سوکيءَ جو مسافر منصور ٿلهو
سمنڊ ويجهو سنڌوءَ جي مک وهڪري تي سوکي بندر توڙي جو آڳاٽي زماني ۾ هڪ پتڻ رهيو هو، پر انگريزن جي دور ۾ هڪ بندر جي شڪل اختيار ڪيائين. ڳاڙهن، رتڙين، کارائي گنجن، سڳداسي سارين/ چانورن جي ڀلين ٻنين جي وچ ۾ سوکي وارو علائقو گھڻي زماني کان زرعي لحاظ کان تمام گهڻو خوشحال هو. سنڌوءَ جي جنهن وهڪري تي سوکي بندر هو سو اُهو ئي وهڪرو آهي جنهن جي اوڀر ۾ ويجهو ئي شاهه بندر آباد هو، سنڌو ڪجهه ڪوهن تي اڳتي اولهه طرف هلي، کاري ۾ ڇڻي کارو ڇاڻ سڏوبوہو/ آهي. مختلف لکتن ۽ روايتن مان لڳي ٿوته شاهه بندر جي اوج گهٽ ٿيڻ کان پوءِ سوکي اُسريو ۽ اوج تي پهتو. هيٺين چوڻي به اڃا تائين ٻڌائي وڃي ٿي، جنهن ما اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سوکي ڪڏهن آباد ٿيو:
شاهه (بندر) ڦٽو سوکي وٺو.
جاگرافيائي لحاظ کان سوکي اهڙي علائقي ۾ موجود هو، جتي سنڌوءَ جو ڇوڙ پکڙي پالاٽون ڪري آس پاس وارا علائقا آباد ڪري، وڃي سمنڊ ۾ پوندو هو. تنهنڪري هتي تمر ۽ ٻين وڻن جا گهاٽا ٻيلا به موجود هئا، ته ساڳ جو وڻ، ساريال ۽ ٻيون آباديون به جام ٿينديون هيون، ۽ تڏهن مڇي به جام هئي. سنڌوءَ جي مٿين علائقن تائين به هتان ٻيڙيون سولائيءَ سان وڃي ۽ اچي سگهنديون هيون. هتان وري سمنڊ وسيلي مختلف ملڪن ڏانهن مال متا به وڃي سگهندو هو. مليل انگن اکرن موجب هزارين آبادي تي مشتمل هن بندر ۾ ٽي سو هٽ ۽ ڪجهه ٺيلها وغيره موجود هوندا هئا. بندر تي هر وقت ننڍيون وڏيون ٻيڙيون اينديون وينديون رهنديون هيون، جنهن ڪري هر وقت ماڻهن جي گھڻائي هوندي هئي. شهر ۾ وڏا واپاري ۽ شاهوڪار به رهندا هئا ته آسپاس وڏا زميندار به آباد هئا. وسيع سکيو ستابو علائقو رکندڙ سوکي بندر مان اناج، سڻي، ڪپڙو، ڪاٺ، چمڙو وغيره نه رڳو ملڪ جي ٻين علائقن ڏانهن ويندو هو پر ڏور ڏيهن تائين به موڪليو ويندو هو.
هن بندر جا اسان جيڪي 1982ع ۾ آثار ڏٺا انهن کي ڏسي حيرت ٿي هئي ته هيڏو وڏو شهر ڪيئن اُجڙي ويو. سوين ڍٺل دڪان ٻه وڏيون رائس ملون، ٻيڙين لاءِ دڪان ۽ سوين اُجڙيل گهر وغيره اُجڙيل صورت ۾ موجود هئا. تڏهن آسپاس وارن علائقن ۾ اهڙا تمام گهڻا ماڻهو حيات هئا، جن هن شهر جي بندر بازارين کي آباد ڏٺو هو. 80 واري ڏهاڪي کان پوءِ لڳاتار رڪاوٽون وجهڻ جي ڪري درياهه جي گهٽجڻ ڪري ۽ ٻي پاسي سمنڊ جي خشڪيءَ طرف وڌڻ جي ڪري سوکي بندر به ٻين بندرن وانگر ساڻو ٿيندو، نيٺ اجهامي ويو.
نه سي ونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون
پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
(شاهه لطيف)
آس پاس جون زمينون تباهه ٿينديون رهيون. کاري وڌڻ ڪري، پنڌ پيچرا به بند ٿي ويا، ماڻهو مايوس ٿي پنهنجا خوبصورت گهر گهاٽ هوريان هوريان ڇڏيندا، سنڌ جي مختلف علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪندا ويندا رهيا. ايئن سنڌوءَ جي رڪجڻ سبب بندر برباد ٿيندو ۽ شهر اجڙندو رهيو. هاڻي ته اها صورتحال آهي جو انهن پٽن مٿان ٻيڙيون گذرندي نظر اچن ٿيون. باقي ڪو شهر وارو به ٿورو ٽڪرو وڃي بچيو آهي، جيڪو به آلڙ ۾ آهي. البت جڏهن جڏهن ويرون گهٽبيون آهن ۽ پاڻي لهي ويندو آهي، تڏهن رڳو ڪن جڳهين وغيره جا آثار ڪر کڻي ڏيکائي ڏيئي وري پاڻيءَ ۾ الوپ ٿي ويندا آهن.
منهنجو پيارو دوست منصور ٿلهو گهڻي وقت کان سامونڊي ڇوڙ واري علائقي تي ڪم ڪندو رهيو آهي. هو ڪو اُهو ڪم ڪو گهر ويٺي ڪو نه ڪندو آهي، پر اُتي وڃي هفتن جا هفتا رهي، ڪڏهن گاڏين تي، ڪڏهن ٻيڙين تي ته ڪڏهن وري پيرين پنڌ سفر ڪندو، اُتي جي ڳوٺن، واهڻن، وستين ۽ پراڻن پڊن جا احوال قلم بند ڪندو رهيو آهي. ڪجهه سال آمريڪا ۾ وڃي رهيو ته اُتان به اوير سوير پيو فون وسيلي رابطو ڪري، اهڙا احوال سليندو هو. مطلب ته کيس اهو خفت اتي به رهيو. وري جو واپس پنهنجي ماڳ موٽيو ته وري به سندس ساڳيائي پنڌ ۽ پڇائون. سنڌ جي سامونڊي ڪناري سان اهڙي ڪا لئون لڳي اٿس جو ٻئي ڪا وائي وات اٿس ئي ڪو نه. اڄڪلهه به ان طرف ويندي يا ايندي ملندو. اُتان جڏهن واپس ورندو ته گھڻيون ئي حقيقتون ڳولي آڻيندي خوش به ايڏو ٿيندو جو ڄڻ ته ڪي موتي ميڙي آندا هجنس. ها سچ پچ موتي ئي کڻي ايندو آهي، ڪڏهن لفظن جا موتي، ڪڏهن واقعن جا موتي، ڪڏهن ڪن داستانن جا موتي ته ڪڏهن وري ڪن منظرن جا موتي. ڪڏهن به نه ٿڪجندڙ هن مسافر سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ لهجي جي لفظن کي گڏ ڪري پڌرو به ڪيو آهي، ته انهن تي وڌيڪ ڪم به ڪري رهيو آهي. سامونڊي ڪناري واري علائقي جي پسمنظر ۾ ڪهاڻيون ۽ ناول به لکيا اٿس. صنفن واري سانچي کي هڪ پاسي رکي، حقيقتن کي ڏسبو ته اُهي هن علائقي جون سچون رپورٽون ۽ وارتائون ضرور آهن. سندس ڪتابن ۾ اُتي جي ماڻهن جا تلخ تجربا ۽ مشاهدا موجود آهن جيڪي تاريخ جو حصو آهن.
منصور ٿلهي جو هيءُ ڪتاب “سوکيءَ بندر ۽ سامونڊي سور” سفرنامو سچ پچ پڙهڻ وٽان آهي، ڇاڪاڻ ته هن بندر تي تمام گھٽ لکيو ويو آهي. منصور اتي وڃي ڏينهن جا ڏينهن رهي احوال محفوظ ڪيا آهن. بندر جي آسپاس کي ووڙيو آهي، هتان لڏي مختلف هنڌن وڃي ويٺل ماڻهن سان اتي وڃي ملي، ساڻن رهاڻيون ڪري، سمورا احوال حاصل ڪيا آهن. جيڪي ماڻهو پنهنجا اباڻا گھر ڇڏي ٻين شهرن يا ڳوٺن ۾ وڃي ويٺا آهن انهن ڏکيا ڏينهن گھاريندڙن جا داستان اسان جي سامهون آندا آهن. منصور جن ماڻهن سان وڃي رهاڻيون ڪيون انهن ۾ چاچو عيسيٰ، محمد عمر خاصخيلي کيرواڻي، احمد خاصخيلي، حاجي ابوبڪر کٽي، حاجي بابو شولاڻي، الهڏنو ٻاهوٽ، ناکو الهڏنو ميربحر، الهڏنو خاصخيلي کيرواڻي ۽ ٻيا شامل آهن. هن ڪتاب ۾ هن علائقي جي شاعر محمد هاشم لهر جو به ذڪر ملي ٿو. مشهور استاد محمد هاشم لهر اصل ۾ ڪيٽي بندر جو رهاڪو هو. ڪيٽي بندر ڦٽڻ کانپوءِ هو ٻُهارا ۾ اچي رهيو، اتي منهنجون به ساڻس ملاقاتون ٿيون هيون. انهي حوالي سان هي ڪتاب نه رڳو سفر نامو پر سماجي حالتن جو منظر نامو به آهي ته دربدر ٿيل ماڻهن جا درد ڀريا داستان به آهن، منصور هن ڪتاب ۾ بندر جي اوج جو به ذڪر ڪيو آهي ته وري ڦٽڻ جا سور به سليا آهن. بندر جي ڦٽي وڃڻ کان پوءِ ماڻهن جي حالتن جا منظر به چٽيا آهن. ايئن هن بندر جي تاريخي حقيقتن کي اسان آڏو آندو آهي.
جڏهن به ڪنهن محقق هتي جي سماجي تاريخ لکڻ شروع ڪئي ته منصور جو هيءُ ڪتاب هڪ ماخذ جي صورت ۾ موجود هوندو. هن کان اڳ م گهٽ ۾ گهٽ هن انداز سان شايد ئي ڪنهن ڪم ڪيو هجي. هن بندر جي حوالي سان به هن کان اڳ هن نموني جو ڪو ڪم نه ٿيو آهي. هيءُ ڪتاب منصور جي پيار جو پورهيو آهي ۽ پيار جو پورهيو جتي ڪٿي ۽ جڏهن ڪڏهن قبول ضرور پيو آهي. آئون کيس هن ڪتاب لکڻ تي مبارڪ ڏيان ٿو ۽ اسان جي نوجوانن کان اهڙي پيار جي وڌيڪ پورهئي جي اُميد ڪريان ٿو.
[b] ڊاڪٽر محمد علي ‘‘مانجهي’’
[/b] مڪلي_ٺٽو
10 آڪٽوبر 2017ع