سلطانہ وقاصي

Author Name

نامياري شاعرہ، ليکڪا، ڪالم نگار ۽ ڪھاڻيڪارہ سلطانہ وقاصي جو جنم 20 مئي 1954ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ خانصاحب عبدالحق وَڪي  جي گهر ۾ ٿيو، جتي سندس  والد صاحب جي نوڪري جي ڪري رھائش ھئي. ون يونٽ جي خاتمي بعد سندس والد استعيفا ڏئي پنھنجي اباڻي ڳوٺ ميھڙ کي ڇڏي ٽنڊي آدم ۾ رھائش اختيار ڪيئي جتي سندس زمينداري ھئي. سلطانہ وقاصي اتي وڏي  لاڏ ڪوڏ سان پلي.  سندس گهر ۾ ادبي ماحول رهيو ۽ سڀ ڪتاب کيس دستياب مليا. ڳوٺ ۾ رهندي بہ هن علم حاصل ڪيو جنھن جو سھرو سندس والد خانصاحب عبدالحق وَڪي ڏانھن وڃي ٿو جيڪو پنھنجي دور جو ادب دوست، ترقي پسند انسان ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هيو. سندس ناناڻي خاندان جو سنڌ جي ادبي حلقي ۾ وڏو نالو رهيو آهي. ناميارو عالم علامہ علي خان ابڙو سندس نانو ۽ جديد سنڌي افساني جو مشھور ڪھاڻيڪار جمال ابڙو سندس مامو آهي. اهڙي سکيي ستابي گهراڻي سان تعلق رکندڙ سلطانہ وقاصي اڳتي هلي زندگيءَ جا ڪيئي ڏک ۽ تڪليفون سٺيون ۽ اڪيلي ئي انھن جو مقابلو بہ ڪيو ۽ ڪراچي جھڙي شھر ۾ جڏهن لساني فساد چوٽ چڙهيل هيا تڏهن بہ هن اڪيلي سر اتي ويھي حالتن سان مھاڏو اٽڪايو. سندس ڪردار ۽ تحريڪ ٻين عورتن لاءَ بہ اتساهه جو سبب بڻي ۽ اهڙي وقت ۾ هن قلم ذريعي ان وقت جي حالتن، ماضي ۽ مستقبل بابت سنڌي اخبارن ۾ گهڻو ڪجهه لکيو. سلطانہ  لکڻ جي شروعات 1970ع کان ڪئي ۽  چئن ڏھاڪن کان شاعري، ڪھاڻيون ، ڪالم ۽ مقالا لکندي رھي آھي، جيڪي مختلف مخزنن، اخبارن ۽ مجموعن ۾ ڇپبا رھيا آھن. سلطانا وقاصي ليکڪا ۽ شاعرہ هجڻ ڪري سنڌي ادبي سنگت ۾ گهڻي متحرڪ رهي آهي. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي سرگرم رڪن رھي آھي. هوءَ سنڌي ادب جي استاد بہ رهي آهي، هن مختلف گرلس ڪاليجن ۾ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏيندي 19 گريڊ تان رٽائرڊ ڪيو. سنڌي ادب ۾ عورتن جي حوالي سان سلطانا وقاصي جھڙا جاکوڙي ڪردار آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ملن ٿا.
سندس 9 ڪتاب ڇپيا آھن جن ۾  شاعريءَ جو مجموعو ”دونھاٽيل درشن “ 1984ع ۾ ڇپيو. سندس  ڪالمن جا ٽي مجموعا ”ڳالھيون پيٽ ورن ۾“ جي نالي سان 2015ع ۽ 2021ع ۾ ڇپيا. شاعريءَ جو مجموعو ”سوال“ 2017ع ۾ ڇپيو. مختلف شخصيتن تي لکيل ادبي ۽ سوانحي خاڪن تي مشتمل ڪتاب ” پنھوارن پاٻوھيو“2019ع ۾ ڇپيو . سندس  ڪھاڻين جو ڪتاب ”جانور“ 2019ع ۾ ڇپيو. سندس سنڌ جي سفر نامي تي آڌاريل ڪتاب ”خوابن جو سفر“ 2020ع ۾ ڇپيو جيڪو منفرد حيثيت رکي ٿو. سگا سال 1989ع ۾ سچل ڪانگريس جي پروگرام جي سلسلي ۾ سنڌ جو سير ڪرايو هو. اُهو سڄو قصو هن پنهنجي انداز ۾ لکيو ۽ اُن وقت اخبار ۾ قسطوار ڇپيو پڻ ھيو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي سلطانہ وقاصي جا ڪُل 5 ڪِتاب موجود آھن


سلطانہ وقاصي جا ڪتاب

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)، ليکڪ : سلطانہ وقاصي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)
ليکڪ : سلطانہ وقاصي
ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)، ليکڪ : سلطانہ وقاصي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)
ليکڪ : سلطانہ وقاصي
دونھاٽيل درشن، ليکڪ : سلطانہ وقاصي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
دونھاٽيل درشن
ليکڪ : سلطانہ وقاصي
سوال، مصنف : سلطانہ وقاصي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سوال
مصنف : سلطانہ وقاصي
خوابن جو سفر (سنڌ جو سفرنامو)، مصنف : سلطانہ وقاصي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
خوابن جو سفر (سنڌ جو سفرنامو)
مصنف : سلطانہ وقاصي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ