محمد يعقوب آغا

Author Name

شاھ لطيف جو پارکو ۽ بيوروڪريٽ محمد يعقوب آغا پهرين جولاءِ 1904ع تي سنڌ جي تاريخي شھر شڪارپور جي ڪڙي عطا محمد پاڙي ۾ پيدا ٿيو. ڊي-جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان گريجوئيشن جو امتحان پاس ڪيائين. سرڪاري نوڪري جو آغاز جولاءِ 1926ع کان ڪيائين، پاڻ 1952ع ۾دادو، 1955ع ۾ حيدرآباد ۽ 1956ع ۾ ٺٽي ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر رهيو. ان کانسواءِ صحت، تعليم، ايس اين جي وي جو صوبائي سيڪريٽري ٿي رهيو.

.آغا محمد يعقوب جو ترجمو ڪيل شاھ جو رسالو ” Shahjo risalo, alias Ganje Latif “نالي سان ۽ سندس ڪيل قرآن شريف جي انگريزي ترجمي جو نالو ”The Holy Quran Text, Translation, By Agha Mohammad Yaqoob“ ( ذالڪ الڪتب لاريب في) آهي، جيڪو 5 جلدن ۾ شايع ٿيل آهي .

هن پڇاڙي وارو وقت لطيف آباد حيدرآباد ۾ گذاريو ۽ اُتي ئي سال 1987ع ۾ وفات ڪيائين.

حوالو : انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي محمد يعقوب آغا جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


محمد يعقوب آغا جا ڪتاب

شاھ جو رسالو SHAH JO RISALO alias Ganj Latif، مُرتب : محمد يعقوب آغا

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
شاھ جو رسالو SHAH JO RISALO alias Ganj Latif
مُرتب : محمد يعقوب آغا
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ