سلطانہ وقاصي
نامياري شاعرہ، ليکڪا، ڪالم نگار ۽ ڪھاڻيڪارہ سلطانہ وقاصي جو جنم 20 مئي 1954ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ خانصاحب عبدالحق وَڪي جي گهر ۾ ٿيو، جتي سندس والد صاحب جي نوڪري جي ڪري رھائش ھئي. ون يونٽ جي خاتمي بعد سندس والد استعيفا ڏئي پنھنجي اباڻي ڳوٺ ميھڙ کي ڇڏي ٽنڊي آدم ۾ رھائش اختيار ڪيئي جتي سندس زمينداري ھئي. سلطانہ وقاصي اتي وڏي لاڏ ڪوڏ سان پلي. سندس گهر ۾ ادبي ماحول رهيو ۽ سڀ ڪتاب کيس دستياب مليا. ڳوٺ ۾ رهندي بہ هن علم حاصل ڪيو جنھن جو سھرو سندس والد خانصاحب عبدالحق وَڪي ڏانھن وڃي ٿو جيڪو پنھنجي دور جو ادب دوست، ترقي پسند انسان ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هيو. سندس ناناڻي خاندان جو سنڌ جي ادبي حلقي ۾ وڏو نالو رهيو آهي. ناميارو عالم علامہ علي خان ابڙو سندس نانو ۽ جديد سنڌي افساني جو مشھور ڪھاڻيڪار جمال ابڙو سندس مامو آهي. اهڙي سکيي ستابي گهراڻي سان تعلق رکندڙ سلطانہ وقاصي اڳتي هلي زندگيءَ جا ڪيئي ڏک ۽ تڪليفون سٺيون ۽ اڪيلي ئي انھن جو مقابلو بہ ڪيو ۽ ڪراچي جھڙي شھر ۾ جڏهن لساني فساد چوٽ چڙهيل هيا تڏهن بہ هن اڪيلي سر اتي ويھي حالتن سان مھاڏو اٽڪايو. سندس ڪردار ۽ تحريڪ ٻين عورتن لاءَ بہ اتساهه جو سبب بڻي ۽ اهڙي وقت ۾ هن قلم ذريعي ان وقت جي حالتن، ماضي ۽ مستقبل بابت سنڌي اخبارن ۾ گهڻو ڪجهه لکيو. سلطانہ لکڻ جي شروعات 1970ع کان ڪئي ۽ چئن ڏھاڪن کان شاعري، ڪھاڻيون ، ڪالم ۽ مقالا لکندي رھي آھي، جيڪي مختلف مخزنن، اخبارن ۽ مجموعن ۾ ڇپبا رھيا آھن. سلطانا وقاصي ليکڪا ۽ شاعرہ هجڻ ڪري سنڌي ادبي سنگت ۾ گهڻي متحرڪ رهي آهي. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي سرگرم رڪن رھي آھي. هوءَ سنڌي ادب جي استاد بہ رهي آهي، هن مختلف گرلس ڪاليجن ۾ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏيندي 19 گريڊ تان رٽائرڊ ڪيو. سنڌي ادب ۾ عورتن جي حوالي سان سلطانا وقاصي جھڙا جاکوڙي ڪردار آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ملن ٿا.
سندس 9 ڪتاب ڇپيا آھن جن ۾ شاعريءَ جو مجموعو ”دونھاٽيل درشن “ 1984ع ۾ ڇپيو. سندس ڪالمن جا ٽي مجموعا ”ڳالھيون پيٽ ورن ۾“ جي نالي سان 2015ع ۽ 2021ع ۾ ڇپيا. شاعريءَ جو مجموعو ”سوال“ 2017ع ۾ ڇپيو. مختلف شخصيتن تي لکيل ادبي ۽ سوانحي خاڪن تي مشتمل ڪتاب ” پنھوارن پاٻوھيو“2019ع ۾ ڇپيو . سندس ڪھاڻين جو ڪتاب ”جانور“ 2019ع ۾ ڇپيو. سندس سنڌ جي سفر نامي تي آڌاريل ڪتاب ”خوابن جو سفر“ 2020ع ۾ ڇپيو جيڪو منفرد حيثيت رکي ٿو. سگا سال 1989ع ۾ سچل ڪانگريس جي پروگرام جي سلسلي ۾ سنڌ جو سير ڪرايو هو. اُهو سڄو قصو هن پنهنجي انداز ۾ لکيو ۽ اُن وقت اخبار ۾ قسطوار ڇپيو پڻ ھيو.
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل