اختر بلوچ

اختر بلوچ وَن يونٽ مخالف تحريڪ ۾ جيل ياترا ڪندڙ پهرين نوجوان عورت ھئي. سندس اصل نالو زرين اختر آھي. پاڻ سنڌ جي مشهورفنڪاره زرينه بلوچ جي نياڻي ۽ م شهور سياستدان غلام قادر پليجي جي گهر واري آهي. 16 ڊسمبر 1951ع تي، ٽنڊي ولي محمد، حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتائين. ابتدائي تعليم ٽنڊي ولي محمد جي مسلم گرلز اسڪول ۾ ورتائين. ايم اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ پهرين ٺٽي پوءِ ڪراچيءَ ۾ ڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر ٿي. پاڻ شاگرد ليڊر رهي چڪي آهي . ’لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپايو تحريڪ ‘دوران جيل به وئي. جيل ۾ لکيل سندس تصنيف ”قيدياڻيءَ جي ڊائري“مشهور آهي. جيڪا هند ۽ سنڌ ۾ شايع ٿي شهرت ماڻي چڪي آهي. سندس نياڻي سسئي پليجو، سنڌ حڪومت ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي جي وزير ۽ ھاڻي سينيٽر  آهي .

1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب