رستا ٿڪبا ناهن سائين- راهي ٿڪجي پوندا آهن،
منزل ڏور ڏسي واٽن ۾- ڪيئي ويهي رهندا آهن.
ڪوڪو رهڙيل روح ٿئي ٿو- هر ڪو جهيريل جيءُ ته ناهي،
جنهن جي دل آ دکندي تنهن کان- ڳاڙها ڳوڙها ڳڙندا آهن.
چوٽ چڙهي ٿي موٽ نه ڄاڻي- اوکيءَ ۾ ڪا اوٽ نه ڄاڻي،
ڏکندي آ پر جهڪندي ناهي- چاهت جنهن کي چوندا آهن.
رات نگر کان ڏور سحر آ- سوچون ميڙي سج بڻايو،
لوچڻ سان ئي سور صدين جا- ڪنهن لهذي ۾ لهندا آهن.
آهي زاهد باهه به آڏو- ساهه به پيارو چاهه به پيارو،
عشق جي آڙهه مان گذرڻ جون- سختيون ڪي ڪي سهندا آهن.