2
ڊاڪٽر جليل ان طوفان جي حوالي سان ٻڌايو.
1999ع واري طوفان کي انگريزي ۾ نالو سائيڪلون ٽو
ڏنو ويو. هن طوفان سامونڊي پٽيءَ ۾ وڏي تباهي آندي هئي، جنهن کانپوءِ هي ماڳ پَٽَ بلڪل برباد ٿي ويا. ان طوفان کان اڳ ۾ سوکيءَ تي، ها... هنن پٽن تي جٿي ويٺا ڪچهري ڪريون پيا، ڪجهه گهر آباد هئا. انهن ۾ احمد رونجهو، حاجي محمد رونجهو، حُسين رونجهو، احمد ٻگدوبغدو، جمعو مالهيو، اَڱن مالهيو، ۽ محمد مالهيو جا گهر هئا. اهي سڀ 1999ع جي طوفان کانپوءِ لڏي ويا. محمد مالهيو هير به سوکي شهر کان اتر طرف ۾ گابار درياهه تي رهي پيو. ان جو اڪيلو گهر آهي، باقي ٻيا مختلف شهرن ڏانهن لڏي ويا آهن. اسين محمد مالهيو سان ملڻ هلنداسين. مٿيان ماڻهو سوکيءَ جي پَٽَن جا آخري رهندڙ ماڻهو هئا.
ڪجهه سال اڳ سوکيءَ جي هنن پٽن تي آيو هئس. هڪ ڀڳل جاءِ جي ڏاڪڻ جا ڏاڪا جن تي ٽائلس لڳل هئي، اهي هن وقت ڏسڻ ۾ ڪونه آيا. ٺڪرن جا ڀڳل ٽڪرا پٽ تي وکريل ڏٺا هئم، پر هيل اهي شيون ڪونه هجن. سوکي جي پٽ کي به کاري پاڻي ڇڏيو ڪونه. ان کي به پنهنجن کارن ڏندن سان کائيندو، کائيندو ننڍڙو ڪري ڇڏيو هجي.
ايندڙ چند سالن ۾ “سوکي شهر ۽ بندر” جو هي ننڍڙو تاريخي نشان به سمنڊ جي پيت ۾ گم ٿي ويندو. سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ بندرن سان سمنڊ وڏا ڪلور ڪيا آهن. جي پنهنجا ماڻهو اک پٽين ها ته هي سونا پَٽَ سمنڊ ۾ غرق نه ٿين ها. سمنڊ سان گڏ پنهنجن به ڪلور ڪيا آهن.
پوءِ اسين اٿياسين. چانهه جي ٻاڙ سڀني کي لڳي، ڊاڪٽر وراڻيو: هاڻ ٻيڙيءَ ۾ ويهي ”گابار درياهه“ تي هلنداسين. اسان کي محمد مالهيو وٽان کير ملي ويندو، نه ته چانهه سليماني يعني کير کان بغير اها ضرور ملندي... هاڻي اسين ان ڍوري وٽ اچي پهتاسين، سڀني پنهنجيون قميصون لاهي مٿي سان ٻڌيون ۽ سلوار جا پانچا گوڏن کان مٿي ڪري ڍوري ۾ لهي پياسين.
ڪجهه منٽن کانپوءِ ڍوري مان ٽپي سڪي تي آياسين. سڀني مٿي وارا ڪپڙا لاٿا، بُت تي وڌا ۽ ٻيڙي ڏي هلڻ لڳاسين. آئون هلندي ڪنڌ ورائي سوکي جي ويران پَٽن کي ڏٺو. اکين ۾ سوکيءَ جا منظر ڌنڌلا ٿي ختم ٿي ويا. دل ۾ چيم، سامونڊي پٽي جا سهڻا ماڳ ۽ بندر ڦِٽي ويا، ڪنهن کي ڪائي ڪَهل ڪانه آئي. بس پوءِ اکين تي هٿ ڦيري ٻيڙيءَ ۾ اچي چڙهيس. ناکئو سُکاڻ تي وڃي ويٺو.
سوکي بندرگاهه جي اتر طرف کان “ميرواهه” درياهه نڪري ٿو، اهو اُلهندي طرف وڃي، درياهه گهوڙو ۾ داخل ٿئي ٿو. پوءِ درياهه گهوڙو عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ان وقت واءُ تيز لڳڻ شروع ٿيو. اسين هوڙي جي کُڻَ يعني پيٽ ۾ ويهي رهياسين. بُک سڀني کي لڳي، پر بُک ۾ منهنجي حالت ٻين کان وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳي. ناکئي الهڏني جو پُٽ قادر کُڻَ ۾ ويهي ماني پچائڻ لڳو، هوڙو درياهَه منجهه آهستي آهستي هلندو رهيو. ناکئو سُکاڻ تي ويٺو هو. ڀاڄي تيار پئي هئي. قادر ماني پچائي ورتي ۽ آواز ڏنائين: “ماني تيار آهي ۽ کير ٿورو پيو آهي.”
“ها! مون کي ماني ڏي.” منهنجي وات مان رڙ نڪري وئي، ڇو جو مون کي ڏاڍي بک لڳي هئي. پوءِ سڀئي ماني کائڻ لڳاسين. صرف ناکئو الهڏني ماني ڪونه کاڌي جو اهو هوڙو هلائي رهيو هو. ناکئو الهڏنو گابار درياهه ڏانهن هلڻ لڳو، جتي ناکئي الهڏني جو گهر هيو. ناکئو الهڏنو کڻ ۾ آيو ۽ ماني کائڻ لڳو، ان جو پٽ قادر هوڙي جي سُکاڻ تي وڃي ويٺو.
اسين ڪجهه وقت کانپوءِ گابار درياهه جي ڍوري تي آياسين. ڏٺوسين ته هڪ ماڻهو ويٺو آهي. اهو رڇ اُلاري رهيو هو. ڊاڪٽر جليل کٽي ۽ الهڏنو ان ڏانهن ڏسي آواز ڏنو ”اي محمد مالهيا ڪهڙا حال اٿئي...؟“
هوڙو اچي محمد مالهيو جي پاسي ۾ بيٺو، ڊاڪٽر لهي ويو. ان سان گڏ اسين به هيٺ لٿاسين.
محمد مالهيو سان هٿ ملائي ان جي پاسي ۾ ويهي رهياسين. ڪجهه دير تائين ڪچهري ڪري پوءِ کانئس موڪلايو، ٻيڙيءَ منجهه آياسين، ٻيڙي هلندي ساڳي جاءِ تي ان ڍوري وٽ آئي، جتي لهي اسين سوکي جو ڦٽل شهر ڏسڻ وياسين.
ميرواهه درياههَ جي پُڇڙي مان نڪري ”مُٽڻي درياهه“ ۾ داخل ٿياسين. هوڙو پاڻي منجهه هلندو رهيو. ڪنهن مَهل آسمان ۾ گجگوڙ ٿي، ڪارا ڪَڪَر ڊوڪڙيون پائڻ لڳا. اهي ڪڪَر اهڙا گهاٽا ۽ ڪارا هُجن، جو اُنهن کي ڏسندي، خوف پيو ٿئي. وري ڪارا گهاٽا ڪَڪَر انهن جي گجگوڙ ٿي تنهن ڏڪائي ڇڏيو پئي. چئني طرفن کان گهُگههُ اونداهي ٿي وئي هئي.
مون کي ڪو پتو ڪونه هجي، هوڙو ڪهڙي طرف وڃي رهيو آهي. بس درياهه جا ڌڌڪا، آسمان ۾ بادلن جي چمڪاٽ ۽ ڪڙڪاٽ، ڪنهن مَهل ڏڪايو ڇَڏي. ڊاڪٽر جليل ”مُٽڻي درياهه“ جي ٻنهي ڪنڌين ڏي نهاري پوءِ اوڀر جي پاسي ڏانهن اشارو ڪري چيو:
اسين مُٽڻي درياهه مَنجهه هلون پيا، درياهه جي اوڀر واري ڪنڌيءَ تي ”رونجهن“ ذات وارن جا گهر آهن. مان خاموش ويٺو ڊاڪٽر جي ڳالهه ٻڌان پيو.
”هاڻ هوڙو اوڀر واري ڪنڌيءَ جو پاسو وٺي هلي ٿو. ڪجهه دير کانپوءِ ”نانگ“ واري درياهه“ منجهه هلندو. پوءِ وڃي “آڌياڙي درياهه” ۾ داخل ٿيندو. ناکئن ۽ خلاصين جون اهي ڳالهيون ياد ٿي آيون جن ماڻهن، ملاحن جون ٻيڙيون سامونڊي طوفان ۾ تباهه ٿي ويون هيون، تختو تختي سان نه مليو هو، اهي سڀ منظر منهنجي خيالن م فلم وانگر ڦرندا رهيا، اونداهيءَ ۾ اکيون اٽڪايون ويٺو هجان. درياهه جي گس پنڌ جي ڪا خبر پوي ڪونه پوي ته ڪٿي پيا هلون، ۽ ڪٿي پهتا آهيون؟ ڪنهن وقت ڊاڪٽر جو آواز آيو ۽ ان ٻڌايو ته:
“هاڻ اسين “آڌياڙي درياهه” منجهه آهيون. هي درياههَ اڳتي ڏکڻ ۾ وڃي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو.” اوچتو واءُ ۾ تيزي اچي وئي. مون کي ائين لڳو، ڄڻ سامونڊي طوفان اچي ويو آهي. تيز هوائن تي ٻيڙي پينگهه جيان لڏي رهي هئي، ڪنهن مهل هڪ پاسي تي لڙي ٿي وئي ته ڪنهن وقت ٻئي پاسي لاڙو ٿي ڪيائين. ٻيڙيءَ جي لُڏڻ ڪري ۽ آسيري پاسيري ٿيڻ سان ذهن م سوين خيال ورائي ويا. جڏهن ٻيڙي ڪنڌي جي پاسي اچي هوري هلڻ لڳي ۽ اُهي لوڏا ختم ٿيا ته پيٽ ۾ ڪجهه ساهه پيو. درياههَ ۾ هوڙو ٻار جي پينگهه جيان لُڏي رهيو هو. هوائون تيز گهلي رهيون هُجن جيڪي مينهن جي اَچڻ ۽ وَسڻ جو اشارو ڏئي پئي ويون. درياهه ۾ تيز واهه ۽ طوفان هلندا رهندا آهن، نئين ماڻهو جي لاءِ ڏکي ڳالهه هوندي آهي پر روزانو جن ماڻهن جو دريائي ڌنڌو هوندو آهي. اهي طوفانن جا عادي ٿي چڪا هوندا آهن، پر نئين ماڻهو کي عجيب ڀئو ٿيندو آهي. ڪجهه سيڪنڊ مس گذريا ته مينهن جي ڪڻين جو وسڪارو شروع ٿيو. کُڻ مان ناکئي پلاسٽڪ ڪڍي اسان کي اُن ۾ ڍَڪيو ۽ پاڻ سُکاڻ تي ويو. پُٽ کي به پنهنجي ڀر ۾ ويهاري ويٺو. کُڻ ۾ (هوڙي جي پيٽ) ۾ ڊاڪٽر ۽ آئون هجون. مان مينهن جو مزو وٺڻ جي لاءِ کُڻ مان نڪري هوڙي جي موريءَ واري حصي وٽ بيهي رهيس. مينهن تيز هجي، پوءِ بيهي ڪونه سگهيس، اچي کَڻ ۾ ويهي رهيس.
ناکئو الهڏنو آواز ڏنو “اسين آڌياڙي درياهه ۾ پيا هلون.” ناکئي جو آواز ٻڌي هوڙي کان ٻاهر ڏٺو، سواءِ اونداهيءَ جي ڪُجهه ڪونه ڏسڻ ۾ آيو. ناکئو الهڏني کي درياهي گس، رستن، پيچرن، ڍورن، ڇاڙن جي سڀ سُڌ هئي.
”ناکئو اُن کي چوندا آهن، جيڪو درياهه جا گس پنڌ، هيٺ مٿانهيون وغيره ڄاڻي. ناکئو هڪ لقب آهي. اهو لقب اُن ماڻهو کي ملندو آهي، جيڪو درياهه جي گس پنڌ ڄاڻ رکندو آهي. ان وقت درياههَ جي ڌڌڪن، بادلن جي گجگوڙ ۽ برسات به گهٽ ٿي وئي، پوءِ ناکئو ان جي پٽ الهڏنو خاصخيلي ۽ ڊاڪٽر جن جي چهرن تي ڏٺم ته اُهي سڪون سان ويٺا هجن.
درياهه ۾ هوڙو هلي رهيو هو، ڪنهن وقت اڇي چمڪندڙ شيءِ جا ٺينگ ٽپا ڏٺا. ناکئو وراڻيو ”سائين! درياهه ۾ مڇين جي راند ڏسڻ وٽان آهي. درياهي مڇيون هوڙن ۽ ٻيڙين جي مٿان ٺينگ ڏئي هليون وينديون آهن.ڪي ننڍڙيون وڏڙيون مڇيون ٻيڙيءَ ۾ ڪري پونديون آهن. هنن مڇين جا ڇلر يعني بُت واري کَل اڇي ۽ چمڪندڙ ٿئي ٿي. جيئن بجلي چمڪندي آهي، تيئن انهن جو بدن چمڪي ٿو. مڇي جو شڪار ڪري برف جي نادين ۾ وجهي بند ڪندا آهيون ته انهن مڇين جو چانديءَ جهڙو بدن برف ۾ ڪارو ٿي ويندو آهي. مڇي جي کل (ڇلر) برف ۾ پنهنجي سونهن وڃائي ڇڏيندي آهي.
ٿڌڙي وڻندڙ هوا گهلي رهي هئي. چؤڦير اونداهي ئي اونداهي هئي. باقي موسم وڻندڙ واهه جي ٿي پئي هئي. اسين موري تي اچي ويٺاسين ڊاڪٽر چيو ”ناکئا! چانهه پيار.”
ناکئو الهڏنو سکاڻ تان لهي آيو، اُن جو پٽُ اُتي سُکاڻ تي وڃي ويٺو. ناکئو درياهه ڪنڌين ڏانهن ڏسي ڏکارو ٿيندي چيو: ”ادا درياهه جون ڪنڌيون ويران ڏسين پيو. اڳي درياهه منجهه هلندا، هوڙا هڪليندا، ڪنڌين تي رونق ڏسي اندر ٺري پوندو هو. ڪنڌين وارا ماڻهو هٿ مٿي کڻي اولا ۽ اشارا ڪندا هئا “هيڏانهن اچو... جهٽ ويهو.” ڪي ماڻهو نالو وٺي سڏ ڪندا هئا. هاڻ ڪا ڪوڪار به ٻڌڻ ۾ اچي ڪونه ٿي. نه ڪنهن پکيءَ جو چِين چِين جا آواز آهن. اهڙي خاموشي ٿي وئي آهي جو هانءُ پيو ڦاٽي. هنن ڪنڌين کي ڏسي، اندر اَڌُ ٿيو پوي.” ائين چئي ناکئو ٿڌو ساهه ڀري چانهه ٺاهڻ ۾ لڳي ويو.
هوڙو “آڌرياڙي درياهه” ۾ هلي رهيو هو، درياهه جي ٻي ڪنڌيءَ سان هڪڙو هوڙو وڃي رهيو هو، ان هوڙي ۾ ويٺل ماڻهن مان هڪ ڄڻي روشني ڪري، اشارو ڏنو ته ناکئو الهڏنو اهو اشارو سمجهي ويو، هڪ وڏي آواز ۾ چيائين. “اهو هوڙو سائين محمد مولائيءَ جو آهي. شڪار تي وڃي پيو، ناکئو چانهه ٺاهي سڀني کي ڏني، مان چانهه جو ڪوپ کڻي مُهريءَ تان اٿي سکاڻ تي وڃي ويٺس. اُتي چانهه پيئڻ ۾ مزو آيو پئي. هوڙي جو پينگهه وانگر لڏڻ ۽ هلڻ چؤ ڦير اونداهي هٿ نه ڏسي هٿ کي، وري ٿڌڙي هوا جهومائي ٿي ڇڏيو. ايتري ۾ ناکئو شاهه جو شعر ٻڌائڻ لڳو، سو به وڏي آواز ۽ سُر سان.
نه سي تڙِ هوڙاڪَ، نه وايون وَڻجارن جُون،
سَرتيون! سامونڊرين جا اَڄُ پُڻِ چِڪيمَ چاڪَ
مارينهُون! فراق پاڙيحيون، پرين جا.
(شاهه سر سامونڊي، داستان پهريون)
***
نَنگرَ ۽ ناريون، پَڳَههَ کِڻي پنڌ ٿيا،
بندر بازاريون، سُڃا سامونڊين ري.
(شاهه سر سامونڊي باب پهريون)
ناکئي الهڏنو بيت ٻڌايا ته ڊاڪٽر جليل کان به رهيو ڪونه ٿيو. اهو هوڙي جي مُهريءَ تي ويٺو ناکئي الهڏني کي جواب ڏي. ناکئا! تو (واهه) جا بيت ٻڌايا... پر مي جو سُڻ.
هينئڙو ٻيڙيءَ جان، ڏُتڙ پئي ڏينهن ٿيا،
پُڇيو تان نه پِريان، ڪر لاهُو ٿي ڪَڏهين.
اوچتو آسمان مان کنوڻين جا ڪڙڪاٽ ۽ تجلا شروع ٿي ويا، اهڙا آواز ڪڏهن اڳي ٻڌا ڪونه هُجن. وري هلڪو وسڪارو لڳو. اسين مُهريءَ تي ويٺا رهياسين. ان گهڙيءَ درياهه ڏاڍو مزو ڏنو پئي. چانهه جو ڪوپ اڃا هٿ ۾ هيو. اهو مون چين تي رکيو ۽ چُسڪي ڀرڻ لڳس ته ڪوپ خالي هجي. اِها خبر ڪونه پئي ته ڪهڙي مَهل چانهه جي پيالي ختم ٿي. پوءِ ناکئي جو پُٽ قادر کي آواز ڏنو.
“ادا! چانهه کپي.”
ناکئي ڪنڌ ورائي پٽ کي چيو “چانهه چڱي ٺاهي هُئي، اڃا ٻاٽلي ۾ هوندي... کُڻ ۾ چانهه جو ٻاٽو ڍڪي رکيو آهي. اهو گرم ڪَرِ... چانهه سڀني کي پيار...”
ايتري ۾ وسڪارو جهڪو ٿيندو ويو. مينهن جي هلڪي ڪَڻ بدن کي ٿڦڪيون ڏئي رهي هئي. جيئن ماءُ پنهنجي ٻارکي ننڊ ڪرائڻ جي لاءِ ٿڦڪيون هڻندي آهي. برسات جي ڪڻين ۾ ٻيو درياهه جي وَچ ۾ ٻيڙيءَ جي لوڏن ۽ درياهه جون ڇوليون جيڪي هوڙي سان لڳي، وري واپس ٿي ويون، انهن کي ڏسڻ سان ڏاڍو مزو آيو پئي. مان درياهه جو مزو وٺي رهيو هئس. قادر هٿ وڌائي چانهه ڏني. هوڙو آڌياڙي درياهه کي ڇڏي ڪانئر درياهه ۾ آيو. ڪانئر درياهه جي ڪنڌيءَ تي ڪجهه گهر ڏسڻ ۾ آيا. انهن ڪچن ڪڙڪانن جي گهر مان هٿ بتيءَ جي روشني ننڍڙي ٻار جيان ليئا پائي رهي هئي. ڄڻ اها اسان کي اشارا ڪري سڏي رهي هئي. منهنجو ڌيان انهن گهرن ڏانهن هجي. ڊاڪٽر جليل اٿي سکاڻ تي ويٺل ناکئي ڏي ويو، کيس وڏي آواز ۾ چيو ”اسين اڳتي ڪونه هلنداسين. هن ڪنڌيءَ تي فقيراڻي جتن جا گهر آهن، اڄ رات انهيءَ ڳوٺ ۾ گذارينداسين.“
ناکئو الهڏنو هوڙي جو رخ ڦيرايو. هوڙو هلندو ڳوٺ جي پاسي واري ڪنڌي وٺي هلندو رهيو. هي ڳوٺ عربي سمنڊ جي پاسي ۾ هو. اڳيان ڪانئر نَر (ڪانئر نار) هئي، جتي درياهه عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. انگريزي ۾”ڪريڪ (Creck) چوندا آهن.
ڪانئر درياهه جي اولهه ۾ ڀاڳ فقيراڻي جتن جو ڳوٺ هُجي. ڪنڌي تي ڇَنن، منهن ۽ ڪڙڪانن وارا گهر هئا. انهن گهرن جي پاسي ۾ درياهه جي ڪنڌيءَ تي مسجد هئي. هوڙو جيئن ان مسجد جي پاسي ۾ بيٺو ته ڪي ماڻهو هٿ بتيون کڻي اسان جي هوڙي ڏي آيا. انهن اڳي ئي هوڙي جو آواز ٻڌو هو. ڊاڪٽر انهن کي سُڃاتو ۽ ناکئو به ڏسي انهن کي کيڪاريو. اسان هوڙي مان لٿاسين. سڀئي ماڻهو سڪ سان مليا. هڪ ڄڻو اسان جي اڳيان بتي کڻي هلندو رهيو. ٻيو اسان جي پويان بتي کڻي هلندو پئي آيو. ان جي هٿ ۾ لَٺَ به هئي. مسجد جي پاسي ۾ ڇنو جيڪا (اوطاق) هئي. اسين ان ۾ آياسين. اوطاق ۾ هڪڙو مهمان اڳ ۾ موجود هيو. ان سان ملياسين. هڪڙو همراهه پاڻي کڻي آيو. هٿ منهن ڌوئڻ جي لاءِ چيو، پوءِ ڇني کان ٻاهر نڪري هٿ مُنهن ڌوتوسين.
ڪجهه منٽ مس گذريا ته ماني اچي وئي، ڊاڪٽر مرڪي هڪڙي جَت کي چيو ”توکي خبر هئي ڇا...؟“
ڊاڪٽر! درياهه منجهه هوڙو هلي ته اسان کي پتو پئجي ويندو آهي. توهان جو هوڙو ڪانئر درياهه منجهه گهڙيو ته درياهي لهرن اسان کي اچي نياپو ڏنو ته مهمان اچن پيا. پوءِ هو اتي هوڙي جو آواز هوري هوري چٽو ٿيندو ويو ته سمجهي وياسين. اهو هوڙو اسان جي ڳوٺ طرف اچي ٿو. ڇو ته اڳيان عربي سمنڊ آهي. اوڏانهن ته ويندو ڪونه. پوءِ ٽن چئن ڄڻن جي ماني ٺهرائي ڇڏي. هوڙو جيئن ويجهو آيو پئي، اسان کي پڪ ٿيندي وئي ته اهي اسان جا مهمان آهن. پوءِ ڇني کان ٻاهر نڪري توهان جي طرف ڏٺو. هوڙي اسان جي ڳوٺ جي ڪنڌي وارو پاسو وٺيو پئي آيو ۽ اهو ڊاڪٽر جليل هوندو، هوڙو ته ساڳيو ئي آهي، ماني کائڻ کانپوءِ ڊاڪٽر سڀني جو تعارف ڪرايو.
”هي فقيراڻي جت آهن، اُٺ ۽ اُٺيون پاليندا آهن ۽ مڇيءَ وارو ڌنڌو ڪندا آهن. اصل ۾ هنن جو ڌنڌو اُٺين وارو هو، جيڪو صدين کان ڪندا پيا اچن، پوءِ ڪنڌيون اجڙيون ته ڪاروبار گهٽجي ويا. هتان جا ماڻهو روزي ڪمائڻ ۽ ٻچن کي پالڻ جي مڇي وارو ڪم ڪرڻ لڳا. هاڻي سڀني جو اهو روزگار آهي، پر فقيراڻي جت اڃان وڏڙن وارو ڌنڌو اُٺيون چارڻ ۽ وڪڻڻ وارو ڪم ڪندا اچن پيا. هنن جا وڏڙا ٻيڙن ۾ اٺ چاڙهي پرڏيهي ملڪن ڏي کپائڻ ويندا هئا. واپسي ۾ اهي مختلف وکرن ۽ سامانن سان ٻيڙا ڀرائي ايندا هئا. پوءِ اتي ويٺل جتن سان تعارف ٿيو. حاجي يعقوب جَت فقيراڻي، علي محمد فقيراڻي جت، عثمان فقيراڻي جت، هاشم فقيراڻي جت، جيڪو مهمان ڇني ۾ ويٺو هو. اهو به ذات جو جَتَ هُجي.
ڳالهه ٻولهه ۾ فقيراڻي جتن جو لهجو الڳ محسوس ٿيو. سامونڊي پٽي ۽ لاڙ ۾ جتن جون اُوڙڪون (ذاتيون ۽ پاڙا) گهڻيون آهن.
رات جو ڪچهريءَ ۾ فقيراڻي جت يعقوب قصو ٻڌايو ”هڪ ڀيري گڊاڻي درياهه (بلوچستان) تي شڪار ڪري رهيا هئاسون. ناکئو جانو خاصخيلي، خلاصي هيرو خلاصي مَنو مَگَر (مڇيءَ جو نالو) خلاصي چنيسر بوٿو (مڇيءَ جو نالو) خلاصي خيرو، خلاصي حاجي ملاح، خلاصي پوپو (مڇيءَ جو نالو) خلاص جانو ڪُرڙو (مڇيءَ جو نالو) خلاصي ٿيري (مڇيءَ جو نالو) خلاصي محمد مالهيو، خلاصي بالو بوهَڙ (مڇيءَ جو نالو) ڀَنڊاري (رڌ پچاءَ ڪندڙ) ميرو ملاح، سڀئي هوڙي منجهه هُجون. هوڙو پاڻي منجهه پينگهه وانگر لڏندو، جهومندو هلندو رهيو، صبح جو وقت هجي. سڀئي اميد ڪري شڪار گهورڻ (ڪرڻ) وڃون پيا. اوچتو هوڙي لوڏو کاڌو، هوڙي جو پاٽيو نڪري ويو ته هوڙو آسيرو پاسيرو ٿيڻ لڳو. سڀني پاڻيءَ منجهه ٽپو ڏنو، جان بچائڻ جي لاءِ آواز ڏيندا، هٿ مٿي کڻي ڪنهن سهاري لاءِ اشارو ڪندا ترندا رهياسين. جنهن هوڙي منجهه هئاسين، ان هوڙي جا ڀڳل ٽڪرا “پاٽيا” پاڻي منجهه لڙهندي ڏٺاسين. اوچتو هڪڙو هوڙو آيو. ان پري کان درياههَ منجهه ڀڳل هوڙي جي پاٽين ۽ پاڻيءَ ۾ اسان کي ڏسي ورتو هجي. جڏهن اهو هوڙو ويجهو آيو ته اهو ناکئي اَلو خاصخيلي جو هجي. پوءِ ان هوڙي وارن مڙسي ڪري اسان جي هوڙي وارن ماڻهن کي بچائي ورتو ۽ پنهنجي هوڙي منجهه چاڙهي ورتو.
هن درياهه جي ڌنڌي ۾ اهو پتو نه پوندو آهي ته اڳيان ڇا ٿيڻ وارو آهي، ڇا ٿيندو... ڪهڙو واقعو يا حادثو ٿيندو. بس اميد جي ڏور پڪڙي توڪل تي هلندا رهندا آهيون. پوءِ اٿي ڇني کان ٻاهر نڪري عربي سمنڊ جو نظارو ڪرڻ لڳس. ڪانئر درياهه جي ڪنڌي تي ٺهيل گهرن مان نڪرندڙ روشني درياهه جي پاڻي ۾ ڇاپا (عڪس) اولڙا ٺاهيندي رهي هئي، انهن کي ڏسڻ بيهي رهيس. ٿڌڙي هوا به لڳي رهي هئي، ايتري ۾ ڊاڪٽر ٻاهر نڪري آيو. ٿوري گهڙي اتي بيٺا رهياسين.
صبح جو سوير سج جي ڪرڻن ڇني جي ڪانن مان اندر جهاتي پائي تماشو لائي ڏنو هو ته اک کلي وئي. اسين سڀ اٿياسين ته چانهه سان گڏ نيرن اچي وئي. ڇني جي سنهڙين ڪاٺين منجهان ڪلراٺي زمين تي ٻاڪري مال جون ڪڏڪاريون، ڌنارن جا آواز اندر ٿي آيا، هوا تيز گهلي رهي هئي. نيرن ڪري سڀني سڄڻن کان موڪلايوسين. هاڻي ڪانئر درياهه منجهه هوڙو هلڻ لڳو... درياهه جي ٻنهي پاسن کان ويران ڪنڌيون ڏسڻ ۾ ٿي آيون. ان وقت سج چوٽ چڙهيل هو، ڪنڌين تي ننڍڙا لاڻا ۽ گاهه ڏسڻ ۾ ٿي آيو... باقي ڪو وڻ ڪونه هُجي. هوڙو هلندو رهيو.
هاڻي اسين ڪانئر درياهه کي ڇڏي وري باغ واري درياهه ۾ آياسين. اسان کي ٽِڪو ڳوٺ ڏي وڃڻو هُيو. هي ڳوٺ سمنڊ جي پاسي ۾ هُجي.
باغ واري درياهه کي واٽيءَ واري درياهه به چوندا آهن. واٽيءَ واري درياهه جي اولهه ۾ فقيراڻي جتن جا گهر ۽ لکين ذات وارن جا گهر هئا. ناکئو الهڏنو آواز ڏنو.
“مِکي بُک لڳي آ. هوڙو ڪنڌيءَ سان بيهاري شڪار گهوريندس (گهوريندس:مڇيءَ جو شڪار ڪندس).” پوءِ درياهه جي ڪنڌي سان هوڙو بيهاريو. جنهن جاءِ تي ڍورو هجي. ڪنڌي تي ڪنهن ڪنهن جاءِ تي ٻه ٽي ننڍڙا ٻوٽا ڏسڻ ۾ آيا، باقي سمورو پَٽ کارو، ڪلراٺو هُيو.البته تمرن جا وڻ ڪٿي ڪٿي نظر آيا.
ناکئو الهڏنو سُکاڻ (سُکاڻ:هوڙي جو پويون حصو مُهري وارو حصو يعني اڳيون حصو) تان اٿي کُڻ (کڻ: هوڙي يا ٻيڙي جو پيٽ اندر جو حصو) منجهه آيو، پٽ قادر کي آواز ڏنو اَبل! رڇَ (ڄار) کُڻ مان کَڻ ته هلون... رَڇَ جو ننڍڙو ٽڪرو هنن کنيو، هوڙي مان لهي درياهه جي ڪنڌي تي ويا. ٿورو اڳيان پاڻيءَ جي ڇاڙ هئي. ان ڇاڙ ۾ رَڇَ هڻي شڪار ڪرڻ لڳا.
جڏهن درياهه موج مستين سان وهندو هيو، سامونڊي پٽيءَ ۾
اچي پنهنجيون ڇاڙون ڪَڍي، کنڊرجي پکڙجي ويندو هيو. هن جي ڇاڙن کي درياهه جي مختلف نالن سان سڏبو آهي. درياهه جون ڪنڌيون سرسبز آباد، قسمين قسمين جا گاهه ٻوٽا ۽ تمر جا وڻ جيڪي ڪنڌين جي سونهن هوندا هئا. ڪنڌين تي ڀاڳين جا چهرا ٻَهڪندا، کِل خوشيءَ جون چوڪڙيون ۽ ٽوليون، درياهي ڪنڌن تي ٽلنديون هيون ۽ هير اهي پٽ اُجڙيل آهن. انهن پَٽن کي کاري پاڻيءَ ڦٽائي اجاڙي ڇڏيو آهي. نه وڻ نه واهرو ڏسجي ٿو.
سامونڊيءَ پٽي ۾ تمر جا وڻ ڀاڳين جي لاءِ ڏڍ ۽ سهارو هوندا هئا. تمر جا وڻ سندن گهر اڏڻ، جايون ٺاهڻ ۾ ان جون ڪاٺيون ٽانڊو ٻارڻ جي ڪم اينديون هيون. ايتري ۾ منهنجي ڪنن تي آواز آيو... ڪنڌ ورائي ڏٺو ته هڪڙو هوڙو اسان جي هوڙي ڏي اچي رهيو هو. ان ۾ ويٺل خلاصين مان هڪ خلاصي (خلاصي: هوڙي ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو) آواز ڏنو ”ناکئا! الهڏنا ڪِڄا پيو ڪرين؟“
ناکئو الهڏنو اڃان ڍوريءَ ۾ بيٺو هيو، تنهن آواز ٻڌو ۽
ان خلاصيءَ کي سُڃاڻي ورتو پوءِ وڏي آواز ۾ جواب ڏنو.
مگر خلاصي مڇي وتايان پيو؟
(نوٽ ) مَگَر مڇيءَ جو نالو آهي. نائکا ۽ خلاصي پاڻ تي مڇين جا نالا الڳ سڃاڻپ طور تي رکندا آهن.
مگر خلاصي وڏي آواز ۾ ورندي ڏني ناکئا! وِيسي گهُرجئي، اسان وٽ جهجهي آهي. مگر خلاصي سمجهي ويو... ناکئو هوڙي بيهاري مڇي ماري کاڌو تيار ڪندو، تنهنڪري ان کان وِيسي (سيڌو سامان) جي باري ۾ پُڇيو.
”مگر! مهرباني.... وِيسي آهي، کڻ ۾ رڌ پچاءُ جو سامان آهي. ايتري ۾ اهو هوڙو جنهن مان مگر خلاصي ڳالهائي رهيو هو. اسان جي هوڙي ڀرسان آيو. سڀني ماڻهن هٿ مٿي ڪري کيڪار ڪئي. ان هوڙي ۾ ويٺلن خلاصين ڊاڪٽر کي سڃاتو ۽ کلي آواز ڏنو.
ڊاگدر! تون ناکئي سان گڏ آيو آهين...؟
”ها... اچو چانهه پاڻي پيو...؟
ڊاگدر! هلون پيا.... پري وينداسين، جتي جهجهو شڪار لڳو. اُتي رَڇَ هڻنداسين.
”چڱو مهرباني.“
پوءِ هوڙو آواز ڪندو هلندو ويو. درياهه جي لهرن ۾ اسان جو هوڙو پينگهه جيان لڏي رهيو هو.
ناکئو الهڏنو مڇي ماري کڻي آيو. مڇي جا ڇَلر چاندي جي پَنَن جيان چمڪي رهيا هُجن. ناکئو ۽ اُن جو پُٽ ٻئي رڌ پچاءَ ۾ لڳي ويا. ڊاڪٽر اڃان درياهه جي ڪنڌيءَ تي هيو. سج جا ڪرڻا پاڻي ۾ تجلا ڏيندا ٿي رهيا.
الهڏنو هوڙي جي کڻ مان هڪ وڏو دٻو کنيو، ان کي کولي مرچ مصالحن واريون پُڙيون کنيون. قادر مڇيءَ کي ڇلي چير ڏئي ڇڏيا هُجن. ۽ اَٽو ڳوهڻ ۾ لڳي ويو.
”سامونڊي ۽ درياهن تي شڪار گهوريندڙ (شڪار ڪندڙ) ماڻهو پاڻ سان ”ويسي“ ضرور کڻندا آهن. اِهي ويسي يعني سودو سَڙو کانسواءِ هلندا ڪونه. نه ڪو وري شڪار ڪرڻ ويندا.
شڪار ڪرڻ ۾ گهڻا ڏينهن لڳندا آهن، تنهن لاءِ پنهنجو پورو بندوبست ڪري ويندا آهن. تيل جا وڏا ڪين. ڊرم ڀرائيندا جهجهي ويسي (سامان) جنهن ۾ رڌ پچاءَ وارو سامان، بصر، پٽاٽا، چانور، اٽو، تيل، گرم مصالا، لوڻ ۽ مرچ ۽ ٻيو سامان کڻندا آهن. ڪيترا خلاصي ۽ ناکئا پاڻ سان تماڪ واريون پڙيون، گُٽڪو، سگريٽ، پَن جون ٻيڙيون، انهن جا بنڊل پاڻ سان کڻي ويندا آهن. شڪار تي نڪري ناکئا ۽ خلاصي پنهنجو پورو بندوبست ڪري پوءِ تڙ (درياهه جي ڪنڌي) ڇڏيندا آهن. جيترا ڏينهن انهن کي درياهه ۾ رهڻو هوندو آهي، اُنهن ڏينهن کان ڪجهه وڌيڪ ڏينهن جي لاءِ ويسي (سيڌو سامان) کڻي ويندا آهن. درياهه ۾ هلندي ٻيڙائتا ماڻهو هڪٻئي جي جَهجهي مدد ڪندا آهن ۽ هڪٻئي جو سهارو هوندا آهن. شڪار ڪندڙ ۽ درياهه منجهه هلڻ وارو پنڌ ڏاڍو اڙانگو ۽ ٿڪائيندڙ ٿيندو آهي.
اسين ڳچ وقت ڪنڌيءَ وٽ بيٺا رهياسين. ماني تيار ٿي وئي. ڊاڪٽر جليل آيو، جيڪو ٿورو اڳ ڪنڌيءَ تي پسار ڪري رهيو هو. پوءِ اسان گڏجي ماني کاڌي سون. باغ واري درياهه جي هڪ ڇاڙ اُتر طرف ۾ شڪرانو درياهه سان ملي ٿي. اها ڇاڙ مَل درياهه مان گذري وري ڪانئر درياهه سان گڏجي پوءِ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. درياهه جون وڏيون ڇاڙون هونديون آهن، جن مان هوڙا، ٻيڙيون گذري ويندا آهن، انهن ڇاڙن کي درياهي ماڻهو “کِناڻي” سڏيندا آهن.
سامونڊي پٽيءَ ۾ ننڍن وڏن درياهن سان گڏ ڇاڙن، کارين جو ميلو لڳو پيو هوندو آهي. هڪ درياهه منجهان نڪرندڙ ڇاڙ گهمندي ڦرندي ور وڪڙ کائيندي ٻين درياهن مان گذرندي ويندي آهي يا ڪي ڇاڙون هڪ درياهه مان گذري ٻئي درياهه مان گذري وينديون آهن.
سامونڊي پٽي ۾ ڍورن ۽ ڇاڙن ۽ ننڍڙين ڍورين جو رنگ يا انهن جي هلت چلت به ڏسڻ وٽان آهي. ٿوري جهٽ جي لاءِ اهو تصور ڪجي ته جنهن وقت جام پاڻي سنڌو درياهه ۾ هوندو هو، تنهن وقت اهي ڍورا، ڍوريون، کاريون، ڇاڙون سونهن ڀريون نظر اينديون هونديون. درياهن جون ڪنڌيون مهاڻن، ٻين ذاتين وارن ماڻهن جي محبت سان مُنڊيون پيون هونديون. واهه جو نظارو هوندو...!! اهو سوچيندي اندر ۾ کاڄي ويس.... درياهه جي ڪنڌيءَ کي جنهن وٽ هوڙو بيٺل هجي، ان کي ڏسي ڪونه سگهيس.
ايتري ۾ ناکئو چانهه کڻي آيو ”ادا چانهه پيو، هاڻي هيءَ ڪنڌي ڇَڏي اڳتي هلنداسين... شام جو سانجهي جي مهل ٽِڪو ڳوٺ ۾ منزل آهي.“
چانهه پيئڻ تي دل نه پئي چوي، هوڙو هلڻ لڳو. درياهه ۾ سنهڙين مڇين جي راند ڏانهن ڌيان ڇڪجڻ لڳو. مڇيون پاڻيءَ مان نڪري مٿي وڃي وري پاڻي ۾ ٽپي ٿي هنيائون. مون کي ڳوٺ نصير آباد وارو چيلو واهه ياد اچي ويو، جتي اسين چار پنج دوست چيلو جي مٿاهين ڪپر يا موريءَ تي بيهي پاڻيءَ منجهه گهتون، ٽٻيون ڏيندا هئاسين. اهو منظر ذهن ۾ اچي ويو. چانهه جي سُرڪي ڀري وري درياهه منجهه مَڇين جي راند ڏسڻ لڳس. ٻه ٽي مڇيون پاڻيءَ مان نڪري ٽپ ڏئي هوڙي جي مٿان اُڪري ٻئي پاسي پاڻي ۾ وڃين ڪِريون. انهن مڇين جا ڇلڪندڙ ڇلر کنوڻ وانگر چمڪو ڏئي ٿي ويا. درياهه ۾ هوڙو هلندو رهيو. چؤڦير پاڻي ئي پاڻي هُجي. درياهه منجهه پري کان سنڌي گيتن آواز ٿي آيا.
ناکئو الهڏنو سکاڻ کي ڇڏي اسان سان اچي ويٺو. ادا گيتن جو آواز ٻڌين پيون... اهي هوڙا شڪار تي وڃن ٿا ۽ ڪي هوڙا شڪار ڪري موٽيا آهن. هاڻ اهي گيت ڳائيندا اچن پيا. لڳي ٿو، انهن کي جهجهو شڪار لڳو هوندو. هاڻ منهنجي دل چوي ٿي ته اسين به شاهه سائين جا بيت ڳايون. ڪجهه آئون بيت ٻڌائيندس، پوءِ ڪي شعر ڊاڪٽر ٻڌائيندو.
وَٽَ وَٽَ وَٽيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ منڊ ٻئو،
قدر ڪيف ڪلاڙ، جو پيا ڪن پئو،
اَچن درس دڪان تي، ڪَنڌ قبول ڪيئو،
سُرَها سرِ ڏِئو، چکنَ سُرِڪَ سينڌ جي.
پوءِ ڊاڪٽر شعر ٻڌايو:
لَهرِن ليکو ناهِ ڪو، جِتِ ڪَپَر ڪُن ڪارا،
اڇارا عميق جا، اَچن اوڀارا،
اُٿي اَسارا! وِير وڙهنديءَ ويسرا.
(شاهه)
درياءَ جي ڪنڌي ڏانهن نهاريندي مون کي ساجد سنڌيءَ جو شعر “سمبارا” جون سٽون ياد اچي ويون.
ڪانهه ڪنڌيءَ جون سرگوشيون،
کن پل مرڪن، کن پل روئن.
ڳالهه ڪُنن جي ڪن آ پهتي،
لهرون لهرون ساڳي سُس پُس.
هن رت ڪهڙي راند رچائي،
اُڀ جو سينو سوڙهو ٿي پيو.
هوڙو هلندو رهيو، باغ واري درياهه جي اولههَ ۾ “واٽي واري ڍوري” تي فقيراڻي جتن جو ڳوٺ هو. فقيراڻي جتن جي ڳوٺ جي سامهون باغ واري درياهه جي اوڀر ۾ ٽِڪو جو ڳوٺ هيو. هي ڳوٺ ونگائي جتن جو هو. ڪجهه دير کانپوءِ هوڙو ”مَل درياهه“ ۾ داخل ٿيو. مَل درياهه پراڻي شاخ سنڌو درياهه جي آهي. اڳي مَل درياهه ديهه باگاڻا مان نڪرندو، ديهه ڇوڙ گُجو، ديهه موسيٰ ۽ ديهه سلطان پور، ديهه ميران، ديهه ڪُن ۽ ٽِڪو جي وچ مان گذري عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، پر هاڻي مَل درياههَ ديهه ميران مان گذري عربي سمنڊ ۾ پوي ٿو. سامونڊي پٽيءَ ۾ ڇاڙون هڪ درياهه مان نڪري وري ٻي درياهه منجهه پوَنَ... وري اتان نڪري ٽئين درياههَ منجهان گذري وڃن. درياهه جا رُخ ڦرن ٿا ته ڇاڙون به ڦٽيو وڃن، پوءِ وري نيون ڇاڙون درياهه منجهان ڦوٽهڙو کائن (نڪرن) ٿيون.
ٻيڙيءَ درياههَ جي اُڀرندي ڪنڌيءَ سان هلندي رهي ناکئو ٻيڙيءَ جو رُخ درياءُءَ جي پيٽ ڏانهن يعني وچ ڏانهن ڪيو ته ڊاڪٽر آواز ڏيندي.
ناکئا! اُراڙ ڇڏي پَراڙ پيو هلين؟
ناکئو ڪنڌ ورائي، وڏي آواز ۾ سُر سان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو بيت ڳائڻ لڳو.
اوراڙ نهَ پَراڙ، ويچاري وهه وچ ۾
سُڪي ڏني سُپرين، ٻيو مڙئي تار
گهڙ تون ڪيم نهار، ٻُڏندن سين ٻاجهون ڪري
ڊاڪٽر جليل کٽي چوڻ لڳو،
“ادا، اسان کي هلڻو ئي پرين ڪنڌي تي آهي”.
ٻيڙي وچ درياهه” ۾ پهتي ته درياهن جون لهرون ٻيڙيءَ کي پينگهه جيان لوڏو ڏيڻ لڳيون. درياهه جي اٿندڙ تيز لهرن ۾ مَڇين جا ٺينگ ٽپا ڏسڻ وٽان هُجن. مَڇين جي بُت جا ڇلر چانديءَ جي ورقن جيان چمڪندا نظر آيا پئي. لهرن مان مڇين مَٿي بُل ڏئي ٻيڙيءَ مٿان ٻئي پاسي گتون ٿي هنيائون. مڇين جو اهو اڏرڻ ڏسي ڪجهه گهڙي ماٺ ٿي ويس. جيڪڏهن ڪئميرا هُجي ها ته مڇين جا ٺينگ ٽپا ڏيڻ، ٻيڙيءَ جي مٿان بُل کائڻ وارا منظر محفوظ ڪري وٺان ها. “ٻيڙي وچ درياههَ” ۾ هلندي ناکئي چيو، حاجي دبلي ناکئي جي هوڙي وڃي پئي. اهو ريلو ريڙهيءَ مياڻ جو آهي. ريڙهي ڳوٺ جا ماڻهو “هوڙو” يا “هوڙي” جا لفظ گهڻو استعمال ڪندا آهن” ٻيڙي وچ درياههُ ۾ هُجي، تيز هوا تي ٻيڙي لوڏو کائي، آسيري پاسيري ٿيندي رهي. ٻيڙي ڪنڌي جي پاسي هلي رهئي هئي، ٻيڙيءَ کي اُهي لوڏا ڪونه هئا. جيڪي وچَ درياههَ منجهه هئا. درياهه جون ڪنڌين تي وڻ ٽڻ ڪونه هئا. ڪنهن هنڌ تي هڪ ٻه ننڍڙي قد وارا لاڻا ۽ پٽ تي ڄاريون پکڙيل هيون. اُن پٽ تي پاڻيءَ جي پوسل هئي.
ناکئي ڪنڌ ورائي، پنهنجي ڀرسان ويهڻ جو اشارو ڪيو. آءُ موريءَ تي ويٺو هوس. ٻيڙيءَ جي “کُڻ” ۾ لهي ويس. هي ٻيڙيءَ جو اندريو حصو هيو. جنهن کي درياههَ جا ماڻهو “کُڻ” چوندا آهن. کڻ ۾ سيڌي سامان سان گڏ، ننڍڙو “رَڇ” يعني ڄار پيو هجي. جنهن سان مڇي ماري کاڌي هئي سون. ڪوهستاني علائقي جا ماڻهو خاص طور واڍيلا بلوچ “رَڇ” جو لفظ رڌ پچاءُ وارن ٿانَون جي لاءِ استعمال ڪندا آهن.
“ادي! رَڇ اوري ڪَر” ادي! ٿانوَ اوري ڪر.
جڏهن سکاڻ تي اچي ويٺس ته ناکئي چيو اسين لاڙ جا ماڻهو پاڻيءَ سان ڍورين ۽ کناڻين سان واسطو رکون. جڏهن ٻيڙي ۾ هُجون ته شاهه ڀٽائيءَ جا بيت ۽ وائيون ڳائيندا آهيون. پوءِ پنڌ ۽ سفر جو پتو نه پوندو آهي ۽ ماڳ تي رسي ويندا آهيون. ناکئو درياهن جي ڪنڌيءَ ڏي ناري (نهاري) چيو. ڪنهن وقت هي ڪنڌيون ڪَر کڻي نهارينديون هُيون ته درياههَ منجهه هلندڙ ٻيڙائتن جا ڪنڌ به ڪنڌين تي رهندڙ ڀاڳين ڏانهن لڙي ويندا هئا. هنن ڪنڌين تي وڏا ميلا، ملاکڙا، ڳئڻ وڄائڻ ٿيندا هئا. رات ڏينهن ماڻهن جون محفلون مچنديون هيون. وري “سوکي بندر” تي وڃون، واههَ جو مزو اَچيو وڃي. سوکي بندر جي پاسن ۾ سوين ڳوٺ آباد هئا. روزانو سوين ماڻهو سوکي جي پاسن کان ڳوٺن ۽ تَڙنَ (پتڻن وارا ننڍڙا بندر) کان ماڻهو صبح ۽ شام جو سوکيءَ ۾ ايندا هئا، ڪي وري مزوريءَ جي ڪرڻ لاءِ “بندر” تي سوير ايندا هئا”.
ڊاڪٽر جليل کُڻ مان نڪري سُکاڻ تي آيو، الهڏنو خاصخيلي موريءَ تي ويٺو هُجي، هُن وڏي آواز ۾ چيو:
مِکان بيت سُڻو، اسان ڪنڌ ورائي هٿ جو اشارو ڪري چيو ، ادا، وڏي آواز سان ۽ سُر سان ٻڌاءِ.
ايتري ۾ ڪَڪَر آسمان ۾ ڪٺي ٿي ويا. موسم جهڙالي ٿي وئي، ٿڌڙي هوا گهلڻ لڳي. آهستي آهستي هوا ۾ تيزي اَچي وئي، ائين لڳو ڄڻ وڄون وسڻ واريون آهن. ايتري ۾ الهڏني خاصخيلي بيت ٻڌايو
بندر بارو بار مُلهه نه ملي واريين
فقيراڻي پار، اَمل ڏين اتوريا
ڊاڪٽر جليل وارو سومرن جي دؤر جو شاعر پير پَٺو جو شعر پڙهيو.
ديبل پاس ڌڪليجي، آيو آب اُپار
مڪلي ماڳ مٿاهين ٿياسين.
سُکاڻ تي ڪنهن ڪنهن وقت لهرون پاڻيءَ ڇنڊا اسان جي مٿان وسائي هليون ٿي ويون. مان سکاڻ تان اُٿي وري موريءَ تي اچي ويٺس، منهنجن ذهن ۾ سامونڊري پٽيءَ وارا “بندر” واسو ڪرن لڳا، ڊاڪٽر چيو، جن رسالن ۽ ڪتابن ۾ “بندرگاهن. جي باري ۾ پڙهيو اُهي ياد آهن آيا. ڇو ته جنهن هنڌان اسان ٻيڙيءَ منجهه هلي رهيا، سا لاڙ جي سامونڊي پٽي هئي هن پٽيءَ ۾ سنڌو درياهه جا ڪيترائي سوَن جي تعداد ۾ ڦاٽ آهن. جيڪي هاڻ درياهن جي نالن سڏجن ٿا. هي پٽيءَ سنڌ جي ڀاڳن واري پٽي سڏبي هئي، ڇو ته هتي گهڻا سامونڊري بندر هئا. جن مان اڻويهه ويهه وڏا مشهور بندرگاهه هئا.
آءُ خيالن ۾ ويٺو هئس ته ناکئي جو آواز ڪَن رتي پيو.
هير شاهه جو شعر ٻڌو، پوءِ چانهه جو وارو ايندو”.
سامونڊي ساري، مٿي تڙ گذاريان
مون کي ٿي ماري، اُنهين سندي ڳالهڙي
واهه ... واهه .. ناکئا “جليل جي وات مان لفظ نڪري ويا. ناکئو خوشي ٿي، سکاڻ تان لَهي ٻيڙيءَ جي کُڻ ۾ ويو. اُن مان ٻاٽو کڻي، ٻيڙي کان ٿورو جهڪي درياههَ جي پاڻي ۾ ٻاٽو وجهي، اُن کي هٿ سان صاف ڪري، پوءِ کڻ ۾ رکيائين. کڻ مان چانهه جا چار مگا کڻي، اُنهن کي به درياهه جي پاڻيءَ ۾ صاف ڪيائين. نائکو کڻ ۾ ڪُلَ (چلهه) جي ڀرسان آيو. اُن ۾ سنهڙيون ڪاٺيون وجهي، تيلي ٻاري ته ڪاٺيون ٻرڻ لڳيون ۽ ڪَل مان دونهون ٻاهر آيو. ٻاٽو کڻي اُن ۾ کير ۽ چانهه جي پتي ڪَل تي رکيائين. پوءِ کڻ مان اُٿي، درياههَ جي ڪنڌيءَ ڏانهن ڏسڻ لڳو. هن جي اکين ۾ آلاڻ اچي وئي. سندس چهري تي مايوسي ۽ اداسي اڀري آيس. پوءِ ڏکاري انداز م چيائين.
ادا، اِهي پَٽَ جن تي اسين، پنڌڙا ڪيا، مائٽن سان گڏجي عزيزن ڏي ايندا هاسين. هاڻ اُهي ڳالهيون ياد ڪري اندر ۾ اَڌَ ٿي ويندو آهيان. هن سامونڊيءَ جي پٽن تي پيار پلجندا هئا. هَر ڪنڌيءَ تي ماڻهن سان ڇَنا، مَنَهه ڀريا پيا هوندا هئا، ڀاڳيا آيل کي ڀاڪر پائي جيءَ ۾ جايون ڏيندا ها ته ڪٿي ميلن جو ڏيک ڏسڻ ۾ ايندو هو. اڙي .. “اوچتو ناکئي کان دانهن نڪري وئي ۽ ڪُل ڏانهن وڌي ويو... جي هي چلهه تي نه اچي ها ته چانهه واري ٻاٽي مان چانهه هارجي پوي ها.
ناکئا! ڳالهائين جَهجو پيو ڪرين” الهڏني چيس.
ادا! ڳالهيون پيٽ ۾ جو آهن، ڀلا اِهي ڪيئن ٻاهر نڪرنديون.
ڊاڪٽر ۽ مون کان کل نڪري وئي. ناکئو چانهه ٺاهي پهرين الهڏنو خاصخيلي کي چانهه ڏني، پوءِ اسان کي چانهه ڏيڻ لاءِ سکاڻ تي آيو. سائين سوکي بندر تي هر سال وڏا ميلا لڳندا ها. اسان ننڍپڻ ڏٺا، بندرگاهه کان ٿوري سڏ پنڌ تي سوکيءَ جو شهر هو. ماڻهو بيل گاڏين تي سامان ڍوئيندا هئا. ڪي اُٺن ۽ گهوڙن تي سامان کڻي بندر تي ايندا هيا. اسان کي عالي پاتڻي “بندر تي لاهيندو هو ته پوءِ پنڌ سوکي ويندا هئاسين”. ناکئو چانهه جو مگو ڏئي هليو ويو.
ناکئي جا لفظ “سوکيءَ تي هر سال ميلا لڳندا هُئا”. بندرگاهن تي ميلن ملاکڙن ۽ بيل گاڏين، ڏاند ۽ اُٺن جون ڳالهيون، بندرگاهن تي هر وقت ماڻهن جي رونق ۽ پيهه لڳي پئي هوندي هئي.
شام جو ٽِڪو ڳوٺ جي ڀرسان پهتاسين، هڪڙو ڍورو هُجي، تنهن ۾ هوڙي (ٻيڙي) بيٺل هئي. ڍوري جي ڪنڌيءَ تي مسجد هئي. ناکئو الهڏنو ميربحر، ان مسجد جي پاسي ۾ هوڙو بيهاريو. ڪنڌي تي پنج ڇهه ماڻهو بيٺا هجن، انهن ناکئي ۽ ڊاڪٽر جليل کي سڃاتو. آواز ڏئي چيائون:
او ڊاڪٽر، ناکئا خوش آهيو.
احمد ونگائي ڪهڙا حال اٿئي.
جيئن هوڙي مان لهي ڪنڌيءَ تي وياسين، سڀئي ماڻهو مليا، اتي ناکئو احمد جت، ناکو محمد جَت جو ڊاڪٽر تعارف ڪرايو. هي ٽِڪو ڳوٺ ونگائي جَتن جو هو. پوءِ سڀئي ڇَني ۾ ويٺاسين. ڪچهري چالوٿي. احمد جت ونگائي پڇيو:
ڪٿان پيا اچو.
”سائين! سوکيءَ جا ڦٽل نشان ڏِسي اچون پيا...“ مون کيس جواب ڏنو. ايتري ۾ ٽي چار ماڻهو ڇني ۾ آيا، اهي هٿ ملائي ويهي رهيا.
اِهي ٽولا ٻڌندي ڪچهري ۾ سڀئي ماڻهو هڪٻئي ڏي ڏسڻ لڳا... هنن جي ذهنن ۾ سوکي جون يادگيريون سمنڊ جي وير وانگي ذهنن جي ڪنارن کي ڇُهي هليون ٿي ويون... ڇو ته درياهي ڪنڌين، ڦٽل ڳوٺن، اجڙيل بندرگاهن جو درد سامونڊي ۽ لاڙي ماڻهن کان وڌيڪ ٻيو ڪو ڄاڻي نه ٿو. ڀلا... سُڪي وارن ماڻهن کي سامونڊي ماڻهن جي پيڙاهن ۽ ڀوڳنائن جو پتو ڪهڙو...!! پوءِ ناکئو احمد جت ونگائي چيو:
سوکي بندرگاهه ۽ شهر ڏٺوسين. وڏو سُکيو ستابو، امن ڀريو شهر هُيو. سوکيءَ جي ماڻهن جي محبت جو مثال ٻين ترن وارا ڏيندا هئا. اسان وٽ ڪو مهمان ايندو هو ته ان کي چانهه ۽ مٺائي کارائڻ ۽ سوکيءَ جي بازار گهمائڻ لاءِ شام جي وقت سوکي وٺي ويندا هئاسين.
سوکي شهر جا واڻيا جيڪي واپاري هوندا هئا، اهي سوکيءَ کي سنڀاليندا هئا، انهن جي وڃڻ کانپوءِ باقي ماڻهو جيڪي سوکيءَ جا وارث بڻيا، تن ڪونه سنڀاليو ۽ سوکي ڦٽي ويو. اسان ننڍڙي عمر ۾ وڏڙن سان سوکي ويندا هئاسين ته سڄو ڏينهن سوکيءَ ۾ گهمندي ڦرندي مزو اچي ويندو هو. جڏهن سوکي جا سُکيا ماڻهو وڃڻ لڳا ته اهي سوکيءَ منجهان سڏڪندا روئيندا هليا ويا. پوءِ سوکيءَ جا ڌنڌا ڪاروبار بيهجي ويا. صفا ٿورن سالن ۾ سوکي اجڙي ويو. واڻين جي وڃڻ کان پوءِ سوکي ڦٽي ويو.
اُهي واڻيا ٻين ملڪن، شهرن سان وڻج واپار، سامان جي مَٽَ سَٽَ، شين جي ڏيتي ليتي ڪندا هئا. سوکيءَ ۾ اَنَ ڏرڻ واريون مشينون، سارين جا ڪارخانه، اسڪول، اسپتال سڀئي واڻين جي هيٺ سنڀال ۾ هئا. سوکيءَ ۾ واڻين جون پڪيون جايون هونديون هيون. سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي “وڻ به ويا، واهِرا به ويا.”
وڻن ۾ ئي پکين جا آکيرا سهڻا لڳندا آهن. پکي ئي وڻن منجهه ڪک ڪانن، سنهڙين تيلين جا گهر ٺاهيندا آهن. وڻ ڇانورو ڪندا آهن. سوکيءَ جا واڻيا سڀني جي لاءِ ڇانورو هئا.
جڏهن برساتون پونديون هيون ته اسين ٻاراڻي عمر ۾ سوکيءَ جي پٽن تي وڃي ڊينگلا روپيه ڳوليندا هئاسين. ڊينگلا روپيه چانديءَ جا هوندا هئا. اُهي چانديءَ جا روپيه ڳولي ڏاڍا خوش ٿيندا هئاسين. ڊينگلن روپين مان پتو پوي ٿو ته واڻيا ڏوڪڙ پيسو گهرن ۾ رکندا هئا. گهرن جي ڀتين يا پَٽَ کي کوٽي کڏ کڻي انهن ۾ ڊينگلا روپيه پوري لڪائيندا هئا.
برساتن جي ڏينهن ۾ ٻين تڙن کان ٻار ايندا هئا، اسان به ويندا هئاسين. ڳوٺ سوکيءَ جي پاسن ۾ درياهه. ميرواهه، واهڻ، سنهڙي اهي ٽئي واسو کاريءَ مان لنگهي عربي سمنڊ ۾ وڃيو ڇوڙ ڪن.
سنڌو درياهه جڏهن سجاول کان اڳتي ٽپي هلي ٿو ته هن مان ٻيا ڦاٽ درياهه (ڇاڙون) نڪرن ٿا. ڇروڙو. مُٽڻي درياهه، ڦاٽ درياهه مان، کڻند درياهه ۽ وٺو درياهه نڪري ٿو. ڏسندي ڏسندي سامونڊي پٽي ۾ درياهن جو ڄار وڇائجي وڃي ٿو. انهن درياهن جي راند روند ڏسڻ وٽان آهي. ڪنهن وقت ائين لڳندو آهي جو اهي درياهه ٻارن جيان راند ڪُڏي رهيا آهن.“ ها... ونجهه وٽي راند ڪندا رهن ٿا.
ڊاڪٽر جليل کٽي ڪچهريءَ ۾ حصو ورتو. جنهن موضوع تي ڳالهه ٿي رهي هئي، ان قصي کي اڳتي وڌائيندي چيو، ادا! سنڌو درياهه مان جيڪي درياهه نڪرن ٿا، اُهي الڳ الڳ نالن سان سڏبا آهن. آئون ڪجهه درياهن جا نالا ٻڌايان ٿو.
(1) ٻار درياهه، (2) گهوڙو درياهه، (3) پکيئڙو درياهه، (4) مٽڻي درياهه،
(5) ڦاٽ درياهه، (6) کڻند درياهه، (7) ڪانئر درياهه، (8) پيٽاڻي درياهه،
(9) چڙي درياهه، (10) روهڙو درياهه، (11) رنتي درياهه، (12) جوڳيئڙو درياهه، (13) جنڊاڙو درياهه، (14) جهول درياهه، (15) کاهي درياهه،
(16) کُڏي درياه، (17) وڏائي درياهه، (18) سوداگر درياهه، (19) ڪن ڇني درياهه، (20) ڪارونڀار درياهه، (21) سنهڙي درياهه، (22) سڪيئڙو درياهه،
(23) ڄار وارو درياهه، (24) سنهڙي کوبر درياهه، (25) ڪڏيرو درياهه، (26) ڏمبري درياهه، (27) ڏٻو درياهه، (28) نانگ واري درياهه، (29) چرڻ درياهه،
(30) ڏرڙ درياهه، (31) مَل درياهه، (32) واڳو درياهه، (33) ڪورنگي درياهه، (34) ميرواهه درياهه، (35) سير درياهه، (36) وٺو درياهه، (37) واڻ درياهه،
(38) ڌوداٽيو درياهه، (39) جري درياهه، (40) ڏنگي درياهه، (41) ڇَنَ درياهه، (42) آڌياڙي درياهه، (43) ترسياڻ درياهه، (44) چاڳلو درياهه، (45) اوچتو درياهه، (46) ڀوري درياهه، (47) پکيئڙو درياهه، (48) رتو ڪوٽ درياهه،
(49) بهگاڙ درياهه، (50) گوراڙ درياهه، (51) ڀنڀور درياهه، (52) چرڻي وارو درياهه، (53) شڪرانو دراهه، (54) گاريلي درياهه، (55) ٻانجهي وارو درياهه، (56) باغ واري درياهه، (57) ڀلاڻ درياهه، (58) آمن وارو درياهه.
ڳوٺ ٽِڪو کان واپسيءَ مهل باغ واري درياهه مان هلندي، پاڻيءَ جي سنهڙين لهرن کي ڏسندي، جيڪي ٻيڙي سان ٽڪرائجي هليون ٿي ويون. ان وقت منهنجي ذهن ۾ انهن ماڻهن جا خيال لهرن وانگر ٽڪرائجڻ لڳا، جيڪي سوکي بندرگاهه کان لڏي ويا هُجن، اُهي ڪٿي هوندا.؟ انهن مان ڪيترا حال حيات هوندا...!؟ ڪَهڙن ماڳن تي انهن جو ڏس پتو ملندو...؟ بس پوءِ ذهن ۾ هلچل مچي وئي. ڏاڍو بي چين ٿي ويس. قديم تاريخ جو جائزو وٺجي ته اهو پتو پوي ٿو ته “سنڌ جي ماڳن سان وڏو مزاق ٿيندو رهيو آهي، ڪڏهن سامونڊي لهرن ته ڪڏهن پنهنجن ماڻهن ڪيو آهي. رات جو جڏهن کارو ڇاڻ پهتاسين ته پوءِ به انهن ماڻهن جا خيال ڪُن وانگي ذهن ۾ ڦرندا رهيا.
صبح جو ڊاڪٽر جليل نيرن کڻي آيو، الله ڏنو خاصخيلي ۽ مان نيرن کائڻ ويٺاسين ته مون کي سوکي جي ماڻهن جو خيال آيو. پوءِ ڊاڪٽر کي چيم. “ادا! هڪ ڳالهه چوڻ چاهيان ٿو ته سوکي شهر جي ماڻهن سان ملڻو آهي. جن سوکي ۽ سوکي بندر کي پنهنجي اکين سان ڏٺو هو، انهن ماڻهن سان ملڻو ضروري آهي. اهي ئي ماڻهو اسان کي سوکي شهر جي باري ۾ ۽ سوکي بندرگاهه جي باري ۾ صحيح ڄاڻ ڏيندا.
ڊاڪٽر جليل ۽ الله ڏنو خاصخيلي گڏيل آواز ۾ چيو، “ادا! اهي ماڻهو ساريا پيا آهن، ٺٽي ضلعي ۽ ڪراچي ضلعي ۾ به ويٺا آهن. انهن سان ضرور ملبو، جڏهن به توهان چاهيندا ته انهن ماڻهن جي ڳوٺن ڏانهن هلنداسين.”
اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي. ماني کائڻ کانپوءِ اسين ٽئي پتڻ تي آياسين. پاتڻي ٻيڙي جي پاسي ۾ بيٺو هو، ٻيڙي ماڻهن سان ڀريل هئي. جڏهن ٻيڙي ۾ ويٺس ته ڊاڪٽر وڏي آواز ۾ چيو، “ادا! ٻئي ڏينهن آئون ريڙهي ويندس، مهرباني ڪري توهان اتي اچجو، ريڙهي ۾ سوکيءَ جا ماڻهو رهن پيا. انهن سان توهان جي ملاقات ڪرائيندس.