سرڪاري ادارا، ادبي ايوارڊ ۽ اردو ادب
پاڪستان ۾ ٺهيل ڪجهه اهڙا ادبي اداران به آهن، جن جي مول ۽ متن ۾ اهو شامل آهي ته هو ملڪ ۾ ڳالهائجندڙ ٻين ٻولين جي ادب جي ترقي جي لاءِ پڻ ڪم ڪندا پر عملي طور تي انهن جي ڪردار کي ڏٺو وڃي ته هو ٻين ٻولين ۾ هڪ اڌ ايوارڊ ڏيئي يا ڪتاب ڇپائي، باقي سڄي فنڊنگ اردو ادب جي ڇپائي ۽ ترقي تي خرچ ڪن ٿا. اهڙن ادارن ۾ اڪادمي ادبيات پاڪستان ۽ نيشنل بوڪ فائونڊيشن جا نالا سرفهرست آهن. اڪادمي ادبيات پاران سال ۾ سواءِ هڪ اڌ ڪتاب ٻين ٻولين ۾ ڇپائڻ جي باقي سڀ ڪتاب اردو ۾ ڇپايا وڃن ٿا. ان اداري پاران هر سال اردو کانسواءِ ستن ٻين پاڪستاني ٻولين ۾ ڇپيل ڪتابن تي ادبي انعام ۽ ايوارڊ به ڏنا وڃن ٿا، پر انهن ۾ اهو فرق رکيو ويو آهي ته اردو ادب ۾ نثر ۽ نظم ۾ ٻه ڌار ايوارڊ ڏنا وڃن ٿا، باقي ٻين ٻولين ۾ هڪ هڪ ايوارڊ. نيشنل بوڪ فائونڊيشن جو به اهو ئي حال آهي، جيڪي ڪتاب ڇپجن سي اردوءَ ۾، جڏهن ته ٻين ٻولين ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ئي ڪتاب ڇپيو وڃي ٿو. جڏهن مظهر الاسلام اداري جو ڊئريڪٽر جنرل هو ته اداري پاران ڪيترائي پراجيڪٽ شروع ڪيا ويا هئا، جن ۾ ”سفيران ادب“ وغيره به ان ۾ پڻ سنڌي ادب ۽ اديبن کي نظرانداز ڪيو ويو. هڪ اڌ سنڌيءَ ۾ ڪتاب ضرور ڇاپيو ويو، پر اهي به اهڙا جن جي نه ڇپجڻ سان ڪو به فرق نه پوي ها. ڪتابن تي ايوارڊن جي حوالي سان هتي هڪ ڳالهه لکڻ مناسب رهندي ته اڳ ۾ اڪادمي ادبيات پاڪستان پاران هر سال ايوارڊن لاءِ مختلف ٻولين ۾ ڇپجندڙ ڪتابن جون چار چار ڪاپيون خريد ڪيون وينديون هيون، پر گذريل چئن پنجن سالن کان اهو سلسلو بند ڪيو ويو آهي. هاڻ جيڪي اديب ڪتاب ايوارڊ يا انعام لاءِ اداري کي موڪلين ٿا، اهي ئي مقابلي ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا. ٻه سال اڳ اداري کي فقط يارنهن سنڌي ڪتاب پهتا هئا، جن جي آڌار تي فضل الله قريشيءَ جي ڪتاب کي ايوارڊ سان نوازيو ويو هو ۽ ان جي ٻي سال تيرهن ڪتابن مان اياز گل جي ڪتاب کي. اهو سنڌي ٻولي جي ڪتابن جو ذڪر آهي. ٻين ٻولين جي ڪتابن جي باري ۾ مونکي معلومات ڪانهي. ساڳيو حال سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران جاري ادبي انعام جو پڻ آهي. سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو پڻ پهرين ڪتابن جون چار چار ڪاپيون خريد ڪندو هو، پر هاڻ ان پاران جيڪي ڪتاب ليکڪن موڪليا، سي ئي اگهيا. پوءِ ڀلي هر سال سنڌي ۾ مختلف صنفن ۾ سؤ ڪتاب ڇپبا هجن، پر جيڪي ٻه چار ڪتاب ليکڪن موڪليا ته اهي ئي شامل ڪبا، ائين انهن ادبي انعامن ۽ ايوارڊ جي اهميت ئي ختم ٿي ويئي آهي. حيرت آهي ته اهي ادارا ادب جي ترقي لاءِ ڪم ڪن ٿا، سال ۾ لکين روپيا اجاين سجاين ڪمن تي خرچ ڪن ٿا، پر ڪتاب خريدڻ لاءِ تيار نه آهن.
مون اردو ادب جي شاهڪار هئڻ جي ڳالهه ان ڪري ڪئي ته تازو اردو جي نامياري ليکڪ انتظار حسين جي ناول ”بستي“ کي بين الاقوامي انعام ”بوڪر پرائز“ جي لاءِ نامزد ڪيو ويو هو ۽ اهو به آخري ٽن نالن مان، جن مان ڪنهن به هڪ کي اهو انعام ملڻون هو، تنهن کانسواءِ انتظار حسين کي فرانس جي ان اعزاز سان به نوازيو ويو آهي، جيڪو سڄي دنيا جي انهن اديبن ۽ فنڪارن کي ڏنو ويندو آهي، جن ادب ۽ فن جي ميدان ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون هونديون آهن. انتظار حسين کي ان ايوارڊ جي ملڻ سان اردو اديبن ۾ وڏو جوش آهي ۽ هو ان کي بين الاقوامي سطح تي اردو ادب جي مڃتا ۽ پذيرائي سمجهڻ سان گڏ، اردو ادب لاءِ هڪ وڏو اعزاز به سمجهن ٿا. انگريزي ۾ ان ايوارڊ جو نالو Office of the order of Arts and Literature آهي، انتظار حسين کي اهو ايوارڊ ملڻ تي ڪيترن ئي اردوءَ جي اديبن وجاهت مسعود، مسعود اشعر، ڪشور ناهيد ۽ ٻين ڪالم لکي ان ايوارڊ کي اردو ادب لاءِ هڪ وڏو اعزاز قرار ڏنو آهي. ان ايوارڊ جي تاريخ اها آهي ته اهو فرانس جو سڀ کان وڏو اعزاز آهي. جيڪو جنرل ڊيگال جي ثقافت واري وزير ۽ مشهور ناول نويس ’آندري مارلو‘ شروع ڪيو هو. جنهن جي ناولن جا حوالا اسانجي شيخ اياز به پنهنجي لکڻين ۾ ڪافي هنڌن تي ڏنا آهن. اهو ايوارڊ هيستائين هندستان جي جن ٻين اديبن ۽ فنڪارن کي مليو آهي، انهن ۾ بنگالي زبان جي وڏي ڪهاڻيڪارا مهاشويتا ديوي، امرتا پريتم ۽ فنڪارن ۾ شاهه رخ خان ۽ ايشوريا راءِ شامل آهن. اهو اعزاز يا اعزازي تمغو ڪنهن شخصيت جي مجموعي ڪم جي حوالي سان ڏنو وڃي ٿو. انتظار حسين کي اهو تمغو يا اعزاز ڏيڻ جي لاءِ فرانسيسي سفير خاص ڪهي لاهور آيو هو ۽ ’آواري ٽاور هوٽل‘ ۾ هڪ شاندار ”تقريب“ ڪوٺائي ويئي، جنهن ۾ اردو اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
انتظار حسين اردو جي مخصوص لب ۽ لهجي وارو ليکڪ آهي، هن پنهنجي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ بقول ليکڪ خالد حسين جي پنهنجن اباڻن شهرن ’ڊيبائي‘ ۽ ’بُلند‘ شهرن مان لاهور لڏي اچڻ کانپوءِ به پنهنجي زبان کي هتي جا مقامي زبانن ۽ لهجن سان آلودهه ٿيڻ نه ڏنو آهي. هو جيڪا زبان پنهنجي اباڻي شهر ۾ ڳالهائيندو هو يا اتي جي ماڻهن ۽ پنهنجي ڪٽنب وارن کان جيڪا زبان ٻڌندو هو، ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ هن اهائي زبان استعمال ڪئي آهي. اردو ڪهاڻي ۽ ناولن ۾ اهو هڪ نئون ۽ شيرين لهجو هو.
انتظار حسين جا اردوءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ ناول، ڪهاڻيون، يادگيريون، سفرنامه، ڪالم وغيره شامل آهن، جن جو تعداد پنجاهه کان به وڌيڪ آهي. جن مان ڪيترن جا انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ پڻ ترجما ٿيا آهن. سندس ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب The Death of Sheberzadi جي نالي سان ترجمو ٿي دهلي مان ڇپيو آهي.