بلوچستان ۾ ڪرپشن ۽ اقربا پروري
بلوچستان ۾ انوقت سي ايم پوسٽنگ ۽ ٽرانسفر جي لاءِ مجبور هوندو هو، ٻين سياسي قيادت جي سربراهن وٽ. ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري کان ويندي آفيس اسسٽنٽ جي ٽرانسفر وزير جي مرضي مطابق ٿيندي هئي. تنھن ڪري سرڪاري ڪامورو اتي صرف روبوٽ ٿي هلندو ته ٺيڪ، نه ته ٻئي ڏينھن پوسٽنگ جي انتظار ۾، پوءِ چاهي سال گذري وڃي.
بلوچستان ۾ ايگريڪلچر، پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ، خزانو، ڪميونڪيشن ايند ورڪس ۽ فوڊ ڊپارٽمينٽ تي هر ننڍي وڏي سياسي پارٽي جي ڪوشش هوندي هئي ته اهو ڊپارٽمينٽ ان جماعت جي ميمبرن کي ملي. ڇو ته هر اسيمبلي ميمبر چاهيندو آهي ته جيترو پئسو اليڪشن ۾ لڳايو آهي، اهو تمام ٿوري عرصي ۾ گورنمينٽ مان ميڙي وٺي. انھيءَ لاءِ هو ڇا ڪندو آهي ته پنھنجي ايريا جي ماڻھن جي نالي بلڊوز اورس الاٽ ڪرائيندو هيو ته هو پنھنجي تڪ جي ماڻھن جي مالي حالت بھتر بڻائڻ لاءِ ناهموار زمين کي هموار ڪري فصل پوکي هاري خوشحال ته ملڪ خوشحال واري نعري هيٺ. سرڪار بھادر کان عوام جي ڀلائي خاطر هزارين بلڊوز ڪلاڪ وٺي پوءِ انھن ڪلاڪن ۾ جيترو ڊيزل استعمال ٿيندو آهي اها ڊيزل وڪڻندا هيا، يا وري ڪنھن ٺيڪيدار سان اڳ ۾ ئي ڳالھه ٻولهه ٿيل هوندي هئي. حالانڪه بلوچستان ۾ ايگريڪلچر ايترو ناهي جيترو انھي لاءِ بجيٽ رکي ويندي هئي. جنھن وٽ ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ جو محڪمو هوندو آهي، اها پارٽي پاڻ کي خوشقسمت سمجھندي آهي.
پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ محڪمي وارو اڃان وڌيڪ خوشقسمت سمجھندو هيو پاڻ کي. ڇو ته جنھن ميمبر کي وڌيڪ پئسه ڪمائڻا هوندا آهن ته اهو ٺيڪيدار کان ترقياتي اسڪيم وٺندو هيو، ۽ انکان پئسه وٺي انکي اها ترقياتي اسڪيم ڏئي ڇڏيندو هيو، پوءِ اها اسڪيم ٺھي يا نه ٺھي، پر اڳتي هلي اها بارش يا ڪنھن ٻئي سبب لڙهي ويندي هئي، پر ڪاغذن ۾ ايئن پوري ڄاڻائي ويندي هئي، جيئن گذريل يارنهن سالن ۾ سنڌ جي اسڪيمن سان ٿيندو رهي ٿو. اسيمبلي جي ميمبرن جي گھڻو ڪري اسڪيم اها هوندي هئي، جنھن ۾ ڪچي رستي تي گريڊر هلائي رستي کي سنئون سڌو ڪيو ويندو هيو، جيڪو عمومن ٿوري ٽريفڪ هلڻ سان پاڻمرادو اسڪيم رپيئر جي لاءِ تيار ٿي ويندي هئي.
الحمدلله هينئر ته بلوچستان ۾ ته پڪن رستن جو ڄار وڇائجي ويو آهي، تنھن ڪري اهڙيون اسڪيمون شايد هن وقت گھٽجي ويون هونديون. اهڙي ترقياتي اسڪيم مان پي اينڊ ڊي، ورڪس ۽ خزاني جو منسٽر ۽ عملو، اسيمبلي جي ميمبر جو ايترو حصو هوندو هيو، جو ٺيڪيدار به خوشحال ٿي ويندا هيا. تنھن ڪري هر سياسي پارٽيءَ جي نظر انھن محڪمن تي هوندي هئي.
ٻه مھينا گذري ويا ته رولز آف بزنس جي ميٽنگ ڪانه سڏائي وئي، تنھنڪري باقائده ڪوئي خاص ڪم ڪونه هوندو هيو.
عطا جعفر ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پي ايند ڊي هيو تنھن اچي سيڪريٽري ايگريڪلچر کي چيو ته مونکي سيڪريٽري امپليمينٽينشن جي لاءِ جمن ڄامڙو جي ٻانھن ڏي. ڊسمبر 1993ع ۾ منھنجي پوسٽنگ ٿي وئي سيڪريٽري امپليمينٽيشن پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بلوچستان. پھرئين هفتي ۾ اي سي ايس چار پنج اسڪيمون موڪليون ته سائيٽ ڏسي ۽ رپورٽ ڪر.
هڪڙي اسڪيم هئي ڊلي ايڪشن ڊيم، جنھن جي لوڪيشن هئي ڪڇي ضلعو ۽ ٻي هئي مستونگ ضلعي ۾.
مون پھريون ڪڇي ضلعي واري اسڪيم لاءِ پروگرام رکيو ۽ پروگرام مطابق ڍاڍر اچي پھتس. مون کان اڳ ۾ انجنيئر ۽ انجو ٻيو عملو به پھتل هيو. لھي چانھه وغيره پيتي، مون چيو ته هلو ته اسڪيم ڏسي اچون. همراهه بھانا بڻائڻ شروع ڪري ڏنا ته سائين رستو ڏکيو ۽ هموار ناهي، ڪافي پري آهي، جيڪڏهن هينئر هلنداسين ته ٿي سگھي ٿو ته اتي پھچڻ کان اڳ سج رستي ۾ لھي ويندو، سياري جي رات آهي، ڪو ٻيو ٽائيم رکو، جو رات اچي سبي يا ڍاڍر ۾ رهجي ۽ صبح جو سوير هلون. مون چيو ته خير پوءِ جيڪڏهن ايئن آهي ته اڄ رات اتي ٿا گذاريون، صبح جو هلنداسين. انجنيئر صاحب جي ڪوشش هجي ته مان ڪيئن به ڪري اڄ واپس وڃان. بھرحال رات گذاريم، صبح جو انجنيئر صاحب جي منشا خلاف اسڪيم ڏسڻ نڪتاسين. ڪنور ڀگت وارو قافلو ساڻ ڪري نڪتاسين. هل هلان نه پنڌ کٽي نه انجنيئر جي جان ڇٽي! نيٺ چار پنج ڪلاڪ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ هڪڙي پاسي مڙيا، جتان برساتي نالو گذريو پي. نقشو ساڻ ڪري وڃي نالي تي پھتاسين ته اتي ته ڪاريءَ وارا ڪک هيا. انجنيئر ۽ ايس ڊي او هڪٻئي تي ڳالھه اڇلي ته ڪھڙي جاءِ تي اسڪيم آهي. ٿوري دير کان پوءِ چيائون ته سائين هتان جا رستا ڪچا ۽ ڦٽل آهن، تنھن ڪري رستو ڀلجي ويا آهيون. آهي هن برساتي نالي تي، پر ٿورو اڳتي آهي. مون چيو ته هلو اتي وري اڌ منو ڪلاڪ گاڏي هلي، وري برساتي نالي ڏانھن وياسين ته اتي به ڪجھه ڪون. وري انجنيئر صاحب هڻي ايس ڊي او تي ۽ ايس ڊي او هڻي سرويئر تي، پر ان وقت سرويئر اتي هجي ڪون.
اصل ۾ اسڪيم ته هئي صرف ڪاغذن ۾، جيئن سنڌ ۾ ڪيتريون شاخون ۽ واهه پڪا ٿي ويا آهن ڪاغذن ۾، اهڙيءَ طريقي سان اڄ کان پنجويھه سال اڳ بلوچستان ۾ به ايئن اسڪيمون پايه تڪميل ٿي وينديون هيون. آخرڪار انجنيئر صاحب اچي پريشان ٿيو ته سائين سرويئر صاحب جي گھر ۾ ناچاقائي هئي، تنھن ڪري هو ڪوئيٽا ويو آهي، سائيٽ تي اهو هوندو آهي، مھرباني ڪري ٻي ڪا تاريخ رکو ته جيئن سرويئر اچي. مان سائين هر طرح توهان جي خدمت ڪندس. توهانجو ٻچو آهيان وغيره وغيره. مون چيو ته پھرئين ڳالھه ته تون انجنيئر آهين، ڪروڙ کان وڏي اسڪيم آهي ۽ تو سائيٽ ڏٺي ناهي ۽ نه وري تنھجي ايس ڊي او باقي صرف سرويئر ڏٺي آهي، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ مون چيو ته مان ته اها سڀ حقيقت رڪارڊ ڪري نوٽ مٿي موڪليندس. چوڻ لڳو ته سائين منھنجا ننڍا ننڍا ٻچا آهن، بس ڪجھه رحم ڪريو، بس توهان مھرباني ڪري ٻن هفتن کان پوءِ اچو. دل ۾ مون سوچيو ته چلو ٺيڪ آهي، جيڪڏهن ٻن هفتن ۾ ڪم ڪرائي ٿو ته گھٽ ۾ گھٽ اسڪيم ته ٺھندي ۽ ايريا جي آبادگارن کي فائدوپوندو. ٻيو ته مونکي به خبر هئي توڙي مان رپورٽ ڪيان به تڏهن جيڪي بلوچستان ۾ حالتون آهن، هن کي ٿيندو ڪجھه به ڪونه، سواءِ انھي جي جو ڪو عوامي نمائندو هن کان پئسه وٺي ڇڏيندو، ۽ ڳالھه آئي وئي. مون انجنيئر صاحب کي چيو ته ٺيڪ آهي مان توکي ٽي هفتا ٿو ڏيان، انکان پوءِ مان ايندس. انجنيئر صاحب جي پيٽ ۾ ساهه پيو ۽ مان واپس ڪوئيٽه پھچي ويم. ٻئي ڏينھن مون اي سي ايس کي پوري ڳالھه ٻڌائي. عطا صاحب مرڪيو ۽ چيائين ته ڄامڙو صاحب اڃان تون نئون آهين. ايترو چئي وري موضوع ڪنھن ٻي ڳالھه ڏانھن ٿي ويو.
ٽن هفتن کان پوءِ مون وري تياري ڪئي ته وڃان ۽ اسڪيم ڏسي اچان. اي سي ايس جوانٽرڪام تي فون آيو ته هاڻي انھيءَ اسڪيم کي ڏسڻ لاءِ نه وڃ.
انھيءَ کان پوءِ اهو چيو ويوته ڪنھن به اسڪيم کي وڃي ڏسڻ جي ڪابه ضرورت ناهي، پاڻھي ڊپارٽمينٽ رپورٽ موڪليندو، الا الاخير صليٰ! پوءِ ڊپارٽمينٽ جيڪا به رپورٽ موڪلي سيڪشن جو چيف انھيءَ موڪليل رپورٽ کي بجيٽ بڪ ۽ رپورٽ ڪيل پروگريس تي نوٽ ٺاهي موڪليندو هيو ته سائين اسڪيم جو ڪاٿو هيترو، ٺيڪو هيتري ۾ ويو، هيترا پئسه رليز ٿيا ۽ هيترا خرچ ٿيا. فزيڪل پروگريس هيتري ۽ فنانشل پروگريس هيتري. اها رپورٽ هيٺان ايندي هئي ۽ اسين اکيون بند ڪري مٿي موڪلي ڏيندا هياسين، جيڪا سراسر زيادتي هئي، پر ڪري ڪجھه ڪونه پيو سگھجي، جو وزيراعليٰ منسٽرن وٽ مجبور هوندو هيو ۽ اسين سي ايم وٽ. سو اسان جي پوزيشن هئي غلامن جي غلامن جا غلام.
بلڪل اهڙيون حالتون جھڙيون اڄ ڪلھه سنڌ ۾ آهن، صرف فرق اهو آهي ته پنجويھه سال اڳ بلوچستان ۾ ننڍن ننڍن صوبائي جماعتن جي گڏيل حڪومت هئي، ۽ سنڌ ۾ هڪ جماعت جي حڪومت آهي.
ڪالھه مونکي ڏاڍي شرمندگي ٿي، جڏهن ٻيا به دوست هيا، هڪ سينيئر سپريم ڪورٽ جي وڪيل زيد اي خالد چيو ته سنڌي ڪرپٽ آهن، جو پئسي کان بغير ڪم نٿا ڪن، جنھن تي مون چيو ته اهو غلط آهي. وڪيل صاحب چيو ته جمن تون ڇا ٿو ڳالھائين؟ مان سينيئر وڪيل آهيان، مان ثبوت کان بغير ڪونه ٿو چوان. چيائين ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي روبرو پيٽيشن هئي، سپريم ڪورٽ ۾ مان ان ۾ وڪيل هيس. وڌيڪ چيائين منھنجي آفيس ۾ ستر اسي ڪميشن پاس سنڌي ڇوڪرا آيا، جن ڪلمو پڙهي ڳالھه ڪئي ته سائين اسان ته تباهه ٿي وينداسين، اسي پنجاسي لک روپيه نوڪرين لاءِ ڏنا آهن جيڪي اسان قرض کڻي ڏنا آهن.
مون ڪوشش ڪئي ته بلوچستان مان ٻاهر نڪرجي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ دوستن کي چيو ته جواب مليو ته سرڪار جي پاليسي آهي ته ٽن سالن کان اڳ ٽرانسفر ڪونه ٿيندي. پراڻي پگھار تي ڪم ڪرڻو پئجي ويو. 1994ع جي آخر ۾ منھنجي ٽرانسفر ٿي ڊائريڪٽر جنرل انوائرنمينٽ بلوچستان. مون سوچيو ته ٿي سگھي ٿو ته هتي ڪجھه ڪم ڪجي، پر اتي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪا بجيٽ ڪانه، صرف اسٽاف جون پگھارون ۽ بلڊنگ جو ڪرايو. جيڪا بجيٽ مختص ڪيل هئي، اها ڊپارٽمينٽ سڄي وزير جي حوالي ڪري ڇڏي. 1995ع جي شروع ۾ انوائرنمينٽ تي ٽن ڏينھن لاءِ ڪانفرنس ڪوٺائي هئي، پشاور ۾ انوائرنمينٽل ڊپارٽمينٽ وارن طرفان. مسٽر فريد الله ڊي جي هيو انوائرنميٽ جو. مان به ان ڪانفرنس ۾ ويس. جڏهن مان پشاور ويم ته دل چيو ته هتان ڪوهاٽ به وڃجي. ڇوته ڪوهاٽ ۾ مان 1971ع سگنل ڪور ۾ سپاهي ڀرتي ٿي آيو هيس ۽ ٽرينگ به ڪوهاٽ ۾ ٿي هئي. جڏهن مون اتا پڇا ڪئي ته ڪوهاٽ جو جي او سي ڪير آهي ته خبر پئي فاروق صاحب اتي ميجرجنرل آهي. ميجر جنرل فاروق صاحب سان منھنجي واقفيت 1980ع کان وٺي هئي، جنھن وقت فاروق صاحب 31 پنجاب ريجمينٽ ۾ ميجر هيو ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل سليم حيدر هيو، جيڪو بعد ۾ ليفٽيننٽ جنرل ڪور ڪمانڊر ڏهه ڪور چڪلالا هيو. منھنجي ٽن مھينن لاءِ سول سروس اڪيڊمي کان پوءِ آرمي اٽيچمينٽ انھيءَ يونٽ سان هئي. ٻيھر فاروق صاحب ۽ مان گڏ رهياسين. جڏهن هي برگيڊيئر لاڙڪاڻو ٿي آيو ۽ مان ڊي سي لاڙڪاڻو هيس.
مون ميجرجنرل فاروق صاحب کي فون ڪيو ته مان پشاور آيل آهيان، ۽ ٻه ڏينھن هتي هوندس. مونکي چيائين ته گاڏي آهي تو وٽ؟ مون چيو آهي ڪانه پر ٿي ويندي. چيائين مان سڀاڻي پنھنجي گاڏي موڪليندم ۽ توکي کڻي ايندي، ڪنھن کي چوڻ جي ڪا ضرورت ناهي. مون چيو ته ٺيڪ. مون ڊي جي فريدالله کي ٻڌايو ته سڀاڻي منھنجو هيءُ پروگرام هوندو، چيائين ته ٺيڪ، باقي گاڏي جو ڪوئي مسئلو ناهي، چيائين ته منھنجي گاڏي ڪاهي وڃ، مون چيو بس هاڻي گاڏي اچي ٿي. مان رات جو پنھنجي قائد اعظم يونيورسٽي واري محبوبه جي گھر رهيل هيس، جيڪا انوقت پشاور ميونسپالٽي جي ايڊمنسٽريٽر هئي. الله جنت الفردوس عطا ڪريس. صبح جو ڏهين وڳي جنرل صاحب جي گاڏي آئي، مان ڪوهاٽ ڏانھن روانو ٿيس. رستي ۾ ڪوهاٽ جو سگنل ٽريننگ سينٽر ۽ رڪارڊ ونگ جو سڄو نظارو اکين جي آڏو پئي ڦريو، آخرڪار دره آدم خيل کان گذرڻ ٿيو جتي دنيا جو هر هٿيار ٺھندو آهي. دل جي ڌڙڪن تيز ٿيندي پئي وئي آخرڪار سگنل سينٽر جي ٽريننگ ايريا نظر آئي. جيڪي انوقت ننڍڙا ننڍڙا وڻ هيا، اهي سڀ جواني ماڻي موٽ واري منزل ڏانھن گامزن هيا.