آمريت جي خلاف جدوجهد ۽ لبيا
5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءَ الحق، ذالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ۽ ملڪ ۾ مارشلا لاڳو ڪئي ويئي، پاڪستان جي تاريخ جي اها بدترين مارشلا هئي، جنهن نه رڳو پاڪستان جي ايندڙ وقت، سياست ۽ سماج تي وڏا اثر ڇڏيا، پر اڄڪلهه جيڪا بنياد پرستي، دهشتگردي، هيروئن، ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ ڪرپشن جا داستان در داستان آهن، انهن جا ڇيڙا ۽ سرا ڦري گهري وڃي ان مارشلا جي بنيادن تائين پهچن ٿا.
جمهوري حڪومت جي خاتمي ۽ ذالفقار علي ڀٽي جي ڦاسي کانپوءِ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ هلائي ويئي، جيڪا ايم_َآر_ڊي جي پليٽ فارم تان هلي، ٻي طرف شهيد ذالفقار علي ڀٽي جي فرزندن شهيد مرتضيٰ ڀٽي ۽ شهيد شاهنواز وري ٻيو رستو اختيار ڪيو. هنن ”الذوالفقار“ جو بنياد رکي، جنرل ضياءَ الحق ۽ سندس ساٿارين کي رستي تان هٽائڻ جي رٿابندي ڪئي. ان سلسلي ۾ الذوالفقار جي نالي ۾ ڪجهه ڪاروايون به عمل ۾ آيون. خاص ڪري پي _آءِ_ اي جي جهاز جو اغوا ، چوڌري ظهور الاهي ۽ ڀوپاليءَ جو قتل، لاهور مان ضياءَ الحق جي جهاز تي سام ميزائيل جو حملو وغيرهه قابل ذڪر واقعا آهن. الذوالفقار کانسواءِ ”لبيا سازش ڪيس “ جو ذڪر به ٿيندو رهيو.
”الذولفقار“ جي حوالي سان ”راجه انور“ جو ڪتاب ”دهشتگرد شهزادو“ جيڪو انگريزي ۾ ”ٽيررسٽ پرنس“ جي نالي سان ڇپيو هو، ڪافي ڄاڻ مهيا ڪري ٿو، جنهن ۾ الذولفقار ۽ ان جي ڪارواين جي حوالي سان ڪيترن ئي واقعن تان پردو کنيو ويو آهي، الذوالفقار جي موضوع تي هڪ ٻي سياسي ڪارڪن ” آصف بٽ ايدوڪيٽ “ جو ڪتاب ”ڪيئي سوليان سر راهه تهين “ به ڪافي ڄاڻ مهيا ڪري ٿو.ان ڪتاب ۾ پڻ ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون ۽ واقعا بيان ڪيا ويا آهن، ان ڪتاب ۾ راجه انور جي ڪتاب دهشتگرد شهزادو جي ڪيترن ڳالهين کي پنهنجي انداز سان بيان ڪيو ويو آهي.
ان موضوع تي ٽيون ڪتاب طارق خورشيد جو ”سوئي دار “آهي جيڪو ”لبيا سازش ڪيس“ جي اندروني ڪهاڻي بيان ٿو ڪري، لبيا سازش ڪيس تي پروفيسر افضل توصيف، جيڪا پڻ ”لبيا سازش ڪيس“ جو حصو هئي. جو ڪتاب ”لبيا سازش ڪيس“ پڻ ڇپيل آهي، پر اهو منهنجي نظرن مان نه گذريو آهي ، راجه انور جي هڪ ٻئي ڪتاب “ قبرڪي آغوش“ ۾ پڻ الذوالفقار جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون بيان ڪيل آهن، پر اهي ڳالهيون لڳ ڀڳ ”دهشتگرد شهزادي“ ۾ پڻ آيل آهن. ان ڪتاب تي منهنجو ڌار تبصرو پڻ ڇپيل آهي.
طارق خورشيد جي ڪتاب ”سوئي دار“ مان اسان کي لبيا سازش ڪيس جي باري ۾ معلومات ملي ٿي، سڄي ڪهاڻي پڙهڻ کانپوءِ اها ڳالهه سمجهڻ ۾ دير نٿي لڳي ته ڪجهه فرد ڪيئن نه پنهنجي خواهشن جي پورائي لاءِ مهم جوئي ڪندي، بهترين نظرياتي ڪارڪنن کي استعمال ڪن ٿا ۽ انهن کي ٻوهيءَ ۾ وجهي، وقت اچڻ تي پاڻ ته مختلف مصلحتون ۽ ٺاهه ڪري بچي وڃن ٿا، پر طارق خورشيد جهڙن نظرياتي ڪارڪنن جون زندگيون جيلن ۾ سڙنديون رهيون.
لبيا سازش ڪيس جي ڪهاڻي هيئن آهي ته پاڪستان آرمي جو هڪ برگيڊيئر خالد عثمان ، جيڪو ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪنيز فاطمه جو ڀاءُ هو، تنهن پاڪستان آرمي مان علاج لاءِ موڪل وٺي، لنڊن ۾ وڃي ضياءَ الحق جي خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي فوج تان استيفيٰ ڏيئي ڇڏي، ۽ پوءِ پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ ’پاڪستان لبريشن موومينٽ‘ ٺاهي، جنهن کي لبيا جي سربراهه ڪرنل معمر قذافي جي مالي مدد حاصل هئي، ان وقت ڪرنل قذافي سڄي دنيا ۾ اهڙيون مهم جويون ڪندو هو ۽ سندس گرين بوڪ فلسفي تحت دنيا ۾ خاص ڪري مسلمان ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ گروهن کي سندس فلسفي تي هلڻ ۽ انقلاب آڻڻ لاءِ هر قسم جي امداد مهيا ڪندو هو، لبيا وارن ان سلسلي ۾ برگيڊير خالد عثمان جو هٿ پڪڙيو ۽ هتان پاڪستان مان سندس ڀيڻ ڪنيز فاطمه ڪارڪن ڀرتي ڪري لبيا موڪليندي هئي. جتي کين فوجي سکيا ڏني ويندي هئي ۽ قذافي جي گرين بوڪ فلسفي تي ليڪچر ڏنا ويندا هئا، خالد عثمان جو مقصد هٿيار بند جدوجهد جي وسيلي ضياءَ الحق جو تختو انڌو ڪرڻ هو، خير خالد عثمان جي مفادپرستي جي ڪري معاملا اڳتي وڌي نه سگهيا، جيڪي همراهه پاڪستان مان لبيا ويا هئا. سي پاڪستان موٽي آيا ۽ اچي جيلن جي حوالي ٿيا، قصو ڏاڍو دلچسپ آهي، لبيا سازش ڪيس جي باري ۾ آءِ ايس آءِ جي هڪ اڳوڻي ڊپٽي ڊئريڪٽر برگيڊيئر ارشاد احمد ترمذيءَ به پنهنجي ڪتاب ”حساس اداري “۾ به ڪافي دلچسپ ڳالهيون بيان ڪيون آهن.
ڪرنل قذافي کي آڪٽوبر 2011ع ۾ چاليهن سالن جي ڊگهي اقتدار کانپوءِ آمريڪا ۽ ناٽو پنهنجي گڏيل ڪاروائي ڪري قتل ڪري ڇڏيو، قذافي جي هٽڻ سان لبيا خانه جنگي جو شڪار ٿي ويو،هن وقت لبيا جي حالت افسوسناڪ آهي ۽ لبيا گروهن ۾ ورهايو پيو آهي. قذافي تي طرح طرح جا الزام لڳندا رهندا آهن، پر اها به حقيقت آهي ته قذائي پنهنجي دور ۾ لبيا کي خوب ترقي وٺرائي ۽ لبيا ۾ جيڪو نظام لاڳو ڪيو، ان مان لبيا ئي عوام کي وڏو فائدو هو .
پاڻ ماڻهن کي هونئن به قذافي سان گهڻي دلچسپي رهي آهي، ان جوهڪ سبب اهو به هو ته قذافي ذالفقار علي ڀٽي جو دوست هو ۽ هن جي دور ۾ هزارين پاڪستاني لبيا ۾ نوڪريون ڪندا هئا، جن سان پاڪستان جي معشيت کي وڏو فائدو ملندو هو.
طارق خورشيد پنهنجي ڪتاب ۾ لبيا جي حڪومتي نظام تي هڪ سڄو باب لکيو آهي، جيڪو، ”معمرقذافي ڪا لبيا“ جي عنوان سان آهي. اُن باب پاڻ هيٺ ڪجهه مختصر ٽڪرا ترجمو ڪري پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون ٿا جيئن سندن ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي.
1_معمر قذافيءَ صحرا ۾ائين ساوڪ وڇائي آهي، جو نيڻ نهار تائين ساوڪ صحرا جي گود کي ڍڪي ڇڏيو آهي.
2_لبيا ۾ پوکي راهي به ڪمال جي آهي، ريگستان ۾ مٽي جي تهه وڇائي پوکي راهي ڪئي ويئي آهي. .
3_ هڪ ڏينهن اسين گرين اسڪوائر (طرابلس) ۾ وَڙڪي رهيا هئاسين، جو هڪ هنڌ اسان هڪ ميڙ کي ڏٺو، تجسس سبب اسين ان ۾ شامل ٿي وياسين، مون سوچيو ته هنگامو ٿي پيو آهي، پر پُڇڻ تي خبر پئي ته ماڻهو هڪ دڪان تي پٿراءُ ڪري رهيا آهن، پُڇڻ تي خبر پئي ته مذڪورهه دڪاندار مقرر اگهه کان وڌيڪ اگهه وٺي رهيو هو، جنهن جي شڪايت علائقي جي پيپلز ڪميٽيءَ کي ڏني ويئي. جنهن جي اجلاس ۾ ڪاروائي جي دوران دوڪاندار جي خلاف شڪايت جائز ثابت ٿي. جنهن تي ڪميٽي فيصلو ڪيو ته کيس دوڪان هلائڻ جو ڪو به حق ڪونهي، دڪاندار مزاحمت ڪئي، جنهن جي جواب ۾ ماڻهن دوڪان تي پٿراءُ ڪيو ته جيئن دوڪان بند ڪرائي سگهجي، حڪومت جو اهو انداز عجيب ۽ غريب آهي، ]ڇا پاڻ وٽ وڌيڪ اگهه وٺندڙ دوڪاندارن سان ڪا اهڙي جٺ ٿي سگهي ٿي؟[
4_ طرابلس ۾ گرين اسڪوائر کي وڏي اهميت حاصل آهي، ان کي آزاديءَ جو چوڪ به چيو وڃي ٿو، پراڻي طرابلس جي ڪناري موجود اهو چوڪ وڏين بازارين ۽ سمنڊ طرف ويندڙ رستي کي ملائي ٿو، ڪنهن وقت هتي هڪ مزار هئي. پر ڪرنل قذافيءَ جڏهن ملڪ ۾ فرقي بنديءَ جو مسئلو نبيريو ته اها مزار به ويندي رهي، چون ٿا ته ڪرنل معمر قذافي ملڪ جي سڀني عالمن کي گڏ ڪيو ۽ چيو ته ڇا اوهين مڃو ٿا ته الله هڪ آهي؟ جواب مليو”هائو“، قرآن هڪ آهي؟ جواب مليو ”هائو“، رسول هڪ آهي؟ جواب مليو ”هائو“، اهو ٻڌي ڪرنل قذافيءَ چين ته پوءِ مونکي هڪ متفق اسلامي نظام ڏيو، آئون اوهان کي ٽي مهينا ڏيان ٿو، ٽي مهينا گذري ويا پر عالم پنهنجي تفرقي بازي جي ڪري ڪنهن نتيجي تي پهچي نه سگهيا ته ڪرنل قذافي سڀني کي مارڻ جو حڪم ڏنو ۽ قوم کي چيو ته ” هاڻ آئون ٻڌائيندس ته اسلام ڇا آهي؟،“ان وقت گرين اسڪوائر تي قائم مزار به ڊاٺي ويئي.(صفحو 74)