بئنڪاڪ ڪو شريف ماڻهوءَ جي گهمڻ جي جاءِ آهي؟
Land of Smile, Sun Shine, Sand & Sea
پر هر ٽوئرسٽ کي خبر آهي ته ان ۾ پنجون S وارو لفظ پڻ اچي ٿو. ۽ اهو آهي Sex. دنيا جو اهو ڪهڙو شهر آهي جنهن ۾ بئنڪاڪ وانگر ٻه هزار مساج گهر ۽ چڪلا هجن. جن ۾ سرڪاري انگ اکرن مطابق اڍائي لک رنڊيون ڪم ڪنديون هجن. جيتوڻيڪ صحيح ڳاڻيٽو ان کان گهڻو مٿي چيو وڃي ٿو.
ڪيترن کي شايد ان ڳالهه جو احساس نه هجي ته جتي بئنڪاڪ عيش عشرت، شراب ۽ شباب جو شهر آهي اتي اهو جنسي ۽ جماعي بيمارين جو پڻ ڳڙهه آهي. بئنڪاڪ ۾ ٻه سؤ کان مٿي وي ڊي (Venereal Diseases) جون ڪلينڪون/اسپتالون آهن جن ۾ هر سال ٻه لک کان مٿي سفليز، گنهوريا (آتشڪ، پرميل، سوزاڪ) Aids ۽ ٻين باد ِفرنگ بيمارين جا مريض اچن ٿا. جيڪي بيماريون هو پاڻ سان آڻين ٿا يا کين بئنڪاڪ ۾ لڳيو وڃن.
هن ۾ انهن مريضن جو تعداد شامل ناهي جيڪي شرم کان ان جو ڪنهن سان به ذڪر نٿا ڪن يا جيڪي چپ چاپ پنهنجن ملڪن ڏي روانا ٿي اتي وڃي علاج ڪرائين ٿا. Aids جهڙين لا علاج بيمارين لاءِ ته بئنڪاڪ هڪ کليل ميدان آهي ۽ هيسيتائين ان مرض ۾ ورتل پنج سؤ کن مريضن جي نشاندهي ٿي چڪي آهي. نه فقط ائڊس خوفناڪ ۽ موتمار بيماري آهي پر ٻيون ايس ٽي ڊي (Sexually Transmitted Diseases) يعني جماعي بيماريون پڻ، گهٽ خوفناڪ نه آهن. اهي نه فقط هڪ کان ٻئي تائين پکڙجن ٿيون پر انهن جو اثر بعد ۾ ڄمندڙ ٻارن تي پڻ ٿئي ٿو. “چند منٽن جي عياشيءَ جي عيوض”، اسانجو هڪ انگريز چيف انجنيئر جهازين کي سمجھائيندو هو، “انهن بيمارين جو مريض پوءِ شطرنج جي گهوڙي وانگر ٿيو پوي. شديد سور ڪري هو ٻه قدم اڳيان هلي ٿو ته اڌ قدم پاسيرو. هن لاءِ زندگي عذاب ٿيو پوي.”
هتي ڪم ڪندڙ لاهور جي هڪ ڊاڪٽر ٻڌايو ته V.D جهڙيون موذي بيماريون جن لاءِ ڪنهن زماني ۾ چيو ويندو هو ته اهي انگريزن ۽ يورپين ۾ آهن ۽ ان ڪري انهن جو نالو ئي باد فرنگ “ولايت جي هوا” پيو، اهي اڄ ڪلهه اسان جي ايشيا ئي ماڻهن کي به وڪوڙي ويون آهن.
“ان جو سبب ڇا ٿي سگهي ٿو ـــ؟” مون ان ڊاڪٽر کان پڇيو.
“هڪ ته ايشيا جي ڪيترن ملڪن جا ماڻهو گهٽ تعليم هجڻ ڪري انهن بيمارين جي موذي پڻي ۽ خطري کان اڻ واقف آهن. هو سمجھن ٿا ته اهي جمائي بيماريون به ٿڌ بخار وانگر آهن. گوري کائڻ يا سُئي لڳڻ سان، يا ڪنهن حڪيم جي ڦڪي ڦڪڻ سان سڀ صحيح ٿي ويندو. ٻيو ته هنن کي انهن بيمارين جي بچاءَ لاءِ اپائن جي خبر ناهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو هلي ملي ٿائلنڊ جهڙين جڳهين تي اچي پنهنجو پئسو هڪ طرف ضايع ڪن ٿا ته بيماريون ٻئي طرف لڳرايو وڃن. ان سڄي بڇڙائيءَ کي هو وڏي ڳالهه سمجھن ٿا. اڄڪلهه جون ٽريول ايجنسيون، پئسي ڪمائڻ جي چڪر ۾، بئنڪاڪ گهمائڻ جو هوڪو ڏيئي، ننڍي وڏي، پڪي پوڙهي جا تڏا ڪڍي رهيون آهن.”
“ان ڏس ۾ ڇا ڪرڻ کپي؟” مون پڇيو.
“ان ڏس ۾ ٻيو ڪو ڇا ڪري سگهي ٿو،” ڊاڪٽر ڏک جو اظهار ڪندي چيو، “نه حڪومت ڪجهه ڪري سگهي ٿي نه يار دوست. وڌ ۾ وڌ اهڙي ماڻهوءَ جي زالن کي خبردار رهڻ کپي ۽ مڙسَ جي ميڊيڪل ٽيسٽ کان اڳ، هن جي ويجھو وڃڻ کان پرهيز ڪرڻ کپي. نه ته اهڙن موذي مرضن جو ٻئي نمبر تي شڪار اهي غريب ۽ معصوم عورتون ٿين ٿيون جن کي پنهنجن مڙسن جي ڪرتوتن جي خبر ئي نه آهي.”
ٿائلنڊ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ مدراسي ڊاڪٽر ويرولنگم نالي پڻ ان قسم جي ڳالهه ٻولهه ڪئي......
“يورپ ۾ جنسي تعليم عام هجڻ ڪري اتي جا ماڻهو خبردار رهن ٿا ۽ کين ان قسم جي عياشيءَ جي نقصانن جي ڀلي ڀت واقفيت آهي. پر اسانجا ايشيائي يارَ هتي ٿائلنڊ ۾ اکيون ٻوٽي فقط ان عياشيءَ لاءِ ئي اچن ٿا ڇو جو ڪنهن عورت جي پيار حاصل ڪرڻ کي ـــ عارضي طور پئسا ڏيئي، هو وڏي ڳالهه سمجھن ٿا. هنن لاءِ ٿائلنڊ جو سمنڊ، باغ بستان، ماڻهو ۽ مندر ڪا به حيثيت نٿا رکن. هنن لاءِ عورت سڀ ڪجهه آهي. سوچڻ جي اها ڳالهه ته اها عورت جيڪا سالَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هزار کن ماڻهن سان سمهي ٿي اها ڇا صاف سٿري رهي سگهي ٿي.”
بئنڪاڪ جي مشهور ۽ بدناموس پئت پانگ (Pat Pong) اسٽريٽ ۾ ملتان کان آيل هڪ نوجوان ٽولي جي هڪ نينگر کان پڇيم ته آيا هنن کي اها ڄاڻ آهي ته هنن قسم جي عورتن سان همبستري ڪرڻ سان بيماري لڳڻ جا امڪان آهن.
“ها خبر اٿئون”، هن مان هڪ وراڻيو، “پر اسانکي ڪڏهن به نه لڳندي جو Sex کانپوءِ اسان يڪدم وهنجي ڇڏيندا آهيون. يا يڪدم پيشاب ڪرڻ سان جراثيم نڪريو وڃن.”
“اهڙين ڳالهين مان اسانجي ماڻهن جي اڻڄاڻيءَ جي خبر پوي ٿي،” مٿين ڳالهه تي ڊاڪٽر تبصرو ڪندي چيو، “V.D جا جراثيم اندران ئي اندران هڪ جسم کان ٻئي تائين پهچن ٿا. ۽ انهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ اهڙو ڪو سولو ڪم ناهي. صابڻ يا ڊيٽال سان صفائيون...... ڪجهه نٿيون ڪري سگهن. ها رٻڙ (Condom) ڪنهن حد تائين بچاءُ ڪري سگهي ٿو.”
ساڳئي روڊَ تي ڄامشوري جي هڪ اعليٰ تعليم واري اداري جا ٻه نوجوان شاگردَ مليا. هو فقط هڪ سال اڳ انٽر ڪري ان مٿين درجي جي تعليمي درسگاهه ۾ پهتا هئا. (ان مان سندن عمر جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو). هنن کي مونسان ملي خوشي ٿي ۽ مونکي تعجب لڳو جو هو پنهنجي درسگاهه طرفان تعليمي دوري تي نه پر ذاتي خرچَ تي گهمڻ ڦرڻ ۽ پنهنجي غريب مائٽن جو پئسو برباد ڪرڻ آيا هئا. هنن پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ ڪيتري دير خبرون چارون ڪندا رهيا. ٻئي ڏينهن کين ڪو خيال آيو سو پڇائي پڇائي منهنجي هوٽل جو پتو هٿ ڪري مونکي فون ڪيائون . آئون سيمينار مان اٿي ساڻن فون تي ڳالهائڻ لڳس.
“سائين هڪ عرض آهي.” هنن مان هڪ چيو.
“چئو” مون وراڻيو
“سائين ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جو ذڪر پنهنجي ڪنهن مضمون ۾ نه ڪجو. دراصل اسان مائٽن کي ٻڌائڻ بنا، لڪ چوريءَ پاسپورٽ ٺهرائي ۽ پئسا هٿ ڪري هتي گهمڻ لاءِ آيا آهيون.” هنن ٻڌايو. اڃا تائين انهن جا معصوم چهرا اکين اڳيان ڦري رهيا آهن. شاگرد ٿي ڪري، غريب مائٽن کان پڙهائيءَ بهاني پئسو وٺي، ان ڪچڙي عمر ۾، پنهنجو وقت، پئسو ۽ صحت برباد ڪرڻ لاءِ هو ٻاهر نڪتا هئا ـــ بئنڪاڪ جهڙي بدنام شهر ڏي. بئنڪاڪ ڪو ٻارن يا شريف ماڻهن جي گهمڻ جي جاءِ ناهي. اتي ته گهڻو تڻو اسان جهڙا جهازي، لوفر ۽ رول ئي نظر اچن ٿا. هنن ڇوڪرن جيڪي پنهنجا ڳوٺ ٻڌايا انهن ۽ ٻين ڳوٺن جو خيال ايندي ڏک ٿئي ٿو ته انهن ۾ رهندڙ ڪيتريون خوش فهمي ۾ مبتلا مائرون اهو سوچينديون هونديون ته سندن اولاد موڪلن جي ڏينهن ۾ به هاسٽل ۾ ترسي پڙهي رهيو آهي. سوال اهو آهي ته شاگرد کي پنهنجي تعليم جو سوچڻ کپي يا مائٽ کي پنهنجي اولاد جي چرپر تي نظر رکڻ کپي؟!