محمد جمن ڄامڙو

ناميارو وفاقي ڪامورو ۽ اديب  محمد جمن ڄامڙو ولد حاجي غلام جعفر ڄامڙو 28 جولاءِ 1952ع تي ڳوٺ ڄامڙا، تعلقي گمبٽ ضلع خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڳوٺ ڄامڙا، تعلقو گمبٽ ضلع خيرپور ميرس مان، سيڪنڊري تعليم 1970ع ۾ گورنمينٽ مراد هاء اسڪول گمبٽ مان پاس ڪيائين.
پاڪستان آرمي سگنل ڪور ۾ جنوري 1971ع ۾ سپاهي ڀرتي ٿي چار سال سروس ڪرڻ کان بعد آرمي سروس کي خيرباد ڪيائين. انھي دوران پرائيويٽ طور تعلم جاري رکي 1974 ۾ بي اي سنڌ يونورسٽي مان پرائيويٽ طور پاس ڪيائين.  هڪ سال پاڪستان اسٽيل ملز ۾ نوڪري ڪري پرائيويٽ اميدوار جي حيثيت ۾ ايل ايل بي سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ 1976 ۾ انٽري ٽيسٽ ڏئي ميرٽ تي داخلا ورتائين ۽ ريگيولر ڪلاس اٽينڊ ڪري انٽرنيشنل رليشنز ۾ ماسٽرس ڪيائين. 1978 ۾ سي ايس ايس جي امتحان ۾ ويٺو ۽ سنڌ مان ٻيو نمبر اچڻ تي ڊسٽرڪٽ مينيجمينٽ گروپ حاصل ڪيائين. بعد ۾ مختلف پوسٽن تي رهيو جئين ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ١٩٨٧، نواب شاه ١٩٨٩ بعد ۾ بلوچستان جي خضدار ۾ ١٩٩٣ ۾ ڊي سي مقرر ٿيو. بعد ۾ ايڊيشنل هوم سيڪريٽري  ۽ انچارج هوم سيڪريٽري سنڌ ٿيو. 2002ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيٽر ٿرپارڪر، 2002ع ۾ جيڪب آباد مقرر ٿيو. انھي کان بعد جوائنٽ سيڪريٽري منسٽري آف ڪامرس ، جوائنٽ سيڪريٽري منسٽري فنائنس ٢٠٠٥، جوائنٽ سيڪريٽري وزير اعظم سيڪريٽريٽ ٢٠٠٦، ايڊيشنل سيڪريٽري ايجوڪيشن منسٽري ٢٠٠٩، ايڊيشنل سيڪريٽري وزير اعظم سيڪريٽريٽ 2010 ع، سيڪريٽري منسٽري آف انٽرفيٿ ۽ نيشنل هارموني 2012ع مقرر ٿيو. جولائي 2012ع ۾ رٽائر ٿيو. 
سال 2015ع ۾ سنڌ ويزن جو بنياد وجهندڙن مان آھي. پاڻ سنڌ گريجوئيٽ ائسوسيئيشن اسلام آباد شاخ جو ٽن سالن تائين 2018ع کان 2021ع تائين صدر پڻ رھيو.
سندس ھيٺيان ڪتاب ڇپيل آھن:
1.    سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر 2019ع
2.    سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين 2019ع
3.    آمريڪا ۽ ڪيناڊا 2020ع
4.    اچو پنهنجي تقدير جا مالڪ خود ٿيون

  • جنم: 1952-07-28
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image