سائين جي . ايم . سيد: ڪجهه ساروڻيون
اڳتي هلي منهنجي سيد جي شخصيت ۾ دلچسپي پيدا ٿي ۽ سندس ٻيا به ڪترائي ڪتاب پڙهيا، البته سائين جي . ايم . سيد جو درشن مونکي ڪافي دير سان نصيب ٿيو ۽ سائين جي . ايم . سيد جي پهرين جهلڪ مون جناح اسپتال ڪراچي ۾ ڏٺي، جتي پاڻ بيماريءَ سبب داخل هو. اهو 1984ع جو ڊسمبر يا 1985ع جو جنوري هو.
ان وقت جناح اسپتال جي ان وارڊ ۾ ٻيا به ڪيترائي سياسي اڳواڻ نظربنديءَ ۾ علاج هيٺ هئا، جن ۾ محترم رسول بخش پليجو، ڄام ساقي ۽ جمال نقوي شامل هئا ۽ آئون پنهنجي هڪ دوست سان گڏجي سيڙجي انهن سان ملڻ ويو هوس، اهو دوست مونکي اُن وارڊ ۾ ڇڏي پاڻ ڪنهن ڪم سان ٻي پاسي هليو ويو ۽ جڏهن آئون اندر گهڙيوس ته مون ڏٺو ته سامهون اُس ۾ پيل ڪرسين مان هڪ ڪرسيءَ تي سائين جي . ايم . سيد ويٺو هو ۽ ٻي ڪرسيءَ ۾ ڪو ٻيو شخص ۽ ٻه ٽي ڪرسيون خالي هيون. اهو صبح جو يارهين، ساڍي يارهين جو ٽائيم هو ۽ سائين جي . ايم . سيد اُس جو تِڙڪو وٺي رهيو هو. مون هڪ نظر سائين جي . ايم . سيد تي وڌي ۽ پوءِ اهو سوچي اڳتي وڌي ويس ته پهرين فلاڻي اڳواڻ سان ملي پوءِ اچي ٿو سائين سان ملان. حقيقت ۾ مونکي سائين جي . ايم . سيد کان وڌيڪ ان ليڊر سان ملڻ جو اشتياق هو. پر پوءِ اهو منهنجو اشتياق اهڙو ته ٽُٽُو ۽ ايترو ته بوکلائجي ويس، جو جيئن ٻن چئن منٽن کانپوءِ ان اڳواڻ جي بي رخيءَ جي ڪري سندس ڪمري مان ٻاهر نڪتس ته باقي ٻين سان ملڻ جو شوق ئي ختم ٿي ويو ۽ سڌو اچي گلشنِ اقبال ۾ پنهنجي چاچي عبدالغفور الستيءَ جي گهر ڪيم، هڪ ته آئون ٻهراڙيءَ جو ماڻهو ۽ مٿان وري احساسِ ڪمتريءَ ۾ ورتل، سو ان اڳواڻ جي بي رُخي منهنجي ذهن ۾ ايترو ته گهر ڪري ويهي رهي جو وري ڪڏهن به ڪنهن سياسي اڳواڻ جي در تي ساڻس ملڻ جي شوق ۾ نه ويس، البته اڳتي هلي، سو پوءِ ڪن ذميدارين سبب وڃڻ ٿيندو رهيو.
سائين جي . ايم . سيد سان ملڻ ۽ سندس محبت ۾ گهڙيون گهارڻ جو موقعو ڪافي پوءِ مليم. 19 مئي 1988ع ۾، جڏهن سن ۾ ٻي ڏينهن يعني 20 مئي تي سائين جي . ايم . سيد جي رهبريءَ ۾ ”سنڌ قومي اتحاد“ جو افتتاحي اجلاس ٿي رهيو هو ۽ آئون محرم غلام حسين رنگريز سان ميرپور بٺوري مان گڏجي سن ويو هوس. ان وقت محترم غلام حسين رنگريز ”سنڌي ادبي سنگت سنڌ“ جو سيڪريٽري جنرل هو ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ، ان اتحاد ۾ مبصر جي حيثيت سان شرڪت ڪري رهي هئي. اسين سن پهچي پهرين سائين امير حيدر شاهه سان ملياسين ۽ پوءِ سائين جي . ايم . سيد جي اوطاق تي وياسين، جتي اسانکي سائين جي . ايم . سيد وٽ سندس ڪمري ۾ نيو ويو، جت ٻيا به ڪيترا ئي دوست موجود هئا. مون جُهڪي ائين جي . ايم . سيد جا پير چُهيا ۽ پوءِ هڪ ڪنڊ وٺي ويهي رهيس. اتي سائين جي . ايم . سيد سان نڪتل منهنجو فوٽو انهن يادگار گهڙين جو مون وٽ بي حد قيمتي اثاثو آهي. ان ئي دوران هڪ اردو ليکڪ مرحوم انتظار حسين زيدي پنهنجي ڪتاب ”پاڪستان کا مقدمه“ جون ڪجهه ڪاپيون کڻي سائين جي . ايم . سيد وٽ آيو هو ۽ سائين جي . ايم . سيد اهي ڪاپيون اُتي ويٺل دوستن کي ورهائي ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ائين ان ڪتاب جي هڪ ڪاپي منهنجي حصي ۾ به آئي، جيڪا اڃا به مون وٽ موجود آهي، ان ملاقات جي يادگار طور.
سائين جي . ايم . سيد جي حوالي سان اڄ کان ڪافي سال اڳ مون هڪ ننڍو مضمون لکيو هو. جيڪو 27 جنوري 1990ع جي عبرت اخبار ۾ ڇپيو هو، ان مضمون ۾ مون سائين جي . ايم . سيد جي باري ۾ پنهنجن جذبن جو اظهار ڪندي ۽ پنهنجون ساروڻيون ساريندي لکيو هئو: ”هن سال به سائين جي . ايم . سيد پنهنجي سالگرهه نظربنديءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ سوچيندي، تنهائيءَ ۾ ملهائي، گذريل سال به سيد جي سالگرهه جيڪا اصل ۾ سندس سنڌي عوام سان رابطي جو هڪ ذريعو هوندو آهي، ملهائي نه سگهيو هو. آئون پاڻ کي ان حوالي سان خوشنصيب ٿو سمجهان ته آئون لڳاتار ٻه يا ٽي سال سيد جي سالگرهه تي سندس شهر ”سن“ مان ٿي آيو آهيان ۽ سيد سان ماڻهن جي محبت جا نظارا اکين سان ڏسي آيو آهيان. سائين جي سالگرهه تي پهريون ڀيرو تڏهن ويو هئس، جڏهن فخر افغان، سرحدي گانڌي خان عبدالغفار خان، فخر سنڌ محترم جي . ايم . سيد جي سالگرهه تي آيو هو. خان غفار خان عرف باچا خان جي اصول پسندي، قوم پرستي، پٺاڻن ۽ پختونستان سان محبت ۽ اهنسا جي اصولن تي سختيءَ سان ڪاربند رهڻ، ائين هو، جيئن سيد جو!
ان وقت ٻيئي عظيم ۽ چرندڙ ڦرندڙ تاريخ ساز شخصيتون گڏيون ۽ گوڏو گوڏي ۾ ڏيئي ٻنهي قومن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ سوچڻ ويٺيون ته منهنجي ذهن ۾ ”شيخ اياز“ جو شعر ٿوري ڦير گهير سان هن ريت ڦرڻ لڳو:
هي جي پوڙها جُهور، وڙهندي ٿيا ويڙهه ۾،
اڃا به ڏمرجن ڏاڍ تي، آڻ نه مڃن مور.
آئون باچا خان جي شخصيت کان صحيح نموني واقف، سندس آتم ڪهاڻي ”منهنجي زندگي ۽ جدوجهد“ پڙهڻ کانپوءِ ٿيس. سچ پُڇو ته اهو ڪتاب پڙهي منهنجي دل ۾ سندس لاءِ اُٿاهه عزت ۽ احترام پيدا ٿيو ۽ اهو عزت ۽ احترام ئي هو، جنهن جي ڪري آئون هن عظيم شخصيت جي هڪ جهلڪ ڏسڻ جي لاءِ ڪهي ”سن“ ويو هئس.
انتظار حسين زيدي پنهنجي ڪتاب ”پاڪستان کا مقدمه“ ۾ لکيو آهي ته ”جيڪو شخص هڪ گهڙي به محترم جي . ايم . سيد جي سامهون ويهي ٿو، سو تاريخ جو حصو بنجيو وڃي.“ پر هتي ته ٻه تاريخ ساز شخصيتون موجود هيون. گهڻي رش ۽ اسٽيج تي ڪارڪنن جي قبضي سبب آئون سيد ۽ باچا خان جون ڪجهه جهلڪيون ئي ڏسي سگهيو هوس.... پر دل کي اهو ڏڍ هو ته هن تاريخ جو رخ موڙيندڙ ميڙ ۾ آئون به موجود آهيان.
سن مان سالگرهه واري ان پروگرام مان موٽي اچي مون باچا خان جي آتم ڪهاڻيءَ جو خلاصو جيڪو مون سال سوا اڳ سنڌي ۾ ترجمو ڪيو هو، فيئر ڪري پنهنجي هڪ دوست سيد اڪبر شاهه کي ترجمي جون درستگيون ڪرڻ جي لاءِ ڏنو، جنهن ترجمي ۾ درستگيون ڪري هڪدم مونکي ان هدايت سان موٽايو ته، ”هيءَ هڪدم ڇپجڻ گهرجي“. سندس انهن لفظن مون ۾ اهو ڪتابي صورت ۾ ڇپرائڻ جو اُتساهه ۽ شوق پيدا ڪيو. منهنجي ٻي دوست قاسم پٿر چيو ته، ”ان ڪتاب جو مهاڳ سائين جي . ايم . سيد کان لکرائي“ ۽ پاڻ اهو لکرائي ڏيڻ جو وعدو ڪيائين ۽ پاڻ سان گڏ سن هلڻ جي لاءِ چيائين. پر آئون ڪيترائي ڀيرا ساڻس پروگرام رکي به نه ويس ۽ پوءِ مون اهو ڪتاب بنا مهاڳ جي ڇپرائي پڌرو ڪيو، ۽ ان ڪتاب کي سنڌ ۾ وڏي پذيرائي ملي.
ٻيو ڀيرو محترم جي . ايم . سيد جي سالگرهه تي ڏاڍين ڏکين حالتن ۾ وڃڻ ٿيو. مارشلا اختياريءَ وارن سيد جي سالگرهه جي تقريب روڪائڻ لاءِ کيس سن مان وٺي ”حيدر منزل ڪراچيءَ“ ۾ نظربنديءَ جا احڪام جاري ڪيا ۽ سڄي ضلع دادو جي پوليس ان حڪم جي تعميل لاءِ وٺ پڪڙ ۾ اچي ويئي، پر سيد جي اٽل ارادن اڳيان هڪ به نه هلين ۽ سيد پنهنجي سالگرهه ”سن“ ۾ ئي ملهائي. سالگرهه جي ان ئي تقريب ۾ مرحوم عبدالحفيظ پيرزادو، جنهن تي ان وقت گرفتاريءَ جا احڪام هئا، ويس بدلائي پهتو ۽ تقرير ڪيائين.
ان سالگرهه ۾ شرڪت لاءِ جڏهن صبح جو سوير ڀاڙي تي ڪيل بس ۾ چڙهڻ جي لاءِ دڙي ۾ مقرر هنڌ تي پهتاسين ته گهڻا دوست ان وٺ پڪڙ سبب گم هئا. همراهه حالتن جي سخت هئڻ جو ڊپ جهلي نه سگهيا. بهرحال مونکي خوشي آهي ته ان سالگرهه واري تقريب ۾ آئون به هئس، جنهن کي روڪرائڻ لاءِ سرڪار ۽ نام نهاد اردو قومي ميڊيا ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايو هو.
سائين جي . ايم . سيد هڪ مدبر، صوفي منش ۽ وڏو دانشور هو، سچَ سان سندس بي حد اُنسيت هئي، ڪوڙ، مڪر، فريب ۽ روايتي سياست جي ڇيڙي نبيري هن جي ذات ۽ صفات جو حصو نه هئي. هو سنڌ جو سچو عاشق ۽ سنڌ جي عشق ۾ مجذوب ٿي ويل ۽ آزادي جو متوالو شخص هو. جنهن جهڙا شخص صدين کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن.
منهنجي خوشنصيبي آهي ته مون ان عظيم انسان کي پنهنجي اکين سان ڏٺو.