پارٽيون عوامي ملڪيت هونديون آهن
عام طور تي ايئن سمجھيو ويندو آهي ته پارٽيون اڳواڻن جون شخصيتي ملڪيتون آهن، اهي ئي انهن جا هلائيندڙ، سنڀاليندڙ ۽ مالڪ آهن؛ ۽ سندن پڄاڻان وري انهن جا پونيئر انهن جا مالڪ ٿيڻا آهن.
ماڻهن جي ذهنن ۾ موجود انهن مفروضن جو هڪڙو ڪارڻ ته خود موروثي سياست آهي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ هتي سياست تي لاڳيتو موروثي غلبو رهيو آهي. پيءَ، پيءَ کانپوءِ وري پٽ، وري ان جو اولاد. ايئن نسل در نسل، پيڙهي در پيڙهي هڪڙو سلسلو هلي ٿو، جيڪو کُٽڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. سياسي ورثو عام ماڻهو ڏانهن منتقل ٿئي ئي نه ٿو. هِتي سياسي ورثا عام ماڻهن سان ونڊجن ئي نه ٿا.
ٻيو ڪارڻ هيءَ آهي ته اقتدار ۾ رهندڙ سياسي پارٽين ڪڏهن به عام ماڻهوءَ سان اها ويجھڙائپ ئي پيدا نه ڪئي آهي، جيڪا سڌريل سماجن جي سياست جو خاصو آهي. هتي سياسي پارٽين لاءِ ماڻهو رڳو وؤنٽن ڏيڻ جون مشينون آهن، جن کي پولنگ بُوٿن تي اچڻو آهي، نعرا هڻڻا آهن، قطارن ۾ بيهڻو آهي، وؤنٽ ڏيڻا آهن ۽ پوءِ ماٺ ڪري گھر هليو وڃڻو آهي. جن سان ڪوڙا واعدا ڪرڻا آهن. اليڪشنن جي مند ۾ ته دل کولي ڪوڙا واعدا ڪرڻا آهن؛ ۽ جڏهن نڀائڻ جي تقاصا ٿئي يا اهڙو ڪو موقعو اچي ته نٽ نٽاءَ ڪرڻو آهي. هتي جي اقتداري سياست عوام لاءِ بي فيض آهي، ڪوڙ جو طلسم آهي، مداري جي اک بندي آهي، مال ميڙڻ لاءِ گھڙيءَ کن جو رؤنشو ۽ چئن گھڙين جو چُٽڪو آهي. اها عوام جي نالي ۾ ضرور آهي. پر اها عوام جي ناهي، عوام لاءِ ناهي. ان ڪري عوام اهڙين پارٽين کي پنهنجو سمجھڻ جي بجاءِ انهن کي سندن اڳواڻن جي ئي ملڪيت سمجھي ٿو. ڀُل چُڪ وچان سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي کي هڪڙي وقت ۾ پنهنجي پارٽي سمجھڻ شروع ڪيو هو، پر اها ته وري صفا پرائي ثابت ٿي. پيپلز پارٽي ۾ ئي سڀ کان وڏي موروثيت آهي، سڀ کان گھڻي ملڪيت پسندي ۽ خانداني والار آهي.
حد ته اها آهي ته کاٻي ڌر جي انقلابي سياست ڪرڻ جي دعويدار پارٽين ۾ پڻ خطرناڪ حد تائين موروثيت پسندي جا لاڙا آهن. رسول بخش پليجي جهڙي جديديت پسند، گھڻ پڙهيي اديب، روشن خيال دانشور ۽ ترقي پسند سياستدان به پنهنجي پارٽي جو ورثو ڪجھه مهينن اندر ئي سندس پارٽي جي هڪ ٻئي درويش صفت اڳواڻ ڏاڏا قادر رانٽي کان ڦُري نيٺ پنهنجي پٽ جي حوالي ڪري ڇڏيو.
رڳو سائين جي ايم سيد ان بدعت کان بچيل رهيو. ڪوششون ٿيون. زور بار وڌا ويا. سفارشون ڪيون ويون. ٻاڏايو ويو. پر ”زمين جنبد، نه جنبد گل محمد“ واري بلوچي چوڻي موجب سائين پنهنجي ڳالهه تان تِر جيترو به نه چُريو. چي: ”منهنجو جانشين اُهو ٿيندو، جيڪو صالح هوندو.“ نه رت نه رشتو، نه آل نه اولاد، فقط صالح. اهو رويو سنڌ جي سياست لاءِ بنهه نئون نڪور آهي.اهڙي سياست ۽ اهڙي پارٽي جي وارث آخرڪار عوام يا قوم ٿيندي آهي.
جتي هڪ پاسي قومپرست سياست ۾ اهي آڏ وڏايون، خوبيون ۽ خصلتون آهن، اتي ٻئي پاسي هيءَ به حقيقت آهي ته قومپرست پارٽيون اڃا هاڻي اسرڻ، وڌڻ ويجھڻ ۽ عوام سان ڪلهو ملائي بيهڻ جهڙيون پيون ٿين. ڊگھي عرصي تائين محض ورڪرن جي حد تائين محدود رهڻ کانپوءِ هاڻي انهن عوام ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو آهي. جيڪا هڪ خوش آئند ۽ اميد افزا ڳالهه آهي.
حقيقت هيءَ آهي ته قومپرست پارٽيون نظرياتي ۽ فڪري حوالي سان طاقتور ۽ سگھاريون هجڻ جي باوجود حڪمت عملين ۽ پاليسين ۾ مار کائي ويون آهن. ڏٺو وڃي ته سائين جي ايم سيد حڪمت عملي جو تمام وڏو ماهر سياستدان هو. ان هوندي به سندس تحريڪ سندس ان خوبي جو ڪو فائدو وٺي نه سگھي آهي. نتيجي ۾ اها جمود جو شڪار ٿي ويئي آهي. بشير خان قريشي انهي جمود کي ٽوڙڻ ۽ قومي تحريڪ کي عوامي شڪل ڏيڻ جي لاڀائتي ڪوشش ڪئي. جنهن رياست کي خائف ڪيو. نتيجي ۾ ٻن ٽن قاتلاڻن حملن مان بچي وڃڻ کانپوءِ کيس نيٺ زهر پياري اجل جي راهه وٺرائي وئي.
جي راهه اجل ڪنهن ورتي آ، هِن ڀونءَ ڪئي ٻي ڀرتي آ،
هيءَ ڌرتي توکي پرتي آ، مهمان هزارين مان نه رڳو.
اهڙي طريقي سان قومي تحريڪ خلاف رياست وقت بوقت سازشون ڪندي رهي آهي. انهن سازشن جو سبب اهو ئي آهي ته قومي تحريڪ عوام ۾ پنهنجون پاڙون کوڙي نه سگھي. ڪابه پارٽي، ڪابه تحريڪ جيستائين عوام ۾ پنهنجون پاڙون نه کوڙيندي، تيستائين ڪامياب ٿي نه سگھندي. ان ڳالهه کان حاڪم ٽولا چڱيءَ پر واقف آهن. ان ڪري انهن جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته سنڌي سماج کي وڌ کان وڌ غيرسياسي بڻايو وڃي. سياسي پارٽيون جيترو ڪمزور ۽ هيڻيون هونديون، سماج اوترو ئي غيرسياسي هوندو. سماج جيترو منتشر، هيڻو ۽ غيرسياسي هوندو، سياسي پارٽيون اوترو ئي ڪمزور، نٻل ۽ غيرمنظم هونديون.
منتشر، هيڻو ۽ غيرسياسي سماج سياست يا سياسي پارٽين جي وارثي ۽ مالڪي ڪندو ئي ڪونهي. سنڌ جي قومپرست ۽ روشن خيال سياست جي ڪمزوري ۽ نٻلتا جو هڪڙو اهم ڪارڻ اهو به آهي ته سنڌي سماج ارتقا جي جنهن تاريخي ڏاڪي تي بيٺل آهي، اهو سياست لاءِ مددي ۽ سازگار ناهي. نتيجي ۾ سنڌ ۾ نه معياري سياسي ڪارڪن ٿو پيدا ٿئي ۽ نه ئي وري سياسي پارٽيون وسيلن جي حساب سان ئي پاڻڀريون ٿيون ٿين. سنڌ جو ماڻهو ڪنهن چڱي ڪم لاءِ هڙان وڙان گھٽ مدد ٿو ڪري. عام ماڻهو ته وري به پنهنجي پهچ آهر ڪنهن چڱي ڪم لاءِ پنهنجي کيسي مان ڏوڪڙ ڪڍي ٿو. پر سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل نوڪري پيشا وچئين طبقي جي ماڻهن ۽ ڪامورن جي تمام وڏي اڪثريت شراب ڪباب جهڙن دوستن جي ڀڙوت وارن ڪمن ۾ ته پئسا خرچي ٿي، پر ڪئين چڱن ڪمن، ماڻهن جي فائدي جي ڪمن، ڏکيءَ ويل پنهنجن ماڻهن جي مدد مدارت ۽ سياست لاءِ پئسا نه ٿي ڏئي. ساڳئي نموني واپاري برادري جي اڪثريت جي کيسن کي به هن سلسلي ۾ ڪانٽا لڳل هوندا آهن. ان جو هڪڙو سبب هيءَ به ٿي سگھي ٿو ته سنڌ جي اسرندڙ واپاري وچئين طبقي پنهنجي معاشي مفادن جو شعور ته حاصل ڪيو آهي، پر اهو اڃا سياسي شعور کان پالهو آهي ۽ پنهنجي اقتصادي معاشي مفادن کي سياسي مفادن سان هم آهنگ ڪري نه سگھيو آهي؛ تنهن ڪري اهو ڪنهن سياسي پارٽي جي مالي مدد نه ٿو ڪري. وچئين طبقي جي سياسي معاشي مفادن ۾ هم آهنگي نه هجڻ جي ڪري ئي وچئين طبقي جي ڪا نمائندا جماعت اڃا پيدا ٿي نه سگھي آهي.
سنڌين کان، چڱن ڪمن ۾ ڪنجوسي واري، ساڳي شڪايت مهاتما گانڌي کي پڻ هئي. هن 1934ع ۾ جڏهن سنڌ جو دؤرو ڪيو هو، تڏهن چيو هيائين ته ”آئون سنڌ اچڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. پر مون کي اڃا گھڻي خوشي تڏهن ٿئي ها جڏهن سنڌ مان سوايو يا گھٽ ۾ گھٽ مناسب چندو ملي ها.“ ورهاڱي وقت هندستان لڏي ويندڙ ديوانن کي ڇڏي ڪري، سنڌ جو ماڻهو مجموعي طور تي سياسي، سماجي، تعليمي ۽ عام ڀلائي جي ٻين ڪمن ۾ پئسا ڏيڻ جي ڏس ۾ تمام گھڻو ڪنجوس آهي. ڪير ڇا به چئي، ڇا به ڪري، پر هيءَ حقيقت آهي ته سنڌ جي قومي سياست کي سگھارو ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ماڻهن کي پهچ سارُو ان جي هڙان وڙان مدد ڪرڻي پوندي. پارٽي ڪنهن فرد جي ذاتي ملڪيت ڪانه هوندي آهي ۽ نڪي ڪنهن اڪيلي فرد جي خرچ تي هلندي آهي. پارٽي عوام جي ملڪيت هوندي آهي، عوام جي چندي تي هلندي آهي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ئي ڪوشان هوندي آهي. ان ڪري سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي سياسي پارٽين جي مدد، مالڪي ۽ وارثي ڪرڻي پوندي. گڏوگڏ سياسي پارٽين کي پڻ عوام کي پنهنجي صفن ۾ جاءِ ڏئي، گھربل اهميت ڏيڻي پوندي ۽ خانداني موروثيت مان جان ڇڏائڻي پوندي. ڪاميابي لاءِ انهن کي موروثيت بدران سائين جي ايم سيد واري ”صالح“ هجڻ واري ڳالهه کي پنهنجي پلاند ۾ ٻَڌڻو پوندو ۽ پنهنجي عوام کي گڏ کڻي هلڻو پوندو.
* * *
پهرين اپريل 2014ع