الطاف شيخ ڪارنر
اي جرني ٽو ٿائلنڊ
هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ ملائيشيا کان ٿائلنڊ جو ريل رستي سفر ڪيو آهي ۽ ان سفر دوران پيش آيل ڳالهيون توڙي ٿائلنڊ ۾ گهُمندي ڪيل مُشاهدا هن سفرنامي ۾ قلم بند ڪيا اٿن. هِن ڪتاب ۾ جنسي معلومات پڻ ڪافي ڏنل آهي. ڇو ته ٿائلنڊ جو گذر سفر ئي ٽوئرسٽ جي عياشيءَ تي آهي. هن ڪتاب ۾ ان بابت تفصيل آهن ۽ ان جا منفي پهلو پڻ لکيا ويا آهن. ان کان علاوه جاپانين جي ظلم جي ڪهاڻي پڻ آهي جيڪا پڙهي اکوين ڀرجي اچن ٿيون.
- 0/5.0
- 3545
- 882
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ جا سڄڻو سلام ..........سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر ايڪونجاهه (51) سفرنامو اي جرني ٽو ٿائلنڊ اوهان اڳيان پيش آهي. هي سفرنامو ناليواري سفرناما نگار ۽ سنڌ سلامت جي محسن سائين الطاف شيخ جو لکيل آهي.
هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ خيرپور سان تعلق رکندڙ پياري دوست آصف رضا نظاماڻي ڪئي آهي. لک ٿورا سائين الطاف شيخ صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
salamatsindh@gmail.com
www.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ الطاف شيخ
- ڇپيو ويو 2013
- ڇپائيندڙ سنڌ سلامت ڪتاب گهر
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 01/Jan/1970
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 882 ڀيرا