کچهه پاکستان نو کچهه قربستان چلي گئي......
هاتيائي (ٿائلنڊ) جي هيءَ “پاڪستان مسجد” اڄ به ان رنگ روپَ ۾ قائم آهي. انهن ماڻهن، جن هن جي اڏاوت ۾ حصو ورتو، جيتوڻيڪ اڄ موجود نه آهن. ڪي وقت جي تقاضائن موجب، ٻارن جي تعليم نوڪرين ۽ ڌنڌي ڌاڙين پٺيان هي ننڍا شهر ڇڏي بئنڪاڪ لڏي ويا. انهن مان فقط ڪي ٿورا هيڏانهن هوڏانهن نظر اچي رهيا آهن. نه ته اڄ کان پنڌرهن سال کن اڳ (73 ـــ 1972ع ۾) جڏهن هنَ شهرَ ۾ ايندا هئاسين ته شلوار قميص ۽ وڏين ڏاڙهين ۾ ڪيترائي پٺاڻ هن علائقي ۾ عام جام نظر ايندا هئا. انهن لاءِ طارق کان پڇيم. پر طارق کي ته هتي آئي فقط ٻه سالَ ٿيا آهن. تنهن اڻ ڄاڻائيءَ جو اظهار ڪندي چيو:
“خبر ناهي. آئون ته اهي ئي ڏسندو اچان.”
“ڀلا مسجد جو امام اڄ ڪلهه ڪير آهي؟” مون طارق کان پڇيو. ڇو جو جيڪڏهن اڃان تائين اهو ئي جوھنو آهي ته هو گهڻو ڪجهه ٻڌائي سگهي ٿو.
“هڪ پاڪستاني پٺاڻ هوندو هو. پر هو گهڻو اڳ گذاري ويو. هاڻ برما کان، هن مسجد لاءِ، هڪ برمي امام گهرايو اٿئون.” طارق ٻڌايو.
مسجد جي در وٽ ٽُڪ ٽُڪ جو انتظار ڪرڻ وقت هڪ پٺاڻ اندر مسجد مان نڪرندو نظر آيو. ساڻس عليڪ سليڪ ڪئيسن. يڪدم پنهنجائيءَ جو اظهار ڪندي چانهه پاڻيءَ جي صلاح ڪيائين. هو چڱو چرچائي ۽ خوش اخلاق لڳو ٿي. پنهنجو نالو سيد افضل شاهه ٻڌايائين. پاڻ هن شهر هاتيائيءَ ۾ ڪپڙي جو دڪاندار آهي. آڱر جي اشاري سان ٻڌايائين ته سامهون واري روڊ تي، پل جي هيٺان سندس دڪان آهي. موڪلائڻ وقت پڇيومانس:
“خانصاحب! ڪنهن زماني ۾ هتي تمام گهڻا پٺاڻ رهندا هئا پر هاڻ نظر نٿا اچن؟”
“بس چلي گئي.” هن ڏاڍي آرام سان وراڻيو.
“ڪهان چلي گئي؟” کلندي پڇيومانس.
“ڪهان چلي گئي!؟” جواب بدران هن پهرين منهنجو سوال دهرايو ۽ پوءِ چيو، “ بس کچهه لوگ پاڪستان ڪو واپس چلي گئي تو کچهه قبرستان ڪو چلي گئي.”
۽ پوءِ پاڻ به اسان سان گڏ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. ايتري ۾ ٽُڪ ٽُڪ اچي ويئي. ڊرائيور کي منزل ٻڌائي اسان ان وئگن جي پوئين پاسي کان داخل ٿياسين.