محمد جمن ڄامڙي جي آتم ڪٿا خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن جي تجربن جو نچوڙ آهي. ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنھن سنڌ جي ٺپ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاھ گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بہ حاصل ڪيائين تہ ننڍڙيون نوڪريون بہ ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22 هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو.
آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين
- 5.0/5.0
- 59
- 9
- 3 سال اڳ
- 0

سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ليکڪ ۽ وفاقي سيڪريٽري رھندڙ محمد جمن ڄامڙي جي لکيل آتم ڪٿا جو ڪتاب ”سپاھيءَ کان سيڪريٽري تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. شمس الدين زئور لکي ٿو:”محمد جمن ڄامڙي جو ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ سندس آتم ڪٿا(Autobiography) يعني خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن جي تجربن جو نچوڙ آهي. ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنھن سنڌ جي ٺپ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاھ گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بہ حاصل ڪيائين تہ ننڍڙيون نوڪريون بہ ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22 هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو. سرڪاري نوڪري جي دنيا ۾ سويلين 22 هون گريڊ، فوج جي ليفٽيننٽ جنرل جي برابر هوندو آهي. يعني جمن سائين سپاهيءَ جي نوڪري کان شروعات ڪري سويلين جرنيلي تائين پھتو، بغير ڪنھن سفارش يا مضبوط فيملي گرائونڊ هوندي بہ ...“
ھي ڪتاب 2019ع ۾ سنڌ ويزن، ڪراچيءَ پاران سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سنڌيڪا اڪيڊميءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، مھربانيون محمد جم ڄامڙي صاحب جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
ڪتاب بابت وڌيڪ:
- مصنف محمد جمن ڄامڙو
- ڇپيو ويو 2019
- ڇپائيندڙ سنڌ ويزن
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 03/Dec/2021
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 9 ڀيرا