واپارين جون ڳالهيون...
نئين ٽهيءَ ۾ به ڪي ڪي ڳالهائڻ جي حد تائين سنڌي ڳالهائين ٿا. خاص ڪري واپاري طبقو. جو اها زبان کين هتي جي ملئي، چيني تامل ۽ انگريز گراهڪ کي خبر پوڻ بنا ڳجهه جي ڳالهه ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. بهرحال هن سفر ۾منهنجي اڳيان ويٺل هي همراهه وري به بهتر سنڌي ڳالهائي رهيا هئا. جيتوڻيڪ هنن ان ۾ڪيترائي ملئي جا لفظ استعمال ڪيا ٿي جيئن اسان اڙدو ۽ عربيءَ جا ڪيون ٿا. پر ٻئي زبانون مونکي به اچڻ ڪري سندن گفتگو سمجھڻ ۾ مونکي ڪا رنڊڪ نه ٿي.
هنن ملائيشيا جي ڪنهن شهر ۾ نئون نئون دڪان کوليو هو جنهن ۾ اهو ئي سامان رکيو هو جيڪو ڀر واري چينيءَ جي دڪان ۾ هو. لاءِ هو ٿائلنڊ مان ڪجهه سامان وٺڻ آيا هئا. هنن جو سڄو زور ان تي هو ته ڪنهن طرح اهو سامان سستي اگهه تي خريد ڪجي جيئن ڀر واري چيني دڪاندار جي مقابلي ۾گهٽ اگهه تي وڪڻجي. ان لاءِ هو ان ڪوشش ۾ پڻ هئا ته ڪجهه رشوت خرچي ڏيئي بارڊر تي ڪسٽم ڊيوٽي به گهٽ لڳرائجي ۽ ساڳي وقت اهو سامان هوائي جهاز ۾ موڪلڻ بدران ريل گاڏيءَ يا ٽرڪَ ۾ ڍوئجي جيئن ڀاڙو به گهٽ لڳي ۽ سامان جي پئڪنگ به سٺي ڪرائجي جيئن سامان جي رستي تي ڀڄ ڀور نه ٿئي ۽ ساڳي وقت ڪي اهڙا پئڪر ڳولجن جيڪي گهٽ اگهه تي سامان پئڪ ڪري ڏين.
“اهي سڀ فئڪٽر جڏهن پورا ٿيندا”، هڪ ٻئي کي چيو، “تڏهن پاڻ کي في ڪن سستو پوندو. پوءِ ريزڪي وڪري لاءِ چڱو ملهه ڪيرائي وڪڻڻ سان گهڻي کان گهڻا خريدار پئدا ڪري سگهنداسين. نه ته گراهڪن خاص ڪري چيني گراهڪن کي ڪا گتي آهي جو هو پنهنجي چيني چاچي دڪاندار کي ڇڏي اسان جي دڪان چائنٺ چڙهن.”
چيني دڪاندار تي سندن سخت باهه هئي جو رکي رکي هن کي سنڌي ۽ انگريزي ۾ گاريون ڏئي رهيا هئا. انگريزي ۾ هر وقت ساڳي گار ـــ “دئٽ باسٽرڊ” چيو ٿي پر سنڌيءَ ۾ ان عنوان تي سندن Vocabulary، واپاري تجربي وانگر چڱي وسيع ۽ فصيح هئي. “اهو دٻلي جهڙو”، “اهو ناسوري” “ڍڍ ڦاٽيس”، “ترا نڪرنس” يا، وري گهڻي چڙ اچڻ تي “مٽانس ناسن ۾” جو ورجاءُ ڪيائون ٿي. ۽ هڪ دفعو ته “مٽانس ناسن ۾ ڪيِف (ڪمي) رکي”! پڙهندڙن لاءِ اها گار پڪ نئين هوندي. جيڪا هنن جي پنهنجي ايجاد لڳي ٿي. رکي رکي هيڏانهن هوڏانهن به نهاريائون ٿي ته ڪو ٻڌي ته نه رهيو آهي ــ خاص ڪري انگريزي. جو سنڌيءَ جي ته پڪ هين ته کانئن سواءِ ڪو به ان دٻي۾ ناهي ۽ مون سڄي واٽ پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ ساڻن ڪرائڻ بهتر نه سمجھي. ڪجهه ٿڪل به هوس. رکي رکي اکيون بند ڪري سمهي رهيس ٿي.
هڪ دفعو اک کلي ته هو دنيا جي ناڻي تي بحث ڪري رهيا هئا. آمريڪي ڊالر جي اگهه ڪرڻ ۽ جپاني YEN جي وڌڻ بابت. کين ان جو افسوس هو ته جپاني يين جي اگهه وڌڻ جي اڳڪٿي يا سوچ ويچار هو اڳواٽ ڪري نه سگهيا. نه ته پنهنجي سموري بچيل رقم جپاني سڪي ۾ اڳواٽ ئي مٽائي بئنڪن ۾ رکي ڇڏين ها.
“ائين ڪرڻ سان سڪي جي واڌ جو فائدو الڳ ٿئي ها ته وياج جو الڳ. پر پهرين ڌيان ۾ ئي نه آيو.” هڪ چيو
“هونءَ پراڻن ڪتابن ۽ پرانن ۾ جپاني يين جو ذڪر ٿيل آهي.” ٻئي چيو.
“اهو ڪيئن ـــ؟” پهرين پڇيو ۽ ان سان گڏ مون به حيرت ۾ سندن ڳالهه غورَ سان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي جو اها ڳالهه مون لاءِ به نئين هئي. “جپاني سڪي کي ٽيهه سال اڳ تائين پڇيو ئي ڪنهن ٿي”، مون دل ۾ سوچيو.
“بابا هاڻ پيون اسان کي خبرون پون. اڳواٽ پون ها ته گهڻو ڪي ڪجهه ڪري سگهجي ها.” ٻئي چيو تنهن تي پهرين بي صبرو ٿي وري پڇيس. “پر آخر YEN بابت ڇا چيل آهي؟” ظاهر آهي هن کي به ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي ته سندن ڌرمي جهونن ڪتابن ۾ جپان بابت ڇا ٿي سگهي ٿو. اهو جپان جيڪو ٻي لڙائيءَ کان پوءِ به ڏهه ويههَ سالَ معاشي طور لولو لنگڙو هو.
“بابا اهو هيئن”، ٻئي پهرين کي سمجھايو، “ته Money (دولت) کي ابتو ڪبو ته ڇا ٿيندو ـــ؟ ايم، او، اين، اي، واءِ کي ابتو ڪري لکندين ته ٿيندو يين ـــ اوم Yen – om آئي ڳالهه سمجھه ۾؟”
“چڱو چڱو. هاڻ جيڪي ٿيو سو ٿيو. اهو سوچ ته اڳتي جو ڇا حساب ڪتاب ٿيڻو آهي” پهرين اُٻاسي ڏيندي پڇيو. “هاڻ ويٺو ڏسجانءِ ته ڀاٿ (ٿائلنڊ جو سڪو) چڙهي ويندو.” هن پنهنجو هَٿُ مٿي ڪري ٻڌايو. يعني ان جو گراف ائين سڌو ويندو.
“ڇو ڀلا ــ؟ تنهنجي نظرن ۾ پنهنجو ملڪ ملائيشيا يا ڀر وارو سنگاپور ڪجهه به نه آهي.”
“بلڪل ڪجهه به نه آهن. اهو آئون توکي ٻڌائي ڇڏيان. ٿائلنڊ ۾ اڄ ڪلهه هر ملڪ Investment ڪري رهيو آهي. جپان ۽ آمريڪا نه ڏس، ته فرانس جرمني نه ڏس. کين خبر آهي ته ٿائلنڊ ۾ فئڪٽري ڪارخانو کولڻ سان گهٽ مزدوري ۽ گهٽ هڙتالن ڪري مال سستو ٺهندو. ان کان علاوه سندن پئسو پڻ محفوظ رهندو جو حڪومت جي ساکَ آهي.”
“ملائيشيا ۽ سنگاپور جون حڪومتون به ڌارين کي پنهنجي ملڪَ ۾ فئڪٽريونکولڻ ۽ ناڻو لڳائڻ لاءِ چئي رهيون آهن.” پهرين ٻئي جي ڳالهه تي يڪدم وسواس ڪرڻ بدران ڪو ٺوس ثبوت گهريو ٿي.
“چڱو ڏس. سنگاپور ۽ ملائيشيا جي حڪومت چوي ته گهڻو ئي ٿي ته اچو اچو. اچي اسانجي ملڪَ جون زمينون وٺو. ڪارخانا هڻو ۽ پنهنجو ناڻو لڳائي توهان به ڪمايو ۽ اسان جي ماڻهن لاءِ نوڪريون ۽ پورهيا پئدا ڪريو جيئن جمشيد ٽاٽا کي لي ـــ ڪئان ـــ يو چيو.”
هن اهو مثال هن ريت ڏنو ته هڪ دفعي هندستان جو وڏو واپاري ۽ ڪارخاندار جمشيد ٽاٽا (جنهن جون انڊيا ۾ اسٽيل مل، بس ۽ ٽرڪن جا ڪارخانا ۽ ٻيون لوهي شين جون ايتريون ته ملون ۽ فئڪٽريون آهن، جو هو دنيا ۾ Steel-man سڏجي ٿو) هو جڏهن سنگاپور گهمڻ آيو ته سندس دوست مسٽر لي ڪئان يو (سنگاپور جي وزير اعظم)، سندس ماني ڪئي. ان بعد ٽاٽا چيس: “لي ڪئان يو! تنهنجو ننڍڙو ملڪ آهي. پئسي ڏوڪڙ يا قرضَ لاءِ چئين ته آئون تنهنجي مدد ڪريان؟”
ان تي لي ڪئان يو چيس “تنهنجي مدد سون برابر پر اسان کي اها نه کپي. اسين چاهيون ٿا ته تون پاڻ اسان وٽان پئسو ڏوڪڙ ڪمائي وڃ.”
“اهو ڪيئن ـــ؟” جمشيد وائڙو ٿي پڇيو.
“اهو هن ريت ته تون هتي سنگاپور ۾ اچي ڪو ڪارخانو هڻ. سنگاپور مـشغول بندرگاهه آهي تنهنجي ضرور ڪمائي ٿيندي. ساڳي وقت آٽوميٽيڪلي اسان جي ملڪ جومزدور، پڙهيل ڳڙهيل ۽ هنر مند پڻ روزگار کي لڳي ويندو.”
“بهرحال ڪي ڪي ماڻهو”، ريل ۾ سفر ڪندڙ سنڌيءَ ڳالهه جاري رکي، “سنگاپور ۾ ڪجهه پئسو واپار ۽ ڪارخاني ۾لڳائين پيا. پر اهو ڏسو ته سنگاپور آهي ڇا! هڪ ننڍڙو ويهه باءِ پنجويهه ڪلوميٽر ايراضيءَ جو ٻيٽ آهي. سندس سڄو روز ڌارين ملڪن کان ايندڙ توئرسٽن تي آهي. ڪنهن سال جي انهن جي تعداد ۾ گهٽتائي اچي ٿي ته حڪومت ۽ عوام جي حالت خراب ٿيو وڃي. سڀان ڀر وارن وڏن ملڪن: ملائيشيا ۽ انڊونيـشيا جو ڪنهن ڳالهه تان ساڻن جھيڙو ٿي پوي يا ڪنهن ٽئين ملڪ جو ڦڏو ٿي پوي ته ماڻهو سنگاپور گهمڻ ته ڇڏي ڏيندا پر هوائي ڪمپنيون پنهنجا هوائي جهاز هن علائقي جي مٿان لنگهائڻ به پسند نه ڪندا ته متان ڪنهن جي گولي بارود جو نشآنو بنجي پون. اهو ئي جيڪي ڪجهه بيروت، جيروسلم، سريلنڪا ۽ عدن جو حال ٿي ويو، اهو سنگاپور جو ٿي ويندو. ان ڪري هرڪو سنگاپور کان ٿائلنـڊ بهتر سمجھي ٿو. ملائيشيا ٿائلنڊ وانگر وڏو ملڪ آهي پر ان ۾ ٿائلنڊ وانگر هڪ بادشاهه ناهي پر نو سلطان آهن جن مان هر هڪ واري وٽيءَ تي پنجن سالن لاءِ هڪڙو بادشاهه ٿئي ٿو. سو ملائيشيا ۾ ناڻي لڳائڻ واري کي اهوئي خوف ٿئي ٿو ته خبر ناهي هڪڙي بعد ٻيو بادشاهه ڪهڙي تبديلي آڻي. ساڳي وقت ملائيشيا ۾ ملئي ۽ چيني ماڻهن جو ته پاڻ ۾ جھيڙو لڳو رهي ٿو پر ويجھڙائيءَ ۾ ملئي جيڪي سڀ مسلمان آهن انهن جو به سياست ۾ هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ ٿي پيو آهي. اهي سڀ ڳالهيون هڪ ڌارئين واپاريءَ کي منجھائين ٿيون ته سياسي هنگامن ۽ هيٺ مٿاهين ۾ سندس ملڪيت ۽ ناڻو نه هيٺ مٿي ٿي وڃي. ان ڪري اهڙي جوکي جي ڪم کان بزنيس مئن ڀڄي ٿو ۽ هن سڄي پٽ (علائقي) ۾ هنن کي ٿائلنڊ بهتر لڳي ٿو. تڏهن ته ڏس جپاني ۽ ڪورين به جيترو سنگاپور، ملائيشيا ۾ لڳائين ٿا ان کان ڏهوڻو وڌيڪَ ٿائلنڊ ۾ لڳائين ٿا.”
پهرين همراهه سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻي تائيد ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.