1
بندر بازاريون، سڃا سامونڊين ري.
(سر سامونڊي، شاهه)
کارو ڇاڻ جي ڪنڌيءَ تي ٿڌڙي هوا گهلي رَهي هُئي. ڪجهه ماڻهو پاتڻيءَ جي انتظار ۾ بيٺا هجن. ڦاٽ درياههَ ۾ ٻيڙي نظر آئي، اُن ۾ لڳل ٽنگميشن (موٽر) جو آواز هوا تي چٽو ٻڌڻ ۾ آيو پئي. جيئن ٻيڙي ڪنڌيءَ جي طرف وڌندي پئي اچي، تيئن موٽر جو آواز تيز ٻڌڻ ۾ اَچي رهيو هو. تَڙَ تي بيٺل ماڻهن ۾ چُر پُر پيدا ٿي، اهي پنهنجو سامان ٺاهڻ ۾ لڳا. ڪنِ کي هَٿَن ۾ سيڌي سامان وارا ٿيلها هجن. هڪ همراهه ڪنڌ ورائي ٿيلهي واري کي چيو:
”ڪارا! وِيسي ڪِٿان وٺيون پيو اَچين؟“
حاجي! ڳاڙهي مان خيرو خاصخيلي جي دڪان تان، گهر جو ڳندڻ ۽ وِيسي ورتي آهي...“ اڳي کاري ۾ سڀ ڪجهه ملندو هو، هِير پورا وکَرَ به دُڪان تي رکيا ڪونهن، ۽ ويسي به پوري ڪانهي، (کاري جي لهجي ۾ “ويسي” جي معني سيڌو سامان ۽ رڌ پچا جو سامان آهي).ڪارو جنهن جي هٿ ۾ سامان جون ٿيلهيون هجن، اهو ٻيڙي ۾ چڙهي هوڙي جي موري (اڳيون حصو) تي وڃي ويٺو، ڪي وري سکاڻ يعني پاڇيل تي ماڻهو ويٺا هجن. عورتون ۽ ننڍا ٻار هوڙي ۾ چڙهيا، اهي ٻيڙي جي کڻ ۾ ويهڻ لڳا ته انهن کي پاتڻي (پاتڻي، پاتَ، ٻيڙي، هوڙو هلائيندڙ) وڏي آواز ۾ چيو:
“لي! توهين پنهنجن ڳڀورن کي کڻ ۾ خيال سان ويهارجو، اتي ٻيڙي جا پاٽيا (ڪاٺيون) پيا آهن.” عورتون ٻيڙي جي کڻ ۾ رکيل پاٽين کي هٿ سان سوري هڪ پاسي ٿي ويهي رهيون.
حاجي هيڏي هوڏي نهاري ٻيڙي ۾ ويٺل ماڻهو کي چيو، “عيسيٰ! الهڏني اڄ “پاتا” چاڙهيا آهن، ان جي مون کي دعوت آن.” پاتا کئڻ جي لي آئن، پاتن ۾ طاقت آ.” حاجي جي جملن ۾ پاتا لفظ تي وڏو زور هجي. پاتڻي ٻيڙيءَ ۾ ناري پوءِ پتڻ جي طرف ڪن ماڻهن کي ايندو ڏسي، انهن جي انتظار ۾ بيهي رهيو.
چاچو عيسيٰ سوچن ۾ گم هو، هن حاجي کي جواب ڏيڻ بجاءِ درياهن جي لهرن کي ڏسندي ٿڌو ساهه ڀري چيو، “سامونڊي لهرون اسان جي ماڙن سان “موت وارا کيڏ” کيڏنديون آهن.”
ها، عيسيٰ! “سچ ٿو چوين، لهرن جو اهو سلسلو صدين کان هلندو اچي پيو، کاري پاڻي اسان جي وڏن جون زندگيون ڳڙڪايون آهن، جڏهن به کاري پاڻي ۾ ٻيڙي هلندي آهي، لهرون شور ڪنديون ٻيڙي جي پاٽين سان ٽڪرائي هليون وينديون آهن، انهن لهرن ۾ پنهنجي عزيزن، رفيقن ۽ وڏڙن جون تصويرون ڏسندو آهيان.”
حاجي ۽ عيسيٰ جي اهڙي گفتگوءَ تي ٻيڙي ۾ ويٺل ماڻهن ۾ ٿوري جهٽ لاءِ خاموشي ڇانئجي وئي.
پاتَڻي واتَ ۾ چُورو (گهُٽڪو) وجهي، هڪ نوجوان ڏانهن نهاريندي:
ڳڀور! تون پڙَهين پيو ڪڙهين پيو... ٻَڌو اَٿم... پڙهڻ ڇَڏي ڦاٽ درياههَ جون ڪَنڌيون پيو ڪوڪارين...“
نوجوان کي پاتڻي جا لفظ ڳرا لڳا، منهن ۾ گُهنج پئجي ويس، پر ٻيڙي وارن کي ڏسي ماٺَ ٿي ويو. هڪ عورت کيسي ۾ هٿَ هڻي. ابا...! پاتڻي.
”پتڻ ڪيترو آن؟“
مائي! ٽيههَ روپيه ڏِج.”
ابا! ڏهه ڪِين ڏينديس. ڇَههَ روپيه آئِن. (آهن)
مائي، ٺَيڪ... جيڪي هَجن، سي ڏجانءِ.
تَڙَ تي بيٺل ماڻهو ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا، پنهنجو سامان سنڀالي ويهي رهيا، هوا تيز گهلي رهي هئي، سکاڻ تي بيٺل پاتڻي جا ڪپڙا ڦڙڪندا رهيا، ٻيڙي جي اندر واري حصي ۾ ته ڪي ماڻهو ٻيڙي جي ٻنهي ڇيڙن تي ويهي رهيا.
پاتڻي آواز ڏنو، کَڻ ۽ مُهري وارا پانجو سامان سوَلو ڪَريو. سکاڻ تي ويٺل ماڻهو ٽنگ مشين کان ٿورو پري ٿي جاءِ بڻايو، حاجي رونجهو پَپولا کنيو اچي پيو.
پاتڻي ائين چئي هٿ مٿي کڻي “اولا” چيو:
تڙ تي هڪ همراهه پلاسٽڪ جا ڊرم کنيو آواز ڏيندو پئي آيو. پاتڻي جو آواز ٻڌي هٿ مٿي کنيو ته ان به هٿَ مٿي کنيو ۽ ٻيڙي ڏي اچڻ لڳو. ٻيڙي ۾ ويٺل هڪ همراهه چيو “اولا” کيڪار کي چئون، لاڙ جا ماڻهو هڪ ٻئي کي سلام ڪندا آهن.
ٻيڙي ۾ ويٺل نوجوان هَٿَ وڌائي ان ماڻهو کان پلاسٽڪ جا ڊَرم وٺي پاسي ۾ رکيا ته اهو ماڻهو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي جِتي پاتڻي ويٺو هو، ان ڏي وڌڻ لڳو ته پاتڻي آواز ڏنس.
”حاجي هلي آ سُکاڻ تي چاچا عيسيٰ سان گڏ سَولو ٿي ويههُ.“
پاتڻي هاڻي ٽنگ مشين چالو ڪَرِ... چاچا عيسيٰ آواز ڏنو.
پاتڻي ٻيڙيءَ ۾ نهاري هٿ سان هلائڻ وارو ڳن ڇڪي ٻيڙي ۾ رکي پوءِ ٻيڙي ۾ لڳل موٽر کي چالو ڪَيو... موٽر جو آواز هوا ۾ گونجڻ لڳو. ڦاٽ درياههَ ۾ ٻيڙي موڙ کائي هَلڻ لڳي... چاچو عيسو پاڻيءَ جي لهرن کي ڏسندو، تڪيندو رهيو. پاتڻي کائن پڇيو
عيسيٰ! ڇا پيو ڏسين.
پاتڻي! پهرين بيت ۽ وائي ٻُڌ... پوءِ سوالَ ڪجانءِ... ائين چئي چاچو عيسو ڳائڻ لڳو:
پيهي جان پاڻ ۾ ڪَيم روح رهاڻ،
نَڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نَڪا ڪيچين ڪاڻ،
پُنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.
ٻيڙي پينگهه جيان لُڏندي لَمندي هلندي رَهي، ڏينهن تکو ڪونه هجي. ٻيڙيءَ ۾ ماڻهن جي مُنهن تي خوشيءَ واري لَهر ڏسڻ ۾ نه ٿي آئي، هر ڪو سورن جي ڳوهيل اَٽي وانگر ويڙهيو سيڙهيو ويٺو هُجي...
ٻيڙي ۾ ويٺل ڪي ماڻهو پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا رهيا. انهن جي ڳالهه ٻولههَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن جا اُچار ۽ معنائون سَمجهي نه ٿي سگهيس. انهن ماڻهن جي ڳالهائڻ وارو لهجو مَٽَ هجي. سنڌي ٻوليءَ جي اترادي وچ وارو، ٿري ۽ ڪوهستاني لَهجن کان بنهه الڳ لهجو هو.
ذهن ۾ ٻه ٽي ڀيرا اِنهيءَ جملي کي پٽي پڙهندڙ ٻار وانگر ڀيرا ڏيندو رهيس ته جملو ياد ٿي ويو. هوا جو تيز جهوٽو آيو. سُکاڻ تي ويٺل ماڻهن کي هلڪو ڌوڻو ڏيندو هَليو ويو. مان ذهن جي ڀانڊاري ۾ لفظ جمع ڪندو ويس.
پاتڻي يوسف جا لفظَ “پپولا”، “اولا”
چاچي عيسيٰ جو لفظ “پاتا”
پوڙهي مائي جا لفظ “پَتڻ”، “آن”
پاتڻي جي ڀر ۾ ويٺل همراهه درياههَ منجهه نِهاري وري شاهه عبداللطيف جي وائي جهونگارڻ لڳو:
وِرسئا ويڄ ويچارا! دلِ ۾ دَرد پرين جو،
اُٿيو ويڄا! مَ وِهو وَڃو ڊَڀَ کڻي،
دل ۾ درد پرين جو
ٻُڪي ڏيندا ٻاجهه جي، آيا سُور ڌڻي،
آيا جي جيارا
دل ۾ دَرد پرين جو...
چاچي عيسيٰ جي آواز ۾ وڇڙيل سامونڊي ماڻهن جو دَرد سمايل هجي. وائي جو آواز هوا سان گڏجي سَڄي ماحول کي ڏک جي ڏور ۾ وڪوڙيندو ويو. هوڙي ۾ ويٺل سڀئي ماڻهو ننڍا وڏا ماٺ جي مُٺِ ۾ سوگها بند هجن.
واقعي شاهه جي واين ۽ بيتن کي لاڙ جا ماڻهوءَ درياههَ جي پڇاڙ جا ماڻهو ڳائي ڄاڻن، اهي شاهه ڀٽائي جي لفظن کي ڄاڻن ۽ انهن جي اهميت کي سمجهن ٿا... تڏهن ايتري درد سان پيا ڳائين.
پاتڻي يوسف کيسي مان گٽڪي جي پڙي ڪڍي وات ۾ وجهي، چاچي عيسيٰ کي ڏٺو، جيڪو خيالن ۾ مست ٿي درياههَ جي لَهرن ۾ نهاريندو ٿي رهيو. شايد ڪجهه ڳولي رهيو هو. پوءِ چوڻ لڳو.
ڦاٽ جي پاڻي ۾ لهرون اٿنديون آهن، انهن لهرن ۾ پنهنجن عزيزن، رفيقن ۽ وڏڙن ۽ دوستن جا چهرا ڏسي وٺندو آهيان. جڏهن ٻيڙيءَ کي درياههَ مَنجههَ ڏسندو آهيان، پوءِ شاهه جون وايون ڳائيندو، من جي مانڌاڻ واري ولوڙي کي ماٺو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.”
اسان ماڙ وارن جي لاءِ شاهه جا بيت ۽ وايون وڏو جَهلو آهن. جهريل جيءَ جي لاءِ آٿت آئنِ. شاهه سائين پنهنجي بيتن ۾ سنڌ ۽ لاڙ جي پٽيءَ کي وڏو مان وارو بڻائي ڇڏيو آهي.
هو وڏي آواز ۾ پنهنجي دل جي ڳالهه ٻيڙيءَ وارن کي ٻُڌائي رهيو هو. هن جي ڳَلي ۾ دَرد هُجي... اُن درد کي سمجهڻ جي لاءِ درياههَ جيڏي دل هُجي.
انهي ماڻهوءَ جا لفظ “ماڙن”، “جهلو” (جَهلو= گُجي، ڍڪڻ، اندر ۾ سانڍڻ) ۽ “سُکاڻ” (سُکاڻ= هوڙي جو يا ٻيڙيءَ جو پويون حصو، جتي ناکئو يا پاتڻي ويهندا آهن.) ذهن جي ڀانڊاري ۾ رکي ڇَڏيا. ٿڌڙي هوا گهُلڻ شروع ٿي، چاچو عيسو جيڪو وڏيءَ ڄمار جو هَجي، پاتڻي يوسف جي پاسي ۾ ويٺل ماڻهو کي ڀاڪر پائي چيو ”وڻجارن جي لاءِ ته شاهه صاحب اِهي وايون جوڙيون آهن. اسين شاهه ڀٽائي جا ٿورا لاهي ڪين سگهنداسين. جو لاڙ وارن ۽ پڇاڙ وارن ماڙهن (ماڻهن) کي هميشه جي لاءِ جياري ويو. اڄ اسان هن ماڳ جا ماڙهو (ماڻهو) ان ڪري ياد پيا ڪيون.
هوا ۾ ٻيڙيءَ جو آواز وڌندو آيو. اسان جي ٻيڙيءَ کان ٿورو فاصلي تي ٻيو هوڙو وڃي رهيو هو. اُن جي ٽنگ مشين جو آواز هوا ۾ هلڪو ٿيندو ٿي ويو، اهو هوڙو درياهه جي ٻي ڪنڌي ڏانهن ٿي ويو.
درياههَ جي پاڻيءَ جو رنگ مٽيل ڏسجي رهيو هو. سنڌو درياههَ جو پاڻي ههِڙو ڪونه هوندو آهي... دل ۾ چيم.
ڦاٽ درياههَ جو پاڻي هلڪي نيري ۽ سائي رنگ جهڙو هيو.
چاچا عيسيٰ جنهن مون کي ڏٺو پئي... پوءِ چيائين:
ادا! ڀَلي ڪري آئين، تون سُڪيءَ جو آهين...“
چاچا عيسيٰ جو جملو... ”تون سُڪيءَ جو آئين...“ ٺپُ سمجهه ۾ ڪونه آيو... پر زبان مان ”ها“ نڪري ويو.
ابل! سُڪي وارا ماڻهو کاري پاڻيءَ بابت ڪِي ڪين ڄاڻن. هن ڦاٽ درياههَ ۾ سمنڊ جو کارو پاڻي آهي. چاچو پنهنجي جملن ۾ “کارو” لفظ تي زور ڏئي رهيو هو، ڄڻ اهو ٻڌائيندو هجي ته هاڻ اسان جي زندگين جا پساهه کاري پاڻي سان جڙيل آهن. چاچا جي انهن لفظن ۾ وڏو درد سمايل هجي. پوءِ ڦاٽ درياهه جي پاڻيءَ ڏانهن ڏسي چيو.
سنڌو درياههَ جي لُڙاٽيل پاڻيءَ جو ڏيک ئي پنهنجو هوندو هو. جڏهن اهو پاڻي درياهن ۽ اُن جي ڇاڙن منجهه وهندو هو ته اسان جا هيانوَ ٺري پوندا هئا... درياهه جون ڪنڌيون سايون سکيون، ستابيون هونديون هيون. ڀاڳين جا ڀاڳ ڇيلن وانگر ڪُڏ ڏيندا هئا... هاڻ کاري پاڻي سڀ ڪجهه ڦٽائي ڇڏيو آهي. ڪنڌيون ڪَڙڪِيُون پيون آئن... سُڪي سڙي ويون آئن. ماڻهو ڪک پن وانگر ڪي ڪاڏي ويا ته ڪي ڪيڏي ويا.
ڪجهه منٽن کانپوءِ ٻيڙي اَچي ڪنڌيءَ سان لڳي بيهي رهي. پاتڻي لَٿو ٻيڙي کي ٻڌي، پوءِ ٻيڙيءَ مان ڪاٺ وارو تخطو ٻيڙيءَ جي مٿان ۽ اُن تخطي جو ٻيو ڇيڙو ڪنڌي جي پاسي تي رکيو. ٻيڙيءَ ۾ ويٺل ماڻهو لهڻ لڳا. پاتڻي يوسف ڪنڌي وَٽ بيهي چوڻ لڳو.
پَتڻ ڏيو. پَتڻ ڀرَيو. پتڻ ڪَڍو. پاتڻي اهي لفظ اهڙي سُر سان چيا جو سڀني جا ڌيان پاتڻي ڏانهن هليا ويا.
پوءِ سڀني پنهنجن کيسن منجهه هَٿَ هنيا ۽ ڏوڪڙ ڪڍي پاتڻي کي ڏيندا هلندا ويا. ٻيڙيءَ ۾ ويٺل عورت کان پاتڻي ڀاڙو گهريو ته هن کيسي مان ڇهه روپيه ڪڍي پاتڻيءَ کي ڏنا...
“ابا...! ڀاڙو وَٺَ ڇهه روپيا آئِن.”
“مائي! مهرباني.”
سامهون ميدان تي ڪو وَڻ ڏسڻ ۾ ڪونه آيو، ڪلراٺي زمين هُجي. چوندا آهن “جٿي وڻ نه هجي، اُتي ڪانڊيرو وڻ” پر هت ڪانڊيرو به ڪونه هُيو. ماڻهن سان گڏ هلندو رهيس. صبح جو حيدرآباد کان نڪرڻ وقت ڊاڪٽر جليل ۽ الهڏنو خاصخيلي انهن کي اچڻ جو ٻڌائي ڇڏيو هو. ايتري ۾ ڊاڪٽر جي فون آئي.
“ادا... ڪٿي پهتا آهيو؟”
“کارائي پٽَن تي پيو هلان.”
“ڇا... پتڻ تي پهچي ويا آهيو.”
“ادا جليل! کاري ۾ آهيان... بس تنهنجي اوطاق تي پهچڻ وارو آهيان.”
“اَچو... اَچو... الهڏنو خاصخيلي به ويٺو آهي...”
ڪجهه منٽن کانپوءِ ڏٺو ته ڊاڪٽر جليل ۽ الهڏنو خاصخيلي ٻئي اَچن پيا... انهن کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. ٻئي سِڪَ سان مليا. پوءِ اچي ڊاڪٽر جليل جي سرڪاري ڊسپينسري تي آياسين. هيءَ سرڪاري ڊسپينسري به هُئي ته مهمانن جي لاءِ ”اوطاق“ به هئي.
ڊاڪٽر جليل ماني ٽِڪي اڳي ئي تيار ڪرائي ڇڏي هُئي. جيئن پهتس ته ماني اچي وئي، پوءِ هٿ مُنهن ڌوئي ماني کائڻ ويٺس ته ٻه مهمان ٻيا به آيا. سڀني گڏجي ماني کاڌي سون... ماني کانپوءِ اُهي مهمان ڊاڪٽر جليل کان موڪلائي تڪڙا هليا ويا. باقي الهڏنو خاصخيلي کيرواڻي ڊاڪٽر جليل ۽ آئون ڪچهري ۾ ويهي رهياسين. ڊاڪٽر کاري ڇاڻ جي ڇَنن، منهن ڏانهن ڏسي سوکيءَ جو سٽاءُ ٺاهڻ لڳو.
ادا! صبح جو سوير سوکي بندر تي هلنداسين، ان سان گڏ درياهن، ڦاٽن، ڇاڙن ۽ ڍورن تي رهندڙ قربائتن ماڻهن سان ڪچهريون ڪندا، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ واپس کاروڇاڻ اينداسين. پوءِ رات دير تائين ڪچهري هلندي رهي، هڪ وڳي ڌاري ڊاڪٽر موڪلائي هليو ويو.
صبح جو سج جا ڪرڻا کارو ڇاڻ جي ڇنن، منهن تي ڪرڻ لڳا. آهستي آهستي سج مٿي چڙهندو آيو، ناکئو الهڏنو اچي سلام ورايو ۽ چيائين. “هوڙو تيار آهي، وسي وٺي آيو آهيان، اتي منهنجو پٽ بيٺو آهي، آءٌ توهان کي وٺڻ آيو آهيان. ڊاڪٽر جليل چيو هو ته صبح جو سوير سوکي بندر تي هلنداسين.”
“ناکئا! توهان جي مهرباني.”
ايتري ۾ ڊاڪٽر نيرن کڻي آيو، پوءِ اسان گڏجي نيرن ڪئيسين. تنهن کانپوءِ الهڏنو خاصخيلي، ناکئو الهڏنو ملاح ۽ ڊاڪٽر جليل سڀئي گڏجي “ڦاٽ درياهه” تي آياسين. ڦاٽ درياهه جو پيٽ ويڪرو ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن ته ڪجهه سال اڳ ڦاٽ درياهه جو پيٽ سوڙهو هوندو هو. ڦاٽ درياهه کاري جي زمين ۽ پاسن کان ڳوٺن جون ڪنڌيون پائيندو، پنهنجو پيٽ وڌائيندو رهي ٿو. مون کي اهو خوف ورائي ويو ڪٿي، ائين نه ٿئي جو ڦاٽ درياهه، کارو ڇاڻ کي به پنهنجي پيٽ ۾ صدين لاءِ گم ڪري ڇڏي.
ناکئي آواز ڏنو، ادا! اچو ٻيڙي منجهه ويهو. منهنجي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو، پوءِ اچي ٻيڙي ۾ ويٺس، ٻيڙي درياهه جي وچ مان هلندي رهي، هوا تي تيز لهرون ٻيڙيءَ کي لوڏينديون وڃن پيون. آسمان ۾ آهستي آهستي ڪارا ڪڪر مڙندا ويا، ٿڌڙي هوا گهلڻ شروع ٿي وئي، ناکئو آسمان ۾ ڪڪرين جي ڪٺي ٿيڻ واري چر پر کي ڏسي چوڻ لڳو. ادا! درياهه جي ڪنڌي وٺي هلون، ڪٿي مينهن وٺو ته لهرون به تيز ٿي وينديون. ائين چئي ناکئي ٻيڙي درياهه جي ڪنڌيءَ سان لڳائي آهستي آهستي هلڻ لڳو. ڪڪر ڇڊا ٿي آسمان مان گم ٿي ويا، سج جي ڪرڻن کي وارو مليو ته پاڻي ۾ آرس جيان تجلا ڏيڻ لڳا. هاڻي درياهه جي ٻنهي ڪنڌين تي زمين جو وجود ڪنهن سڙيل ڪاٺي جيان ڏسڻ ۾ ٿي آيو.
ڊاڪٽر جليل کٽي ٿيلهي مان ٻه ننڍڙيون ڪتابڙيون ڪڍيون، پوءِ هڪ چوپڙي کي کولي ان جا پنا اٿلائيندي چيو.
“ادا! هن چوپڙ ۾ سوکي ۽ کاري ڇاڻ جي باري ۾ ڪي سٽون لکيون آم. مون ڪجهه ڳوٺن جا نالا ۽ اتي جي رهندڙ ماڻهن جي ذاتن جو ذڪر ڪيو آهي. هاڻي اهي ڳوٺ ڪونه آهن، پر جي ڪنهن ڪنڌين تي ڪو ڳوٺ ورلي هوندو، اتي ٻن ٽن گهرن کان مٿي ماڻهن جا گهر ڪونه هوندا. سڀئي سامونڊي سورن ۽ کاري پاڻي جي آزار کان پنهنجا اجها ڇڏي، ڪنهن ٻئي هنڌ هليا ويا آهن. هاڻ ڪيترن ئي ڳوٺن جا نشان به ڏسڻ ۾ اچن ڪونه ٿا، سي سڀئي کاري پاڻي ۾ گم ٿي ويا آهن.
گورنر سنڌ سر لينسليٽ گراهم (Sir Lancelot Graham) 1938ع ۾ سوکي آيو. هو سوکيءَ جا مکيه ماڻهو جن ۾ بَچل خان ملڪاڻي، محمود شاهه، علي محمد قاسماڻي جتَ، حاجي ميرجَت، محمد حَسن خليفو، بجار قاسم جَت، مامون خان قاسماڻي، حاجي صالح ونگائي جت، حاجي مصري ونگائي جَت، حاجي علي محمد ونگائي جَت، علي ونگرو، عثمان سُڪڙيو، هنسي ڀاٽيو، منگا لالواڻي هندو، چيلا رام، لالوَاڻي، درمو، ٽيڪم، گلاب مُکي، اهي سڀ گورنر سنڌ جي پارٽي پروگرام ۾ شريڪ ٿيا.
گورنر سنڌ کي دعوت هنسي ڀاٽيه ڏني هئي، اُن جي خاص دعوت تي انگريز گورنر سنڌ، سوکي بندر ۽ کارو ڇاڻ جو دورو ڪيو هو. اُن رائيس مل ۾ محمد، ڪريم ڏنو، عبدالله ۽ ٻانهو اُهي مهاڻا ڪَم ڪندا هئا.
1928ع ۾ کارو ڇاڻ ۾ پرائمري اسڪول کُليو هو، جنهن جو پهريون اُستاد تولا رام ٽولا رام هو، اُن جو نائب ماستر جمال خان جلباڻي هو.
ڪجهه عرصي کانپوءِ پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر کَٽو مَل ۽ اُن جو نائب گائي خان ناهيو ٿيو. گائي خان ناهيو ڪيٽي بندر کان بدلي ٿي آيو. ماستر جيرام به ڪيٽي بندر کان بدلي ٿي آيو.
1938ع ۾ کاري ڇاڻ شَهر ۾ اسپتال کُلي، جنهن جو پهريون ڊاڪٽر غلام قادر پنجابي جيڪو چيچا وطني (پنجاب) کان آيو، اُن کانپوءِ 1941ع ڊاڪٽر ميوا رام کارو ڇاڻ ۾ بدلي ٿي آيو. کارو ڇاڻ ۾ ريجو مَل حڪمت جو ڪَم ڪندو هو.
کارو ڇاڻ ۾ جيوت رام جو بنگلو ۽ ڇڙ پيس واري مِل ۽ وڏو واپاري هو، جنهن کي رائيس مل چوندا آهن. کارو ڇاڻ۾ کيم چند جيڪو نوشهروفيروز کان آيو هو. هي ڪپڙي جو واپاري هو. کارو ڇاڻ ۾ راشن جي ڪوٺي کوليائين، ان سان گڏ ڪپڙن جو واپار ڪرڻ لڳو. کاروڇاڻ ۾ ٻيا هندو مورج مَل، مولو چانگي، چيلو ڀڳت ترسو ۽ ڪشن چند لٺڙيا واڻيا اهي سڀ واپاري هئا.
کارو ڇاڻ ۾ کٽي رهندا هئا. کاروڇاڻ ديهه ببلو ۾ آهي. جتي کٽي محلا ۾ رهندڙ کٽي، ملئون محمد فقير کٽي، واحد ناڻي ۽ سندس ڀاءُ صديق کٽي جنهنجو پٽ عبدالرحمان چوڌري، جيڪو ايوب جي حڪومت ۾ کاري ڇاڻ يونين جو چيئرمين پڻ ٿي رهيو هو. آمون کٽي، موسو واڍو کٽي، ابراهيم کٽي، عمر کٽي، محمد عيسو واڍو، ميان جي محمد علي کٽي، صديق موالي، ميان جي صديق کٽي، حَسن کٽي، صالح حجام، احمد، سومار ارباب، مامو ٻوڙهو، مولوي محمد کٽي، مولوي عبدالواحد کٽي، اهي ٻئي حڪمت جو ڪم ڪندا هئا. فقير محمد کٽي، صديق فقير، ملئرن کٽي، آسن داس، ڌرمو، ٽيڪم، گلابي ماکي، لالو مَل، پيسو مَل، هرو ملَ، لوڪو مَل.
کارو ڇاڻ ۾ هڪ سؤ پنجاهه (150) گهر واڻين جا هئا ۽ مسلمانن جا گهر کٽين ۽ ٻين ذاتين وارن جا به سون جي تعداد ۾ هئا. مهاڻا مزدوري ڪندا هئا. سومار همالي مزدورن جو جمعدار هو. کارو ڇاڻ ۾ ڪنڀار طيب جي نياڻي رهندي هئي. ڪنڀار پنهنجي وقت جو سٺو ڪاريگر هيو. هن جي نياڻي وَٽ نوڪَر ڪم ڪندا هئا. کارو ڇاڻ ۾ ”لوهار“ رهندا هئا. حاجي جمعو لوهار مشهور هو. هي ڪنعاد جي ڳوٺ کان لڏي آيو هو ۽ لوهارڪو ڪم ڪندو هو.
ڪيٽي بندر واري علائقي ۾ هير به ڪنعاد ذات وارا ماڻهو رهن ٿا. سوکي جي رائيس مِل ۽ ڪيٽي بندر جي رائيس مل ۾ مهاڻا ڪم ڪندا هئا. کارو ڇاڻ جي ڇڙ پيس مل ۾ مهاڻا ڪَمَ ڪندا هئا، جيڪي کاروڇاڻ ۽ اُن جي ڀرپاسي ۾ رهندا هئا.
کاروڇاڻ جي اُتر طرف ۾ گُن، گهرياڻي، ميربحر، گوگٽ مختلف ذاتين جا ماڻهو رهندا هئا. احمد کاٿڙائي ۽ بچل کاٿڙائي اهي مَڇي پلي جو ڌنڌو ڪندا هئا.
کارو ڇاڻ جي اوڀر طرف ۾ گڊن جو ڳوٺ هو، جيڪي اُٺ لڏيندا هئا، يعني اُٺن جو ڌنڌو ڪندا هئا. کاروڇاڻ شهر جي آس پاس گُڊن جا 25 گهر هئا. گَڊنَ جا اڳواڻ جا نالا.
حاجي گڊو، رمو گڊو، ٺارو گڊو، ڄام گڊو، ڦڪر گڊو، ٻير گڊو، براد گڊو، سڄڻ گڊو، اهي سڀ گڊن ۾ سَريال سُڌ ٻڌ وارا ماڻهو هئا. ادا! هير، هينئر انهن پٽن تي اُٺاري ڪونه آهن، پر ڪي چند گهر آهن، اهي ماڻهو درياهي ڌنڌو (مڇي مارڻ وارو) ڪندا آهن، هاڻ انهن وٽ اٺيون، اٺ ڪونه آهن، نه ڪي اوٺاري آهن.
کارو ڇاڻ جي ڪاڇيل طرف ۾ پُنڀر ذات ۽ گڙٻ ذات جا ماڻهو ويٺل هئا، انهن مان ابراهيم پُنڀر، لونگ پُنڀر، سومار گڙٻَ، حسين گڙٻ. اهي سڀئي هاريپ (هارپو) ۽ مزدوري ڪندا هئا. کاري جا کارو ڇاڻ جي اوڀر ڏکڻ طرف ۾ يوسف ڀائيل جو ڳوٺ هو. جمعو ڀائيل، عمر ڀائيل، پيرو ڀائيل هارپو ڪندا هئا ۽ اهي ڪاٽڪو به هئا.
کارو ڇاڻ شهر کان هڪ ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف هُندن جو ڳوٺ ”ڏهيسر ڳوٺ“ جي نالي سان مشهور هو. هن ڳوٺ ۾ 12 هندن جا گهَر پَڪين سرن جا ٺهيل هئا. ڳنڍو، ڀيرو، شامو آبادگار ۽ واپاري هئا. زمينون مقاطي تي کڻي آباد ڪندا هئا. کاري ڇاڻ جي ڏکڻ ۽ اوڀر طرف محمد علي سهتو جو ڳوٺ هو. هن ڳوٺ ۾ سهتن جا 30 گهر هئا. هي هاريپ ڪندا هئا ۽ پنهنجي وقت جا ڪاٽڪو هئا.
جادي واري مياڻ تي عبدالله ميربحر جو ڳوٺ هو، اتي 80 گهر هئا. هن وقت ڪاري وارا ڪک آهن. اهي سڀئي پٽ اُجڙي ويا. سليمان ميربحر، عثمان جنڊاڙو، غلام، هاشو وڏو درياههَ مُٽڻيءَ تي جادي وارو پتڻ هوندو هو، هن درياههَ جي ويڪر ميل کن هئي. هن درياههَ ۾ وڏا ٻيڙا جيڪي ٽي سئو مڻن کان به مٿي وزن کڻندا هئا، هلندا هئا. ٻيڙين ۾ بادبان (سِڙَهه) هوندا هئا، جيڪي هوا جي رخ تي هلندا هئا. سوکي بندرگاهه ۽ کاروڇاڻ بندرگاهن تي سِڙههَ وارا وڏا ٻيڙا اينداويندا هئا. اهي سَوين مَڻ وزن کڻندا هئا.
عبدالله ميربحرن جي ڳوٺ ڀرسان سيدن جو ڳوٺ هو، جيڪي وجهد وجهديني جي لقب سان مشهور هوندا هئا. کاري ڇاڻ جي ڏکڻ ۾ خچر جو مَقان هو، اتي ڪيتريون ئي مختلف ذاتيون رهنديون هيون، جن ۾ سمن جا گهر هئا. يوسف وڏيرو سمون، لائق ڏنو سمون، عيسو سَمون، محمود سمون ۽ اسماعيل سمون جن جا 35 گهر هئا. هينئر ٽي چار گهر کارو ڇاڻ ۾ اڃان به موجود آهن. سمن جا ڪيترائي گهر ڄامشورو ۽ ڳاڙهي ۾ لڏي ويا هئا. هي هاريپ (هارپو) ۽ پَنَ جو واپار ڪندا هئا. انهن پَنَ نکُون، (تڏا توريون) ۽ پکا پڻ ٺاهيندا هئا. هنن جو سنڌ جي اتر وارن علائقن ۽ ۽ سانگهڙ، نوابشاهه ۽ ٻين ڀر وارن علائقن ۾ پَنَ جا مڙَها ٺيڪي تي کڻندا هئا.
سوکي شهر ۽ کارو ڇاڻ جي ڀرپاسن ۾ رهندڙ ذاتين جو احوال: سوکي ۽ کارو ڇاڻ جي وچ ۾ ٽن ميلن جو فاصلو هو.
جهٻيرن جو ڳوٺ: هن ڳوٺ ۾ جهٻيرن جا پندرنهن گهر هئا. سومار ۽ مامو جَهٻير.
جوڻيجن جو ڳوٺ: هن ڳوٺ ۾ جوڻيجن جا ڏهه (10) گهر هئا.
سومرن جو ڳوٺ: هن ڳوٺ ۾ سومرن جا 10 گهر هئا.
سٺيا جو ڳوٺ: هن ڳوٺ ۾ سٺين جا 10 گهر هئا. حسن سٺيو ۽ جمعو سٺيو.
هالن جو ڳوٺ: هن ڳوٺ ۾ هالن جا (10) گهر هئا. اُسر هالو ۽ غوثو هالو.
ڪلهوڙن جو ڳوٺ: هن ڳوٺ ۾ ڪلهوڙن جا ڏهه (10) گهر هئا. ڪلو ڪلهوڙو، مينهن وسايو.
مغل ڳوٺ: هن ڳوٺ ۾ مغلن جا ڏهه (10) گهر هئا. عمر مغل.
گهوٽا ڳوٺ: هن ڳوٺ ۾ گهوٽن جا پندرنهن (15) گهر هئا.
گلهڙا ڳوٺ: هن ڳوٺ ۾ ويهه (20) گهر هئا.
پنهيار ڳوٺ: هن ڳوٺ ۾ پنهيارن جا ڏهه (10) گهر آهن.
شيخ جو ڳوٺ: لالو شيخ، هي نوان مسلمان ٿيا هئا. هنن جا ڏهه (10) گهر هئا.
ڪچهريءَ ۾ الهڏني خاصخيلي حصو وٺندي چيو. هير (هينئر) اِهي ماڳ ڦٽي ويا آهن. ڪو هڪ ٻه گهر هجي ته ٺهيو، نه ته ساري زمين بينا “غير آباد زمين” پئي آهي.
سامونڊي پٽيءَ ۾ درياهن جي راند ڏسڻ وٽان آهي. جيئن ٻار ونجهه وٽي راند ڪندا آهن، تيئن سنڌو درياهه منجهان نڪرندڙ نوان درياههَ به هڪٻئي سان ملندا، ڀاڪر پائيندا وڇڙندا هلندا وري ملندا رهندا آهن. سامونڊي پٽيءَ ۾ سون جي تعداد ۾ درياهه آهن، انهن جا ڪجهه نالا ياد آهن.
اوچتو درياههَ، آڌياڙي درياهه، باغ واري درياهه بَستا درياههَ بيرم درياهه، بگاڙ درياهه، پيٽاڻي درياهه، پاٽار درياهه، پلياڻ درياهه، تُرسياڻ درياههَ، ٻئي درياههَ، ڦاٽ درياههَ، ڦَٽو درياههَ، ڦِٽي درياههَ. دجو درياهه، دُوڌاٽِي درياههَ، ڏرڙ درياههَ، حجامڙو درياههَ، ڄار وارو درياههَ، چاڻ وارو درياههَ کناڻي درياههَ، کاهي درياههَ، کُڏي درياههَ، کوبَر درياههَ، کانٽو درياههَ، کٽندو درياههَ، گاريلي درياههَ، گابار درياههَ، گَئو درياهه، گهوڙو درياههَ ريچل درياهه، روڙو درياهه، رتو درياهه، ريل درياهه، سِيرو درياهه، سوداگر درياهه. هتان جي ماڻهن جون دليون وڏيون آهن. اُهي مڇيءَ جي شڪار ۾ پنهنجيون جانيون گهوري ڇڏين، انهن جي پونيئرن، اولاد، عزيزن سڀني کي اها خبر هوندي آهي ته سمنڊ اسان جي عزيزن، رفيقن جا ساهه ڪڍيا آهن. شڪار گهوريندي يا سامونڊي طوفان ۾ ٻيڙي ٻُڏندي مئا آهن. پوءِ به اهي سمنڊ سان شڪايت ڪونه ڪندا آهن. انهن جو نسل به سمنڊ جو ساڳيو پنڌ جهاڳيندو، شڪار گهوريندو اچي پيو. اهو سلسلو صدين کان وٺي هلندو اچي ٿو. ٻيڙائتن، ناکئن، خلاصين جي سُمنڊَ سان سِڪَ گهٽي ڪونهي ڪا... هي ماڻهو ايڏا بهادر آهن، جو دردن جي ڇولين ۾ به دانهن ڪونه ڪندا آهن. پوءِ به شڪار ڪندا رهندا آهن.
ڀلا ماني کائڻ واري کي، ماني پچائڻ واري جو قدر ڪهڙو... مڇي جو مزو، لطف وٺندڙ، مڇي کائي خوش ٿيندڙن کي مڇيءَ ماريندڙ ماڻهن جو قدر ڪهڙو... ڀلا ڪڏهن ڪنهن سامونڊي ماڻهن جي سورن واري حياتيءَ جي سار لڌي آهي...؟ درياهي ماڻهن جون ڳالهين ٻڌڻ سان ڪنهن وقت ائين لڳندو آهي، ڄڻ سامونڊي پٽيءَ جا ماڻهو سمنڊ جي کارين لهرن جي کاڄ جي لاءِ پيدا ٿيا آهن. سامونڊي ماڻهن جي زندگي عجيب ٿئي ٿي... سمنڊ سان درياهه جي پاڻيءَ سان پيچ اهڙو ڳنڍيل اٿن جو ڪڏهن ڇِڄي نه ٿو سگهجي، اهي ماڻهو پنهنجي نالن سان مَڇيءَ جو نالو ڳنڍيندا آهن ۽ ڏاڍا خوش ٿيندا آهن.
فن سان چاهه رکندڙ چترڪار ۽ فنڪار فلمن، اداڪار ۽ قلمي پورهيو ڪندڙ شاعر، اديب اهي پاڻ تي تخلص يعني نئون نالو رکندا آهن، پوءِ اهي نالا انهن جي سڃاڻپ بڻجي ويندا آهن، تيئن ناکئن ۽ خلاصيت تي رکيل مڇيءَ وارا نالا انهن جي سڃاڻپ آهن.
مثال طور ناکئو گوهر عرف ”گَندَ“ (سنهي مڇي کي “گند” چوندا آهن) ناکئو وَلو عرف ”ويسر“ ، ناکئو سونو عرف ”سيري“ ، ناکئو چاڪي عرف ”چَپُو“، ناکئو فتح عرف ”ڦِٿو“، ناکئو لالو عرف ”لُوئَر“، ناکئو خيرو عرف ”کڳو“، ناکئو اَڪو عرف آچار، ناکئو مَنو عرف مُترڪو، ناکئو قاسم عرف ”ڦڙداس“، ناکئو پاتال عرف ”پُوجو“، ناکئو چنيسر عرف ”چَپليڪي“،ناکئو راڻو عرف ”رَڏُ“،ناکئو ڪالو عرف ”ڪَڏَو“،ناکئو چالهُيو عرف ”چُورو“،ناکئو ڪَڪَو عرف ”ڪَڏِي“،ناکئو علي محمد عرف ”ڳاڙهو“،ناکئو حاجي عثمان عرف ”بوٿو“، ناکئو سوڍو عرف ”سيارو“ ناکئو ٽِيٽو عرف ”ٽنگڻ“، ناکئو پيارو عرف ”پکڙڻ“، ناکئو هاشم عرف ”ٿيري“ ناکئو مور عرف ”موراکي“ ناکئو پيرل عرف ”پَلو“ ناکئو پنهل عرف ”پاپليٽ“ خلاصي خيرو عرف ”ڪَڪو“ خلاصي ڪانيو عرف ”ڪُنڀر“ خلاصي ڪالو عرف ”ڪُرڙو“، خلاصي اصغر عرف ”هيجڪِ“ خلاصي لياقت عرف ”لوهڙ“ خلاصي مولوي عرف ”مَٽِو“ خلاصي سلطان عرف ”واڳو“ خلاصي ڏونگر عرف ”ڏَنديو“ خلاصي اِبو عرف ”اَڇو پِٿون“، خلاصي گوهَر عرف گَپ گَلو، مائي آمي، عرف چُما، خلاصي ڪالو عرف ”ڪُوڪو“ خلاصي ڍولڻ عرف ”ڍَڍي“، خلاصي پَنهل عرف ”پَلو.“
ڪنهن ڳوٺ جي محلي يا پاڙي ۽ گهٽيءَ ۾ هڪجهڙن نالن سان خلاصي يا ناکئا رهندا آهن، اهي پاڻ تي مڇيءَ جو نالو رکي ڇڏيندا آهن، جيئن ڪو ٻيو ماڻهو ڀلجي ساڳي نالي واري ٻئي ماڻهوءَ جي در تي نه وڃي. هنن ماڻهن جي ڪِرت ۽ ڌنڌو ساڳيو هوندو آهي. يعني مڇي مارڻ وارو. مثال: ”سارنگ“ جي نالي وارا ٽي ماڻهو هڪئي پاڙي يا محلي ۾ رهن ٿا، پر انهن جي سڃاڻپ الڳ الڳ آهي.
(1) سارنگ، ڄرڪو، (2) سارنگ ڦوڦار (3) سارنگ ڍانگرو.
ڪنهن محلي جي هڪئي گهٽيءَ ۾ ٻه ناکئا ساڳئي نالي سان رهن ته اُهي پنهنجي نالي جي پٺيان مڇيءَ جو نالو لڳائي، پنهنجي الڳ سُڃاڻپ بڻائيندا آهن. ناکئو بابو ملاح عرف ”بوٽو“، ناکئو بابو ملاح عرف ڪَٽوُ”.
اوچتو لهرون اُٿل پٿل کائينديون اسان جي مٿان پاڻيءَ جي ڇَنڊَ وَسائي ته منهنجي هٿ مان چانهه وارو مگو پاڻيءَ مَنجهه ڪري پيو، اهو ڏسندي سڀني کان کِل نڪري وئي، آءُ به کلڻ لڳس. ناکئو اُٿيو ڪُل تي چانهه جي ٻاڙٽي ۾ ٿوري چانهه پئي هئي. سا کڻي اچي ڏنائين.
هوڙو درياهَ جي ڪنڌي سان هلندو رهيو، ٻارنهن سال اڳ هن ماڳن تي آيو هوس، تنهن وقت ۾ ڪنڌين تي ڪي ڇَنهَه ۽ مَنههَ وارا گهر هئا. هينئر ڏسڻ ۾ ڪونه آيا، ڪٿي ڪٿي ڍورن مينهن ۽ ٻڪرين کي چرندو ڏٺو هو. هاڻ اهي سڀئي پَٽَ خالي ۽ کاري پاڻيءَ جي هيٺ اجڙيل ڏسڻ ۾ آيا. ڪيترائي ڳوٺ کاري پاڻيءَ منجهه پنهنجو وجود وڃائي ويٺا هئا.
هڪ ٻيڙي اسان جي طرف اچي رهي هئي، جڏهن ڀرسان اچي بيٺي ته اُن ٻيڙي مان هڪ ماڻهو اُٿي بيهي رهيو. اُن کان ناکئي الهڏنو پڇيو:
خلاصي گُهچَ! ڪريو خبر..؟
ناکئا الهڏنا! خبر مڙئي خير، اسانجو تو ۾ ڪَم پَئين ويو آ.”
يار! اسان جو ڪُل (چُلهه) تَڙَ تي وسري ويو، هوڙيءَ ۾ ڪونهي چڙهيو، آن (اوهان) وٽ ڪُل ٻُل هجي ويرو (واندو) ته اسان کي ڏيو، مهرباني ٿيندي.
خلاصي گُهچَ اسان جي هوڙي ۾ ڪُل آهي هيڪو، جي توکي ڏينداسين ته اسان ۾ بُک پوندي.
ناکئا الهڏنا! ڪُل اسان کي ڏئي ڇَڏَ، اسين وڃون پيا درياههَ تي اسان کي ڏاکو (ڏهاڪو) کن ڏينهن لڳي ويندا.
ناکئو الهڏنو سوچي، پوءِ هوڙي جي کُڻ مان ڪُل کڻي خلاصي گُهچَ جي حوالي ڪندي چيو.
ادا، گهچ! توهين پَرتي پيا وڃو، ڀَلي ڪُل کڻي وڃو، آءُ ڪنهن کان ڪُل کڻي وٺندس، آن جو ڪم ٿي ويو.
خلاصي گهچ خوش ٿيندي، هٿ لوڏي روانو ٿي ويو. ناکئو الهڏنو ٽنگ مشين جي ڀرسان اَچي ويٺو، اسان کي لڳو ته چانهه ۽ ماني ڪيئن ٺاهينداسين. ناکئي جي چهري تي پريشانيءَ واري ڪابه اهڙي ڳالهه ڪونه هئي. وڏي آرام سان ويٺو هجي. ڊاڪٽر جليل ۽ الهڏنو اُهي ٻئي ماٺ ۾ ويٺا هجن. مون کي اندر منجهه اُڻ تڻ ورائي وئي ٿوري دير تائين سڀئي خاموش ويٺا هُجن. ناکئو الهڏنو، منهنجي مُنهن ۾ نهاري مُرڪي ڏنو ۽ چيائين جنهن خلاصيءَ کي ڪُل ڏنو، اُن جو مي تي هيڪو وڏو احسان آهي”. ائين چئي ناکئو سڀني ڏي نهاريو، پوءِ وڏي آواز ۾ سُڻائڻ لڳو.
ڪجهه سالن جي ڳالهه آهي، آءُ خلاصي هوس.
“هڪڙي ڏينهن بولي تي وياسين، مونسان ڳڀور (ڇوڪرا) هوڙي ۾ آئينِ (آهن) اسان بولو ٻڌوسين، بولو رَڇَ ٻڌي ڪري اسين سُمهي رهياسين. ڪو مشين جي ڀَرَ ۾ سُتو، ڪو فريج (برف جي ٽانڪي تي) سُتل هو، ڪو ماندا پيو هجي، ڪو وچ تي سُتو پيو هُجي. اءُ مشين جي ڀَر ۾ سُتو پيو هوس.
بن ڪلاڪن کانپوءِ آلَڙَ زور وٺيو ته اسان جي بولي رَڇَ جو هڪڙو حصو ٽٽي ويو. هوڙي جَهٽڪو ڏنو ته اسين اُن جهٽڪي تي اُٿياسين ته وري ٻيو پاسو به ٽٽي ويو. هاڻ اسين اُجندا (9) پيا اچون. هوڙي کي ڪِئين قابو ڪريون، ان سوچ ۾ هياسين ته هوڙي وڃين ٻئي بولي ۾ پئي، جيڪو اسان جي پُٺيان بيٺل هجي. جنهن جاءِ تي اسان بولو ٻڌو هو. اُن کان ٿوري فاصلي تي ٻيو بولو ٻڌل هو. اِها اسان کي سُڌ ڪونه هئي. اُن ۾ اسان جي هوڙي لڳي ۽ ڪلٽي ٿي وئي، ڳڀور (ننڍڙا ٻار) بولي رَڇَ جي مٿان چڙهي ويا. هوڙي اسان جي بولي رَڇَ ۾ ڦسي رهي ٻي هوڙن وارن ڳڀورن ۽ اسان کي
پائي ورتو. اها سيءَ جي موسم هئي. ايها اسان جي ڀلائي هئي جو بولي رَڇَ مان بچي وياسين. بولي رَڇَ ۾ جانور، مينهن، ڍور، ڍڳو ۽ ڪو ماڻهو جي ڦسي رهيو ته “ساس” نه هوندو اُن جو “لاش” هوندو. مطلب ساههَ وارو ڪوبه بچندو ڪونهي. مري ويندو آهي. اهو گهچ خلاصي جنهن کي ڪُل ڏنو، اُهو مُڙسي نه ڪري ها ته اسين بولي ۾ هُجون ۽ هير جيئرا نه هُجون.. تڏهن مون جا ڳڀور بَتا خلاصي گهچَ جا مي تي احسان آهن. آءُ اڳيان ڪنهن کان ڪُل وٺندس.
ناکئي الهڏني جي ڳالهه ٻڌي، سڀئي ماٺ ۾ پئجي ويا. منهنجي اڳيان هو منظر ڄڻ فلم وانگر هلي رهيو هو. اُٿي ناکئي جو ڀرسان آيس.
ناکئا! درياهه جا رستا ڏاڍا اڙانگا آهن.؟
ادا، شڪار گهورڻ ايڏو سَولو ڪونهي، انهيءَ ۾ وڏا جوکا سِرَ جا آهن، درياهي ڌنڌو هون به دل وارن ماڻهن جو هوندو آ”.
ناکئي جي اِها ڳالهه سمجهه ۾ اَچي وئي.
ٻيڙي هلندي رهي، ناکئو الهڏنو ميربحر چوڻ لڳو. سوکيءَ بندر پهچي وياسين.
سوکي بندر جو نالو ٻڌي ان جي پٽن ڏانهن نيهاريندي ٿوري خوشي جو احساس به ٿيو ۽ گهڻو ڏک ٿيو. ٻيڙي درياهه جي ڪنڌي سان لڳي بيهي رهي، اسين ٻيڙيءَ جي کڻ ۾ جوتا رکي پير اگهاڙا ڪري ٻيڙيءَ مان هيٺ لٿاسين. پٽ تي آلڙ هئي، ڪٿي، ڪٿي ننڍڙا، ننڍڙا لاڻا ۽ وليون هجن، اسين پنڌ ڪندا هڪ ڍوري وٽ آياسين، جنهن ۾ گوڏي جيترو پاڻي هو. ڍوري جي پريان سوکي شهر وارو پٽ ڏسڻ ۾ پئي آيو. ذهن ۾ سوکي شهر جو نظارو ڪنهن فلم جيان ڦرڻ لڳو. ڪجهه پل اتي ئي سوکي جي خيالن ۾ بيٺو هئس. ايتري ۾ ناکئو الله ڏنو ڪُلهي تي هٿ رکي چيو، “ادا! ڍوري مان هلڻو آهي، اتي ڇو بيهي رهيا آهيو.”
ها! هلون ٿا. پوءِ قميص لاهي مٿي سان ٻڌي، سلوار جا پانچا گوڏن تائين ڪري ڍوري ۾ لٿس، ٿوري پاڻي ۾ هليس، ته ڪا شئي پير ۾ لڳندي محسوس ڪئي ته منهنجي وات مان رڙ نڪري وئي. ناکئو الهڏنو ۽ ڊاڪٽر جليل جيڪي منهنجي اڳيان ڍوري مان هلي رهيا هئا، اُهي بيهي رهيا. ڊاڪٽر جليل پوئتي موٽي چيو: ”توکي پير ۾ ڪڏو (گهاڙ) لڳو آهي.”
”ڊاڪٽر! خبر ناهي، باقي پير وڍَجي ويو، ائين ٿو لڳي. “ڊاڪٽر منهنجي ٻانهن کي پڪڙيو، ايتري ۾ الهڏنو آيو، ٻنهي ٻانهن کان کنڀي مٿي کنيو. ان وقت اسڪول واري يادگيري اچي وئي. اسڪول جو ڪو شاگرد ڪلاس ۾ نه ايندو هو ۽ گوسڙو هوندو هو ته استاد احمد علي چوندو هو.
”وڃو انهيءَ ڇوري کي ڳولي ڦولي کڻي اچو.“ پوءِ ڪلاس مان ٻه ڄڻا بُت ۾ ٿلها موٽا شاگرد ويندا هئا، اُن شاگرد کي ڳولي ايندا هئا. هڪ شاگرد اُن جي سَڄي ٻانهن کان وٺندو هو، ٻيو شاگرد ان ڇوڪري کي کٻي کان وٺي مٿي پٽي کڻي ايندا هئا. گوسڙو ڇوڪري جا پير پَٽَ تي ڪونه لڳندا هئا.
اهڙي نموني ناکئو الهڏنو ۽ ڊاڪٽر جليل مون کي ڍوري منجهان مٿي کنيو. پاڻيءَ مان هلندا اچي ٻاهر ڪناري تي آندو. منهنجي سڄي پير جي تريءَ مان رت وهي رهيو هو. اسين هاڻي سوکي شهر جي پَٽَ تي هئاسين. چؤطرف ڪلراٺي زمين ڪنهن پکي پکڻ جو آواز ڪونه. پري کان ُٺل ڏسڻ ۾ آيا پئي. سوکيءَ جي اُجڙيل پَٽَ تي هلندي، ناکئو الهڏني ميربحر چيو:
”اسين ننڍا هوندا هئاسين، پنهنجن وڏڙن سان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سوکيءَ شهر جي بازار گهمڻ لاءِ ايندا هئاسين. خاص طور تي سوکيءَ جي مٺائي کائڻ جي لاءِ، ايندا هئاسين، سڄي تَرَ منجهه “سوکيءَ جي مٺائي” مشهور هئي.”
اسين هلندا رهياسين، سوکيءَ جي زمين پوسَل واري هُئي، جنهن جي چؤڦير سمنڊ جو کارو پاڻي هُيو. اسين هلندا، انهيءَ جاءِ تي آياسين، جت سارين جو ڪارخانو هوندو هو، اُتي وڏو سيمنٽ جو حوض هَيو. ڊاڪٽر جليل ۽ الهڏنو ميربحر ٺُلن وٽ بيهي رهيا.
“هِيءَ نشان سارين ڇڙهڻ جي ڪارخاني جا آهن. سوکيءَ جا چانور مشهور هوندا هئا.” آئون سيمنٽ جي ٺلن کي هَٿ لائي ڏٺو... وري ٻئي ٺل کي ڏسڻ ويس. ڪُل چار ٺُل هُجن. ذهن ۾ سُوکيءَ شهر ۽ ڪارخاني جو منظر چٽيندو رهيس.
ڪجهه وقت اسين ڪارخاني جي جاءِ تي بيٺا رهياسين، پوءِ اتان واپس ٿياسين. ٿورو اڳيان زمين تي ڳاڙهين مٽيءَ جي سِرُن جا ڀڳل ٽڪر ۽ ٺَڪر جي ٿانون جاڀڳل ٽُڪرا پيا هجن. اسين هلندا وري ٻئي طرف وياسين. ڏينهن تکو هو، سڀني کان پگهر وهن پيا، پر سوکيءَ جي ڦٽل شهر کي ڏسندي خيالن ۾ سوکيءَ جي بازار جو نظارو ۽ اُن بازار ۾ ماڻهن جي هلڻ چلڻ جا ڏيک ڏسندو هلندو رهيس. گرميءَ جو احساس نه پيو ٿئي. ڀڳل ٺِڪرن جي ڍير کان ٿورو اڳيان هلياسين.
ناکئو الهڏنو ميربحر ٿڌو ساهه ڀري چيو: “سوکيءَ ۾ هندن واڻين جون پَڪيون، ويڪريون ڪشاديون جايون هيون. انهن جا دڪان به پَڪا ٺهيل هوندا هئا. سوکيءَ جي بازار واري گهٽي ويڪري هئي. مردن سان گڏ ٻار پڻي شيون وٺندا، بازار ۾ گهمندا ڦرندا هئا، ڪو ڪنهن کي ميري اک سان ڏسندو ڪونه هيو. ڏاڍو سڪون ۽ سانت وارو ماحول هوندو هو. هن وقت منهنجي ذهن تي سوکيءَ بازار جو نقشو چٽو بيٺو آهي. سوکيءَ شهر جي ويران پَٽَ تي هلندي ڊاڪٽر جليل چيو:
سوکي جي پاسي ۾ “گابار” درياهه وهندو هو، جيڪو ڪنهن وقت ۾ وڏو درياهه هو. سوکي بندرگاهه جي پاسن کان چار درياهه وهندا هئا، انهن درياهن تي ڪيترائي ڳوٺ آباد هئا. هاڻي چؤڦير نظر ڦيرائڻ سان خالي پَٽَ ڏسڻ ۾ پيا اچن. هنن آباد پَٽن کي سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ڦٽائي ڇڏيو. هينئر سوکيءَ جي سونهن جا خيال ذهن منجهه ڊوڙائي سگهون ٿا، باقي ڪجهه ڪري نه ٿا سگهون، اسان جا وڏڙا به سوکي جا هئا. اُهي مالدار ۽ زميندار به هُئا. ان وقت ننڍڙو هئس، ڪي خيال ذهن ۾ ڦيرو ڏين پيا. سوکيءَ جي ڏکڻ ۾ اڱاريا ذات جا ماڻهو رهندا هئا. اهي ملڪائي ونگرا هئا. اڱاريو اُنهن جو پاڙو هيو.
سوکيءَ جي شهر جون ڳالهيون پئي هليون، ”سوکيءَ شهر ۾ واپار جو وڏو چلتو هلندو هيو، جڏهن هندو، واپاري واڻيا ويا ته سوکيءَ جو چلتو ۽ واپار به ڍرو ٿيندو ويو. سوکيءَ جي بازار جا ڪيترائي دڪان بند ٿي ويا. سوکي جي بندرگاهه تي ٻاهرين ماڻهن جا ٻيڙا ۽ ٻيڙيون گهٽ اچڻ لڳيون. رڳو تَڙ ۽ ڀر وارن درياهن کان ماڻهو ايندا هئا. شهر ۾ مسلمان واپاري به هئا، انهن سوکيءَ جي ايندڙ وقت جو جائزو ورتو ۽ اهو سوچي ويا ته هاڻي سوکيءَ ۾ رهي ڪاروبار ڪرڻ ڏکيو آهي، پوءِ انهن به پنهنجو ڪاروبار ٻين شهرن ڏانهن وڃي شروع ڪيو. گهڻا ماڻهو کاروڇاڻ شهر ڏي ويا. پر پوءِ اُتان به لَڏي ويا.