رخسانہ پريت

رخسانہ پريت جو پورو نالو رخسانہ ڌيءَ محمد صديق چنڙ آهي. سندس والدين نوابشاھہ ۾ رهن ٿا پر هن جو جنم ڪاري موري هير آباد حيدرآباد، سنڌ ۾ 23 آگسٽ 1967ع تي ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول غريب آباد نوابشاه مان حاصل ڪئي پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاه مان سال 1993ع ۾ ايم بي بي ايس ڪئي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو ۾ ميڊيسن ۾ 6 مھينا هائوس جاب ڪيائين. 1998ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن ڪواليفاءِ ڪيائين فيبروري 2000ع ۾ مشھور قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر دودي مھيريءَ سان شادي ڪيائين. ڊاڪٽر رخسانہ سال 1999ع کان 2000ع ۾ وزيراعظم جي خانداني منصوبابندي ۽ بنيادي صحت واري پروگرام هيٺ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيٽر طور ضلعي نوابشاه ۾ ڪم ڪيائين. ان بعد 2000ع کان 2002ع تائين ميڊيڪل آفيسر طور ڪوٽڙي رهي جنھن کانپوءِ ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ هاسٽل قاسم آباد ۽ دارالامان قاسم آباد ۾ ميڊيڪل آفيسر رهي آهي.
رخسانہ پريت 1988-1989ع واري دور ۾ نوابشاه جي ڪيترن ئي ادبي سماجي ۽ سياسي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪئي. پي ايم سي ۾ پڙهڻ دوران لطيف ڏهاڙي جي ڪمپيئرنگ ڪئي. 1993ع دوران ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ادبي پروگرامن ۾ ڪمپيرنگ ڪيائين. سندس شاعريءَ جو پھريون مجموعو "پياسي ساڀيان جل ٿل خواب" 1997ع ۾ سنڌي ساھت گهر پاران ڇپيل آهي. 2014ع ۾ سندس شاعريءَ جو ٻيو مجموعو "نگاهن جا سجدا" ماءِ پبليڪيشن پاران ڇپيو، جڏهن تہ سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو ”تون جو پاڇو چنڊ جو“ 2022ع ۾ سمبارا پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ماهوار ادب مارچ 2004ع ۾ سندس خاص ڪارنر رخسانہ پريت ڇپيل آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رھي آھي ۽ عورتن جي تنظيم وومين ايڪشن فارم حيدرآباد جي ميمبر آهي. سندس ڪتاب نگاهن جا سجدا کي سنڌي لينگئيج اٿارٽي طرفان سال 2014ع جو شاعريءَ جي بھترين ڪتاب جو ايوارڊ ڏنو ويو. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران پڻ کيس بھترين شاعر جو ايوراڊ  ملي چڪو آھي.

1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image