شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

هڪڙي ڏينهن مَري، ويندس مان

هڪڙي ڏينهن مَري، ويندس مان
ڪائي ياد ڇڏي، ويندس مان

خُوشيون ٻين کي، اَرپي ساريون
جهان غمن جو کڻي، ويندس مان

ڏاڍا اَرمانَ، پيا ٿيندا
پنهنجو نانءُ ڪري، ويندس مان

خاموشيءَ جو، سفر نرالو
لَحدَ ۾ نيٺ لهي، ويندس مان

ڪوئي ڳوڙها، هاري مَتان
مُرڪ چپن تي رکي، ويندس مان

شعرن ۾ پيا، ڏسجو مون کي
پنهنجا شعر ڇڏي، ويندس مان

شاعر ماڻهو، مرندو ناهي
سڀ کي ائينءَ چئي، ويندس مان

”حسن“ اکين ۾ لُڙڪ لڪائي
ٻين کي لڙڪ ڏئي، ويندس مان