ڍورن جون بئنڪون
اڄ ڪلهه جي سائنسي دور ۾ شهرن جي ويجھو وارن علائقن ۾ جيتوڻيڪ ٽرئڪٽر، ٿرئشر ۽ ٽرالر عام ٿيندا وڃن، پر ٿائلنڊ جي ڏورانهن اتر وارن علائقن ۾ اڄ به غريب هاريءَ جو ساٿي هي سان آهي. جيڪو زمين کيڙڻ کان وٺي اپايل مال کي مارڪيٽ تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. دنيا ۾ پئسن جي ڏيتي ليتيءَ جون بئنڪون ته هر هڪ ڏٺيون هونديون پر ٿائلنڊ ۾ مينهن ۽ سانن جون پڻ بئنڪون آهن جتان غريب هاري قسطن تي يا مهيني ٻن لاءِ مسواڙ تي مينهون ۽ سانَ وٺي سگهن ٿا. موٽائڻ وقت وياج ۾ پئسن بدران مينهن جي وڇ يا پاڏو ڏيڻو پوي ٿو.
ٿائلنڊ جي موجوده بادشاهه کي فصلن، ٻنين، ڍورن ڍڳن ۽ رڍن سانن جي وڌڻ ويجھڻ جو تمام گهڻو خيال آهي. هو سمجھي ٿو ته فصل ۽ وهٽن جي واڌاري سان عوام جي خوشحالي ٿيندي. اهو ئي سبب آهي جو هو هر سال پنهنجي ملڪ جي هڪ هڪ علائقي جو دورو ڪري غريب عوام جي خبر چار لهي ٿو ۽ ڏک درد دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ويندي ڏورانهن جابلو توڙي گهاٽن جنگلن وارن ڳوٺن جي رهواسين جي به خبر چار لهي ٿو. جيئن بانگ يانگ ڳوٺ جي مسلمان رهواسين ٻڌايو ته ٿائلنڊ جو بادشاهه ويندي هنن غريب ڳوٺاڻن جي به خبر چار لهي ٿو ۽ پورهيو ڪندڙ جي همت افزائي ڪري ٿو.
هيءَ بئنڪ ڪيئن شروع ٿي؟ 1979ع جي ڳالهه آهي. ٿائلنڊ جو بادشاهه ڀوميبال (Bhumibol Adulyadej)، بئنڪاڪ جي اتر اوڀر واري صوبي “پراچن بوري” جو دورو ڪري رهيو هو ته هڪ غريب هاريءَ اچي فرياد ڪيو ته هو ايترو غريب آهي جو هر ڪاهڻ لاءِ هن وٽ پنهنجو سانُ نه آهي ۽ مسواڙ ايتري ڳري آهي جو فصل لهڻ تي الهه تلهه ان ۾ چٽ ٿيو وڃي ۽ پٺيان سندس گهر ٻارَ لاءِ چانورن جي مٺ به نٿي بچي.
بادشاهه ان ڳالهه تي سوچي دنيا جي هڪ نئين شيءِ ـــ سانن جي بئنڪ The Royal cattle and Buffalo Bank of Thailand جو پايو وڌو. ان بئنڪ جي شروعات لاءِ هن پنهنجي کيسي مان هڪ لک ڀات (اسي هزار روپيه) مدد طور ڏنا. تر جي ڪجهه ٻين سکر ماڻهن کان به چندا ورتا ويا ۽ پهرين کيپ ۾ گڏ ڪيل رقم مان 280 وهٽ ورتا ويا ۽ پوءِ ان بئنڪ مان ان صوبي جا هاري ضرورت موجب سولين قسطن تي سان ۽ مينهون خريد ڪرڻ لڳا.
اڄ سڄي ٿائلنڊ ۾ ان جون ستر کن بئنڪون آهن جن ۾ ست هزار سان، مينهون ۽ ڍڳا آهن. هارين جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي ته جيئن هنن کي سولو لڳي تيئن ضرورت موجب وهٽ حاصل ڪن. سان يا ڍڳي جي قيمت ڇهه هزار رپيا مقرر ٿيل آهي جيڪي ٽن سالن اندر قسطن ۾ ادا ڪرڻا آهن يا پنج سؤ رپيا سالياني مسواڙ تي اڌارا وٺي سگهن ٿا. اها مسواڙ مارڪيٽ جي عام مسواڙ کان تمام گهٽ آهي جيڪا هزار کان ٻه هزار روپيه کن آهي.
ڪو ڦرن لاءِ مينهن وٺڻ چاهي ته بئنڪ ان جو به بندوبست ڪري ٿي پر مادي جانور وٺڻواري کي پهريون ٽيون ۽ پنجون ڦر بئنڪ حوالي ڪرڻو پوندو آهي. ٻيو چوٿون ۽ ڇهون پاڻ رکي سگهي ٿو. بيحد غريب هاري ۽ رٽائرڊ سپاهي ـــ جن کي ڪمائيءَ جو ٻيو ڪو ذريعو ناهي ۽ عيال وڏو آهي ته اهي بئنڪ کان بنا مسواڙ جي ڏاند وٺي سگهن ٿا. هن قسم جي بئنڪن مان هر سال، ٿائلنڊ جي ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جو ڀلو ٿئي ٿو ۽ پنهنجي ڪمائيءَ جو وڏو حصو ڪنهن زميندار يا وياجَ خور وٽ وڃائڻ کان بچيو وڃن.