18 مارچ 2015ع
ميرپور بٺورو.