4
شام جي وقت بجلي هلي وئي... عيسو خاصخيلي چيو...
ادا! مَي وٽ لائيٽ ڪينهي... (منهنجي گهر ۾ بجلي ڪونهي...)
پوءِ الهڏنو خاصخيلي چيو... هَل ته هَلو... کاروڇاڻ جا کٽي گهارو ۾ رهندا آهن، پنهنجا عزيز دوست آهن. پوءِ اسين قادو محلي مان عيسو خاصخيلي جي جاءِ کان نڪتاسين، پنڌ هلندا اَچي جوکيا خليفه محلي ۾ آياسين. الهڏنو خاصخيلي هڪ لوهه جو دروازو کڙڪايو. ننڍڙو ٻار آيو. ان کان پُڇيائين.
تون جو پيُ ڪٿي...؟
ڇوڪر چيو ”بابا گهر منجهه آ.
پوءِ هڪ همراهه ٻاهر آيو. تنهن اوطاق جو دروازو کوليو. اوطاق ۾ ويٺاسين هڪ بزرگ شخص آيو، تنهن پنهنجو تعارف ڪرايو.
حاجي ابوبڪر پُٽ حاجي محمد عرس کٽي کاروڇاڻ. اسين گهاري ۾ پنج سال اڳ 2012ع ۾ آياسين. آئون ننڍڙو هوس سوکي ويو هوس... اتي اسان جا مائٽ عزيز رهندا هئا. حاجي خميسو کٽي رهندو هو، اُن جو دڪان ريزڪي سيڌي سامان وارو، حاجي خميسو کٽي منهنجو مامو هو. اُن جي جاءِ پَڪَ سرن جي ٺهيل هئي. اُن کي چار پٽ هئا... عبدالله کٽي، ابراهيم کٽي، سليمان کٽي، زاهد حسين کٽي.
عبدالله کٽي ۽ ابراهيم کٽي اِهي ٻئي مون کان وڏا هئا. سليمان ۽ زاهد ننڍا هئا. منهنجو مامو حاجي خميسو کٽي پوءِ کاروڇاڻ ۾ لڏي آيو. اُن مهل سوکيءَ جا گهڻا ماڻهو لڏ پلاڻ ۾هئا، لڏ پلاڻ ۾ هئا. اسان کي اِها خبر ڪونه هئي ته، ماڻهو ٽپڙ ٽاڙي ڇو پيا کڻن. سوکيءَ جا ماڻهو کاروڇاڻ ۽ ٻين هنڌن ڏانهن لَڏو کڻي ڇو پيا وڃن!! آئون ننڍو هوس ته منهنجي ذهن ۾ اهي سوال ڦرندا هئا.
کارو ڇاڻ وڏو شهر هيو... اسان جي زمين هئي. هن وقت تائين اسان جي زمين ديهه ببلو ۾ آهي ۽ ”بَينا“ آهي. يعني بنجر ٿي وئي.کاري پاڻي ڦٽائي ڇڏي آهي. بنجر ٿي وئي آهي. کاري لهجي ۾ غير آباد ۽ بنجر زمين کي ”بينا“ چوندا آهن.
اها رات گهاري ۾ گذاري صبح جو سوير حاجي ابوبڪر کٽيءَ کان موڪلايوسين. الله ڏنو خاصخيلي کارو ڇاڻ هليو ويو. آئون گهاري کان سجاول ويندڙ وين ۾ چڙهي پوءِ ٺٽي ۾ لهي پيس. دوست شوڪت کماڻ جي دڪان تي آيس، خيال آيو ته باقر خان سان فون تي ڳالهايان، مون باقر خان کي فون ڪئي، باقر خان مروا چيو. “ادا! آئون مڪلي تي آهيان، توهان ڪٿي آهيو؟”
“ادا باقر! مان شوڪت کماڻ جي دڪان تي ويٺو آهيان.”
“چڱو توهان اتي ويهو، آئون اڌ ڪلاڪ کانپوءِ اچان ٿو.”
چاليهه منٽن کانپوءِ باقر خان مروا بلوچ آيو، ان سان گڏجي سندس ڳوٺ آيس. ڪجهه دير کانپوءِ محفل مچي وئي، سگهڙ، دوست، شاعر ۽ ٻيا ماڻهو به اچي ڪٺا ٿيا.
رات جو ڳوٺ رسول بخش مَروا بلوچ ۾ ڪچهريءَ ۾ ويٺا هُجون، سائين ايوب گَنڀو بلوچ، جيڪو عمر ۾ سڀني کان وڏو ۽ بُت ۾ ڀڙُ هجي، پنهنجو تعاراف پاڻ ڪرائڻ لڳو: ادا! منهنجي عمر 93 سال آهي. ڳوٺ ايوب گنڀو، ديهه جاڙا والي، تپو ”کاڻ“ تعلقو گهوڙا ٻاڙي، ضلعو ٺٽو.
1946ع ۾ سوکي بندر جا هندو واپاري جن کي واڻيو، واڻيا چوندا آهن، اُهي حالتن جو اندازو لڳائي ويا هئا. پوءِ سڀني سوکيءَ وارن کي چوڻ لڳا... ”اسين وڃڻ وارا آهيون ۽ هاڻي هتي رهبو ڪونه...“ پوءِ انهن پنهنجا ٽپڙ ٽاڙي، سوڙها ڪرڻ ۾ لڳي ويا... ڏسندي ڏسندي واڻين جا واهِرا پکين جي آکيرن جيان خالي ٿي ويا. اِها خبر ڪونه پئي ته سوکيءَ جا پکي آکيرن مان اُڏري ڪهڙي طرف هليا ويا. اُنهن پنهنجا گهر آکيرا سوکيءَ جي سنڌي مسلمانن کي ڏنا هئا.
سوکيءَ جو شهر سکيو، سَتابو ۽ سُهڻو شهر هُجي، جو هي شهر دريائن جي وچ تي آباد هو. سوکيءَ ۾ ساريال (سارين) جي مِل (ڪارخانو) هئي. مِل ۾ اُن جا ڍير لڳا پيا هوندا هئا. نورمحمد سَهتو ان مِل جو مُنشي هو. واڻين جي وڃڻ کانپوءِ سارين ڇڙهڻ واري مشين پٽائي حيدرآباد کڻائي ويو. پاڻ ٿورو عرصو سوکيءَ ۾ رهي پوءِ تعلقو گهوڙا ٻاڙي جي ”اُداسي“ ڳوٺ ۾ اچي ويٺو. اداسي ڳوٺ ۾ واڻين جي ڪوٺِي هوندي هئي.
اداسي واڃياڻي هُئي ان جي نالي سان ڳوٺ آهي، هن وقت “اُداسي” نالي سان سڏجي ٿو.
حاجي بابو شولاڻي بلوچ ولد آمو شولاڻي
صبح جو جليل کٽي ۽ آءٌ موٽرسائيڪل تي چڙهي ابراهيم حيدريءَ وياسين، دوست ايوب شاهه انتظار ۾ بيٺو هو. ابراهيم حيدريءَ ۾ ايوب شان، جليل کٽيءَ سان گڏجي حاجي بابوشولاڻي سان ان جي محلي ۾ ملاقات ٿي. اُن سان سوکيءَ شهر جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. حاجي بابو، سوکيءَ جي ڏينهن کي ياد ڪندي چيو، سوکيءَ جي زمين سنڌو درياهه جي پاڻي تي آباد ٿيندي هئي. هيءَ وڏي ڀاڳ واري زمين هئي. هن زمين ۾ قسمين قسمين جا فصل ٿيندا هئا. زرعي آبادي تمام سُٺي ٿيندي هئي، جنهن ۾ ساريال (سارين) جو فصل تمام گهڻو ٿيندو هو. اُنهن ڏينهن ۾ ڀلوڙ قسم جا چانور پيدا ٿيندا هئا.
تَڙيا چانور، رَتڙيا چانور، کارائي گَنجا چانور، سُڳديا چانور (سڳداسي) ايري چانور، اڙد مٽر، مور مٽر، چڻا، جَووَ، مڪائي ۽ ٻيا فصل به جهجها ٿيندا هئا. سوکيءَ ۾ سايون ڀاڄيون ٿينديون هيون، جنهن ۾ ساوا مِرچ، هرو ٽماٽا (چماٽا) بصر، پالڪ، بيهه، ميها، توريون، ڀينڊا، هنداڻا، گدرا وغيره جام ٿيندا هئا. رات جي وقت سوکيءَ جي پاسن وارن دريائن جو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو هو. انهن دريائن منجهه رات ڏينهن ٻيڙا ۽ ٻيڙيون هلنديون رهنديون هيون، جيڪي ماڻهن کي هڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تي پهچائينديون هيون، انهن ۾ اهڙا ٻيڙا هوندا هئا، جيڪي گهورڻ (مڇيءَ جو شڪار) ڪرڻ ويندا هئا. ڪيترا وڏا ٻيڙا سوکي بندر ۽ سنڌ جي ٻين تڙن تي مال کڻي ايندا هئا، پوءِ اهو مال لاهي ٻيڙا خالي ڪري سوکي ۾ اچي اتان وري ٻيڙا ديسي گيهه، چمڙو، ان وعيره ڀرائي کڻي ويندا هئا. اُهي سوکي مان اَنَ پَنَ، ڀاڄيون، چانور، ڪي وري وهِٽَ (جانور) وٺي ويندا هئا، ڇو ته سوکيءَ ۾ ڀلا گهوڙا ۽ اُٺن جا اعليٰ نسل هوندا هئا.
سوکيءَ جي درياهن ۾ هر وقت ميلا هوندا هئا، ٻيڙين جا ناکئا، درياهه منجهه ٻيڙيون هاڪاريندي، ڪلام ڳائيندا هئا، انهن جو سُريلو آواز هوا سان رلي ملي پري پري تائين ويندو هو. ٻيڙين جي هلڻ جو شور غُل، آواز ۽ ناکئن فلاصين جا گيت جڏهن ڪنڌين وارا ٻُڌندا هئا ته کلي ٽڙي پوندا هئا. درياهن جي ڪنڌين تي راڳ رنگ جون محفلون، ٿينديون هيون، جيڪي ڪنڌين جي سونهنءَ هوندا هئا. درياهي ماڻهن کي نئين زندگي ملي ويندي هئي. درياهه جا ماڻهو پيڙائتن جا گيت، مِٺڙا ٻول ٻڌي خوشيءَ ۾ مور جيان نَچي پوندا هئا ۽ چوندا هئا... ”شال آباد هُجن، اهي ٻيڙائتا ۽ ڪنڌين وارا“ درياهه موج مستيءَ سان وَهي ته پوءِ ڇو نه مهاڻن ملاحن، ناکئن ۽ خلاصين جون مَستيون ٿين، ڪنڌين تي ڪُڏڪاريون ٿين ۽ محبتي ماڻهن جا ميلا مچَن.
سنڌو درياهه ۽ سامونڊي پٽي ۾ رهندڙ ماڻهن اهو ڪڏهن ڪونه سوچيو هو ته... اهڙا کارا ڏينهن ڏسڻا پوندا. دردن جا ڇُڳا ۽ ڪُڏڪاريون ڪندڙ ڪنڌيون، پَٽَ ۽ پوٺاءِ ڇاڙون سڀئي سوڪهڙيءَ ۾ سُڪي مروڙ جي اڻ مندائتي موت جي مُنهن ۾ هليون وينديون. هير جنهن درد جي پيڙاهه ۾ سامونڊي پيڙهجن ٿيا پيا... سا سون ۽ چانديءَ وارن ماڻهن کي خبر ڪِهڙي...!!؟
سوکيءَ جا هندو، سماجي چڱ ڀلائي وارا ڪم ڪندا هئا، مسافر خانه ٺهرائڻ ۽ جانورن جي لاءِ الڳ پاڻي وارا حوض ٺهرائڻ، سوکي جو شهر صاف سٿرو هوندو هو. سوکيءَ جي مکيه واڻين کي ڪا گوڙ واري خبر پوندي هئي ته شهر ۾ ٿوري لُچائپ ٿئي پي، ته هڪدم عثمان ۽ قاسو جَت کي گهرائيندا هئا. سوکيءَ ۾ ماٺار ڪرائيندا هئا ۽ کين اها هدايت ڪندا هئا، “سوکي سڀني جي لاءِ سُک جو آکيرو آهي. سک ۽ شانتي سان رهجي ۽ هلجي.” حاجي بابو شولائي کان موڪلايو.
شام جو دوست جليل کٽيءَ سان گڏجي ابراهيم حيدري جي پاسي ۾ جمع ڳوٺ هجي، اتي پنهون پٽ حاجي رمضان ڪلمتي بلوچ سان ملڻ آياسين، جڏهن پنهون سان ملڻ ٿيو هي ڏاڍو خوش ٿيو. اوطاق کوليائين، ان منجهه ويٺاسين. هن جي عمر اسي (80) سال هئي، پر لڳي ڪونه رهيو هو. پنهون ڪلمتي بلوچ ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته:
اسان جي سوکيءَ ۾ زمين هئي. سوکي جا زميندار هياسين، شهر سوکي، ديهه سوکي، تپو بَبلو، مالحال کارو ڇاڻ تعلقو شاهه بندر، تپو بَبَلو ۾ 3 ديهون هيون. بَبَلو ديهه، ٻيٽڙي ديهه ۽ سوکي ديهه. بندرگاهه ميرواهه درياهه جي ٿوري فاصلي تي ڏکڻ ۾ سوکي شهر هو. سوکي بندرگاهه جي اولهه ۾ گابار درياهه هو. منهنجو ڏاڏو واڍڪو ڪم ڪندو هو. آئون هير به واڍڪو ڪم هوڙا، ٻيڙيون وغيره ٺاهيندو آهيان. تر وارا ماڻهو مختلف شهرن وارا ماڻهو واڍڪو ڪم ڪرڻ جي لاءِ گهرائيندا آهن ته هليوويندو آهيان. اسين خاص طور تي سوکيءَ جي بازار ۾ ابو ساٽي جي مٺائي ۽ ان جي هوٽل تي چانهه پيئڻ ضرور ويندا هئاسين.
سوکي ۾ ٻه مک ماڻهو فيصلا ڪندا هئا. رئيس قاسو جت پاڙو آمر پٽ صوبيدار خان جت، عبدالرحمان شيدي ولد عثمان شيدي درزي هو ۽ سوکيءَ جو ننڍڙو زميندار به هو. عثمان شيدي ٺاهوڪو درزي هو. رئيس قاسو جَت جو وڏو قومي سردار جنهن جو نالو مامو خان ملڪاڻي هو. سردار مامو ملڪاڻي جو پٽ رئيس غلام قادر ملڪاڻي تعلقو جاتي، ضلعو سجاول. انهن جا سوکيءَ جي بازار ۾ ڪپڙن جا وڏا دڪان هئا. حاجي خميسو کٽي، رئيس قاسو جت، عثمان شيدي امين جت ونگائي، حاجي صديق جت ونگائي، حاجي سليمان جت ونگائي، حاجي قادر بخش بلوچ ولد محمد خان بلوچ وغيره انهن جا ڪپڙن جا دڪان هئا.
سوکيءَ ۾ سکر کان ٻيڙا ۽ ٻيڙيون اينديون هيون. اهي لابارن جي ڏينهن ۾ اچي لابارو ڪري ساريون کڻي مل (سارين جو ڪارخانو) ۾ ايندا هئا. سوکيءَ ۾ جَت دبائي وارن جا وڏا ٻيڙا هوندا هئا. اهي سوکي مان اَن جا ٻيڙا ڀرائي ڪراچي ويندا هئا. جت دبائي ڪلاچيءَ مان ڪپڙو، ريزڪي سامان وغيره، اُن جا وڏا ڀيڙا ڀرائي سوکي بندرگاهه، کارو ڇاڻ، ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر انهن تي مال پهچائيندا هئا، انهن ٻيڙن جو مک مالڪ ابراهيم جت دبائي هوندو هو. ابراهيم جت تعلقو ڪيٽي بندر، ديهه جاوو درياهه وٺو تي رهندو هو.
اسين پنهون ڪلمتي کان موڪلائي اسڪوٽر تي چڙهي ريڙهي اچڻ لڳاسين. ريڙهي مياڻ ڳوٺ جي موڙ وٽ سامهون لوڻ جون کاريون ننڍيون ننڍيون باريون، جَنِ ۾ لوڻ جي اڇي چَمڪَ سج جي ڪرڻن تي تجلا چانديءَ جي سڪن وانگر ڏئي رهي هئي. اُنهن لوڻ جي ٻارين کان پري ڪُجهه فاصلي تي سمنڊ ۾ جهاز بيٺل هُجن. آءُ ريڙهي مياڻ ڳوٺ جي طرف ٿورو هلي بيهي رهيس. ڪَنَ تي سوزڪيءَ ڪيءَ جو آواز آيو. ڪَنڌ ورائي ڏٺو ته موڙ کان هڪ سوزڪي ريڙهي مياڻ جي طرف وَر کائي اچڻ لڳي، اُن کي هٿ ڏنو ته بيهي رهي، مان سوزڪي جي “کُڻ” (پويان) ۾ ويهي رهيس. روڊ جي کاٻي پاسي تي جبل جي ٽڪري هُئي. اُن تي ڪچا ڪپا گهر ٺهيل هجن. روڊ ۽ اُن ٽڪريءَ جي وچ ۾ ديوين جا گهاٽا وڻ، ڪلراٺي زمين هئي. اُن زمين تي ڪٿي ڪٿي گند ڪچري جا ڍير هئا. روڊ جي ساڄي پاسي تي پوٺو (ڪلراٺي زمين) ان کان پري پاڻيءَ ريڙهي درياههَ جو ۽ ساوا وڻ ڏسڻ ۾ آيا.
اُهي وڻ تمر جا هئا، سوزڪي ريڙهي مياڻ جي پَڪي روڊ تي هلندي رهي، روڊ جي ساڄي پاسي کان ڇهن ستن فوٽن تي ڪي پڪيون جايون، ڪي ڪڙن ڪانن وارين جاين جون قطارون هُجن .روڊ ۽ جاين جي وچ وارو حصو هيٺ هجي. جنهن ۾ گندو پاڻي بيٺل هيو. روڊ جي ٻئي پاسي کان گندي پاڻي تي نالو هيو. روڊ تي سوزڪي هلندي جڏهن ريڙهيءَ جي مين روڊ تي هلڻ لڳي، روڊ جي ٻنهي پاسن کان دڪان ۽ گهر هجن. دڪانن ۽ گهرن جي اڳيان مٽيءَ ۽ گند جا ڍير پيل هئا. اُنهن ڍيرن تي ڪُتا سُتل ۽ ڪي ڪُتا هڪبئي سان ويڙهه ڪندا ڊوڙندا رهيا.
رحيم بخش ولد غلام محمد کٽي
اسين ڊاڪٽر رحيم کٽي جي ڪلينڪ تي آياسين. پوءِ ڳالهيون ڪندي رحيم چوڻ لڳو، ادا! اسان جا وڏڙا پڙڏاڏا پهريائين ‘‘مورانجهر’’ ڳوٺ ۾ رهندا هئا. جيڪو مور ڇڏائي ۽ وٺيون ٽڪي جي ڳوٺ جي آس پاس ۾ آباد هو. پوءِ اررهين صديءءَ ۾ اسان جا وڏڙا نالي محمد صديق ۽ سندس ڀاءُ نالي محمد اُهي مورانجهو مان لڏي اچي کارو ڇاڻ ۾ ڏهيسر ڳوٺ وٽ پنهنجو الڳ ڳوٺ، مسجد، مدرسو آباد ڪري ويٺا ( هينئر اُهي ڳوٺ ڪون آهن) اُهي ملان هئا، درس تدريس جو ڪم ڪندا هئا ۽ انهن هڪ ‘‘سريل’’ جو وڻ پوکيائون جيڪو. ڏيڍ سئو سالن جو آهي. اڃا بيٺو آهي. واڻين جي ‘‘ڀل ڀلائي’’ هوندي هئي. پوءِ اتان لڏي شهر جي اولهه طرف ۾ ‘‘يار محمد اولياءَ’’ واري پاسي ويا. ملڪ جي ورهاڱي ٿيڻ کانپوءِ واڻيا هليا ويا. انهن پنهنجي گھرن ۽ دڪانن جون چاٻيون اسان جي ڏاڏي عبدالرحمٰن کي ڏئي هليا ويا. جيڪي واڻين، ملڪاڻين ۽ جتن جون زمينون مقاطعي تي کڻي آباد ڪندو هو، پوءِ ايوب جي دور ۾ ‘‘ کاري ڇاڻ يونين ڪائونسل’’ جو چيئرمين بڻيو. ايمانداريءَ سان سڀ ڪم ڪار انجام ڏيندو هو. سڀ ‘‘عبدالرحمٰن چوهدري’’ جي نالي سان به سڏيندا هئا.
اسين وڏڙن کان ٻڌندا پيا اچون ته ‘‘ کارو ڇاڻ بندر ۽ سوکي بندر شهرن جي حوالي سان گھڻا مشهور هئا. کارو ڇاڻ ۽ سوکي شهر ايترا سُکيا ۽ ذرعي آبادي وارا شهر هوندا هئا. جيڪي به ايندو هو ، اهو پاڻي گھرندو هو ته کير جا وٽا ۽ لسيءَ جا وٽا ڀري ڏيندا هئا. محبت ڀرين ماڻهن جا هر وقت ميلا هوندا هئا. جڏهن مهراڻ جون موجون ۽ مٺو پاڻي جھڪو ٿيندو ۽ آهستي آهستي رڪجي ويو ۽ پاڻيءَ اچڻ ڇڏي ڏنو. زرعي زمينون، جيڪي سهڻن باغن ۽ وڻن سان هئار هونديون هيون، اهي سڀ کاري پاڻي، جيڪو مٺي پاڻي (درياهه جي پاڻي) جي نه اچڻ ڪري اهي زمين ۾ داخل ٿي ويو. ڏسندي ڏسندي سوکي کارو جا سونا پٽ اجڙي ويا ماڻهن لڏ پلاڻ شروع ڪري ڏني. سوکي جو منهن کي ‘‘ڀل ڀلائي’’ ۽ ڪشمير چوندا هئا. هاڻ انهن پٽن تي ‘‘ڪانگ’’ ٻگهه به ڪڏهن ڪڏهن ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ماڻهون ائين اڏري هليا ويا جيئن چوندا آهن ‘‘وڻ به ويا واهرا به ويا’’، اسان به مجبوري ۾ کاري ڇاڻ ڇڏي، لڏي اچي ريڙهي مياڻ ۾ اچي آباد ٿياسين. اسانجو بابا غلام محمد کٽي ريڙهي مياڻ ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو. اسين هاڻ هت رهندا آهيون. هتي منهنجو وڏو ڀاءُ عبدالجليل کٽي ۽ آءُ گڏ رهندا آهيون، مگر کارو ڇاڻ جون خوشيون، خوشحاليون اسان کان وسرن ئي ڪونه ٿيون.
ڪجهه دير کانپوءِ سائين محمد عمر ڄاموٽ ۽ رزاق راهي آيا. ٻنهي سان ملڻ ٿيو. مون سڀني کي اڳواٽ اچڻ جو ٻڌائي ڇڏيو هو، حال احوال ڪرڻ کانپوءِ چيو.
ادا “بندر” تي هَلو. اُت خلاصي، واڍا آهن. اُنهن سان ڪچهري ڪَريون، “بندر” تي ماڻهن جي پيههَ رهي ٿي. ڪيتريون ٻيڙيون اچن ۽ ڪي ٻيڙيون ريهڙيءَ مان سامان کنيو وڃن. ڪي ناکئا ۽ خلاصي ٻيڙين ۾ ويسي (سيڌو سامان) وتاءِ ۽ شڪار گهورڻ جي تياري ۾ هوندا آهن. ڪي ٻيڙيون سُڪيءَ (تڙ) تي رکيل آهن. اُنهن ٻيڙين هوڙين کي مرمت جي لاءِ ناکئن بيهاريون آهن. اتي هير وڏي رونق آهي”.
سائين محمد عُمر ڄاموٽ جي ڳالهه ٻڌي، آءُ اُٿيس ڊاڪٽر جليل ۽ رحيم بخش کان موڪلايو. پوءِ رزاق راهي ۽ سائين محمد عمر ڄاموٽ سان گڏ ڪلينڪ مان نڪري سوزڪي اَڏي وٽان مٽياسين ته نوجوان سوزڪي جي پاسن ۾ ته ڪي وري روڊ جي پاسي وارين ڀتين سان ٽيڪ ڏئي ويٺا هجن، انهن جا ڪنڌ لڙيل، اکيون ٻوٽيل، جسم ساڻو ۽ ڏٻرو، وات ۾ گٽڪو ۽ چُورو هُجين. ڪي ٻار پاسي مان گذريا ته انهن جا وات به ڳاڙها ۽ مِٽن جي اندران ڪجهه شئي هُجين. اُنهن جون مِٽون، مُرلي وڄائيندڙ مڱڻهار جي مٽين وانگر ڦوڪيل هيون. ڪي نوجوان ڇوڪريون وڏن برقعن سان مُنهن اگهاڙو هٿن ۾ پرس گهرن مان نڪري سوزڪي ۾ وڃين ويٺيون.
رزاق راهي ٻڌايو ته هتان سوزڪي چشما ڳوٺ، حيدري بندرگاهه ۽ ٻين ڀروارن ڳوٺن ڏانهن وينديون آهن. اسين مين روڊ وارو رستو ڇڏي هڪ گهٽيءَ ۾ داخل ٿياسين. جيڪا سڌي “عبدالغفور ڄاموٽ بندرگاهه ٿي وئي. ريڙهي مياڻ جو وڏو بندرگاهه آهي. گهٽيءَ جي ٻنهي پاسن کان گند جا ڍير هجن. رستي جي وچ تي گٽرن جا ڍڪڻا کُليل ڪن گٽرن جو اڌ منهن تي گول لوههَ جا ڍڪڻا رکيل هجن. رستي ۾ نوجوان ڇوڪرا، ڇوڪريون، اُنهن جي وات ۾ سوپاريون، چُورو ۽ گُٽڪو هجي. رستي ۾ هر گذرندڙ ماڻهوءَ جو وات ڳاڙهو ڏسڻ ۾ آيو. رزاق راهي کي چيو: “هتان جا ماڻهو ماني گهٽ ۽ گٽڪو گهڻو استعمال ڪندا آهن. رزاق راهي کلي ڏنو. هُن جي وات ۾ به گُٽڪو هجي. ريڙهي مياڻ جا ماڻهو رنگ جا سانوار ۽ بُت ۾ سُڪل هجن. اسين بندرگاهه ڏانهن ويندڙ گهٽيءَ ۾ هلندا رهياسين. سائين محمد عمر ڄاموٽ چيو.
ادا، هي جاءِ پنهنجي آهي، اَچو چانهءِ پي پوءِ “بندر” تي هلون ٿا. جاءِ جي ڏاڪن تي ماربل لڳل هجي. اسين اندر ڪمري ۾ داخل ٿياسين. کٽ تي سائين عبدالغفور ڄاموٽ سُتو پيو هو. هن سان اَٺَ نَو سال اڳ ملاقات ٿي هُئي. حال احوال ٿيڻ کانپوءِ سائين عبدالغفور ڄاموٽ مون کي سڃاتو. کائنس طبيعت جي باري پُڇيو ته ٻڌائڻ لڳو.
ادا، ست مهينا اڳ هن کي جاءِ ۾ جتي سُتو پيو آن، هلندي ڪري پيس، پوءِ وهجي رهيس. هاڻ هلي نه ٿو سگهان، ڇَڙي ۽ ڪنهن سهاري تي اُٿي ٿورو هلندو آهيان، کٻي ٽنگ سان هلي نه ٿو سگهان.
سائين عبدالغفور ڄاموٽ ڳالهه ڪندي، کٽ تي پاسو ورايو، ايتري ۾ رزاق راهي چار چانهيون کڻي آيو ۽ سڀني کي چانهه ڏئي، هڪ ڪوپ چانهه جو پاڻ کڻي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.
ساٿين عبدالغفور ڄاموٽ پنهنجي ٽنگ جي باري ۾ ٻڌائڻ لڳو. “ادا، وڏي ڳالهه اها آهي ته مي جي ٽنگ ڀڳل ڪونهي، نه ڪنهن هنڌ کان ٽٽل آهي، نه ئي ڌَڪَ ڦَٽ جو نشان آهي، نه وري ڪِ سور آهي. ٽنگ ۾ ڪو درد ٿئي ڪونه پيو. پر پٽ تي پير رکي هلي نه پيو سگهان. هي ٽنگ هلڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايان ٿو پيو، ڦڪيون به هڻان پيو پر ڪو فائدو نه آهي.
اڌ ڪلاڪ کن سائين عبدالغفور ڄاموٽ سان ڪچهري ٿي. پوءِ کائنس موڪلايو. اسين ساڳي گهٽيءَ مان بندرگاههَ جي طرف هلڻ لڳاسين. سڄي هٿ تي هڪ گهر جي اڳيان وڏيءَ عمر وارو جوڙو (عوررت ۽ مرد) ويٺو هجي. اُهي پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا ٿي رهيا، پر اُنهن جي وات ۾ به چورو هُيو. هڪ جاءِ ۾ کجيءَ جو وڻ هُيو. کجي جون ڇڙيون ڀَتَ جي مٿان گهٽيءَ جي طرف لڙيل هيون. ڇهن منٽن کانپوءِ اسين “بندر” تي پهچي ويا. تڙ تي ننڍڙا ٻار سائيڪلون هلائيندا رهيا. ڪي ٻار سُڪيءَ تي بيٺل ٻيڙين ۾ راند ڪندا ٿي رهيا. اسين “ريڙهي درياهه” جي ڪنڌيءَ تي اَچي بيٺاسين. درياهه ۾ ٻيڙيون/هوڙا/هوڙيون هلنديون رهيون. ڪي ٻيڙيون درياهه جي ڪنڌيءَ سان بيٺون هجن. اُنهن ۾ ماڻهو ويٺا هُجن. اسين تڙ کان واپس ٿياسين ته ڪي ماڻهو سائين محمد عمر ڄاموٽ سان اچي مليا. پوءِ سڀئي گڏجي “بندرگاهه” جي هڪ دڪان تي اچي ويٺاسين. سامهون “ريڙهي درياهه” جو نظارو به ڏسڻ ۾ ٿي آيو.
ڪچهري ۾ ويٺلن ماڻهن پنهنجو تعارف ڪرايو. مُحمد جمن موساڻي عمر 48 سال، محمد رمضان خاصخيل، نور احمد جت، گلزار “چاڪي” ملڪائي، رزاق راهي فنڪار ريڙهي مياڻ، يوسف ملڪائي احمد سياراڻي، محمد جمن موساڻي، اُتي ڪلاڪ کن دوستن سان ڪچهري ڪري اٿياسين. ساٿين محمد عمر ڄاموٽ چيو. هاڻ ٻي پاسي هلنداسي. گهاتو هينئر ڪٽنگ سيلون آهي. اتي گهڻا ماڻهو ويٺل آهن. جنهن جاءِ تي بيٺا آهيون. ان جي پٺيان آهي.
ريڙهي مياڻ مارڪيٽ هيءَ مارڪيٽ “ريڙهي بندرگاهه” تي هئي. اسين هلندا، نور محمد ڄاموٽ آئل شاپ” اُن جي سامهون هاشمي ٽيلرز ۽ “گهاتو هيئر ڪٽنگ سيلون” هئي. اسين اُتي آياسين ته پنج ماڻهو ويٺل هئا. اُنهن پنهنجو تعارف ڪرايو. “محمد يعقوب عمراڻي پنهنجو احوال ٻڌايو”.
آءُ 1965ع ۾ ٺٽو ضلعو جي “ٻُهارا” شهر مان لڏي هت آيو هوس. هينئر هت ئي “گهاتو هيئر ڪٽنگ سيلون” کولي پنهنجو گذر سفر ڪريان پيو. پوءِ ٻي ماڻهو پنهنجهو تعارف ڪرايو. منهنجو نالو محمد حنيف شيخ، هيرئ شيخ محلا ريڙهي ۾ رهندو آهيان. اسان جا وڏا اصل سيوهڻ جا هئا.
محمد موسيٰ “چاڪي” اسين اصل سوکي شهر جا آهيون، جڏهن سوکي ڦٽو ته “شاهه بندر” تي اچي ويٺاسين. ڪجهه عرصو چوهڙ جمالي ميهڙ ۾ رهياسين هير چاليهن سالن (40) کان وٺي ريڙهيءَ ۾ رهون ٿا، هِت درزڪو ڪم ڪندو آهيان. علي محمد شيخ ۽ واڍو عباس موساڻي پنهنجو نالو ڪچهريءَ وارن کي ٻڌايو. هن جي عمر سال هئي. قد جو ڊگهو، اڇو مٿو، ڳالهائڻ ۾ سڀني کان تيز هيو. واڍو عباس موساڻي، ڪچهريءَ وارن کي “ٻيڙيءَ منجهه” استعمال ٿيندڙ ڪاٺين جا نالا ٻڌايا. ايتري ۾ گهچ ۽ ابو واڍو ۽ ڊاڪٽر وارا به اچي پهتا،
اُولي:
هٽٿا:
جُنگ: اها ڪاٺي جيڪا پاٽين کي پاڻ ۾ ڳنڍي ۽ مضبوط ڪري
لَي:
ڪاترو: هن ڪاٺي جا ٻه قسم ٿيندا آهن، ڪاترو وڏو، ڪاترو ننڍڳو (1) ڪاترو، هيءَ ڪاٺي ٻيڙيءَ جي اڳيان گولائيءَ ۾ لڳندو آهي. جنهن کي مانديو ڪاترو چوندا آهن.
(2) ڪاترو: هيءَ ڪاٺي ٻيڙيءَ جي پويان سنڌو لڳندو آهي جنهن “ڪاترو پويون” به چوندا آهن.
تَرَ: هيٺيون تر وارو حصو
راسو پيلجو: هي ڪاٺيون هوڙي ۽ ٻيڙيءَ جي ساڄَ (ساڄي ۾ لڳن، کاٻي ۾ لڳن)
داسو پيلجو: اُها ڪاٺي جا هوڙي جي ٻنهي پاسن کي لڳي.
اَڏا: اُهي ڪاٺيون جيڪي ٻيڙي جي اندران لڳنديون آهن. پَٺَ، پاٽيا، رَوَ، سکاڻ، مورو.
پوءِ دوستن کان موڪلائي ڊاڪٽر جليل جي گهر آيس.
صبح جو ڊاڪٽر جليل جي ڪلينڪ تي آياسين. اتي حسن درو سان ملاقات ٿي. حسن ولد دَرو ملڪاڻي عمر سوا سؤ لڳ ڀڳ آهي.
پوءِ حسن درس چوڻ لڳو ڪاڪ ۾ ويٺو هوس، جيڪا سوکي جي اوڀر ۾ هُئي. حاجي بچل خان ملڪاڻي جيڪو اُن ترَ جو وڏي حيثيت وارو بادشاهه ماڻهو هو، ڪاڪ اسانجو ڳوٺ هو. سوکي تي ڪم ڪار سان ويندا هئاسين. سوکيءَ جي ڏکڻ ۾ عثمان ڪورائي جو ڳوٺ هو. اُن ڳوٺ ۾ گهمڻ ويندا هئاسين. عثمان ڪورائيءَ جو ڳوٺ “سنهڙي” درياهه تي هو.
سوکيءَ ۾ جا ڀل ڀلائي هئي. اها ڪٿي ڪونه هئي، سوکيءَ جي پاسي ۾ “بندر” هيو. اُتي عالي پاتڻي مير بحر هو جيڪو مير واهه درياهه تي پتڻ اڪاريندو هو. کارو ڇاڻ يا ٻين پاسن کان ماڻهو ايندا هئا. اُنهن کي پار اُڪاريندو هو. سوکي شهر جي ايراضي اڍائي کان ٽي ڪلوميٽر پکيڙ ۾ هئي. سوکيءَ ۾ گهمندي مزو ايندو هو. اُن ٽيم ۾ سوکي ڪشمير هئي. ڪوڙ ڪپت ڪونه هئي. امن وارو شهر هو. سوکي پتڻ تي لَهي سوکي شهر ڏي ويندي، ڏهه منٽ لڳندا هئا. سوکيءَ جا ماڻهو وڏن چار چڱن جي ڳالهه ٻڌندا هئا. ڪنهن کي هَڪل ڪبي ته اُهو ماٺ ٿي، مُڙي ويندو. جهيڙو جهٽو ڪين ڪندو. هاڻ اُلٽو وقت پيو هلي، ڪو به چئن چڱن ۽ وڏن جي ڳالهه کي ٻڌي ڪونه پيو ۽ اڻ ٻڌي ڪري هليو پيو وڃي. مون کي چار پٽ آهن. اُنهن جي شادي ڪرايم، انهن جون مايون پٽن کي کڻي ويون. آءُ ڌيءَ وٽ کاوان ٿو. هن پيرسني جي حالت ۾ آهيان پر سچائي سان مرڻ گهران ٿو.
رات جا سوا نَو (15: 9) ٿيا هئا، فون جي گهنٽي وڳي نمبر ڏٺو ته ڀاءُ الهڏنو خاصخيلي کيرواڻيءَ جو هيو. هن گهارو شهر ۾ ملڻ جو پروگرام رکيو هو، سو تيار ٿي گهارو جي لاءِ نڪتس. مون کي قاعد آباد ڪراچي کان سجاول شهر جي ويگن مِلي، ان ستر روپيه (70) ڪرايو ورتو. ڪلاڪ سوا کانپوءِ گهارو بس اسٽاپ تي پهتس. ايتري ۾ الهڏنو خاصخيلي جي فون آئي...
”ادا! آئون چيئرمين هوٽل تي ويٺو آهيان. اهو بس اسٽاپ تي آهي...“ منهنجي ڀرسان گاڏي وارو بيٺو هجي، تنهن کان ”چيئرمين هوٽل“ جي باري ۾ پڇيو.
”سائين! توهان سڄي طرف ڏسندا، سامهون چيئرمين هوٽل اَٿو.“
”ادا مهرباني!“
مون ڪنڌ ورايو ته سامهون ”چيئرمين هوٽل“ هجي. الهڏنو خاصخيلي کيرواڻي سامهون ڪاٺ جي صندل تي ويٺو هو. ان ڏي وڌي ويس. مون کي ڏسندي ئي اٿي آيو. هٿ ملائي چوڻ لڳو.
”ويهو ماني کائون.“
”ادا ماني دير سان کائيندس.“
”چڱو هاڻي چاچي عيسي خاصخيلي جي جاءِ تي هلون ٿا.
الڏنو خاصخيلي هلندو ڪجهه ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو.
سوکيءَ ۾ خواجه رهندا هئا. اهي زميندار هئا. هاڻي ڪراچي نيو مارڪيٽ ۾ سونارڪو ڌنڌو ڪندا آهن. اسين سوکيءَ ۾ گهمڻ ويندا هئاسين. ڏاڍو مزو ايندو هو. کارو ڇاڻ ۾ رهندا هئاسين، پر سوکي ۾ هڪ نه ٻئي ڏينهن ويندا هياسين، سوکي جا ڪنڀار، اهي لڏجي کارو ڇاڻ ۾ اچي ويٺا. ڪجهه سالن کانپوءِ اهي کاروڇاڻ مان لڏي وڃي گهارو ويٺا. هير گهارو ۾ انهن جي ڪپڙن جا دڪان آهن.
اڳي برسات پوندي هئي ته کارو ڇاڻ ۽ سامونڊي پٽي ۾ خوبصورت گلڙا ڦٽي پوندا هئا. وليون پَٽن تي اڀري اينديون هيون. مَريڙو، لُلر، سائون، کُنڀي، پٽ ڀُون ڦاڙ، ڀوئانٽي، گولاڙو، ٻيا به کوڙ نالا آهن. ڪي وليون اَنَ ڏينديون هيون. اسين ان جو ڀت پچائيندا هئاسين. کارو ڇاڻ جي پاسي ۾ اُترادي ملاحن جو ڳوٺ هو، جيڪو اسحاق اترادي سان مشهور هو. ان اترادي ڳوٺ ۾ مِي جا (منهنجا) سڪ وارا دوست هئا.
ادا! سامونڊي ماڙهن (ماڻهن) جي حياتي هاڻي ڏاڍي ڏکي آهي. درياهه جون ڪنڌيون پَسو، ٻيٽن ۽ ڍورن کي وڃي ڏسو، اجڙيا، کارا لڳا پيا آهن. اُهي ماضي واري سُونهن مال جون ڪُڏڪاريون، ڀاڳين جا وٿاڻ جيڪي خوشين سان ڀريا پيا هوندا هئا. اهي سڀ ڪونه آهن. هير نه ڪِي وٿاڻ، نه ڪي وڻَ وليون. نه وري ڀاڳيا آهن. ڪنهن ڍوري ۽ درياهه جي ڪنڌيءَ تي ڪو گهر آهي ته اهو به آسري ۾ ويٺو آهي ته من سنڌوءَ جو مِٺو پاڻي اَچي... پر اِها اُميد واري تند اندر منجهه ڇِڄي پئي آهي.
کارو ۽ سوکيءَ ۾ “ڪاٺيار” ويٺا هوندا هئا، انهن جا ڪي گهر کڏا مارڪيٽ ۾ آباد آهن. اصل ۾ اُهي سوکي شهرجا آهن.
حاجي ابراهيم فقيراڻي جت سان ڳالهه ٻولهه
ٻئي ڏينهن منجهند جو ٻارهين وڳي ڳوٺ رسول بخش مَرووا بلوچ ۾ حاجي ابراهيم پٽ حاجي صديق فقيراڻي جَتَ سان ڳالهه ٻولهه ٿي هن ٻڌايو ته:
”اسان جو ڳوٺ ڪيٽي بندر کان چئن ميلن تي آهي. منهنجي پيءُ ”حاجي صديق فقيراڻي جت“ جي نالي سان ڳوٺ آهي. هن ڳوٺ ۾ سئو کن (100) فقيراڻي جتن جا گهر آهن. اسان جي ڳوٺ کان ٿوري پنڌ تي دبائي جت رهندا آهن. ان ڳوٺ جو نالو حاجي اسماعيل دبائي جت آهي. اسان جا مائٽ وڏا سي سوکيءَ ۾ رهندا هئا. اسان جي وڏن جو سوکيءَ منجهه اُٺين (اُٺن) جو ڌنڌو هو. لاباري جي مُند ۾ اسين اُٺيون (اُٺُ) درياهه منجهان اڪاري، سوکيءَ تي ويندا هئاسين. اسين پنهنجو لڏو ٻيڙين ۾ کڻي ويندا هئاسين. سال ۾ ٻه مهينا “ڪتي ۽ نهاري” اهي هندي مهينا آهن، اهي ٻئي مهينا سوکيءَ ۾ رهي لابارو ڪندا هئاسين. سوکيءَ ۾ اُٺين (اُٺن جو واپار به ڪندا هئاسين. اسين اُٺين جو واپار اڄ تائين ڪندا اچون ٿا. اسان جو اهو ڌنڌو صدين کان وٺي آهي. هير اسين پيا ڪريون. هاڻي مَڇي وارو ڌندو به ڪريون. منهنجا ٽي ٻيڙا آهن، هڪ ٻيڙو مال (اُٺين) کي پاڻي پيارڻ جي لاءِ ۽ ٻه ٻيڙا (هوڙا) مڇيءَ جي شڪار لاءِ آهن. اسان جي ڳوٺ ۾ سئو ٻيڙا (هوڙا) آهن. سڀئي جَت مڇيءَ وارو ڌنڌو پيا ڪريون. سنڌ جي سامونڊري پٽي ۽ لاڙ ۾ ميلا لڳندا آهن، اُتي اُٺيون ڪاهي وڃي وڪرو ڪندا آهيون.
غلام شاهه جو ميلو ”مَلهه درياههَ“ تي لڳندو آهي. اسين پنڌ اُٺيون ڪاهي ويندا آهيون. اسان کي ڏهه ڏينهن لڳي ويندا آهن. بدين جي پاسي ۾ ساجن سوائي جي ميلي ۾ اُٺيون ڪاهي ويندا آهيون. هن ميلي تي اُٺيون (اُٺ) زيادهه وڪرو ٿينديون آهن. اُٺين (اُٺن) جا ڪيترائي قسم آهن. هر اُٺ جو پنهنجو مُلهه هوندو آهي. اُٺين جا رنگ به ٿين. ڪتي رنگ، ڪاري رنگ، ساوي رنگ، ڀوري رنگ، ڳاڙهي رنگ وغيره. اُٺن ۾ ذاتيون ٿينديون آهن.
سنڌي سنهڙا اُٺ، مڪراني اُٺ، جابلو اُٺ، ڍاٽي اُٺ، هي اُٺ ٿر جي پاسي جا آهن. کارائي اُٺ. هي اُٺ سامونڊري پٽي جا آهن.
صبح جو باقر خان مروا بلوچ سان گڏجي ٺٽي آيس، ان کان موڪلاءِ ڪراچي هليو ويس. ٽن ڏينهن کانپوءِ باقر خان جي فون آئي.
“ادا! آءُ هير ٺٽو مڪلي تي آهيان، مجهند جو هِتان ڪُم وتائي ساڪرو شهر مَنجهه ايندس. سو توهان اُتي اَچو...”
ادا باقر خان! مان هنِ وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ آهيان، هڪ وڳي هتان نڪرندس، پوءِ پنجين وڳي ڌاري ساڪرو پَهچي ويندس.
ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان واندو ٿي، ڀاءُ نويد ٿلهو جي گهر آيس. ماني کائي ٿيلهو کڻي ٻاهر روڊ تي آيس. رڪشه ۾ چڙهي جوهر مري تي اچي، اتان D-7 گاڏي ۾ چڙهي قائدآباد آيس. اُتان ڳاڙهو شهر جي وين ۾ ويٺس. گهارو جي گولائيءَ وَٽ وين بيهي رهي، گولائي کان هڪ رستو گُجو ۽ ٺٽو وڃي رهيو هو. ٻيو رستو ٻوهارا، ساڪرو ڳاڙهو ۽ ڪيٽي بندر ڏانهن ٿي ويون. گهارو جي وٽان هڪ وڏي عُمر جو شخص وين ۾ چڙهيو، منهنجي ڀرسان خالي جاءِ هَئي، اُتي ويهي رهيو. ڪجهه منٽن کانپوءِ وين هلڻ لڳي، ان همراهه سان حال احوال ٿيا، هُن پنهنجو نالو محمد موسيٰ لاشاري ٻڌايو. ڳاڙهو ۾ هُن جو ڪاروبار هو. وين جي در تي بيٺل نوجوان وڏي آواز ۾ ساڪرو .... ڳاڙهو.... ساڪرو ..... ڳاڙهو چوندو رهيو. اڳيان اسپيڊ بريڪر هَجي، وين جَهڪي ٿي ته اُتي ٽي چار ماڻهو بيٺا هئا. انهن وين کي هَٿ ڏنو ته وين بيهي رهي، وين جي اندر ٽن ماڻهن جي ويهڻ جي جاءِ هُئي، هڪ ڄڻو وين جي مٿان ويهي رهيو. آواز ڏيندڙ ڇوڪرو وين جو دروازو بند ڪري اُهو به وين جي پٺيان بيهي رهيو، پنج لڳي پنجاهه منٽن (5:50) تي وين ساڪرو شهر ۾ داخل ٿي.
وين ساڪرو جي روڊ تي هلندي رهي، هڪ چوڪ تي بيهي رهي ڀَرِ ۾ ويٺل محمد موسيٰ لاشاري هيٺ لٿو ۽ چيائين.
سائين ٿورو اڳيان پاسي تي سنڌ بلوچستان گبول هوٽل آهي توهان اُتي ويهي رهندا. جي اسان وَٽ ڳاڙهو شهر هلو ته مهرباني ٿيندي.
سائين! توهان جا لک ٿورا، منهنجو دوست ساڪرو ۾ اَچڻو آهي.
لاشاري صاحب کان موڪلائي ٿورو اڳتي هليس ته سامهون هوٽل هَجي، اُن تي سنڌ بلوچستان گبول هوٽل لکيل هيو.
ساڪرو جي روڊ تي ماڻهن جي اَچَ وڃ، غريب سارو ماڻهو، هر هڪ جي مِٽَ مُرلي وڄائيندڙ جوڳي جي مِٽَ وانگر ڦوڪيل هجي، اِها ڳالهه سمجهه ۾ ٿي آئي، هتان جا ننڍا وڏا ماڻهو گٽڪو گهڻو واپرائين پيا.
اُهي هلندين هلندين ڪنڌ کي لاڙي ڳاڙهي رنگ جي پچڪاري روڊ تي اُڇلائي وري هلندا رهيا، ساڪرو شهر جون ڀتيون، هوٽلن جي ٻاهران روڊ ۽ گهٽين ۾ ڳارهن رنگن جا چٽاءِ داغ هجن. گبول هوٽل جي ٻاهران مانڊڻي هُئي، آءُ مانڊڻيءَ جي پاسي مان گذري هوٽل ۾ آيس چانهه ڪاڙهيندڙ ڇوڪري کي هڪ چانهه جو چيو.
اُن جي وات ۾ چورو هُجي، مون کي آواز ڏيڻ کان اڳ وات ۾ چورو کي ڦيرائي مِٽ جي هڪ پاسي رکي چيائين، ڀاءُ ويهو چانهه سُٺي ٺاهِه ڏيان ٿو.
هوٽل ۾ ٽي چار ماڻهو چوڪڙي ٺاهيون پاڻ ۾ ويٺا ڪچهري ڪَنَ، دخل تي ويٺل جوان کي ڏٺو ته اهو به گٽڪو کائي رهيو هو، آءُ ٿيلهو ڪرسيءَ تي رکيو، پاسي ۾ هَٿَ ڌوئڻ جي جاءِ هُجي. اُٿي هَٿ ڌوئي، مُنهن تي پاڻيءَ جو ڇَنڊو هنيو، پوءِ اچي ڪرسيءَ تي ويٺس، ايتري ۾ ڇوڪرو چانهه کڻي آيو، هُن جا ڏند ڳاڙها ۽ ڪارا هُجن، وات ڳاڙهو هوس، چانهه رکندي چيائين.
ڀاءُ! ڪُجهه کپي.
ادا! مهرباني.
روڊ تي ٽريڪٽر ٽالهي کي گذرندو ڏٺو، اُهو پٺاڻن جو ڏسڻ ۾ آيو. هوٽل ۾ وڏي عمر جو ماڻهو، اُن سان گڏ ڏاڙهي سان هڪ شخص هو، اهي ٻئي هوٽل ۾ آيا. جنهن ماڻهوءَ کي ڏاڙهي ڪو نه هُئي، اهو خان، خان چئي ٻي همراهه سان ڳالهائي رهيو. مون فون ڪري دوست باقر خان کي گبول هوٽل جي باري ۾ ٻڌايو، باقر خان چيو، آءُ مڪلي مان نڪري چڪو آهيان، توهان اِنهيءَ هوٽل تي اِتي ويٺا هجو اَچان پيو، ايتري ۾ هوٽل جو بيرو آيو، تنهن کان پڇيو.
ادا، هت ساڪرو ۾ پٺاڻ آهن ڇا.؟
منهنجي سوال پُڇڻ تي هُن جي منهن ۾ گهنج پئجي ويا، پوءِ تيز آواز ۾ چيائين، ساڪرو شهر کي ڇڏيو، پٺاڻ ٽولن جي شڪل ۾ هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۾ ڪاهي پيا آهن، الائجي ڪٿي کان آيا آهن، ساڪرو ۽ ٻين شهرن ۾ پنهنجا ڪاروبار کولي ويٺا آهن، اُنهن کي پنهنجن وڏيرن جو هَٿ آهي، ڪٿي اِهي پٺاڻ هتان جا زميندار ٿي نه وڃن، اهو اسان مسڪينن کي خوف ورائي ويو آهي.
اسان آئيون اَڻ پڙهيا، پتو پوي ڪو نه پيو، ڇا پيو ٿئي. اسان جي ماڳن تان ڳاڙهو، کارو ٻگهاڻ جا دوست ايندا آهن. ٻگهاڻ ۽ ٻُهارا ويندو آهيان، اُتي به پٺاڻ ڀريا پيا آهن. اِهي پٺاڻ ٽريڪٽر هلائين، واهن جي کاٽي کڻن، نسوار گٽڪو ۽ ڪپڙي جا ڪاروبار ڪَن، ٻيو اهو ته هر هڪ شهر ۾ پٺاڻن جا پنج ڇهه هوٽل آهن. ننڍن شهرن ۾ هڪ ٻه پر ساڪرو ۽ ڳاڙهو ۾ چانهه جا هوٽل ججها کوليون ويٺا آهن.
بيري جي ڳالهه ٻڌي خاموش ٿي ويس، هي پٺاڻ قائدآباد کان ڌاٻيجي، گهارو ساڪرو، ڳاڙهو تائين آيا آهن. ڪٿي ائين نه ٿئي جو ڪجهه سال ۾ سامونڊي پٽيءَ تي رڳو پٺاڻ ئي پٺاڻ هُجن. بيرو خالي ڪوپ کڻي ويو، مان اُٿي دخل ٿي آيس، چانهه جا پئسا ڏئي واپس پنهنجي جاءِ تي ويٺس. مون ڏٺو ته باقر خان مروا بلوچ هوٽل جي پاسي ۾ مانڊڻيءَ هئي، اُتي موٽرسائيڪل بيهاري رهيو، هو ٿيلهو کڻي هوٽل کان ٻاهر نڪري آيس، باقر خان سان مليس.
باقر خان جي موبائيل جي گهنٽي وڳي، هن ڪنهن کي چيو، “اسين ٻه ڄڻا آهيون، رات جو تو وٽ پهچي وينداسين. ماني ٽڪيءَ جو بندوبست ڪري ڇَڏِ، اسين ساڪرو مان نڪرو ن پيا.” باقر خان فون بند ڪئي ۽ چيائين ادا، موٽرسائيڪل جي چين ڍَري ٿي پئي آهي، اڳيان پٺاڻ جو دڪان آهي. اُهي نيون موٽرسائيڪلون کپائيندا آهن، اُتي هلي موٽرسائيڪل جي چين ڇڪرائي، پوءِ ڳاڙهو، ڪيٽي بندر وارو رستو وٺي هلنداسين. پر ڳاڙهو کانپوءِ ٻگهاڻ ۽ ڪيٽي بند وارو رستو ڪو نه وٺي هلنداسين، اهو ڏاڍو خراب رستو آهي، ڳاڙهو کان ڪچو گس نڪري پيو، رات جو وقت آهي، گس سٺو ڪونهي ڪو، پر سوَلو آهي، اُهو وٺي مور ڇڏائي ڳوٺ ۾ هلنداسين.
اسين موٽرسائيڪل ڪاهي اُن دڪان تي آياسين، باقر خان موٽرسائيڪل جي چين ڇڪرائي، هوا تيز گهلي رهي هُئي، روڊ جي ٻنهي پاسن کان پَڪا دڪان هُجن، دڪانن کان ڪجهه فاصلي تي ڪکن ڪانن واريون جايون هُيون.
روڊ تي هڪ چنگچيءَ ۾ ٻوريون سَٿل هيون. هلائيندڙ ڇوڪرو جي پٺيان ماڻهو ويٺل هُيا. ڪيتريون ئي چنگچيون سواريون کنيون پيون وڃن، ڪي ساڪرو شهر ڏي اَچي رهيون ته ڪي وري ساڪرو مان ماڻهو ڀَريو وڃن پيون.
اسان کي سج لهي چڪو هو، واءُ تيز لڳي رهي هُجي، گهوڙا ٻاري روڊ ٽپي اڳتي هلندا رهياسين، روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڪلراٺي زمين، پري کان ڪي گهرَ ڇَنن، مَنهنَ، ڪانن ڪڙن وارا ڏسڻ آيا. هاڻ اسين ڍارا ڳوٺ ٽپي چڪا هياسين، واءُ تيز گهلي رهيو هو، باقر خان موٽرسائيڪل جي رفتار جَهڪي ڪَئي، روڊ پَڪو هُيو، گاڏين جي اَچَ وَڃَ لڳي پئي هئي.
باقر خان هڪ ڳوٺ ڏانهن اشارو ڪيو، جيڪو روڊ کان ٿوري پنڌ هجي. “ادا، هيءَ ڳوٺ قاضي احسان جو آهي، اُن جي ڀَر ۾ واڍا ڳوٺ (واڍن جو ڳوٺ) آهي. جيڪي کٽي آهن، اسين ٻُهارا شهر جي ويجهو آهيون. سڄي هٿ تي هڪ پيٽرول پمپ هو، باقر خان مروا بلوچ اُن پيٽرول پمپ تي موٽرسائيڪل بيهاري ۽ پيٽرول وجهرايو. “هي پيٽرول پمپ واحد گَراڻو ميمڻ جو آهي. پيٽرول پمپ تي هڪ نوجوان اچي باقر خان سان هٿ ملايو ۽ وري مونسان ملائي باقر خان کي چيو.
ڪاڏي پيا وَڃو....
ادا، مور ڇڏائي جي ڳوٺ وڃون پيا.
باقر خان اُن ماڻهوءَ کان موڪلائي موٽرسائيڪل چالو ڪئي. ٻهارا شَهر ۾ اسين اَٺ لڳي دٻو ريگيوليٽر تي پهتاسين. باقر خان اتي ٻن ٽن منٽن جي لاءِ موٽرسائيڪل بيهاري هيٺ لهي ويو. اڳيان سروي هجي، اتان ٿي دٻو ريگيوليٽر کي اَٺَ، دروازا هُجن. ٺٽو، وَر شهر جو گندو پاڻي ۽ واهنِ جو گندو پاڻي زمينن جو پاڻي، سڀئي هِن ريگيوليٽر جي رستي سان وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا آهن. اسين موٽرسائيڪل چالو ڪري اڳتي هلياسين. ڏهن منٽن کانپوءِ ڳاڙهو شهر جي ٻاهران عزيز ملاح جي هوٽل وَٽ چانهه پيئڻ جي لاءِ گاڏي بيهاري سون، ان وقت عبدالجبار تاثير ‘شاعر’ جي فون آئي، تنهن مون کان حال احوال پُڇيا.
ادا، ڪٿي آهيو.
“سائين، ڳاڙهو شهر جي ٻاهران هوٽل تي چانهه پيئڻ جي لاءِ بيٺا آهيون”. ٿوري دير کانپوءِ اسان ٻئي شهر ڏي وينداسين. “ادا! چڱو، توهان پنهنجي منزل تي پهچو، پوءِ حال احوال ڪبا. فون بند ٿي وئي، موٽرسائيڪل جي پاسي ۾ ڪاٺ جو وڏو صندل هيو، اُتي چڙهي، پلٿي هڻي ويٺاسين. ڪاٺ جي صندل تي پاڻيءَ وارو ڪولر پيو هيو، اُن مان گلاس پاڻيءَ جو ڀري منهن تي ڇنڊو هنيو، پوءِ بچيل پاڻي جو ڍڪ ڀريو.
هڪڙو همراهه آيو، اسان سان هَٿ ملائي صندل جي پاسي ۾ بيهي باقر خان سان ڳالهه ڪري رهيو هو. باقر خان اُن ماڻهو جي باري ۾ ٻڌايو.
هي خاصخيلي آهي، هنن جي وڏڙن ڳاڙهو نالي سان هي شَهر آباد ڪيو. هن شهر ۾ سوکي ۽ کاروڇاڻ جا ڪيترائي ماڻهو آباد آهن. هير وڏو شهر ٿي ويو آهي، ڪنهن وقت ۾ هن جاءِ تي هڪ دُڪان، هِڪُ ڍَڪُ هوندو هو. جڏهن سمنڊ جي کاري پاڻيءَ درياهن جي ڪنڌين کي ڦٽائڻ ۽ اُجاڙڻ شروع ٿيو ته اُتان جي ماڻهن لڏپلاڻ ڪري مختلف ماڳن ۽ هنڌن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڃي آباد ٿيا. هي پَٽَ خالي پيا هُيا، پوءِ هن پَٽَ تي ماڻهن پنهنجا گهر اَڏيا. هي ڳاڙهو شهر وڏو آهي، ڪيٽي بندر ساڪرو وارو روڊ مان وڏي ماڻهن جي اَچُ وَڃ ٿيندي هئي. جنهن سبب جي ڪري ڳاڙهو شهر ٻن ٽن گهرن ۽ جاين وارو هنڌ هاڻ وڏو مرڪزي شهر بڻجي ويو آهي. هن شهر ۾ پٺاڻن جا ماني وارا هوٽل، چانهه جا هوٽل آهن. ان کان علاوه ٻيو ڌنڌو به ڪندا آهن ۽ وڌنڌا وڃن ٿا. هنن پٽن ۾ پٺاڻ ڏاڍو آيو آهي، اَهي واهن جي کاٽي، هَرن وارو ٽريڪٽر ٺاهڻ وارو به ڪم ڪندا آهن. باقر خان مروا بلوچ اُن همراهه سان ڳالهائيندي چيو:
خاصخيلين جا پنج پاڙا آهن، 1 خاصخيلي 2 خاص ڪيلي 3 غلام 4 ٻانها 5 گڊا آهن، اسين ڏهه منٽ کن اتي ويٺاسين پوءِ اُن همراهه کان موڪلايوسين. باقر خان چيو.
ادا! اسان کي ٻگهاڻ وڃڻو آهي، ڳاڙهو شهر کانپوءِ ٻگهاڻ، ڪيٽي بندر اَچي ٿو. پر رستو گهڻو خراب آهي، سالن کان وٺي ائين ئي پيو آهي، رستي تي پٿر آهن، جيڪي ٽائرن جي لاءِ ٻُڙي آهن. گاڏين جا ٽائر پنچر ٿيو وڃن، ڦاٽي پون ٿا.”
اسين ڳاڙهو شهر مان اندران هڪ ڪچو رستو وٺي هلنداسين، هي رستو مختلف ڳوٺن مان گذري ٿو، علي محمد جانيارو، سڪندر علي جانيارو جانيئڙو ۽ شيخ ڳوٺ کانپوءِ اوچتو درياهه جو پاسو وٺي، اُهو ٽپي ٻگهاڻ ۾ داخل ٿي، پوءِ مور ڇڏائي هلنداسين.
باقر خان جي ڳالهه ٻڌي اندازو لڳايو ته اڃان ڪلاڪ ٻن جو پنڌ ٿيندو. هاڻ اسين ڳاڙهو شهر مان گذرڻ لڳاسين، شهر جي وچ وارو رستو جنهن تي پٿر هُجن. ائين لڳو، ڄڻ سالن کان وٺي هن روڊ تي پٿر وڇايل هجن. تنهن کي پڪو روڊ ڪونه ڪيو ويو آهي. سنڌ جي ڳوٺن ۾ رستن ۽ روڊن تي ۽ شهرن جي گهٽين ۾ اڪثر پٿر وڇايل هوندا آهن. بس روڊ ٺهي ويا. اهو مڪمل پڪو روڊ بڻايو ڪونه ويندو آهي. موٽرسائيڪل پٿرن واري روڊ تي هلندي رهي، ڳاڙهو شهر ۾ خاصخيلي جي هوٽل هُئي. اُتي کاروڇاڻ جون گاڏيون بيٺل هُيون، خاصخيلي هوٽل کان گهارو ۽ قائدآباد ۽ حيدري بندرگاهه تائين وينديون آهن.
ڪيٽي بندر کان ڪراچي ويندڙ گاڏيون ڳاڙهو، ٻهارا، ساڪرو کان گذري وينديون آهن.
هاڻ اسين ڳاڙهو شهر مان نڪري، هڪ ڪچو چارو (رستو) ورتو، اُن رستي جي ٻنهي پاسن کان فصل هُيا. ڦٽيون، ڪيلا، ڪمند ۽ گدرن جا فصل هئا. ڪٿي خالي سُنسان پَٽَ هئا، ڪنهن مَهل گدڙن جون اُوناهيون اَچي رهيون هُيون. اوچتو باقر خان موٽرسائيڪل کي بيهاريو، موٽرسائيڪل جي اڳئين بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ڪُجهه ڪچا گهر ڏسڻ ۾ آيا. باقر خان گهرن ڏانهن ڏسي چيو.
“ادا! اسين رستو ڀلجي وياسين.” هڪ ڪچي رستي مان ٻه ٽي ڪچا ٻيا رستا نڪرندا رهيا، سو ماٺَ ڪري بيهي رهياسين. باقر خان چيو، هاڻ ڳوٺاڻو اچي پيو ان کان پڇبو، هڪ همراهه کي گهرن مان ٻاهر ايندو ڏٺوسين، جڏهن اهو ڀرسان آيو ته باقر خان مروا اُن کان رستي بابت پُڇيو.
ادا، رستو ڀلجي بيهي رهياسين، اسان کي مور ڇڏائي وڃڻو آهي. آءُ ڪيترائي ڀيرا هن گس سان آيو ويو آهيان، پر رات جي ڪري گس ڀلجي ويا آهيون. اهي پٿر ماڻهن جي لاءِ وڏو آزار بڻيل آهن. مهرباني ڪري ٻگهاڻ وڃڻ جو رستو ٻڌايو. اُن همراهه هَٿَ جو اشارو ڪري چيو، “وري وڃو”.
“وَري وڃو” اهو لفظ سمجهه ۾ ڪو نه آيو.
“ادا، گس سمجهه ۾ اَچي ويو”، باقر خان ائين چئي، پوءِ موٽرسائيڪل کي ڦيرائي هلڻ لڳو. ڪجهه فاصلو طئي ڪيوسين ته هڪ هنڌ تي ٻه ڪچا رستا نڪرن پيا، هڪ ڪچي رستي اسين آياسين، هاڻ ٻيو ڪچو رستو وٺي هلڻ لڳاسين، پندرنهن ويهن منٽن کانپوءِ ڏٺوسين، جنهن رستي هلي رهيا هئاسين، اُن مان ٻه ٻيا ڪچا رستا نَڪرن پيا. اسان هڪڙو رستو وٺي هلندا وياسين، خبر تڏهن پئي ته اسين ڪنهن گهر جي پڌر (اڱڻ) تي اچي بيٺاسون. اُتي مال جو وٿاڻ هُيو، هڪ نوجوان بيٺو هجي، اسان کي ڏسي اچڻ لڳو. اهو سمجهي وياسين ته اَسين هاڻي گس ڀُلجي ويا آهيون، اهو آيو اسان سان هٿ ملائي چيو.
آءُ سمجهي ويس توهان ڀلجي ويا آهيو، اهو ٻڌايو ته ڪٿي ويندؤ.؟
ڀاءُ، ٻگهاڻ وينداسين.
چڱو، توهين هيٺ لَهو، آءُ گاڏي هلائيندس. توهان منهنجي پويان ويهو ۽ توهان کي صحي گس تي ڇڏي پوءِ گهر موٽي ايندس.
اسين هيٺ لٿاسين، اُن نوجوان گاڏي هلائي ۽ هلندو رهيو، ڪجهه منٽن کانپوءِ هڪ چواٽي تي موٽرسائيڪل کي بيهاريو، پاڻ هيٺ لهي چيائين.
ادا، اهو گس وٺي ويندا اڳيان اوچتو درياهه جي ڇاڙ ايندي، جيڪا ٻگهاڻ جي پاسي ۾ آهي.
ادا، مهرباني.
پوءِ اسين موٽرسائيڪل چالو ڪري هلياسين، ڪجهه منٽن کانپوءِ اوچتو درياهه تي ٺهيل پُل ٽپي ٻگهاڻ شِهر ۾ داخل ٿياسين. رات جو وقت هجي، شهر بند هيو، ڪٿي ڪٿي ڪتن جي ڀونڪڻ جا آواز ٿي آيا. روڊ جي پاسن کان گند ڪچري وارين جاين تي ڪتا بيٺا هُئا، ڪڙن ڪانن جا دڪان ٺهيل، ڪجهه پڪا گهر هُئا.
باقر خان چيو، هي روڊ کاروڇاڻ ڦاٽ درياهه تي وڃي ٿو. باقي اڌ ڪلاڪ جو پنڌ ٿيندو، پوءِ اسين مور ڇڏائي ڳوٺ ۾ پهچي وينداسين.
رستي جي پاسن کان ديوين جا وَڻ هئا. اسين پنجويهه منٽن کانپوءِ ڳوٺ مور ڇڏائي ۾ پهتاسين. هڪ پڪي جاءِ ڏسڻ ۾ آئي، اُن ۾ داخل ٿياسين، باقر خان مروا چيو. هي اسڪول آهي. موٽرسائيڪل بيهاري، ان جي لائيٽ ٻاري ڇڏي ۽ موبائل فون ڪڍي، ان جي روشني ڪَري، روشني ڦيرائيندي پٽ کي ڏسندو هليو پئي. کيس پَٽَ صاف ڏسڻ ۾ آيس ته پوءِ فون تي ڪنهن سان ڳالهائڻ لڳو.
“عباس! هَلي آ اسين رَسي ويا آهيون.؟”
اسڪول کان سَڏَ پنڌ تي گَهرَ هئا. اسين اسڪول مان ٻاهر نڪري آياسين، اتي ڳاڙهين پڪي سرن جو روڊ هجي. ان جي سامهون هڪ هڪ ڪمري واريون جايون هجن. جنهن جاءِ ۾ روشني ٻري رهي هئي، ان جاءِ ڏانهن باقر خان اشارو ڪري چيو، “ادا! هي سوکي ويلفيئر جي آفيس آهي.” هن ڳوٺ ۽ ڀرپاسن وارن ڳوٺن ۾ سوکي شهر جا ماڻهو رهن ٿا. ڪي وڏي عمر جا آهن، هڪ ٻه ماڻهو حيات آهي، ان جو ڏک پتو ڪريون ٿا، هينئر رات ٿي وئي آهي، صبح جو ڪنهن هڪ سان ملي وٺنداسين.
باقر خان ۽ آئون ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين ته ڪجهه نوجوان ميدان تي ٻن کٽن تي هنڌ وڇائي هليا ويا. پوءِ اسين اچي کٽن تي ويٺاسين، ايتري ۾ هڪ نوجوان اچي هٿ ملايو ته باقر خان چيو، “ادا! هي عباس آهي، جنهن کي مون فون ڪئي هئي.”
پوءِ عباس هٿ ملائي گهر جي پاسي هليو ويو. ٿوري دير کانپوءِ ماني کڻائي آيو. اسان سڀني ماني کاڌي، هَٿ ڌوئي ويٺاسين، جنهن جاءِ ۾ روشني هُئي اُن مان هڪ ماڻهو ٻاهر آيو. اسان سان هٿ ملايو، پوءِ عباس چيو.
هي سوکي ويلفيئر آفيس جو سيڪريٽري آهي، هاڻ هلو ته “سوکي” آفيس ۾ ڪچهري ڪريون، پوءِ سڀئي اُٿياسين، سوکيءَ جي آفيس ۾ ٻه نوجوان ويٺا هئا، اسان ويٺاسين ٻه ٽي ٻيا ماڻهو آيا. انهن سڀني جو باقر خان مروا تعارف ڪرايو، ڳوٺاڻن سان ڪچهري هلندي. سنڌي ٻوليءَ جي پراڻن لفظن تي بحث ٿيو. ڪچهريءَ ۾ چاچا محمد شولائي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا بيت ٻُڌايا ته باقر خان چيو.
“چاچا محمد شولاڻي جو وڏو ڀاءُ عمر مشهور ناکئو هيو.”
پوءِ محمد پٽ حاجي هاشم شولاڻي پنهنجي شاديءَ ۽ ڳوٺ ٽِڪو جو واقعو ٻڌايو، ٽِڪو ڳوٺ ديهه وَٺيون ۾ آهي، ڳوٺ ۾ ميلا ملاکڙا لڳندا هئا.
اتي دڪان کي ڪاڇيل ۾ ٻُنڀو هو. (ڪاڇيل جي معنيٰ ڏکڻ ۽ ٻُنڀو جي معنيٰ دروازو) جتان اسين سامان سَڙا ورتا ها. مِي جي شاديءَ جو خرچو ارڙهن سئو روپيه آيو. مي جي ڀاءُ ناکئو حاجي عمر شولائي دڪاندار کي اڳ ۾ ٽي هزار روپيه ڏئي ڇڏيا هئا. شاديءَ کانپوءِ اُن دڪاندار ٻارنهن سئو اسان کي موٽائي ڏنا.
منهنجو ڀاءُ ناکئو عمر شولائي، مشهور ناکئو هو جيڪو “عُمر چَرئي” جي نالي سان مشهور هُيو، هِڪ ڀيري درياهه تي مڇيءَ جو شڪار گهوريندي انڊين نيويءَ وارن سان جهڳڙو ٿي پيو، جنهن ۾ منهنجي ڀاءُ عمر کي گولي لڳي، ٻي گولي جَت عارف ڇڇ جهان خان کي لڳي، ٻئي مري ويا، پوءِ اسين اُهي لاش کڻائي آياسين.
ڪجهه دير جي لاءِ محفل ۾ ماٺ ڇانئجي وئي، پوءِ چاچا محمد شولاڻي چيو.
“اسين ماڙ “ماڻهو” درياهه جي ڌنڌي کانسواءِ رهي ۽ جي نٿا سگهون. اهو اسان جي جيئڻ جو گس آم، ان گس ۾ ايترا ڏکيا ۽ موتمار واقعا اڀري پوندا آهن، جو پنهنجن پيارن جو منهن به ڏسي ڪونه سگهندا آهيون. درياهه تي شڪار ڪندي، طوفان هوائن، تيز موتمار لهرن سان لڙندي، وڙهندي به اسين زندگي هارائي ويهندا آهيون. اسان جي انهن ڏکن ۾ ڪو وڏو ماڻهو شريڪ ڪونه ٿيندو آهي. بس اسين پنهنجو پاڻ ۾ “درياهي ماڻهو” (درياهه جو ڌنڌو ڪندڙ ماڻهو) هڪ ٻئي جي ڏکن ڏاکڙن کي سمجهندي، محسوس ڪندي، پنهنجا سور هڪٻئي سان سلي وٺندا آهيون. پوءِ وڏي دل ڪري ٻيهر ٻيڙا تيار ڪري، درياهه جي پنڌ تي نڪري ويندا آهيون. جڏهن مڇيءَ جي شڪار تي ويندا آهيون ته اها پڪ به ڪونه هوندي آهي، ڪڏهن، ڪيئن ۽ ڪهڙين حالتن ۾ واپس تڙ تي اچي پنهنجن پيارن عزيزن ۽ اولاد سان ملنداسين. درياهه ۾ هولندي هر ڪنهن کي پنهنجي ٻچڙن جا خيال ورائي ويندا آهن پر ان وقت ڪري به ڇا ٿو سگهجي. اسين روزي به پنهنجي ٻچن لاءِ ڪمائڻ ويندا آهيون.” ابا! درياهه ۾ دل وڏي ڪرڻ کان سواءِ هلي نٿوس سگهجي.
چاچا محمد شولاڻي جي ڳالهين هر ڪنهن جي هانءُ تي لوڙهي ڇڏيو هو.
رات جو ٻارنهن وڳي تائين ڪچهري هلي، باقر خان مروا بلوچ چيو. سوکي بندرگاهه جو رهندڙ ماڻهو هِن ڳوٺ جي پاسي ۾ (مور شولاڻي) ڳوٺ ۾ رهي ٿو، ان کي هير نياپو ڪيو آهي. اهو صبح جو سوير ايندو. اُن سان ڪچهري کانپوءِ حاجي علي بخش مرگهر بلوچ جي ڳوٺ ڏي هلنداسين، پوءِ سڀئي “سوکي ويلفيئر آفيس مان نڪري آياسين”.
صبح جو سوير ناٿو شولاڻي چيئرمين پُٽ مور شولائي، هن جي عمر سئو سالن کان مٿي هئي، هلڻ ۾ چُست ۽ ڳالهائڻ منجهه ڀَڙو هو. لَٺَ هٿ ۾ هيس سوکي ويلفيئر آفيس ۾ اچي پهتو. پوءِ حال احوال ڪندي سوکيءَ جون يادگيريون ٻڌائڻ لڳو.
اسان جو ڳوٺ “حاميد وارو” ڪيٽي بندر جي ڏکڻ ۾ آهي. ڳوٺ ۾ شولاڻي ذات کانسواءِ بلوچ، گڊا خاصخيلي، دبائي جَت، دبلا رهندا آهن.
سوکي شهر کان ڏهه ميلن تي اسان جو ڳوٺ (حاميد وارو) آهي، اسين سوکيءَ ويندا هئاسين ته ٻيڙيءَ ۾ چڙهي “مزار واري ڇاڻي” درياهه مان گُذري، وري “مٽڻي درياهه” منجهه اچي ٿورو اڳيان سوکيءَ جي بندرگاهه تي ٻيڙي بيهاري، پوءِ سوکيءَ جي شهر ويندا هئاسين.
سوکيءَ ۾ زمين جو ڪَم، هارپو ۽ ڪڏهن مزدوري به ڪندا هئاسين. اسان پنج ڇَهَه ماڻهو گڏجي سوکي شهر ۾ ڪمائڻ ويندا هئاسين. جيڪي ڳوٺ جا ماڻهو مونسان گڏ ڪم ڪرڻ هلندا هئا، انهن جا ڪجهه نالا ياد آهن.
حاجي هاشم شولاڻي، موريو شولاڻي، آرو گَڊو، تار گَڊو ۽ ٻيا به ڳوٺ وارا هلندا هئا. ڪڏهن ته اڪيلو سوکيءَ هليو ويندو هوس.
سوکيءَ جي وڏي بازار هُئي، دنيا واپار جي لاءِ ايندي هُئي. قاسو “عامر” جَت جي هوٽل هوندي هُئي. اُن جا ريزڪي ۽ ڪپڙي جا دڪان ها، قاسو جَتَ “عامر” هُن جا پاڙو هو. کيس ماڻهو قاسو عامر جت يا ڪي “قاسو جت” جي نالي سان سڏيندا هئس، هي سوکيءَ جو وڏو زميندار هو.
سوکيءَ شهر ۾ هر جمعي تي ملاکڙو ٿيندو هو. اسين شوق سان ملاکڙو ڏسندا هئاسين، مون کي اُنهن مَلهن جا نالا ياد آهن.
چُڍي دبلو، پچالي دبلو، بروهي ڀورو، حُسين سوڍو (سوڍائي) اسماعيل شولائي، آءُ به مَلهه وڙهندو هوس، ملاکڙو اهڙو لڳندو ڄڻ ميلو لڳي ويو، سوکي جي تَر (ڀرپاسن) جا ماڻهو ايندا هئا.
جيڪو مَلهه ٻئي کي مَلهه ماريندو هو ته چؤڦير ڪنڌي ٺاهي بيٺل ماڻهن جي اڳيان ڪڏندو هلندو، خوشيءَ ۾ ٽلندو هو ته ڪنڌيءَ وارا ماڻهو اُن کٽيندڙ مَلهه کي چانديءَ جا روپيه انعام ۾ ڏيندا هئا.
سوکي جا خاشا ماڻهو وڏا ماڻهو زميندار ڪُرسيون وجهيون ويٺا ملاکڙو ڏسندا هئا. پوءِ اُهي آخر کٽندڙ مَلهه پهلوانن کي انعام ڏيندا هئا. ترَ جا مَلهه (پهلوان) ملاکڙو ختم ٿيڻ کانپوءِ واپس وريو پنهنجن ڳوٺن ڏانهن هليا ويندا هئا. باقي پري پنڌ جا پهلوان سوکيءَ جي زميندارن جي اوطاقن ۾ ٽڪي پوندا هئا.
سوکيءَ ۾ راڳ هر سال ٿيندو هو. جنهن ۾ وڏا ڳائڻا ايندا هئا. مون جن ڳائڻن جو راڳ ٻڌو، انهن ۾ مائي ڀاڳي، مائي جيوڻي، چندر، سوڀراج، ڀڳت ڪنور رام، مگڻ واڻيو اهو به وڏو ڳائڻو هو.
غلام رسول شاهه ڳائڻو هي ساڪرو شهر جو هو. گيدوڙو مهاڻو ملاح، حُسين مِرگهِل لاڏيون شهر جو هو. هن جا شاگرد به هئا، جيڪي پاڻ سان وٺي ايندو هو. هن کي سازدا پنهنجا هئا. سَيد سُليمان شاهه ڳائيندو ۽ نچندو هو. ماڻهن کي هن جو اهو انداز گهڻو پسند هو. سوکيءَ جا ماڻهو راڳ جا شوقين هئا.
“ڪيٽي بندر ۾ هر سال ميلو لڳندو هو، اُتي اِهي سڀئي ڳائڻا ايندا هئا. ڪيٽي بندر تي وڏا ملاکڙا لڳندا هئا. سنڌ جا بندر آباد هوندا هئا. مون پنهنجي سانڀر ۾ چار بندرگاهه ڏٺم. ڪيٽي بندر، شاهه بندر، کاروڇاڻ ۽ سوکي بندر گاهه ڏٺا هئا. هاڻي اهو زمانو اکيون ڏسنديون الائجي نَه،” ناٿو شولاڻي بندرگاهَن جي ڳالهه ڪندي، ٿڌا ساهه ڀريندو رهيو. اسين سنڌ جي انهن جاين تي هلياسين، گهمياسين ۽ ڦرياسين. هير اِهي پَٽَ اُجڙيا پيا آهن. شاهه بندر، ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ بندر ڦٽي ويا آهن. سوکي ڦٽي ويو، هاءِ گهوڙا، سنڌ جي سونهن کي سونٽو هَنيو ويو. هاڻ اسين اُڃ سان ٿا مَرون، پاڻي آهي ڪو نه، هي پٽ ڪٿان آباد ٿين. هر وقت اها اندر ۾ ڳڻتي ڳاريندي رهندي آهي.
مِکي (مون کي) جوانيءَ جو هڪ واقعو ياد اَچي پيو. دبو درياهه جنهن هنڌان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. اُتي رات جي وقت سامونڊي تيز لَهرَ اُٿي هئي. درياهه منجهه هلندڙ ٻيڙيءَ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري هلي وئي، ٻيڙيءَ منجهه هڪ ننڍڙي ڇوڪري هُئي، جيڪا ڪنڌيءَ وارن وڻن ۾ ڦاسي هئي. ٻيڙيءَ مان جيڪي ماڙ پاڻي ۾ ڪري پيا، سي ترندا اچي پنهنجي جان بچائي ڪنڌيءَ تي آيا. انهن ڇوڪريءَ کي ڏٺو جيڪا وڻن جي ٽارن منجهه ڦاسي پئي هئي. پوءِ اُن کي کنيائون ته ساهُه هوس، اُها ڇوڪري جوان ٿي ۽ شادي ڪيائين، اُن جي اولاد ڏٺي، سندس اولاد جي به اولاد ڏٺي، ٿورو عرصو اڳ گذاري وئي آهي.
سوکي جو شهر ڪنهن گهَڙي ياد ايندو آهي ته پوءِ مائي ڀاڳي، سليمان شاهه جا ڪلام ياد ايندا آهن. ڇو ته انهن کي اتي ڳائيندي مون ڏٺو هو.
پوءِ ناٿو شولاڻي چيئرمين موڪلائي ويو، ڪچهريءَ ۾ ويٺل ناکئو گل محمد، سڀ هليا ويا. باقر خان چيو، اُٿو ته ڀرپاسي ۾ مرگهر دوست عبدالله مرگهر، شفيع محمد مرگهر رهن ٿا، انهن وٽ هلون ٿا. ڳوٺ مور ڇڏائي جي ٻاهران “کورا” هَجَن، جنهن کي گول ننڍڙا ننڍڙا سوراخ، چئن پاسن کان هئا. اُنهن سوراخن جي وٿيءَ مان دونهون ٻاهر اَچي رهيو. جيئن ڪو موالي چَرس جو سوٽو هڻي نڪ مان دونهون ڪڍندو آهي. ائين کوري جي سوراخ مان دونهون نڪري رهيو هو، اُهي کورا پٺاڻن جا هئا.
اسين مور ڇڏائي ڳوٺ کان نڪري ڪچي رستي تان هلندي اچي پَڪي روڊ تي چڙهياسين. هي روڊ کاروڇاڻ وڃي رهيو هو، ڪجهه منٽن کانپوءِ رستي تي لوهَه جو بورڊ لڳل هيو. جنهن تي وڏن اکرن ۾ لکيل هيو. “ڳوٺ حاجي بخش علي مرگهر بلوچ،” کٻي هٿ تي موٽرسائيڪل کي موڙي هلندا رهياسين، ڳوٺ جي ٻاهران ڇَنن مَنهن وارا گهر هئا. ڪچي رستي تان هلندين مسجد جي پاسي هڪ پڪو بنگلو هيو. بنگلي جي اڳيان گهاٽا ڊگها وڻ انهن وڻن جي گهاٽي ڇانورن جي هيٺان پلاسٽڪ جون ڪرسيون رکيل هيون. باقر خان مروا وڻ جي هيٺان موٽرسائيڪل کي بيهاريو، بنگلي جو دروازو کليل هيو. اسين در تي پهتاسين ته سامهون هڪ همراهه ڀت کي ٽيڪ ڏئي سگريٽ ڇڪي رهيو هو، اسان کي ڏسي اٿيو، هٿ ملائڻ کانپوءِ ڪچهري ٿي، هڪٻئي کان حال احوال پڇڻ لڳاسين. باقر خان چيو.
رئيس حاجي علي بخش مرگهر جو وڏو پُٽ رئيس حاجي احمد خان 2001ع کان 2009ع تائين ناظم يونين ڪائونسل تعلقو کاروڇاڻ جو ٻه ڀيرا ناظم ٿي چڪو آهي. ايتري ۾ ٻيا دوست به اچي ڪچهري ۾ شامل ٿيا. سائين شفيع مُرگهر بلوچ، محمد يوسف مُرگهر بلوچ، باقر خان مرواهه بلوچ، سائين شفيع محمد مُرگهر بلوچ، سوکيءَ جي باري ۾ ٻڌايو ته سوکي “ڀل ڀَلائي” جو شهر هو، سوکي هنن پَٽن، ماڳن، ڇاڙن ۽ ڍورن جي سونهن وارو شهر هو، سوکي شهر ۽ بندرگاهه سان، سامونڊي ننڍڙا تَڙَ، ڳوٺ وَسنديون آباد هونديون هُيون.
رئيس حاجي احمد علي مُرگهر بلوچ ڳوٺ جي باري ۾ ٻڌائڻ لڳو، 1965ع ڌاري علائقو آباد هو. اسين اتي رهندا هئاسين، منهنجي والد رئيس علي بخش مرگهر بلوچ 1963ع ۾ جتي هينئر ويٺا آهيون، هي علائقو ديهه دولو شولاڻي ۾ زمين ورتي هُئي. هيءَ علائقو برساتن ۽ سنڌو درياهه تي آباد ٿيندو هو. اُنهن ڏينهن ۾ بئراج ڪو نه هئا. اسين سڀئي ڌُريءَ جو ڳوٺ آباد علائقو ڇڏي هن پَٽَ تي اچي ويٺاسين. ڪُل ڇَهه گهر هُئاسين، هن ڳوٺ جي اتر طرف ۾ ڦِٽو درياهه وهندو هو. جيڪو سنڌو درياهَه جي شاخ هو. ڦِٽو درياهه اڳتي هلندو ديهه جهالو وتان قلندري درياهه جي نالي سان سڏجڻ لڳي ٿو. قلندري درياهه ڪيٽي بندرگاهه کان اڳتي هلندو وڃي سَمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
هي ڳوٺ ميداني علائقو هو ماڻهن جي اچ وڃ تمام گهٽ هوندي هئي. ڏينهن جو بگهڙ هوندا هئا. هي اهو وقت هو، جڏهن 1965ع جنگ لڳي هئي، اسين وڻن ۾ لڪي، کَڏن ۾ ويهي پناهه وٺندا هُئاسين. اسين جڏهن ٻهارا شهر ويندا هئاسين ته اوچتو درياهه ٽپي ٻهارن ۾ داخل ٿيندا هئاسين. ٻهارا وٽ سرڪاري گاڏيون جيڪي اسٽيٽ بينڪ ڪراچي کان اينديون هُيون.
پوءِ اچ وڃ جي سهولتن ۾ اضافو ٿيو. کيکڙا گاڏي ٻُهارا کان ٽِڪو ڳوٺ تائين ويندي هُئي، پوءِ ٽِڪو ڳوٺ کان ٻاٻيهو ڳوٺ ۽ سڄڻ واري تائين هلندا هُئا. ٻهارا شهر منجهه قاضي رهندا هُئا. اُهي کيگڙا اُنهن جا هئا 1971ع کان پوءِ اسان جي ڳوٺ ڀرسان ٻيا ڳوٺ به آباد ٿيا. 1974ع ۾ انڊو شاخ ۾ اضافو ٿيو، هيءَ شاخ اسان جي ڳوٺ کان اڳتي وڌي وئي، انڊو شاخ مان دارسي شاخ نڪتي هُئي. هڪ ڪار بنگلي جي در وٽ اچي بيهي رهي، ان مان ٻه ماڻهو هيٺ لٿا، جن جو تعارف شفيع محمد مرگهر ڪرائيندي چيو، ادا! هي عبدالحفيظ ملاح ڪائونسلر آهي. رات جو دير تائين ڪچهري هلندي رهي، شففيع محمد مرگهر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو شعر پڙهيو.
پَڳَہَ پاسي گھارِ، آيَلِ! سامُونڊيُن جي؛
وجِھي جِيُ جَنجارِ، جِمَ وَڃَنِئِي اوهِرِي.
(سر سامونڊي)
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان لاهِ مَ چَرُ؛
اُنِين جا اَمُرَ، کَڻُ ته خالي نه ٿئين.
(سر سريراڳ)
عبدالله مرگهر ڏاڍي سريلي آواز سان ڪچهري وارن کي لطيف سرڪار جا شعر ٻڌايا. ان کانپوءِ يوسف مرگهر سر گهاتو مان ٻه شعر ٻڌايا.
گَهنگَهرِيا گَهڻَ ڄاڻَ، موڙهِي مَتِ مَهائِيين؛
وِيا گَڏجِي وِيرِ ۾، پِيا مُنهِن مَهراڻِ؛
اڳيان پويان ٽاڻَ، وِيا ويچارَنِ وِسري.
ماڪَ ڀِڄايَنِ مولِهيا، مٿان راتِ پئِي؛
اولِيون اُجَهڻَ لَڳِيون، وِيا وَنجَهه وَهِي؛
ڪَلاچِيان ڪَهي، ڪَڏَهِن ڪونه آئِيو.
(سر گهاتو)
جيئن ته رات گهڻي ٿي وئي هئي، ڪچهري ۾ ويٺل رئيس حاجي احمد علي خان مرگهر ٿورو اڳ سڀني کان اڳ موڪلائي گهر وڃي رهيو هو ۽ هاڻ ٻيا ڪچهري وارا ويٺل دوست به موڪلائي هليا ويا.