ھن ڪتاب ۾ ڌرتيءَ جو قرض چُڪائڻ جي جذبي سان ٽمٽار سنڌياڻيءَ جي زندان ۾ گهاريل گهڙين ۽ اتي نارين تي گذرندڙ ڪرب جو سربستو احوال موجود آھي. اختر بلوچ سنڌ جي اھا بھادر نياڻي آھي، جنھن ون يونٽ مڙھيندڙ آمرن خلاف نہ رڳو آواز اٿاريو، پر پنھنجي ساٿين ۽ ساٿياڻين سان ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ٺھرائڻ واري تحريڪ دوران بک ھڙتالون ڪيون ۽ نتيجي ۾ جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ٿي. سندس هيءَ ڊائري جيڪا 1970ع ۾ جيل ۾ لکي وئي آهي، ان ۾ جيل جي عملي، ماحول ۽ قيدياڻين جي زندگين جو ذڪر ٿيل آهي. ساڳئي وقت سندس والده جا ۽ ٻين جا خط پڻ شامل آهن. اها حقيقت آهي تہ هن جيڪو قيدياڻين جو تفصيل لکيو آهي، اهو ڪافي احساساتي آهي ۽ اثر پڻ ڇڏي ٿو
جيل ڊائري
قيدياڻيءَ جي ڊائري
- 0/5.0
- 1
- 1
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي سورمِيءَ اختر بلوچ جو لکيل ڪتاب ”قيدياڻيءَ جي ڊائري“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
ھن ڪتاب ۾ ڌرتيءَ جو قرض چُڪائڻ جي جذبي سان ٽمٽار سنڌياڻيءَ جي زندان ۾ گهاريل گهڙين ۽ اتي نارين تي گذرندڙ ڪرب جو سربستو احوال موجود آھي. اختر بلوچ سنڌ جي اھا بھادر نياڻي آھي، جنھن ون يونٽ مڙھيندڙ آمرن خلاف نہ رڳو آواز اٿاريو، پر پنھنجي ساٿين ۽ ساٿياڻين سان ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ٺھرائڻ واري تحريڪ دوران بک ھڙتالون ڪيون ۽ نتيجي ۾ جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ٿي. سندس هيءَ ڊائري جيڪا 1970ع ۾ جيل ۾ لکي وئي آهي، ان ۾ جيل جي عملي، ماحول ۽ قيدياڻين جي زندگين جو ذڪر ٿيل آهي. ساڳئي وقت سندس والده جا ۽ ٻين جا خط پڻ شامل آهن. اها حقيقت آهي تہ هن جيڪو قيدياڻين جو تفصيل لکيو آهي، اهو ڪافي احساساتي آهي ۽ اثر پڻ ڇڏي ٿو. اختر کي پنھنجو وجود، پنھنجي ذات ياد ضرور آھي، پر اھو ان حد تائين تہ ”جيڪڏھن سنڌي ھجڻ ڏوھ آھي تہ آءُ بيشڪ ڏوھارڻ آھيان. جيڪڏھن سنڌي ٻولي ڳالھائڻ ڏوھ آھي تہ بہ آءُ بيشڪ مجرم آھيان.“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1972ع ۾ ٻيو ڇاپو 1988ع ۾، ٽيون ڇاپو 2009ع ۾ ۽ چوٿون ڇاپو 2009ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان ميراڻيءَ جي ٿورن سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف اختر بلوچ
- ڇپيو ويو 2009
- ڇپائيندڙ سنڌيڪا اڪيڊمي
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 17/Sep/2021
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 1 ڀيرا