گمشدگين واري معاملي کي ڪيئن منهن ڏجي!؟
[b]1. عدالتون:
[/b]جيئن ئي ڪو سياسي ڪارڪن (يا ڪو عام ماڻهو يا زندگي جي ڪنهن به شعبي سان لاڳاپو رکندڙ ڪوبه ماڻهو) ڳجھن ادارن (يا ڪنهن به رياستي اداري) هٿان گرفتار ڪري گم ڪيو وڃي ته هڪدم ان جي گرفتاري واري عمل کي اعليٰ عدالت ۾ چئلينج ڪيو وڃي. گرفتاري ۽ گم ڪرڻ واري عمل خلاف بنان دير جي، سٺن وڪيلن جي صلاح مشوري سان، هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشنون داخل ڪرڻ کپن. گمشدگين جو معاملو ڪافي وقت کان سپريم ڪورٽ ۾ پڻ ٻڌڻيءَ هيٺ آهي؛ تنهن ڪري هن معاملي ۾ اُن سان پڻ لهه وچڙ ۾ اچي سگھجي ٿو. سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ، جنهن ۾ به پٽيشنون داخل ڪجن، اتي انهن پٽيشنن جي باقاعدي سان پوئيواري پڻ ڪرڻ گھرجي. ڪنهن به قسم جي مونجھه، سستي، آسري، ڊپ يا ڌمڪين جي اثر ۾ پٽيشن تان هٿ نه کڻڻ گھرجي.
عام طور تي ايئن به ٿيندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن مائٽن کي آسرو ڏنو ويندو آهي ته توهان ڪورٽن مان پنهنجون پٽيشنون واپس وٺو، توهان جي همراهه کي آزاد ڪريون ٿا. اهڙن آسرن ۾ گھڻي ڀاڱي ماڻهو ويچارا رليو ۽ مار کايو وڃن. تنهن ڪري قطعي طور تي اهڙي ڪنهن لب لالچ ۾ اچڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي. پنهنجي موقف تي عدالت ۾ ڄمي بيهجي.
ڪڏهن وري ڪن ماڻهن کي پٽيشنن تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪايو يا ڊيڄاريو ويندو آهي. مثال طور ” جي عدالت مان درخواست واپس نه وٺندا ته توهان جي همراهه کي ماري ڇڏينداسين“ يا وري اهو ته ”درخواست تان هٿ کڻ نه ته توکي به گم ڪري ڇڏينداسين“ وغيرهه وغيرهه. ڌمڪي توڙي ڪنهن آسري، ٻنهي صورتن ۾ پٽيشنن تان هٿ نه کڻڻ گھرجي.
[b]2سياسي جدوجهد ۽ ميڊيا:
[/b]ڪنهن به سياسي ڪارڪن يا عام ماڻهو جي گرفتاري ۽ گمشدگي جي صورت ۾ ٻي اهم ڳالهه سياسي جدوجهد آهي. هن ڏس ۾ سياسي جدوجهد، احتجاج ۽ ميڊيا واري پاسي تي زور ڏيڻ تمام ضروري آهي. جيترو هن معاملي کي ميڊيا ۾ کڻبو، اوترو ان جي اهميت وڌندي. روز روز جا بيان، خبرون ۽ احتجاج غاصبن يا گم ڪندڙن کي ڏاڍو تنگ ڪندا آهن. هيءَ اُها شئي آهي، جيڪا ڪَنڊ وانگر هنن جي طُرن ۾ اٽڪي پئي ٿي ۽ هو چاهيندي به ايڏي سئولائي سان اُن مان جان ڇڏائي نه ٿا سگھن.
گمشدگي اهڙو معاملو آهي، جو ان ۾ گم ڪيل نوجوانن جي آڪهن، پاڙي، راڄ ڀاڳ، برادري، سيول سوسائٽي، وڪيلن جي تنظيمن، واپاري جماعتن، صحافين، اديبن، دانشورن ۽ سياسي پارٽين سميت زندگي جي هر شعبي، هر مڪتبِ فڪر جي ماڻهو کي سؤلائي سان متحرڪ ڪري سگھجي ٿو.
[b]3. انساني حقن ۽ انصاف جي عالمي ادارن سان لکپڙهه:
[/b]ڪنهن به گمشدگي جي صورت ۾ جيترو جلد ممڪن ٿي سگھي انساني حقن جي مڪاني تنظيمن توڙي عالمي تنظيمن سان رابطو ڪرڻ گھرجي. گڏوگڏ انصاف جا جيڪي به عالمي ادارا آهن، انهن سان هن ڏس ۾ لکپڙهه ڪرڻ گھرجي. هيومن رائيٽس ڪميشن، ايشين هيومن رائيٽس ڪميشن، ايمنسٽي انٽرنيشنل، اولهه جا انساني حقن جا ادارا ۽ گڏيل قومن جو انساني حقن وارو شعبو هن ڏس ۾ گھڻا ڪارائتا ثابت ٿي سگھن ٿا.
هن قسم جي لکپڙهه ۾ ايف آءِ آرن ۽ عدالتن ۾ داخل پٽيشنن جي ڪاپين وغيرهه توڙي اخباري خبرن جي تراشن وغيرهه جي ضرورت پوي ٿي. عالمي سطح تي ڪم ڪندڙ انساني حقن جون تنظيمون توڙي انصاف جا عالمي ادارا يا تنظيمون هوائي اندازن بدران بنهه ٺوس انداز ۾ ڪم ڪنديون آهن، تنهن ڪري انهن کي مڪمل ڪيس ٺاهي موڪلڻ گھرجن. جڏهن ڪاڳر پٽن جي جانچ جونچ کانپوءِ اهي مطمئن ٿي ويندا ته هن ڏس ۾ وڏو آواز اٿاري سگھن ٿا.
[b]4. تڪ جي چونڊيل نمائندن تي دٻاءَ وجھڻ:
[/b]هيءَ جيتوڻيڪ بنهه گھڻو ڪارگر ۽ مؤثر طريقو ڪونهي، پر پوءِ به ان کي عمل ۾ ضرور آڻڻ کپي. تڪ جي چونڊيل نمائندن کان هن سلسلي ۾ پڇاڻو پيو ڪجي، مٿن دٻاءَ وجھجي ته هو گم ٿيل همراهه جي آزادي لاءِ ڪوششون وٺن، اسيمبلي ۽ ميڊيا ۾ ڳالهائينِ ۽ حڪومت توڙي ڳجھن ادارن کان اسيمبلين ۾ پڇاڻا ڪن.
جيتوڻيڪ اڄوڪي سنڌ جي پارلياماني سياست ڪندڙن جي تمام وڏي گھڻائي ڀاڙ جا تُنبا آهي، پر پوءِ به انهن کي انهي ذميواري کان آجو ڪري نه ٿو سگھجي ته هو پنهنجي تڪ جي ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ جا پابند آهن. تنهن ڪري انهن سان هن معاملي ۾ ضرور رجوع ڪرڻ گھرجي.
گڏوگڏ ايئن پڻ آهي ته اسيمبليون جيڪڏهن سنجيديون ٿين ته هن معاملي ۾ توڙي هر سياسي معاملي ۾ هڪڙو تمام وڏو دٻاءُ پيدا ڪري سگھن ٿيون. جنهن جي نتيجي ۾ ڳجھن ادارن کي ٻه پير پوئتي هٽڻو پئجي سگھي ٿو. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو سنجيدا، عوام دوست، محب وطن ۽ سچار ماڻهن جي بجاءِ اهڙن ماڻهن لاءِ اسيمبلين ۾ اچڻ جي آساني پيدا ڪئي وڃي ٿي، جيڪي اڳڙين جا گڏا ۽ هٿ ٻڌا ٻانها هجن. پر ڪڏهن ڪڏهن هٿ ٻڌا ٻانها به عوامي دٻاءَ تي چپ چوري وجھندا آهن.
[b]5. سنڌين جي عالمي تنظيمن سان رابطو:
[/b]سنڌ کان ٻاهر سنڌين جون ڪافي ثقافتي، ادبي ۽ نيم سياسي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن. انهن مان ڪي تنظيمون سنڌ جي سياسي مسئلن تي پڻ پرڏيهه ۾ آواز اٿارينديون رهن ٿيون. جن منجھان ورلڊ سنڌي ڪانگريس ته تمام گھڻي سرگرم، مؤثر ۽ سنجيدا جماعت آهي، جيڪا ڏيساور ۾ سنڌين جي آواز کي سگھاري انداز ۾ پيش ڪرڻ لاءِ لاڳيتو جاکوڙيندي رهي آهي.
گمشدگين جي معاملي تي به ورلڊ سنڌي ڪانگريس جو آواز هميشه ڏاڍو وقتائتو ۽ مؤثر پئي رهيو آهي. جنيوا ڪانفرنسن کان وٺي برطانوي سرڪار جي ايوانن سامهون تائين هن تنظيم پنهنجي پهچ آهر اثرائتي انداز ۾ احتجاج پئي ڪيا آهن ۽ آواز پئي اٿاريو آهي. سياسي قتلن جي خلاف به ورلڊ سنڌي ڪانگريس جا احتجاج پرڏيهه ۾ سنڌين جي قومي وجود جو احساس ڏياريندا پئي رهيا آهن. سچ ته ورلڊ سنڌي ڪانگريس ڏيساور ۾ سنڌين جو قومي آواز آهي.
تنهن ڪري هن معاملي تي ورلڊ سنڌي ڪانگريس کي به تفصيلي رپورٽون ٺاهي موڪلڻ گھرجن، ته جيئن اها ڪنهن به ماڻهو جي گمشدگي يا قتل کي عالمي فورمن تي کڻي سگھي.
[b]چچريل لاشا ملڻ کانپوءِ:
[/b]شهيد مظفر ڀٽو، سجاد مرکنڊ، عامر کهاوڙ، ديوان پريم ۽ صاحب خان گھوٽي توڙي مقصود خان قريشي ۽ سلمان وڌي يا هينئر آصف پنهور ۽ وحيد لاشاري ۽ ان بعد وري سرويچ پيرزادي ۽ واجد لانگاهه جي لاشن ملڻ کانپوءِ ٿي سگھي ٿو ته ڪي دوست ان راءِ جا هجن ته هاڻي جڏهن رياست چچريل لاش ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي ۽ ماڻهن کي پڪڙي فوري طور تي ماري باهيون ڏيئي ٿي ڇڏي، يا ستت ئي چچريل لاشا ٿي اڇلائي، تڏهن مٿين قدمن کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ منهنجو خيال آهي ته جيڪو به ماڻهو پڪڙي گم ڪيو وڃي ٿو، اهو ان ڳالهه جو حقدار آهي ته سندس مؤثر پوئيواري ڪئي وڃي. ان آسري ۾ ماٺ ڪري ويهڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي ته همراهه کي ماري ڇڏيندا، ان ڪري ڪجھه ڪيئن ڪجي. رياست ڀلي لاشا ڏيندا رهي، پر هِن پاسان مٿي ڄاڻايل انداز ۾ تحرڪ ضرور ورتو وڃي.
جيڪڏهن عدالت تائين پنهنجي پهچ کان اڳ ۾ ئي ڪنهن گرفتار همراهه جو لاش اڇلايو ٿو وڃي، ته ان صورت ۾ وري ماوراءِ عدالت قتل جي موقف سان ڪورٽن سان رجوع ڪرڻ گھرجي. گڏوگڏ مٿي ڄاڻايل ٻين ادارن سان پڻ انهيءَ انداز ۾ لکپڙهه ڪري پنهنجو موقف پيش ڪرڻ گھرجي.
[b]هڪ ٻي اهم ڳالهه:
[/b]هن سلسلي ۾ هڪ اڌ ٻيون اهم ڳالهيون پڻ سمجھڻ جي ضرورت آهي. پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جا ماڻهو عام طور تي ايئن سمجھندا آهن ته ڪجھه ناهي ٿيڻو. حقيقت ۾ ايئن ڪونهي. دنيا جي اندر سڀ کان وڏي طاقت خود ماڻهو يا عوام آهي. عوام جي تحرڪ سان ئي عظيم تبديليون رونما ٿينديون آهن. سو هن معاملي تي به عوامي تحرڪ خوش آئند نتيجا ڏيڻ جو ڪارڻ بڻجندو.
منهنجي ٽارچرسيل ۾ هجڻ دوران، جيڪو منهنجو پنهنجو تجربو يا مشاهدو آهي اُهو ڪجھه هينئن ٿو چئي ته ٽي ڳالهيون هُنن کي خاص طور تي پريشان ڪن ٿيون. پهرين ڳالهه عدالتن جون پيشيون ۽ پڇاڻا آهن. ٻيءَ ڳالهه روڊن رستن تي ٿيندڙ احتجاج، مظاهرا، ڌرڻا، هڙتالون، جلسا جلوس ۽ اخبارن توڙي ٽي وين تي هلندڙ خبرون ۽ بيان آهن. ٽينءَ ڳالهه پرڏيهه ۾ ٿيندڙ احتجاج ۽ عالمي فورمن مان هِنن تي کڄندڙ آڱريون آهن، جيڪي هنن کي تمام گھڻو پريشان ڪن ٿيون ۽ کين دنيا اڳيان وضاحتون ڏيڻيون پون ٿيون ۽ دفاعي انداز اختيار ڪرڻو پئي ٿو.
ٻيءَ ڳالهه رياستي ادارن جي انداز کي سمجھڻ جي آهي. گھڻي وقت کان گھڻن مامرن ۾ رياستي ادارن هڪڙي پاليسي جوڙي رکي آهي ته ماڻهن کي ڇڏي ڏيو ته ڀلي جلسا جلوس ڪندا گھمن، گاريون ڏيندا رهن ۽ مخالفتن جا طوفان اٿاريندا وتن. کين احتجاجن کان نه روڪيو. پر کين بي اثر هينئن بڻايو جو سندن مطالبن تي ڪن نه ڏيو، سندن مسئلي تي ڌيان نه ڌريو، سندن ڳالهه نه ٻڌو. پاڻهي رڙي رڙي ماٺ ٿي ويندا. ڪنٽار ڪرڻ واري اها پاليسي هن معاملي تي پڻ روا رکي وڃي ٿي. ايئن ٿو لڳي ڄڻڪ ڪجھه ٿيو ئي نه هجي، ڪا ڳالهه ئي نه هجي، سڀ خير لڳو پيو هجي. ماڻهو رڙيون پيا ڪن، احتجاج پيا ڪن؛ ۽ حڪمرانن توڙي ڳجھن ادارن جي ڪنن تي ڪا جونءَ ئي ڪانه ٿي سُري. اها هُنن جي نظرانداز ڪرڻ واري پاليسي آهي. هو ظاهري ڏيک اِهو ٿا ڏين. پر اِن جو مطلب اِهو ناهي ته هو ڪو پريشان ئي نه ٿا ٿين. مٿيون ڳالهيون هُنن کي تمام گھڻو پريشان ڪن ٿيون. ان ڪري احتجاج، عدالتون، عالمي فورمن تي آواز، انصاف ۽ انساني حقن جي ادارن سان لکپڙهون مؤثر نموني جاري رهڻ کپن. جيڪڏهن ممڪن ٿي سگھي ته همراهه جي موٽي اچڻ کانپوءِ به عدالت مان پٽيشن واپس وٺڻ بجاءِ جوابدارن جي نشاندهي ڪرڻ گھرجي ۽ مٿن عدالتن جي توسط سان ڪيس داخل ڪرائڻ گھرجن. پر جي ڪنهن سبب ڪري اهو ممڪن نه ٿي سگھي ته به ڪنهن ماڻهو جي کڄڻ جي صورت ۾ ته فورن متحرڪ ٿي وڃجي ۽ مٿي ڄاڻايل نقطن تحت، جيترو تڪڙو ۽ مؤثر ٿي سگھي، لاڳيتو آواز اٿارجي.
آئون سمجھان ٿو ته هو جيترو ڪنٽار يا نظرانداز ڪرڻ واري پاليسي اختيار ڪن، اوترو ئي اسان کي مؤثر ۽ سگھارو آواز اٿارڻ گھرجي. هو نظرانداز ڪرڻ کان نه ٿا مُڙن ته پاڻ پنهنجي آواز تان هٿ ڪيئن کڻون! ياد رکڻ گھرجي ته اهو پنهنجو آواز، جاکوڙ ۽ سياسي جدوجهد ئي آهي، جيڪا آخرڪار ظلم جي قوتن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪندي. فِلحال تڪليفون ته کڻي پنهنجي حصي ۾ آهن، پر شڪست ۽ تباهي هُنن جو مقدر آهي. ايران جي عظيم قومي شاعر ۽ شاهنامي جي تخليقڪار فردوسي ڪيڏو نه سچ چيو آهي ته:
گرگ ميرو، سگ وزيرو، موش ديوان مي شود،
زاغ ضيابت، کر نيابت، ملڪ ويران مي شود.
”جنهن ملڪ جو بادشاهه بگھڙ هجي، ڪتا سندس وزير هجن، سيَهڙ جج هجن؛ ڪانگ هجن ڪامورا ۽ گڏهه سپاهي هجن، اُهو ملڪ ضرور تباهه ٿيندو.“
* * *
30 مارچ 2014ع
(نوٽ هن مضمون ۾ پهرين ڊسمبر 2014ع تي معمولي واڌارا ڪيا ويا آهن.)