ڪنول، بهه، پاٻوڙا...
ڪنول جي گل جي، مذهب توڙي سونهن جي لحاظ کان اهميت نه فقط ٿائلنڊ ۾ پر ٻين به ڪيترن ئي ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ آهي ۽ اها پراڻي دؤر کان هلندي اچي. “موهن جو دڙو” جي جڏهن کوٽائي ڪئي ويئي ته منجھانئس مٽيءَ جي مورتي نڪتي جيڪا دنيا ۾ Aryan - Goddess جي نالي سان مشهور آهي. اها ديويءَ جي مورتي الف اگهاڙي آهي جنهن جي جسم تي ڪو ڪپڙو ناهي سواءِ وارن ۾ لڳل هڪ گل جي. اهو گل ڪنول جو گل ئي آهي. ان جي معنا ته ڪنول جي گل جي اهميت ايشيا جي ملڪن ۾ هاڻ نه ٿي آهي پر اڄ کان پنجَ هزار سال اڳ کان هئي جنهن جا اهڃاڻَ ان مورتيءَ مان به ملن ٿا.
ڪنول جو گل ـــ جنهن کي باٽنيءَ جا شاگردَ “Speciosum Nelumnium” سڏين ٿا. ڪيترن ئي علامتن جي نشاني سمجھيو وڃي ٿو، جهڙوڪ: سونهن جي، شاهوڪاريءَ جي ، ويجھ ۽ واڌاري جي، انساني ترقيءَ جي. وغيره وغيره. ڪنول جو گل ڊيڪوريشن خاطر ٽيڪسلا ۽ کاجوراءِ کان ٽوڪيو ۽ کٽمنڊو تائين مٽيءَ جي پيالن، مندرن ۽ محلاتن ۾ نظر اچي ٿو ۽ دنيا جي ڪيترن ئي مذهبن ۽ فلسفن ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو. ان کان علاوه ڪنول جو گل مختلف کاڌن ۾ استعمال ٿئي ٿو ته دوائن، ميڪ اپ جي سامانَ ۽ طا قت جي ڪشتن معجونن ۾ پڻ.
برما، ٿائلنڊ، ملائيشيا جي ڀاڄي مارڪيٽن ۾ ڪنول جو گل ۽ مکڙيون ڀينڊين، تورين وانگر عام نظر اچن ٿيون. ويندي ملائيشيا جي ان ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ جتي آئون رهان ٿو. پهرين مون سمجھيو ته ڪنول جو گل هتي جا فقط ٻڌ ۽ هندو پوڄا پاٺ لاءِ وٺن ٿا. هڪ ڏينهن ملئي دڪاندار مونکي ڪنول جون تازيون آيل ڪچڙيون مکڙيون وٺڻ لاءِ چيو.
“ڇا لاءِ ــ؟” مون پڇيومانس.
“کائڻ لاءِ.” وراڻيائين.
“مونکي ته خبر ناهي ته اهي کائبيون آهن.” مون تعجب مان وراڻيس.
“تمام لذيذ ۽ خوشبودار ٿين ٿيون، نه فقط انڊين پر اسين ملئي مسلمان به کائيندا آهيون. ڪاتر ڪري سلاد طور يا ڀت ۾ وجھڻ سان خوشبوءِ رهي ٿي.” ۽ پوءِ آهستي چيائين “هتي جا چيني ته ان کي زبردست ڪشتو سمجھن ٿا.”
کائڻ جي معاملي ۾ ڪنول جي گل جي ايتري اهميت هجي يا نه پر يقينن ان جو ڦل پاٻوڙا، هن دنيا ۾جتي جتي چيني ۽ ٿائي رهن، ڪشتي طور کاڌا وڃن ٿا. اسان وٽ سنڌ ۾ پاٻوڙا ائين ئي ٽڪي ٽڪي پيا وڪامن پر هتي پاٻوڙن بدران انهن جون پٻڻيون سڪائي پساريءَ جي دڪان تي ٻين جڙين ٻوٽين سان گڏ وڪيون وڃن ٿيون. سڪل پٻڻين کي پيهي ان جو پائوڊر پڻ وڪامي ٿو يا انهن کي گهوٽي ٿاڌل ٺاهي وڃي ٿي جيڪا ذهني ۽ جسماني خيالَ کان قوت بخش چئي وڃي ٿي. مڙيئي جيئن اسان وٽ حڪيم پاساري طاقت راني موٽائڻ جا ڏٽا ڏيئي ڪوڙن سچن موتين جا خاڪا وڪڻي پنهنجو کسو گرم ڪن ٿا. بلڪل اهڙي طرح هن پاسي هي شيون وڪامن ٿيون.
هتي جي سبزي مارڪيٽ ۾ بيهه پڻ ملن ٿا ۽ هن پاسي جا ماڻهو انهن کي رڌين يا ڪچو کائين. اهي بيهه پاٻوڙا وغيره جيڪي دادو لاڙڪاڻي پاسي غريبن جو کاڄُ سمجھيو وڃي ٿو اهو هن پاسي (ڏور اوڀر جي ملڪن ۾) اميرن ۽ خوشنصيبن جي خوراڪَ آهي. ان کان علاوه بيهن (بهن) مان ڪڍيل رس ۽ ٻورو Starch مريضن ۽ ڪمزور ماڻهن لاءِ جلد هضم ۽ طاقت وارو کاڌو سمجھيو وڃي ٿو ۽ کين رٻ وانگر رڌي کارائبو آهي. بهن مان ڏيئي جي وٽ پڻ ٺاهي وڃي ٿي جيڪا هن پاسي جي مندرن ۾ ٺڪر جي ڏيئي ۾ گيهه يا خوشبودار تيل وجھي ٻاري وڃي ٿي. ڪنول جا پن وري کاڌي پيتي جون شيون ويڙهڻ ۾ ڪم اچن ٿا ـــ ڪيلي جي پنن وانگر، ڪي چيني ۽ ٿائي ماڻهو گهرن توڙي هوٽلن ۾ ڪنول جي پنن ۾ گوشت کي ويڙهي ٻاڦ ۾ رڌين. ائين ڪرڻ سان گوشت ۾ ڪنول جي سڳنڌ رهي ٿي.
ڪچن پاٻوڙن مان نڪتل ساوا گولا، پاڻ وٽ سائي کل لاهي اندرين ڪچي اڇ کائين. پٻڻيون سڪي وڃڻ تي پوءِ دوائن ۽ ڪشتن ۾ ڪم اچن جيئن مٿي لکي آيو آهيان. ڪنول جي کل جون مکڙيون ۽ اڇي گل جون پتيون عبادت طور ديوتا اڳيان رکن. هونءَ انهن سڪل گلن جي پتين کي ٻين مصالحن سان ملائي هڪ خاص چانهه پڻ ٺاهي وڃي ٿي جيڪا ويم وقت عورت جا سور جھڪا ڪرڻ لاءِ مُفيد چئي وڃي ٿي. قديم چيني، پاڻيءَ ۾ لوڻياٺ جو مقدار معلوم ڪرڻ لاءِ، پٻڻيون استعمال ڪندا هئا. اهي پاڻيءَ ۾ جي ٻڏي ويون ته معنا پاڻي صاف آهي ۽ جي تريون ته معنا پاڻي ٻاڙو.
ڪنول جي گل ـــ جيڪو ڏسڻ ۾ بيحد سهڻو ٿئي ٿو پر اڀري ڇا مان ٿو ــ؟ ڪاري گپ مان. اها ڳالهه پنج هزار سالن کان فيلسوف قسم جي ماڻهن جو ڌيان ڇڪيندي رهي آهي. ان سان تعلق رکندڙ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، قصا ۽ فلسفي ڳالهيون آهن. ان جو هڪ مثال يارهين صديءَ جي ڪنفيوزن اسڪالر چائو تن زي جو ڪنول جي ٻوٽي بابت آهي. جيڪو فسلفو هڪ زماني ۾ چين ۾ هر ٻار کي طوطي وانگر رٽايو ويندو هو:
“اهو ڪنول، جيڪو جيتوڻيڪ گپ جي هنڌ تان جاڳي ٿو پر مٿي اڀري ڪيڏو صاف ۽ سٿرو لڳي ٿو. ڪيئن ته اهو پاڻيءَ جي حوضَ ۾ فضيلت سان وهنجي ٿو. اهو جنهن کي اندران رڪاوٽ نه آهي ۽ ٻاهران پڻ سنئون سڌو اڀري ٿو.
اهو نه هيڏانهن هوڏانهن وڇي ٿو ۽ نه پاڻ مان شاخون پئدا ڪري ٿو.
هن جي سڳنڌ جي ڇا ڳالهه ڪجي. هو وڏي دٻ دٻي سان هميشه سڌو ئي بيهي ٿو.
اهو پري کان ڏسڻ سان بيحد سهڻو لڳي ٿو. اهو نٿو چاهي ته ڪو به هن جي ويجھو اچي.” وغيره وغيره.
نه فقط چين ٿائلنڊ جي پر ٻين هنڌن تي به ان ملڪ جي ڪلچر ۽ مذهب ۾ ڪنول جي گل جو دخل آهي. هندستان جي هندو ڌرم جون ديويون: پدما، ڪالي ۽ لڪشمي تصويرن توڙي مورتين ۾ گهڻو ڪري ڪنول جي گل سان گڏ ڏيکاريل آهن. ڪوريا ۾ ڪنول کي سج جي ڌيءَ سڏيو وڃي ٿو، يا ان کي اهو “گل جيڪو ڳالهائي” چيو وڃي ٿو. جپاني جنازو کڻي هلڻ مهل پاڻ سان چاندي يا سون جا ننڍڙا ڪنول جا گل هڻي هلن. ٻڌ ڌرم جي شروعاتي ڏينهن ۾ گوتم ٻڌ جي نمائندگي سندس اصل صورت ۾ مورت بدران ڪنول جي گل سان ڪئي ويندي هئي.
مغربي ادب ۾ به ڪٿي ڪٿي ڪنول جو ذڪر ٿيل آهي. خاص ڪري Odyssey ۾ هومر اهو يادگار بيان ڏنو آهي جنهن ۾ ڪو قبيلو ڪنول جا گل کائي هميشه مدهوش رهي ٿو ۽ دنيا جي غمن کي وساريو ڇڏي. ان ڪهاڻيءَ کان شايد متاثر ٿي بعدم الفرڊ، لارڊ ٽينيسن (Lord Tennyson) نالي مشهور شعر لکيو ۽ ڪيئن سالن تائين اسان جا مغربي شاگرد اهو ئي سمجھندا رهيا ته ڪنول جي گل ۾ نشو پڻ آهي. پر هاڻ کوجنا بعد باٽنيءَ جي ماهرن اهو ظاهر ڪيو ته هومر جنهن ڪنول جي گل جيOdyssey ۾ ڳالهه ڪئي آهي اهو اسان وارو ڪنول Nelumnium - Speciousum نه پر اهو هڪ ٻيو ڪنڊن وارو ٻوٽو Ziziphus – Lotus آهي جيڪو يونان ۽ اتر آفريڪا ۾ جام ٿئي ٿو. ماکيءَ جهڙو مٺو ميوو جيڪو ان ٻوٽي ۾ ٿئي ٿو ان جي تاڙيءَ جهڙي رس ۾ ضرور نشو آهي.
اسانجي سنڌي ادب ۾ پڻ ڪنول جو نالو نسيم کرل جي “شبنم شبنم ڪنول ڪنول” ڪتابي عنوان کان وٺي شاهه جي شعرن ۾ موجود آهي. گوتم ٻڌ جا جيڪي به پهريان بت ٺاهيا ويا ان ۾ گوتم ٻڌ کي ڪنول جي پن تي ويٺل يا بيٺل ڏيکاريو ويو آهي. ويندي دعا لاءِ به ڪيترائي ٻڌ چوندا آهن: اوم ماني پدمي هُوم (Om Mani Padme Hum) جنهن جو مفهوم ڪجهه هن ريت آهي ته شل منهنجو اندر ڪنول جي پن تي ڪريل موتيءَ جهڙي ماڪ ڦڙي جهڙو صاف ۽ شفاف رهي.
ڪنول جي ڦٽڻ ۽ اڀرڻ کي هتي جا ٻڌ پنهنجي اندرَ سان ڀيٽيندا آهن جيڪو اونداهه مان اڀري ٿو ۽ گناهن جي گپ مان بچي، ڍنڍ جهڙي صاف پاڻيءَ وانگر شفاف روشنيءَ ۾ جياپو ماڻي ٿو.
ٿائلنڊ جي ڪنهن به مندر ۾ وڃو ـــ يا ايشيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ: سريلنڪا کان جپان تائين، انڊيا کان انڊونيشيا تائين، اتي جي مندرن ۾ ڪنول جو گل انيڪ نمونن ۾ نظر ايندو..... تصويرن ۾، ڪاٺ ۽ پٿر جي ٽُڪ ۾، ۽ اصلي روپَ ۾.
گوتم ٻڌ جي مورتي ڪنول جي پن مٿان هوندي ته سندس اڳيان ڀيٽا لاءِ ڪنول جي تازن گلن ۽ مکڙين جو ڍيرُ هوندو. ڪنڊ پاسي ۾ ويٺل ٻڌ بکشو پٿل ماري جنهن پوزيشن ۾ نظر ايندو ان کي پڻ ڪنول وارو نمونو Lotus-Position چئجي ٿو ـــ جنهن ۾ هو اها ذهني ۽ جسماني سانت پئدا ڪري سگهي ٿو جيڪا اونهي سوچَ لاءِ ضروري آهي.
ايشيا جي مختلف قومن جون کڻي مختلف زبانون، رسمون رواج ۽ عقيدا هجن پر سڀني لاءِ ڪنول جو گل هڪ ئي اهميت رکي ٿو. هو سڀئي سونهن، کاڌي پيتي، دوا درمل ۽ عبادت لاءِ ڪنول کي ضروري سمجھن ٿا.