الطاف شيخ ڪارنر

اي جرني ٽو ٿائلنڊ

هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ ملائيشيا کان ٿائلنڊ جو ريل رستي سفر ڪيو آهي ۽ ان سفر دوران پيش آيل ڳالهيون توڙي ٿائلنڊ ۾ گهُمندي ڪيل مُشاهدا هن سفرنامي ۾ قلم بند ڪيا اٿن. هِن ڪتاب ۾ جنسي معلومات پڻ ڪافي ڏنل آهي. ڇو ته ٿائلنڊ جو گذر سفر ئي ٽوئرسٽ جي عياشيءَ تي آهي. هن ڪتاب ۾ ان بابت تفصيل آهن ۽ ان جا منفي پهلو پڻ لکيا ويا آهن. ان کان علاوه جاپانين جي ظلم جي ڪهاڻي پڻ آهي جيڪا پڙهي اکوين ڀرجي اچن ٿيون.
  • 4.5/5.0
  • 3546
  • 883
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اي جرني ٽو ٿائلنڊ

هڪ مسلمانن جي ڳوٺڙي ۾...

ٿائلنڊ ٻڌن جو ملڪ آهي جنهن جي آدمشماري اسان جي ملڪ جي اڌ جيتري آهي. يعني سٺ ملين کن. ان ۾ اٽڪل پنجانوي سيڪڙو ٻڌ آهن باقي پنج سيڪڙو آدمشماريءَ ۾ هندو، مسلمان، سک، عيسائي ۽ يهودي اچي وڃن ٿا.مٿي لکي آيو آهيان ته مسلمان ڏکڻ ٿائلنڊ جي شهرن ۾ رهن ٿا جيڪي اصل ۾ اتي جا ئي رهاڪو آهن ۽ ٿائلنڊ جي قبضي ۾ اهو حصو اچڻ کان اڳ هو مسلمان هئا. هنن جي رهڻي ڪهڻي کاڌ خوراڪ ۽ ڪلچر ڀر واري ملڪ ملائيشيا جي ملئي ماڻهن سان گهڻو ملي ٿو. هو جيتوڻيڪ ٿائي قوميت رکن ٿا پر ڪيترن جي اها خواهش آهي ته ملائيشيا جي رياستن وانگر ٿائلنڊ جون ڏکڻ واريون رياستون پڻ گهڻي مذهبي آزادي ماڻين ڇو جو هنن رياستن ۾ ستر سيڪڙو کان به مٿي مسلمان آهن. منجھن ڪيترائي Separatist گروپ پڻ آهن. جيڪي رکي رکي حڪومت سان کٽ پٽ ڪن ٿا. جھڙوڪ: پٽاني يونائيٽيڊ لبريشن آرگنائيزيشن (PULO). پٽاني، ناراٿي، وات، يالا، ساتون ۽ سونگڪلا جي صوبن ۾اهڙا جوشيلا مسلمان گهڻا ملندا. وچ ٿائلنڊ ۾ رهندڙ مسلمانن جو گهڻو حصو بئنڪاڪ ۾رهي ٿو جن جو ذڪر پڻ مختصر طور مٿي ٿي چڪو آهي. اهي ڏکڻ ٿائلنڊ ۾ رهندڙ مسلمانن وانگر جوشيلا نه آهن. اهي ٿڌي طبيعت جا آهن ۽ “ٿائي” قوميت ۽ “اسلام” مذهب ـــ ٻئي شيون پنهنجي سڃاڻپ لاءِ قائم رکندا اچن.
انهن کان علاوه ڪجهه مسلمان ٿائلنڊ جي اتر ۾ به رهن ٿا. اهي چيني نسل جا آهن ۽ اڄ کان چاليهه سالَ اڳ چين جي ينان (Yunan) صوبي کان لڏي هتي ٿائلنڊ ۾ اچي رهيا. هو اتر ۾، بلڪل بارڊر وٽ رهن ٿا جتي ساڳ (Teak) جا گهاٽا ٻيلا آهن ــ يا جبلن جون قطارون.
ڪجهه سالَ اڳ انهن چيني مسلمانن جي هڪ ڳوٺ بان ـــ يانگ (Ban - Yang) ۾ وڃڻ ٿيو هو. اتي جي مسجد ۾ ٻه راتيون گذاريون هيم. ان ڳوٺ ۽ ماڻهن جو احوال هتي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ لکان ٿو.
ٿائلنڊ جو هي اتراهون ڳوٺ “بان ـــ يانگ” ٿائلنڊ جي چئانگ مائي صوبي جي فانگ ضلعي ۾ آهي. جبلن جي قطار جيڪا اتر ٿائلنڊ کان چين جي ينان علائقي تائين هلي وڃي ٿي ان جي بلڪل پڇڙيءَ وٽ آهي. هن علائقي جو ڏيکُ پاڪستان جي ڪاغان،گلگت ۽ سڪردو جهڙو آهي. ڳوٺ ۾ ٻه سئو کن گهر آهن جن مان ستر کن مسلمانن جا آهن. هي چيني مسلمان “پاڪ ۽ سچي دين” جا پوئلڳ سڏجن ٿا. چين ۾ جڏهن اسلام آيو ته هن مذهب کي چيني چنگ ـــ شين ــــ (Ching Shen) سڏڻ لڳا ۽ اڄ تائين اسلام ان نالي سان سڏجي ٿو جنهن جي معنا آهي “پاڪ ۽ سچو”. ويندي مسجدن کي به “چنگ ـــ شين زي” (Ching - Shen - Tse) سڏيو وڃي ٿو. هونءَ Tse جو مطلب آهي عبادت گهر. جيئن “شائولن زي” معنا ٻڌن جو مندر. هر مسجد جي ٻاهران وڏن چيني ۽ انگريزي اکرن ۾ بورڊ تي لکيل آهي: Ching shen tse – the pure sincere mosuque.
منهنجي خيالَ ۾ هي نالو ائين مشهور ٿيو آهي جيئن پاڻ وٽ اسلام، مڪو مدينو يا حضور صلعم جن جو نالو کڻڻ بدران چيو ويندو آهي: سچو دين ايمان، سچو نالو، ڀلارو پَٽُ، ڀلي پار، مٺو محبوب وغيره.
بان ـــ يانگ ڳوٺ جا هي چيني مسلمان “هُئي” (Hui) پڻ سڏائين، اهو نالو کين چين طرفان مليل آهي. ڳوٺ جي چوڌاري جبل ئي جبل آهن ۽ ان اڳيان پري پري تائين سارين جا فصل ۽ ميدان آهن. ڳوٺ جي منهن وٽ، کاٻي پاسي هڪ نهر وهي ٿي جنهن جي ڪپر تي اڇي ۽ سائي رنگ جي مسجد آهي. هن ڳوٺَ ۾ ڪا هوٽل نه هجڻ ڪري ٻئي راتيون ان مسجد ۾ ٽڪيو هوس.جبل، سارين جون پوکون، نهرون، چهچ ساوا ڊگها وڻ ۽ ٿڌڪار ـــ هڪ خوبصورت قدرتي نظارو آهي جيڪو ڏسڻ سان تعلق رکي ٿو. ڳوٺ جا ماڻهو خوشنصيب آهن جن کي ساهه کڻڻ لاءِ بيمارين کان پاڪ، صاف ۽ سٺي هوا ۽ پيئڻ لاءِ چشمن جو صحت مند منرل پاڻي نصيب ٿئي ٿو. ڳوٺ جا ماڻهو پئسي پونجيءَ ۾ کڻي گهڻو امير نه آهن ۽ نه وري ٻين اتر ۾ رهندڙ ٿائي ڪڙمين جيان چُچ غريب آهن. بس جن کي مڇي مانيءَ وارو سڏجي، هي اهي آهن. ڪي هارپو ڪن ته ڪن کي پنهنجو زمين ٽڪرو آهي جنهن ۾ چانور پوکين. هتي ليچي (Lychee) ميوي جا وڻ پڻ ٿين. سڄي ٿائلنڊ ۾ سٺي ۾ سٺي ليچي هتان اچي ٿي.
ماٺ مٺوڙي واري هن ڳوٺڙي ۾ رکي رکي “اسلام عليکم” جو آواز ڪن تي پوي ٿو. ڄڻ پاڪستان جي ڪنهن ڳوٺ ۾ اچي وڃجي. مونکي مسجد جي امام سان گڏ ۽ مٿي تي آر واري ٽوپي ڏسي ڳوٺ جا سڀ سمجھي ويا ته آئون ڪنهن ٻئي ديس کان آيو آهيان هر هڪ مونکي به سلام ڪري چيني زبان ۾ کيڪارڻ لڳو. ڪنهن ڪنهن اهو سمجھي ته متان مونکي ٿائي ايندي هجي ۽ هتي ئي نوڪري ڪندو هجان، ٿائيءَ ۾ خير عافيت ڪئي ٿي.
مسجد جو امام پنجونجاهه سالن جو ٿيندو. سندس نالو Ma-Wen-Pee اسحاق ـــ وين ـــ پي آهي. يعني اسلامي نالو اسحاق اٿس باقي ذات “ما وين پي” ساڳي چيني هلندي اچيس جيئن پاڻ وٽ عبدالله خاصخيلي، اسماعيل هاليپوٽو وغيره يا ايران ۾ آيت الله خميني وغيره. يعني نالا اسلامي آهن پر ذاتيون هر ملڪ جون پنهنجيون آهن. هتي جي ڪيترن مسلمانن جون ذاتيون توڙي نالا پڻ ساڳيا چيني لڳن ٿا پر اهي پڻ اسلامي آهن ۽ سندن ساڳيو نيڪ مطلب آهي.جيئن پاڻ وٽ ڪي اهڙا نالا آهن جن جي ڌارئين کي جيڪڏهن معنا نه ايندي ته وائڙا ٿي ويندا ته هي ڪهڙا نالا آهن. جيئن ته آگي ڏنو جمالي، ڀلي ڏنو ميمڻ، سچيڏنو سنجراڻي وغيره. جن نالن جي اسان کي معنا اچڻ ڪري خبر آهي ته اهڙن نالن وارا مسلمان آهن. اهڙي طرح منهنجو ميزبان جو نالو هو مان ـــ يو ـــ چانگ (Ma-Yu-Chang).
“ڪڏهن عيد تي اچي اسان جي دعوت کاءُ” ، مسٽر ما ــــ يو ـــ چانگ چيو، “هتي ٻه ٽي ڏينهن وڏي گڏجاڻي ۽ وڏي ماني پئي هلندي آهي.”
اهو ڏينهن جمعي جو هو. جمعي نماز تي ٻه سؤ کن ماڻهو ۽ ٻار اچي گڏ ٿيا هئا. ڪٿي پنهنجا پاڪستاني، ڪٿي ملئي ۽ هاڻ هتي ننڍڙي قد جي چينين سان گڏ ٻي صف ۾ نماز لاءِ بيٺو هوس. هڪ صف کان ٻي صف تائين هنن پنهنجي قد مطابق فاصلو ڇڏيو. نتيجي ۾ پهرين رڪعت ۾ سجدي مهل منهنجو مٿو اڳين قطار واري جي پيرن۾ وڃي لڳو ۽ ٻيءَ ۾ ٿورو پٺيان ٿي بيهڻ ڪري پوئين جو مٿو منهنجي پيرن ۾اچي لڳو. نماز بعد امام اسحاق ذڪر ۽ وڏي دعا گهري جيڪا عربي ۽ چينيءَ ۾ هئي. خطبي جو پهريون حصو ٿائي زبان ۾ پڙهيو ويو جيڪوملائيشيا ۾ ملئيءَ ۾ ۽ پاڻ وٽ سنڌي يا اڙدوءَ ۾ پڙهجي ٿو. باقي ٻيو حصو عربيءَ ۾.
بان ـــ يانگ جي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڀر واري وڏي شهر “چئانگ ــ مائي” ۾ چوڏهن چنگ ــــ شين مسجدون آهن جن مان هڪ عربن ٺهرائي هئي. ان قسم جون چيني مسجدون ٿائلنڊ جي ٻين اتر وارن ڳوٺن: تاٿان، فانگ (Fang)، ها ــ فيح (Ha-Feh)، بان ـــ لئانگ (Ban - Luang)، چئانگ رائي، مائي سائي (Man - Sai) وا ـــ وي ۽ مي ــ سالانگ ڳوٺن ۾ پڻ آهن.
چين ۾ اسلام پراڻي Silk-Road واري رستي ۽ سامونڊي واپار ذريعي پهتو جيڪو چين ۽ عرب ملڪن جو هڪ ٻئي سان هو. انگلنڊ ۽ يورپ وارن جي سمنڊ تي سوڀ گهڻو پوءِ ٿي، نه ته ان کان اڳ اٺين صدي جي شروعات کان وٺي سمنڊ تي راڄ ڃينين ۽ عربن جو هو. وڏا ۽ ڳرا چيني ٻيڙا ۽ دنگيون جيڪي جنڪ (Junk) سڏبا هئا چين ولايت کان سامان کڻي هرمز، پرشيا (هاڻوڪو ايران) ۽ زنجبار (Zanzibar) ڏي روانا ٿيندا هئا. انهن جنڪن تي هزار کان مٿي ماڻهو چڙهندا هئا ۽ پنجاهه پنجاهه مٿن سڙهه هئا. هر هڪ سڙهه چاليهه پنجاهه فٽ ڊگهو هوندو هو ۽ هوڏانهن عرب ملڪن کان عربي ڌائو ٻيڙا عربي ۽ هندي سمنڊ لتاڙي ڪئنٽن، ذئتون (Chao Kwang) ۽ ٻين چيني بندرگاهن ۾ ايندا هئا. ڪوانگ ــ چائو بندرگاهه جنهن کي عرب زئتون سڏيندا هئا، ان ۾ هزار کان به مٿي سالن تائين ڌارين ماڻهن جي اچ وڃ ۽ رهائش رهي. شهر جو پنجون حصو آدمشماري عربن، شامين، ايرانين، يهودين، نسرانين ۽ ترڪن جي هئي.
چين جي تنگ (Tang) گهراڻي ۾ (ستين کان ڏهين صدي) ته ڪافي حد تائين ترڪن جو رت هو جو چيني شهزادا گهڻو ڪري ترڪ شهزادين سان شادي ڪندا هئا جيئن عربن ايراني ڇوڪرين سان شادي ڪئي ٿي، ڪيترائي ترڪ سپاهي چين جي ازدها (Dragon) تخت تاج پاران وڙهيا ۽ خذمت ڪيائون. ان جي بدلي چيني حاڪمن کين وڏا وڏا انعام اڪرام، سندون خطاب ۽ زمينون هٿيار ڏنا.
ينان (Yunan) علائقي جا چيني، گهوڙن جي قافلن تي ـــ جنهن ۾ سؤ کان به مٿي گهوڙا هوندا هئا، چين جي بارڊر وارا جبل لتاڙي ڀر وارن ملڪن: برما، ٿائلنڊ/لائوس ۾ ايندا هئا. تن ڏينهن ۾ نه هئا پاسپورٽ نه ويزا جا چڪر نه وري ڪي ٻيون پابنديون. برما، ٿائلنڊ ۽ لائوس ۾ جن شين جي کوٽ هوندي هئي اهي شيون هي واپاري چين مان کڻي اچي وڪڻندا هئا ۽ واپسيءَ تي ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن جا گرم مصالا ۽ ٻيو سامان پاڻَ سان وٺي موٽندا هئا. هنن چينين جو ڌنڌو ئي واپار هو.
اسان واري يار مسٽر “اسحاق ــــ ما” ٻڌايو ته “بان ـــ يانگ”جا رهاڪو انهن واپاري چينين جو اولاد آهن.
اڄ ڪلهه جي دؤر ۾ هر ملڪ سياسي سرحدون ٺاهي ڇڏيون آهن ۽ اسين هڪ ٻئي سان ناتا رشتا ڊاهي ڇڄي ڌار ٿي پيا آهيون. سو اڄوڪي اميگريشن واري دور ۾ بارڊر تي رهندڙ هنن چينين لاءِ جبل لتاڙي، پوءِ هيڏانهن هوڏانهن اچڻ وڃڻ مشڪل ٿي پيو آهي.
“اٽڪل چاليهه هزار سال کن اڳ هڪ ڀيري چين کان هيڏانهن ٿائلنڊ اچڻ تي اسان کي واپس وڃڻَ کان روڪيو ويو. ان بعد منهنجي قوم ماڻهن هتي ٿائلنڊ ۾ ئي ٽڪڻ جو سوچي، هن ڳوٺ ۾ گهر ٻار اڏي رهي پيا،” هن ٻڌايو، “جڏهن چين ۾ مائوزي تنگ ڪميونزم آندي ته ان وقت اسانجي علائقي ينان جا ڪجهه ٻيا ماڻهو به چين کان لڏي، هتي، هن ڳوٺ ۾ اچي رهيا ۽ اڄ ڏينهن تائين اهي ۽ اسين هتي رهيا پيا آهيون.”
هي ڳوٺ بان ـــ يانگ تن ڏينهن ۾ گهاٽو جنگل ۽ جنگلي جانورن جو ٺڪاڻو هو. هيٺ ميدان ۽ سڌن پٽن تي ٿائي ماڻهو سارين جي فقط هڪڙي فصل تي گذارو ڪندا هئا.
اسحاق ـــ ما وڌيڪَ ٻڌايو ته: “اسان هتي اچي، چانورن جي پوکَ کان علاوه ٻيون به پوکون ڪيون. جهڙوڪ: سويابين، ٿوم، ادرڪ وغيره. ان ۾ ٿائي حڪومت به اسانجي مدد ڪئي. ملڪ جي هن بادشاهه ــــ راما نائين کي ائگريڪلچر سان دلچسپي آهي. هو هر سال اسان جا علائقا پڻ گهمڻ اچي ٿو.”
بان يانگ ڳوٺَ جا هي جابلو ماڻهو اسان جي پٺاڻن وانگر سخت محنتي ۽ پورهيت آهن. عبادت سان پڻ هنن جو گهڻو چاهه آهي. نماز جي پنجن ئي وقتن تي ٻانگ اچڻ سان ڳوٺ جا مسلمان ڪم ڪاريون ڇڏي نمازَ لاءِ مسجد ۾ اچي گڏ ٿيا ٿي. اسي سالن جا پوڙها توڙي جوان ڇوڪرا، مٿي تي اڇيون ٽوپيون رکي ڳوٺَ جي ڪچن رستن تان هلي سڌا مسجد ۾ اچي نڪتا ٿي. ڳوٺَ جي ههڙن پوڙهن کي، سيءَ ۾ به ٿڌي، برف جهڙي، پاڻيءَ سان وضو ڪندي ۽ چستائيءَ سان نمازَ جا ارڪان پورا ڪندو ڏسي مونکي دل ۾ آيو ته جسماني صحت ۽ روح جي پاڪائي ٻئي لازم ملزوم شيون آهن.
بان يانگ ڳوٺ جي مسلمانن نماز سان اهڙو تعلق رکيو آهي جو هنن لاءِ نماز ۽ مسجد گهڙيال جي ڪانٽن وانگر آهي. هنن جي سڄي ڏ ينهن جي روٽين نماز موجب آهي. پوڻي پنجين بجي فجر جي ٻانگ تي هي ڳوٺ جاڳي ٿو. فجر جي نماز مسجد ۾ پڙهڻ بعد گهر وڃي نيرن ڪرڻ کانپوءِ هر هڪ لاءِ پورهئي جو وقت شروع ٿئي ٿو ۽ هرڪو جبلن جي اردگرد پنهنجي ٻني ٻاري کي وڃيو لڳي. اڳين نماز جي ٻانگ معنا هنن جو لنچ ٽائيم. اڳين (ظهر) جي نماز پڙهي مانيءَ ڀور کائي ٿوري دير آرام ڪن.
منجھند جي ماني مون ٻئي ڏينهن “زين العابدين ـــ تان سؤ” سان سندس گهر ۾ کاڌي. روز مرهه جو کاڌو ــــ پاڻي پُسيو ڀت ۽ ڀاڄيءَ جو سوپ هو پر مون لاءِ هنن ڪنهن ڀر واري شهر مان ڊبل روٽي به گهرائي هئي.
“توهان پاڪستان جا ماڻهو ڪڻڪَ کائيندا آهيو. ان ڪري ڊبل روٽي گهرائي اٿم متان ڀت نه وڻيو.” هن چيو.
“پاڪستان جي اتر ۾ جابلو علائقي جا ماڻهو ڪڻڪ (نان) کائين پر اسين هيٺاهين (ڏاکڻن) علائقن جا سنڌي ۽ پنجابي چانور پڻ کائون” مون کين ٻڌايو.
کيس ٻه پٽ آهن جن کي گهر ۾ سندس زال قرآن پڙهائي ٿي. سندس زالَ جو چيني نالو ڪجهه ٻيو هو پر گهر ۾ سندس سس سهري ۽ مڙسينس “اُمي” (Umi) سڏيو ٿي.
ڪلاڪ سوا ۾ نماز ۽ مانيءَ جو ڪم لاهي وري هرڪو ڌنڌي ڌاڙيءَ کي لڳي ويو ٿي. پنجين بجي ڌاري وچين (عصر) جي ٻانگَ آئي، معنا موڪل جو گهنڊ لڳو. هرڪو پنهنجي ڪوڏر، رنبو، ڪهاڙي يا ڏاٽو رکي، شاخَ يا واٽر ڪورسَ تان وضو ڪري مسجد ۾ پهتو ٿي. ان بعد شهر يا گهر جو ڪم ڪار يا ڪچهري ڪڙي هلي ٿي. مرد اسڪول جي ٿلهي تي يا هوٽل ريسٽوران ۾، عورتون درن اڳيان يا ڪريل وڻ جي ٿڙ تي ويهي سج لٿي تائين هڪ ٻئي کي سڄي ڏينهن جي ڪار گذاري ٻڌائي ٿي. سانجھي (مغرب) جي ٻانگ اچڻ تي سڀ اٿي کڙا ٿيا ٿي. ڪلمو پڙهي عورتن گهر اندر بتي ٻاري نمازَ جي تياري ڪئي ٿي ۽ مرد مٿي تي ٽوپي رکي مسجد ڏي.
اسان وٽ ڳوٺن ۾ به ڪنهن زماني ۾ ائين هوندو هو. ننڍي هوندي جو زمانو ياد اٿم ته ڳوٺ ۾ بجلي نه هوندي هئي. سانجھيءَ جي ٻانگ اچڻ مهل ڏاڏي مرحوم ڏيئي جو لاپ جھڪائي، وٽ کي مٿڀرو ڪري، پوءِ ماچيس جي تيليءَ سان روشن ڪري يڪدم ڪلمو پڙهندي هئي. ڏينهن ڏٺي جو بتي ٻارڻ خراب سمجھيو ويندو هو ۽ سج لٿي کان پوءِ گهمڻ ڦرڻ يا ڏاڍي ڳالهائڻ شيطاني ڪم سمجھيو ويندو هو. هاڻ ته سائين شامَ کان ئي ٽي ويءَ جي اهڙي ڌماچوڪڙي مچيو وڃي جو ٻانگ جو ئي آواز ڪن تي نٿو پوي ۽ ههڙن ڳوٺن ۾ اچي احساس ٿئي ٿو ته اسانجي باب اسلام جي ڳوٺن کي الائي ڇا ٿي ويو آهي. هتي سانجھي نمازَ کانپوءِ هرڪو گهرن ڏي روانو ٿئي. ان بعد گهمڻ ڦرڻ، کل کلڪو ۽ مستي رولپڻو نه برابر نظر اچي ٿو. ڳوٺَ ۾ ٻيا جيڪي چيني ٻڌ رهن ٿا انهن جو به ڪجهه اهڙو ئي وهنوار ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ هر گهر ۾ ٽي وي ريڊيو آهي ۽ ٿائلنڊ جي ٽي وي رات جو دير تائين هلي ٿي پر سڌريل ملڪن سمجھو ماڻهن وانگر هي به ٽي ويءَ جا دير وارا پروگرام ڏسڻ عيب سمجھن.
اٺين، سوا اٺين بجي ڌاري، سومهڻي (عشا) نماز ٿئي جنهن کان پوءِ هر ڪو ننڊ جو ئي سوچي، تڏهن ئي ته انسان صبح جو سوير اٿي سگهندو. سوير سمهڻ، سوير اٿڻ، خوف خدائي ۽ سادگيءَ جي زندگيءَ ڪري ڪوڙ گلا، چوري ٺڳي ۽ ٻيون برايون، جيڪي اڄ جي ماڊرن شهرن جون عام ڳالهيون آهن، اهي “بان ـــ يانگ” جهڙن ڳوٺن ۾ بنهه گهٽ نظر اچن ٿيون. نماز هنن جي زندگيءَ کي پرسڪون ۽ ڊسيپلينڊ بنائي ٿي. سادو ۽ نج کاڌو ۽ پورهيو کين صحت مند بنائي ٿو. رات جي پوري پُني ۽ گهاٽي ننڊ کين تازو توانو رکي ٿي.
هن وقت به بان ـــ يانگ جي جبلن جي وچ ۾ گونجندڙ ٻانگَ جو پڙاڏو منهنجي ڪنن ۾ ٻُري رهيو آهي. مسجد جي نک (تڏيءَ) تي اڌ جاڳ اڌ ننڊ ۾ هوندو هوس ته ڇهويهه سالن جو نوجوان چيني “يوسف ــــ ذڪريا ــــ لي” منهن اونداهيءَ ۾ مسجد جي دڪيءَ تي بيهي فجر جي ٻانگ ڏيندو هو. سندس مٺي آواز ۾ جادو ئي طاقت لڳي ٿي. ڄڻ “الصلواة خير من النوم الصلواة خير من النوم” جو سڏ پائيڊ پائيپر جي مرلي هجي جنهن جو آواز هر هڪ جي ڪن تي پهچي ويو ٿي ۽ ڪجهه دير کانپوءِ اونداهه مان، مسجد ڏي ايندڙ ڳوٺاڻن جي پيرن جا آواز اچڻ شروع ٿي ويا ٿي.
ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي ته هن ڳوٺَ جا چيني، زبان کان اڻواقف هوندي به عربي ٻانگ جو مطلب سمجھن ٿا. تڏهن ته هو ههڙي ٿڌي رات جي مٺي ننڊ، نماز ڪارڻ قربان ڪري اچي مسجد ڀيڙا ٿين ٿا.