پنجاب سامراج گهيري ۾
جڏهن پوري ڪائنات ئي متحرڪ ۽ متغير هجي ته پوءِ انساني سماج هڪ هنڌ ڪيئن بيهي سگهي ٿو، اهو به متحرڪ ئي رهڻو آهي. اهو تحرڪ ئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ انساني سماج، ڪمال ۽ زوال، چاڙه ۽ لاڙه، هيٺاهين مٿانهين ۽ تبديلين جا انيڪ لقاءُ پسي ٿو. انهن بدلجندڙ لقائن جي تاريخ ۾ اسان کي جيتامڙيون ۽ ڪمزوريون سگهاريون ٿينديون، اُڀرنديون، آزاد ٿينديون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون؛ هيڻا فاتح ٿيندا نظر اچن ٿا، نيون قُوتون اُڀرندي پسجن ٿيون ۽ ڇَٽ پٽن سان لڳندا ۽ ڦهڪا ڪندا ڏسجن ٿا.
ساڳيو لقاءُ اسان کي موجوده زماني ۾ ۽ پنهنجي ڀرپاسي ۾ پڻ نظر اچي ٿو. ايڪيهين صديءَ جي آغاز سان اوڀر تيمور ۽ ڪوسوو آزاديءَ جي ديويءَ کي ڀاڪُر ڀري چُڪا آهن. ٻيون غلام قومون ۽ ملڪ اُن راهه تي پنهنجي وس ۽ وِت آهر اڳتي وڌندڙ آهن.
آزاديءَ جي رستي تي وڌندڙ انهن قومن ۾ سنڌي قوم پڻ شامل آهي. جتي جتي به غلام ۽ محڪوم قومون پنهنجين آزادين ڏانهن، اڀري سڀري حال آهر ئي سهي، پيشقدمي ڪري رهيون آهن؛ اُتي اُتي قابض، غاصب، فاتح ۽ سامراجي قوتون ۽ رياست ڪمزور ٿي، ٽُٽي، وکري ۽ ڊهي رهيون آهن. هاڻي غاصب قوتن جا ڏينهن ڳڻجي رهيا آهن. ’پنجاب سامراج‘ جنهن جو ٻيو نالو ’پاڪستان‘ اهي، اهو پڻ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿي رهيو آهي، داخلي توڙي خارجي طور اُن جي چوڌاري گهيرو، جيئن پوءِ تيئن وڌي رهيو آهي. اهو گهيراءُ ئي هن غير فطري ۽ غاصب رياست کي سندس منطقي انجام ڏانهن وٺي ويندو. اهرو منطقي انجام، جنهن جو ٻيو نالو ’قومي آزادي‘ آهي. قومي آزادي ڪائناتي سچ آهي، جنهن کي ڪير به گُهتي نٿو سگهي. آزاديءَ کي گُهٽڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ گُهٽجي، مري فنا ٿي وڃن ٿا ۽ هاڻي به فنا ٿيڻا آهن. پنجاب سامراج جي ڳچيءَ ۾ پڻ ڦندو سوڙهو ٿي رهيو آهي. انهيءَ ڦندي کي هيٺ ڄاڻايل صورتحال ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
[b]الف_ عالمي صورتحال:
[/b]ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي دوران پاڪستان سڄي دنيا ۾ اڪيلو ٿي، ويڳاڻپ، اقتصادي بحران ۽ داخلي انتشار جي ور چڙهي ويو هو. هڪ پاسي عالمي قوتون پاڪستان کي دهشتگرد رياست‘ قرار ڏيڻ تي ويچاري رهيون هيون، ته ٻئي پاسي اهو سوويت يونين وانگرناڪام رياست سڏجي ٽٽڻ جي ويجهو پهچي ويو هو، پر يارهين سيپٽمبر واري واقعي جي ڪري هن رياست کي هڪ ڀيرو وري عالمي قوتن جي ’ڀاڙيتو رياست‘ طور ڪم ڪرڻ جو موقعو هٿ چڙهي ويو، جنهن جي ڪري مٿس نوازشن جي برسات وسي وئي، اُن هن رياست کي عارضي طور وري جياري ڇڏيو آهي. پاڪستان پنهنجي ئي وياءَ ’طالبان‘ جي خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي، پاڻ کي عالمي قوتن جي اکين جو تارو‘ بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. هو ان ڪوشش ۾ ڪنهن قدر ڪامياب به ويو، پر هڪ بنياد پرست رياست، دهشتگرد ۽ غاصب رياستن، روشن خيالي، اعتدال پسندي ۽ جديد قدرن کي ڪيئن ٿي پنهنجي ڪري سگهي؟ سو پاڪستان به عالمي قوتن جي ڊپ ۽ امداد جي لالچ جي ڪري، جنهن ’دهشتگردي مخالف جنگ‘ ۾ شامل ٿيو هو، تنهن سان نڀاءُ ڪرڻ، اُن جي وس جي ڳالهه ئي ڪان هئي. اُهو ٿوري عرصي ۾ ئي پنهنجي اصليت تي موٽي آيو ۽ اُن پاران ٻٽي کيڌ شروع ڪئي وئي. هڪ پاسي پاڪستان دهشتگردي مخالف جنگ ۾ عالمي قوتن جو ساٿاري بڻيل رهيو ته ٻئي پاسي ڳجهه ڳوهه ۾ دهشتگردي پکيڙيندڙ قوتن جي مدد ۽ پٺڀرائي به ڪرڻ لڳو، پر سندس اها کيڏ گهڻو وقت تائين ڍڪيل، ڇپيل ۽ ڳُجهي رهي ڪان سگهي. هو گهڻي وقت تائين آمريڪا جي اکين ۾ سرمو وجهي نه سگهيو. جڏهن آمريڪا انهيءَ ٻٽي کيڏ جا ڪيترائي ثبوت گڏ ڪري ورتا، تڏهن ان معاملي تي پاڪستان کي سڌو ٿي هلڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، هاڻي اهو دٻاءُ جيئن پوءِ تيئن وڌندو پيو وڃي.
هڪ پاسي پاڪستان نه چاهيندي به دهشتگرديءَ واري جنگ ۾ گهلجي رهيو آهي، ته ٻئي پاسي وري روز به روز اُن کان اڃا به وڌيڪ قدم کڻڻ جا مطالبا ٿي رهيا آهن. حڪومت توڙي عسڪري ادارا ۽ ٻيا ڳجها ادارا بارها اهو ورجائيندا ٿا رهن ته هاڻي عالمي طاقتن جي ’do more‘ وارن حڪمن کي ٿڏيو ويندو. وڌيڪ ڪي به قدم نه کنيا ويندا، پر اهرين ڦوڪن جي باوجود حقيقت اها آهي ته اُهي هر روز وڌيڪ جُهڪي رهيا آهن. هيءَ رياست ۽ ان جون هلائيندڙ قوتون عالمي طاقتن اڳيان گوڏن ڀر جهڪيل آهن. اهو جُهڪاءُ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ جُهڪندو ويندو ۽ ان حد تائين پهچندو، جو کين گوڏن کان معذور ڪري ڇڏيندو.
دهشتگرديءَ خلاف جنگ کانسواءِ ٻيو عالمي دٻاءُ هن رياست مٿان ائٽمي حوالي کان آهي. سڄي دنيا هن رياست جي ائٽمي پروگرام جي سلسلي ۾ ڳڻتيءَ ۾ ورتل آهي، جو پاڪستان وٽ ائٽمي هٿيار انڌي جي هٿ ۾ لٺ وانگر آهن، جيڪا ڪنهن جي به مٿي ۾ ڦهڪو ڪري سگهي ٿي. انهيءَ دٻاءَ جي نتيجي ۾ پاڪستاني ادارا پريشانيءَ ۾ ورتل آهن ۽ هر نئين ڏينهن اهي وضاحتون ڪرڻ ۾ پورا آهن ته ائٽمي اثاثا محفوظ هٿن ۾ آهن. هيءَ دنيا جي واحد رياست آهي، جيڪا پنهنجن هٿيارن کي لڪائڻ ۾ پوري آهي ۽ جيڪا شيءِ ٻين لاءِ طاقت ثابت ٿئي ٿي، اها هنن لاءِ ڪمزوري ثابت ٿي رهي آهي.
[b]ب_ علائقائي دٻاءُ:
[/b]دنيا پنهنجي پاڙيسرين سان ٺاهي هلندي آهي، هيءَ پنجابي سامراجي وري ڦٽائيندا ئي پاڙي وارن سان آهن. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي هميشه وائڙي ۽ غير متوازن رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ جتي پاڪستان عالمي طور تي اڪيلائيءَ جو شڪار ٿيندو رهيو آهي، اُتي اهو علائقائي طور به اڪيلائي ۽ دٻاءُ جو شڪار آهي. هندستان هجي، افغانستان هجي يا ايران هجي، سڀنيءَ جون رڙيون پيون پون ته سندن سرزمين تي جيڪا به دهشتگردي ٿي رهي آهي، انهيءَ جي پٺيان پاڪستان جو هٿ آهي. پاڪستان ان معاملي ۾ ايڏي ته خطرناڪ حد تائين گهيرجي ويو آهي، جو چئي سگهجي ٿو ته اُن جي برآمد ۾ جيڪي شيون ٻاهر وڃن ٿيون، انهن مان هڪڙي شيءِ دهشتگردي آهي، پاڪستان دهشتگردي برآمد ڪندڙ رياست آهي. انهن افعالن جي ڪري پاڪستان علائقائي طور به اڪيلو رهجي ويو آهي.
جيتري قدر چين جو تعلق آهي ته اهو به علائقي اندر پنهنجين پاليسين ۾ تبديليون آڻي رهيو آهي. چين ۽ هندستان هڪٻئي کي ويجهو ٿي رهيا آهن. ٿٻيٽ (Tibet) ۽ سُڪم بابت ٻنهيءَ جي پاليسين ۾ لچڪ آهي. اُهي هڪٻئي لاءِ واپار جا رستا پڻ کولي رهيا آهن ۽ اصولي طور اختلافن ۽ ٽڪرائن کي گهٽائڻ تي سهمت ٿي رهيا آهن. جڏهن چين ۽ هندستان پاڻ ۾ ٺهي ويا ته پوءِ پاڪستان لاءِ چين جي دوستيءَ تي فخر ڪرڻ لاءِ باقي ڇا بچندو؟ مٿان وري ڪسر تڏهن پوري ٿي ويندي، جڏهن هندستان لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبريءَ جا دروازا کُلندا.
[b]ٻ_ معاشي دٻاءُ:
[/b]مظلوم قومن خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن جي تيز ترين ۽ بي انداز ڦرلٽ ۽ استحصال جي باوجود پاڪستان جو معاشي ۽ اقتصادي گهوٽالو گهٽجي نه ٿو. هي سفيد ۽ مڪنو هاٿي ڪنهن جي پالڻ کان وڏو آهي. اُن ڪري هتي هر نئين ڏينهن هڪ نئون گهوٽالو جنم وٺي ٿو. بحران در بحران هلندڙ هيءُ رياست، نه ته عوام جي سُک ۽ سَهنجائيءَ لاءِ ڪجهه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي سندن درد جي درمان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هتي فقط غاصب ۽ بالادست ادارا، طبقا ۽ پنجاب سامراج، ترقيءَ جي شاهراه تي وڌي رهيا آهن. باقي غلام ۽ مظلوم قومن ۽ لاچار عوام لاءِ مهنگائي، بيروزگاري، بدحالي ۽ مسئلي تي مسئلو کڙو ٿئي ٿو. مظلوم قومن جو عوام جيئن پوءِ تيئن معاشي اڻهوند، بک ۽ بدحاليءَ جي ڌٻڻ ۾ ڪري رهيو آهي، پر نه فقط عوام ۽ مظلوم قومون، پر خود هيءَ رياست به معاشي بحرانن ۽ دٻائن جي ور چڙهيل آهي. جنهن ڏينهن تي عالمي قوتن پاران امدادن جي نالي ۾ ملندڙ ٽيڪون بند ٿيون ۽ مظلوم قومن جي وسيلن جي ڦرمار ۾ گهٽتائي آئي، ان ڏينهن کان هي رياست معاشي، اقتصادي بحران جي ڪُن ۾ ڪري ناڪام ۽ ناڪاري رياست بڻجي، پنهنجي منطقي انجام طرف وڌندي ويندي.
[b]ڀ_ سياسي بحران:
[/b]هتي سياسي بحران نبري نٿو نبري، هڪ بحران حل ٿئي ٿو ته مٿان وري ٻيو بحران پيدا ٿئي ٿو. پاڪستان بحران جو اولاد آگي. جنهن رياست جنم ئي ڪنهن بحران مان ورتو هجي، اتي بحران ختم ڪيئن ٿا ٿي سگهن؟ هن رياست تي عسڪري قوتن جي اُجاتراداري آهي. ڪنهن مغربي ليکڪ ڪيڏي نه وزنائتي ڳالهه لکي آهي ته: ٻين سڀني ملڪن کي ’پنهنجي فوج‘ هجي ٿي، پر پاڪستان آرمي دنيا جي واحد فوج آهي، جنهن کي ’پنهنجو ملڪ‘ آهي. ان ڳالهه جي تصديق پاڪستان جي تاريخ مان ڪري سگهجي ٿي. در حقيقت پاڪستان جي تاريخ آمريتن جي تاريخ آهي. سو اهي ادارا ڪڏهن ظاهر ظهور ته ڪڏهن پردي پٺيان ويهي حڪمراني ڪندا رهيا آهن، اهي ڪڏهن به هتي استهڪام پيدا ٿيڻ نه ٿا ڏين. هتي ڊيمو ڪريسي، محمد علي شاهه چواڻي: ’ملٽري ڊيموڪريسي‘ آهي، پر رياست ايڏي ته غير جمهوري، مارشل لائي ۽ آمريت پسند آهي، جو ان کي مٿئين قسم جي جمهوريت به راس نٿي اچي. جنهن جي نتيجي ۾ هڪڙو مسلسل سياسي بحران پيدا ٿي پيو آهي، جيڪو بحران هن رياست جي حدن ۾ ڪڏهن به هل ٿيڻو ناهي ۽ اُن کي فطري انجام تائين پهچائيندو.
[b]ت_ قومي آزاديءَ جي تحريڪن جو دٻاءُ:
[/b]عالمي، علائقائي ۽ معاشي دٻائن ۽ سياسي بحرانن کانپوءِ جيڪو اهم گهيرو پنجاب سامراج يعني پاڪستان رياست جي چوڌاري ٿي رهيو آهي، اُهو سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي آزاديءَ جي تحريڪن جو دٻاءُ آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي آزاديءَ جون تحريڪون، جيئن پوءِ تيئن اڳتي وڌي رهيون آهن. بلوچ پنهنجي قومي فطرت، بغاوتن ۽ ويڙهن جي تجربن، قبيلائي معاشرتي تنظيم جي بيهڪ ۽ وڌندڙ قومي شعور سبب هڪ ڏاڪو اڳتي وڌي آزاديءَ جي هٿياربند هلچل تائين پهچي چڪا آهن. بلوچن جي قبيلائي ۽ سماجي بيهڪ، سياسي ويڙهاڪ تنظيمي ڍانچي ۾ ڍلجي سگهاري ٿي چڪي آهي، جنهن ڪري اُها هن رياست لاءِ وڏي للڪار بڻجي چڪي آهي. ٻئي پاسي سنڌ جي قومي تحريڪ آهي، جيڪا پنهنجي سياسي، قومي شعور سان اڳتي وڌي رهي آهي، جيڪا پنهنجي بيهڪ ۾ اها سياسي جاکوڙ ۽ جدوجهد ۾ ڪافي اڳڀري آهي ۽ فڪري طور تي گهڻي سگهاري آهي. جيتوڻيڪ اها هٿياربند ويڙهه واري شڪل ۾ ناهي، پر پوءِ به اها پنهنجي فڪري، سياسي ۽ عملي جدوجهد جي شڪل نظرانداز نٿي ڪري سگهجي. اها هوريان هوريان منظم ٿي رهي آهي ۽ مستقبل ۾ جدوجهد جي اُوچن ڏاڪن تائين ضرور پُڄڻي آهي.
سنڌ ۽ بلوچستان جي ’قومي آزاديءَ جون تحريڪون‘ جدوجهد جي حڪمت عملين، ڏاڪن ۽ طريقي ڪارن ۾ مختلف هجڻ جي باوجود هڪٻئي جون ساٿاري تحريڪون آهن. منجهن جيڪا وڏي هڪجهڙائي آهي، اُها هيءُ ته ٻئي قومي تحريڪون، پاڪستان جي نالي ۾ تڳندڙ ’پنجاب سامراج‘ جي بالادستي، قبضي، حڪمراني ۽ ڦرلٽ کي للڪاريندي، قومي آزاديءَ لاءِ جاکوڙي رهيون آهن، جيڪا جاکوڙ انت پنهنجي قومي آزاديءَ جي منزل جي حاصلات تائين پهچڻي آهي.
مٿيان دٻاءَ ۽ للڪارون اهو گهيراءَ آهن، جنهن مان نڪرڻ جو پنجاب سامراج المعروف “مملڪتِ خدادادِ پاڪستان “وٽ ڪو به رستو ناهي. اهو چوکنڀو ڦاٿل آهي. ٻين لفظن ۾ جيئن اهو “زميني لاڪپ يا گھيري” (land lockup) ۾ آهي، ايئن ئي سياسي ۽ مملڪتي لحاظ کان گھيري ۾ آهي. اهو جيئن پوءِ تيئن تباهي ڏانهن پيو وڌي. پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب جو قبضو به آخرڪار ختم ٿيڻو آهي، ۽ جيئن هر سامراج پنهنجي پُڄاڻي ۽ فنا تي پئي پهتو آهي، هن کي به ايئن ئي فنا ٿي وڃڻو آهي. سندس انهيءَ تباهي، پُڄاڻيءَ ۽ فنا مان جنم وٺندا: ’سنڌ ۽ بلوچستان جا آزاد ملڪ‘، جيڪي فطري ۽ قدرتي ملڪ آهن ۽ فطري ۽ آزاد ملڪ ئي دنيا ۾ امن جا داعي ٿي سگهندا آهن.
* * *
[i](جسقم ترجمان ”پيغامِ سنڌ“ جي جنوري 2011ع جي شماري ۾ ڇپيل)
[/i]