آيوتٿايا ـــ مڪليءَ جو قبرستان........
يورپي ملڪن جون ڪي ڪي ڇوڪريون (مرد ساٿي نه هجڻ جي صورت ۾) پاڻ ۾ ئي ٽولو ٺاهي نڪرن ۽ گهڻو ڪري تواريخي جاين تي فوٽو ڪڍائيندي يا مڪاني ريسٽورينٽ ۾ کيکڙا ۽ وڏا گانگٽ کائيندي نظر اينديون. (جپاني عورتون اڪيلي سر به نظر نه اينديون. هو گهمڻ ڦرڻ بدران پنهنجي گهر جون ڌڪيون صاف ڪن ۽ ڇت جا ڄارا لاهين).
بئنڪاڪ جي آسپاس وارن شهرن ۾ آيوتٿايا (Ayutthaya) تمام جھونو ۽ اهم شهر آهي. ٿائلنڊ جو هي شهر ـــ آيوتٿايا تواريخي حيثيت رکي ٿو. توهان کي جي تواريخ جي ڄاڻ ۽ شوق آهي ته پوءِ هي شهر جيڪو بئنڪاڪ کان ايترو پري آهي جيتو ٽنڊي آدم کان نواب شاهه (اٽڪل پنجاهه کن ميل)، ۽ اتراهين شهر چئانگ مائي ڏي ويندي رستي تي پوي ٿو، ضرور ڏسڻ گهرجي. پر توهان پاڪستان ۾ رهي جيڪڏهن ڏٺو موهن جو دڙو يا ڪوٽڏيجي، ڀنڀور ئي ناهي ته پوءِ توهان لاءِ آيوتٿايا اچڻ پئسي ۽ وقت جي بربادي ٿيندي. ڳالهه سمجھ ۾ ڪجهه نه ايندي. ڇو ته توهان ڪنهن ٻئي ڪم لاءِ آيا آهيو.
ٿائلنڊ جو هينئر وارو بادشاهه سلامت جيڪو راما نائون سڏائي ٿو چڪري گهراڻي سان تعلق رکي ٿو. جنهن جو پڙڏاڏو ــ راما پهريون جنرل فياتاڪسن وٽ فوج جو سپاهي هو. ان وقت جي بادشاهه کي پنهنجن ئي مارايو ۽ هن کي بادشاهه ٿيڻ جو وجهه ملي ويو. اها سن 1782ع جي ڳالهه آهي بادشاهه ٿيڻ سان هن ٿائلنڊ جي گاديءَ جو هنڌ بئنڪاڪ ڪيو. ان کان اڳ ٿائلنڊ (جنهن کي سيام به سڏجي ٿو) جي گاديءَ جو هنڌ، 1350 کان 1765ع تائين آيوتٿايا هلندو آيو هو. يعني هي دور بابر همايون جي حڪومت کان به اڳ جو هو ۽ پاڻي پٽ لڙائي 1766ع وارن ڏينهن تائين هليو ـــ جنهن ۾ احمد شاهه درانيءَ مرهٽن کي شڪست ڏني. يا ٻين لفطن ۾ شاهه لطيف 1782ع ۽ نور محمد ڪلهوڙي 1754ع جي وفات کان پوءِ به هي شهر آيوتٿايا ڏهه پنڌرهن سال ٿائلنڊ (سيام) جي گاديءَ جو هنڌ ٿي رهيو. ان بعد بئنڪاڪ ٿيو. عمر ۽ اوج ۾ آيوتٿايا، ٺٽي ۽ شڪارپور کان به جھونو آهي. ٺٽو 1350ع کانپوءِ سمن جي حڪومت ۾ وڌيو ويجھيو ۽ شڪارپور 1616ع ۾ دائود پوٽن ٻڌرايو ۽ سنڌي هندو واپارين کيس اوج ڏياريو.
1350ع کان 1765ع تائين وارو عرصو ـــ جنهن ۾ آيوتٿايا ٿائلنڊ (سيام) جي گاديءَ جو هند رهيو، مختلف گهراڻن جي ڪل ٽيٽيهه ٿائي بادشاهن ان عرصي ۾، هن شهرَ ۾ ويهي ٿائلنڊ تي راڄُ ڪيو. واپار وڙي، پئسي دولت، سونهن صفائيءَ ۾ هن ايشيائي شهرَ جو مٿانهون مانُ هو. جو ذڪر ان وقت هر هڪ جي واتَ تي هو. ديبل بندر وانگر آيوتٿايا هن ملڪ جو مشهور بندرگاهه پڻ هو. مال جي اچ وڃ ۽ ڏيتي ليتي ۾ هن شهر تي ڀر وارا برمي ته ڇا پر يورپي به حسد ۽ ريس ڪندا هئا. جن جي ڪيترين لکڻين ۾ ان جو احوال آهي. جنهن مطابق آيوتٿايا جي مقابلي ۾ تن ڏينهن جا پئرس ۽ لنڊن ڳوٺڙا هُئا. ان جي تصديقَ ڪيترن هنڌن تي ملي ٿي.
هن شهر جي جاگرافيائي بيهڪ پڻ تعريف جوڳي آهي. جيئن ڪوالالمپور جو شهر ڪلانگ ۽ گومبوڪ نديءَ جي سنگم تي آهي، الهه آباد گنگا ۽ جمنا ندين جي ميلاپَ تي آهي تيئن آيوتٿايا شهر آهي. پر هن شهر جي بيهڪ ٻن بدران ٽن ندين جي گڏجاڻيءَ تي آهي. پاساڪ (Pa-Sak) ندي، ٻي چائو فرايا (Chao-Phraya) ۽ ٽين لاپ بوري (Lop Buri). هڪ ويڪرو ڪئنال انهن ٽنهي ندين جي چوڌاري ڦري شهر کي ٻيٽ جي شڪل ڏئي ٿو. انهن ندين ۽ ڪئنال مٿان، جتي ڪٿي پليون ٺهيل آهن جيئن شهر کان ٻاهر يا شهر اندر اچي وڃي سگهجي. نه فقط چيني ۽ عرب پر ڏورانهين پنڌَ کان ايندڙ ڊچ، پورچوگالي، فرينچ ۽ انگريز واپاري پنهنجي وطن موٽي هن شهر جون چاهه سان ڳالهيون ڪندا هئا. ڪهاڻين ۽ خطن ۾ ان جو ذڪر ڪندا هُئا ته آيوتٿايا جهڙو سهڻو شهر دنيا ۾ ناهي.
يارو! اڄ اهو شهر ڀنڀور ٿيو پيو آهي. لبنان جو بيروت ۽ سريلنڪا جو جافنا ٿيو پيو آهي. سائين ڪيڏانهن ويون جايون جڳهيون ۽ اوج، ڪيڏانهن ويون ماڻهن سان ڀريل بندر بازاريون. “ڪٽين ڪٽ لُهار، هاڻ انهين ڀيڻين” وارو حساب لڳو پيو آهي. اڄ آيوتٿايا مڪليءَ جي قبرستان وانگر سنسان ۽ ويران آهي. جتي ڪنهن دور ۾ هڪ ٻئي پويان ٽيٽيهه ديوراج راڄ ڪري ويا، اُتي اڄ فقط اسان پارا فوٽو ڪڍائڻ جي چڪر ۾ نظر اچن ٿا يا وري رول ڪتا، ڳجھين جهڙا ڳچيءَ کٿل ڪانگ ۽ گِيدو ڪيترڻ وارا بشني ۽ ڳنڍيڇور شڪار جي تلاش ۾ ڏسجن ٿا.
پاڙي وارين برمين کي آيوتٿايا جو اوج هميشه اک ۾ هوندو هو ۽ رکي رکي ڪاهون ڪندا هُئا. آخرڪار 1765ع ۾، برمين جيڪو هن سهڻي شهر تي حملو ڪيو تنهن ۾ نادر شاهه وانگر هر شيءِ ٻاري ساڙي رک ڪري ڇڏي ـــ مندر مورتيون، مذهبي ڪتاب ۽ قلمي دستاويز، سڀ ڪجهه. باقي ڪي نالي ماتر بچيل ڊٺل مندر، ميوزيم ۽ شهنشاهي محلاتن جا کنڊر ڏسي ان وقت جي شان شوڪت جو تصور ڪري، اهو چئي سگهجي ٿو ته “عمارت عَجيب هُئي!”
برمين جيتوڻيڪ ملڪ ته فتح ڪري ورتو پر پاڻ به رهي نه سگهيا. پورن چئن سالن بعد فياتاڪسن (Phya Taksin) نالي هڪ فوجي جنرل کين ڀڄائي ڪڍيو. پر پوءِ آيوتٿايا وري آيوتٿايا ٿي نه سگهيو.