سوال
ھن ڪتاب بابت مھتاب اڪبر راشدي لکي ٿي:”سلطانہ جي شاعريءَ ۾ جتي انساني سوچ جا داخلي ۽ خارجي پھلو نظر ٿا اچن، اتي ھوءَ سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين تي بہ پنھنجي ردعمل جو اظھار ڪري ٿي. سندس دل سنڌ جي دردن سان ڀري پئي آھي. ھوءَ ماضيءَ ۾ نٿي جيئي، ھوءَ اڄ جي ڏکوئيندڙ حقيقتن کي آڏو رکي، سنڌ جا سور ورجائي، پنھنجن جي عياري ۽ مفادپرستيءَ جو ئي ماتم پئي ڪري.“