آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

محمد جمن ڄامڙي جي آتم ڪٿا خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن  جي تجربن جو نچوڙ آهي. ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنھن سنڌ جي ٺپ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاھ گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بہ حاصل ڪيائين تہ ننڍڙيون نوڪريون بہ ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22 هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو.

Title Cover of book سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

شهدادڪوٽ ۾ لائبرري جو قيام

جڏهن حددخليون ختم ٿي ويون ته پوءِ اصل مسئلو شروع ٿيندو آهي ته ڪيئن سرڪاري ايراضي کي ايندڙ وقت لاءِ استعمال ڪجي ته جيئن عوام کي ان مان فائدو پوي. سردار محمد بخش کھاوڙ سان مون انھيءَ سلسلي ۾ گفتگو ڪئي. کھاوڙ صاحب هڪ خوبصورت تجويز ڏني ته قبو سعيد خان روڊ تي جيڪڏهن ٿي سگھي ته پبلڪ لائبرري تعمير ڪرائجي . کھاوڙ صاحب جي تجويز مونکي معقول لڳي ۽ کيس چيو ته انھيءَ سلسلي ۾ توهان ڇا مدد ڪندا. کھاوڙ صاحب پنھنجي طرفان چڱو امائونٽ ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي. مونکي هن وقت اهو امائونٽ ياد نٿو اچي، بھرحال ايترو پئسه ڏين پيا جنھن سان آرام سان ڪم جي شروعات ٿي پئي سگھي. کھاوڙ جي پيشڪش جو ذڪر وڃي مرحوم محمد هاشم ميمڻ ڊي سي لاڙڪاڻو سان ڪيم. ڊي سي صاحب چيو ته بلڊنگ جي انجنيئر کان تخمينو لڳراءِ ته ڪيترو خرچ ايندو پوءِ انھي ڳالهه کي پڄي پونداسين. مون وڃي ايس ڊي او کونھارو صاحب کي چيو ته هتي لائبريري ٺاهڻي آهي، انجو تخمينو ۽ ڊرائنگ ڪڍي ڏي. ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ ڊرائنگ سميت تخمينو ڏنائين. اهي سڀ ڪاغذ کڻي ڊي سي صاحب سان مليم. راشدي پي اي هيو، ان کي گھرائي بجيٽ متعلق پڇيو. راشدي صاحب جيڪي بجيٽ جا هيڊ هيا انھن سڀني جو وچور پيش ڪيو.
ڊي سي صاحب چيو ته وڃ ۽ تياري ڪر، ٻن ڏينھن کان پوءِ مان پاڻ اتي ايندس. مان واپس وڃي انجنيئر بلڊنگ کي ڊي سي صاحب جي اچڻ متعلق ٻڌايو، ٻئي ڏينھن بلڊنگس جو انجنيئر آيو ۽ سرزمين تي پھچي چوني سان لي آئوٽ پلان ڏنو، جنھن ۾ ڪتابن رکڻ، ريڊنگ روم، آفيس ۽ ان سان لاڳاپيل جيڪي به ضروري شيون هيون، زمين تي چوني جي مدد سان تيار ڪري رکيو. جڏهن ڊي سي صاحب آيو ته سر زمين تي وٺي ويم، کھاوڙ صاحب ۽ ٻيا به چڱا مرد اچي گڏ ٿيا. ڊي سي صاحب پلان ڏسي خوش ٿيو ۽ چيو ته ڪم شروع ڪيو، باقي جيترو ڪم ٿيندو ويندو ماپ جي حساب سان پيمينٽ ٿيندي ويندي.
الله جي مھرباني سان شھدادڪوٽ جي عوام لاءِ هڪ زبردست لائبريري ٺھڻ جو ڪم شروع ٿي ويو ۽ تقريباً ڏهه يارهن مھينن ۾ لائبريري جي بلڊنگ تيار ٿي وئي. لائبريري جي اڏاوت تقريباً مڪمل ٿيڻ واري هئي ته منھنجو پروموشن ٿي ويو ۽ مان آخري اسٽيج تي ڪم پھچائي چارج ڏئي ڪراچي اچي رپورٽ ڪيو.