تنهنجي اکڙين جي آڪاش مان- صبح جا سوجهرا ٿا ڦٽن،
تنهنجي زلفن جي سايي منجهان- شام کي ڇانورا ٿا ملن.
تنهنجي نظرن جو هڪڙو نظارو- چنڊ ويٺو آ بڻجي ويچارو،
تو سان چانڊاڻ جهومي پئي- سڀ ستارا پيا رقص ڪن.
چاهه وارن چپن کي ٿي چورين- ڄڻ ته هيرن جي تسبي ٿي سورين،
ماٺ ئي ماٺ حيرت منجهان تنهنجون ٻوليون پکي ٿا ٻُڌن.
تنهنجي جلون ۾ جرڪاءُ جيڏو- دل ۾ تو لاءِ آ تاءُ تيڏو،
منهنجي سوچن سندا سلسلا- سونهن تنهنجيءَ مٿان ٿا کٽن.
ٿورو ٿورو ڀلي پاڻ پل تون- قيدخاني ۾ جوڀن نه جهل تون،
ساهُه زاهد کان ويندو رُسي- شل نه رخسار تنهنجا رُسن.