شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

هڪ وڏو احساس، آهي شاعري

هڪ وڏو احساس، آهي شاعري
پيار جو وشواس، آهي شاعري

رَتُ پياري ٿو، وڏو ڪَرڻو پئي
ها! جگر جو ماس، آهي شاعري

عَامُ ماڻهوءَ جي نَظرَ کان، آ مٿي
ڪُو نَئون اتهاسُ، آهي شاعري

تون ڏهاڙي ٿي انگل، آرا ڪرين
ڪونه ڪيو ڪنهن قياس، آهي شاعري

چنڊُ چُوڏهينءَ جو مٿان بيٺو آهي
راتِ پُو ڀي داس، آهي شاعري

بس! رڳو غمگين دنيا ٿي ملي
بيبسيءَ جو واس، آهي شاعري

رَازَ جيون جا سڀئي معلوم ٿيا
هر خوشي ٿي ناس، آهي شاعري

رُڃَ اکڙين جي اڳيان آهي ”حَسنَ“
ٿُو لڳي بنواس، آهي شاعري