الطاف شيخ

Author Name

ناميارو سنڌي ۾ سفرنامي جي صنف جي حوالي سان مشهور ليکڪ ، سنڌي اسڪالر ، مئرين انجنيئر ۽ استاد (پروفيسر) الطاف شيخ 14 نومبر 1944 ۾ هالا ۾ ڄائو. سندس پورو نالو الطاف احمد شيخ ولد گل محمد شيخ آهي.

انٽر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان 1963 ۾ ڪرڻ کانپوء مئرين انجينئرنگ جي ڊگري چٽگانگ (هاڻي بنگلاديش ، ان وقت اوڀر پاڪستان ) مان حاسل ڪيائين. ايم ايس سي ان ميرين سيفٽي ايڊمنسٽريشن وري ورلڊ ميريٽائم يونيورسٽي مان ڪيائين. مڪينيڪل انجينئير امتحان انسٽيٽيوٽ آف انجنئير لنڊن، بي اي ايل ايل بي يونيورسٽي آف سنڌ، ڊپلوما ڊجيٽل ڪمپيوٽر ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ آف ميرن انجنيئرس لنڊن اينڊ انسٽيٽيوٽ آف نيول ارڪيٽيڪٽ انگلينڊ مان ڪيائين. ان کنسواء دنيا جي مختلف ملڪن مان انجنيئرنگ سان لاڳاپيل ڪيترائي ڪورس ڪيا اٿس.

پاڻ لکڻ جي شروعات ته 13 سالن جي عمر کان ئي گلستان رسالي ۾ لکڻ شروع ڪيائين پر باقائدي لکڻ جي شروعات چٽگانگ ۾ مئرين انجنيئرنگ ڪورس دوران هلال پاڪستان لاء لکيل ڪالم “دريائن جي ديس مان ” سان ڪيائين. انکانپوء شپنگ ۾ نوڪري دوران هو جنهن به ملڪ ويو ، جنهن به شهر ويو ان تي سفرنامو لکي ورتائين.

سندس لکڻين خاص ڪري سفرنامن ۾ هڪ تفريح سان کڏ انيڪ معلومات پڻ هوندي آهي. سولي طرح بيان ڪرڻ لاء هميشه سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن، بازارن جي ڳاله ڪندو آهي ته ملائيشيا جو فلاڻو ڳوٺ جون گهٽيون اسان جي ٽنڊي آدم شهر وانگر پر ويڪريون آهن. سندس لکڻين جو اهو ڏانء کيس ٻين لکندڙن کان الڳ ڪري خاض سڃاڻ بڻجي ويو آهي.

سندس 100 کان مٿي ڪتاب ڇپيا آهن. جن ۾ گهڻا سفرنامه ۽ ٻيون ڪهاڻيون ۽ ترجمه آهن. سندس ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب گهڻو مشهور آهن:


  • بندر بازاريون 1971
  • جاني ته جهاز ۾ 1972
  • پيار جي گهُٽ 1973
  • دنيا آهي ڪاڪ محل 1975
  • وايون وڻجارن جون 1976
  • سي ئي جوڀن ڏينهن 1977
  • ارائونڊ دي ورلڊ 1979
  • ڪويت ڪنارا 1980
  • سانباهو سمونڊ جو 1980
  • هي بيت هي ڪنارا
  • ملير کان مالمو تائين
  • ڇا جو ديس ڇا جو وديس
  • اڇن جي ديس ۾ اسين ڪارا
  • ماسٽر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ
  • دهليء جو درشن
  • سي ٻيڙيون رکين ٻاجھ سين
  • منهنجو ساحل منهنجو ساگر
  • سمنڊ جن ساڻيھ
  • سي ئي جوڀن ڏينهن
  • بندر ديسان ديس
  • خبرون خيرن جون
  • جاني ته جهاز ۾
  • جپان جن جي جيء سين
  • ڳالهيون تنهن جپان جون
  • خدا ڏي خط
  • جپان رس
  • موج نه سهي مڪڙي
  • الطاف شيخ جي نوٽ بوڪ تان
  • بهترين سفرنامه
  • لنڊن تائين لفٽ
  • ٻارن جون آکاڻيون
  • ٽوڪيو جي گيشا گرل
  • مڪليء کان ملاڪا تا ئين
  • سنگاپور ويندي ويندي
  • ڪوللمپور ڪجه ڪوھ
  • دنيا منجھ درياء
  • ڏاهي جهرڪي ۽ ٻيون آکاڻيون
  • جِِت جر وهي ٿو جال
  • يادون جي انڊلٺ
  • ڳالهيون آهن ڳچ
  • اي جرني ٽو ٿائيلينڊ
  • اوهريا جي عميق ڏي
  • جت برف پئي ٿي جام
  • ڪراچيء کان ڪوپن هيگن
  • رُٺي آهي گهوٽ سان
  • يورپ جا ڏيهن ۽ يورپ جون راتيون
  • اي روڊ ٽو مدينه
  • هيلنسڪي جي حسينه
  • سنگاپور ٿو ساڙ ڪري
  • آل ابائوٽ سنگاپور
  • ملائيشيا منهنجي مَن ۾
  • سوزيء سان پيار
  • جل پريون
  • تيستائين گُڊ باء
  • جپان پنجويهن ورهين بعد
  • نيو هالا کان نيو يارڪ
  • بخشو لغاريء کان بالٽيمور
  • ايران ڏانهن اوڏام
  • چنڊ چوانء سچ
  • اناميڪا
  • خدا ڏي خط
  • مس سدابهار چنبيلي


اردو :

  • سمندر ڪي دن سمندر کي راتين
  • مليشيا ڪي دن
  • يورپ ڪي دن
  • ڪراچي سي ڪوپن هيگن


انکانسواء ڪيترن ئي رسالن ، اخبارن م آکي ڏينهن سندس سفر جا قصا ، ڪهاڻيون پيون ڇپجن. جيڪڏهن کيس سنڌي سفرنامي جو سنڌباد سڏجي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي الطاف شيخ جا ڪُل 82 ڪِتاب موجود آھن


الطاف شيخ جا ڪتاب

نہ سي سڙھہ سکاڻ، ليکڪ : الطاف شيخ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
نہ سي سڙھہ سکاڻ
ليکڪ : الطاف شيخ
ڪوالالمپور ڪجهہ ڪوھہ، ليکڪ : الطاف شيخ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڪوالالمپور ڪجهہ ڪوھہ
ليکڪ : الطاف شيخ
ملائيشيا 12 سال بعد، ليکڪ : الطاف شيخ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ملائيشيا 12 سال بعد
ليکڪ : الطاف شيخ
بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾، ليکڪ : الطاف شيخ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾
ليکڪ : الطاف شيخ
جت جر وهي ٿو جال، ليکڪ : الطاف شيخ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
جت جر وهي ٿو جال
ليکڪ : الطاف شيخ
دُنگي منجهہ درياھہ، ليکڪ : الطاف شيخ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
دُنگي منجهہ درياھہ
ليکڪ : الطاف شيخ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ