ڊاڪٽر قادر مگسيءَ سان ڪچهري
ٻئي ڏينھن مان اڪيلو بغير ڊرائيور جي ايل ايم سي ويس. ايل ايم سي جي انٽرنس ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ هڪ ئي رستو هوندو هيو. گھر کان نڪرڻ مھل صديقي صاحب اچڻ جي تصديق ڪرڻ لاءِ فون ڪيو، مون کيس ٻڌايو ته تقريباً اڌ ڪلاڪ ۾ مان ايل ايم سي پھچي ويندس. صديقي صاحب ٻڌايو ته فرسٽ فلور تي پروفيسر ريڊيولاجي واري آفيس ۾ ملاقات لاءِ دوست هوندا، توهان به اتي اچو. جڏهن مان اتي پھتم ته پروفيسر صاحب اتي مين گيٽ وٽ ڪونه هيو، مان پڇائيندي وڃي پھرئين منزل تي ڏسيل آفيس ۾ پھتس. جڏهن مان اتي پھتس ته پروفيسر ڏاڍو پريشانيءَ واري حالت ۾ هيو ۽ ڳالھائي ڪونه پيو سگھي. مون در کولي اندر وڃڻ سان سلام ڪيو، مگسي صاحب ۽ ٻيا سڀ سٺي نموني مليا. يونيورسٽي جي شاگرد اڳواڻن ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي جڏهن به مليو ته عزت سان ملندو هيو، بنسبت ڪجھه ٻين ڪامريڊ دوستن جي.
جڏهن مان اندر ويس ته انھن دوستن مان هڪ ڄڻي اٿي دروازو بند ڪيو. مون نظر ڦيرائي ڏٺو اتي آيل سڀ دوست اسلحي سميت آيل هيا. جنھن جي ڪري پروفيسر پريشان هيو ته متان ڪو ڪم خراب نه ٿئي. مون ويھڻ شرط قادر مگسي کي ڪجھه رعبدار انداز ۾ چيو ته قادر تون ڇا ٿو سمجھين ته توهان جيڪي هي من مستي انھي اسلحي جي زور تي ٿا ڪيو. يا اهو سڀ ڪجھه اسان جي ڍرائي جي ڪري؟ پھرئين ته اهو ٻڌاءِ مان هتي مھمان ٿي توهان جي سڏ تي آيو آهيان. ڇا اها سنڌ جي روايت ۾ آهي ته ڪنھن کي گھر گھرائي پوءِ اسلح ڏيکارجي؟ سڀني چيو ته سائين نه اسان ته صرف پنھنجي دفاع خاطر کنيو آهي. مون وراڻي چيو ته ڇا توهان کي اها خبر ڪانه هئي ته مان اڪيلو ۽ هٿين خالي پيو اچان. چيائون سائين اسان کي خبر آهي ته توهان هميشه اڪيلا ۽ بغير باڊي گارڊ جي ايندا آهيو. مون چيو ته پوءِ هي ڇا آهي جو سنڌ ثقافت جي لتاڙ ڪئي آهي توهان؟
چوڻ لڳا ته سائين اسان جي غلطي . مون سڀني کي چيو ته اها غلطي ناهي ۽ توهان ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو ته جڏهن مون چاهيو ته توهان مان ڪنھن کي به گرفتار ڪرڻو آهي ته مان ڪري سگھان ٿو. ڇو ته مونکي اها سڀني جي باري ۾ خبر آهي ته توهان گذريل پندرهن راتيون ڪھڙي ڪھڙي ڪمري ۾ هيا؟ ۽ اها به خبر اٿم ته توهان ايندڙ پندرهن ڏينھن ڪھڙن ڪمرن ۾ رهندا. وڌيڪ مون چيو هڪ ته توهان جا سٺ سيڪڙو کان وڌيڪ ڪامريڊ ايجنسين جي پي رول تي آهن ڇا مون کي اها ڄاڻ نٿي ملي سگھي ته توهان ڪٿي ۽ ڪھڙي حال ۾ آهيو؟ سڀني ويٺل دوستن مان ڪنھن هڪ به اهو ڪونه چيو ته سائين توهان اسان تي اهو بھتان ٿا هڻو. سڀ خاموش ٿي ويا.
انھيءَ کان پوءِ مون انھن کان پڇيو ته تالن ۾ ميجڪ توهان ڇو وڌو آهي. چوڻ لڳا اهي ٻئي تنظيمون اسان جي منشور مطابق سنڌ دشمن آهن، تنھن ڪري اسين انھن کي امتحان ۾ ويھڻ ڪونه ڏينداسين. مون چيو ته ان جو مطلب ته توهان جنرل ٽڪا خان جي راهه تي ٿا هلو، جيئن ان اوڀر پاڪستان ۾ چيو ته مونکي زمين کپي، مونکي ماڻھن سان ڪوئي واسطو ناهي. امن کپي صرف امن. جنھن جو نتيجو سڀني جي سامھون آهي.
ايل ايم سي سنڌ جي رهاڪن لاءِ ادارو ٺھيو آهي ته جيئن سنڌ جا ماڻھو تعليم حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن. اهو ڪٿي لکيل آهي ته جيڪو توهان جي تنظيم سان لاڳاپيل ناهي، ان کي پڙهڻ جو حق ناهي ۽ اهي سنڌي ناهن؟. جڏهن ته توهان اين ايس ايس او نيو سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي حمايت ڪندي انھن کي امتحان ۾ ويھڻ لاءِ سھولت ڏيو ٿا ۽ انھن کي توهانجي مطابق سنڌ جا سڄڻ قرار ڏيو ٿا. جڏهن ته سپاف ۽ ايس ايس ٽي جي لاڳاپيل شاگردن کي توهان سنڌي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهيو. انھيءَ جو مطلب ته توهان جي واڳ انھن وٽ آهي، جنھن اين ايس ايس او ٺاهي. چوڻ لڳا ته سائين ايئن بلڪل ناهي وغيره وغيره ته مون کين چيو جيڪڏهن ايئن ناهي ته پوءِ تالا کوليو. چوڻ لڳا ته سائين ڪاليج جي انتظاميه وڃي تالا کولي اسان ڪنھن به قسم جي مزاحمت ڪونه ڪنداسين. مون چيو ته نه جيئن تالن ۾ توهان ميجڪ وڌي آهي اهڙيءَ طرح تالا به توهان پاڻ کوليندا.آخر انھيءَ ڳالھه تي آماده ٿيا ۽ تالا پاڻ وڃي ٽوڙي کوليائون.
انھيءَ کان پوءِ ملاقات ختم ٿي پروفيسر جي جان ۾ جان آئي ۽ ٻاهر مون سان گڏجي آيو ۽ رستي ۾ چيائين ته سائين مان ڏاڍو پريشان هيس ته متان هي ڪا بدتميزي ڪن ۽ مونکي به ڪمري کان ٻاهر نڪرڻ ڪونه پيا ڏين، جو مان توهان کي مين گيٽ تائين واپس وڃڻ لاءِ چوان ها. پر الحمدلله منھنجي توقع کان وڌيڪ ڀلو ڪم ٿي ويو، جو امتحان ۾ ڪنھن به قسم جي گڙٻڙ ڪانه ٿيندي.
منھنجي عادت هوندي هئي ته مان هميشه پوري ڄامشوري ڪيمپس ۾ بغير پوليس ۽ ڊرائيور جي گاڏيءَ ۾ گھمندو هيس. ڪنھن وقت صرف ڊرائيور هوندو هيو پر تمام گھٽ.
سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلن خاص ڪري انٽرنيشنل هاسٽل ۾ ٻه ٽي ڌاڙيل رهندا هيا، جيڪي ٻاهران واردات ڪري هاسٽل ۾ اچي رهندا هيا. بقادار شاهه، صدورو شيخ عرف ڪشمير ۽ جانو آرائين ته تقريباً شاگرد اڳواڻن سان گڏ رهندا ۽ سپر هاءوي تي ڪارگذاري ڪندا هيا.
هڪ دفعي مان وي سي صاحب سان ملاقات ڪري واپس آيم پئي، جڏهن آرٽس فيڪلٽي ۽ زولاجي ڊپارٽمينٽ وٽان گذران پيو ته پنج ست ڪامريڊ گاڏي جي اڳيان اچي بيٺا، مون گاڏي روڪي. مون کي چوڻ لڳا ته هيڏي ڪاڏي ٿا وڃو، هي ته اسان جي حد آهي. مون چيو اها مون کي خبر ناهي ته اها توهان جي حد آهي پر سنڌ سرڪار مونکي اها حد ڏني آهي. چيائون ته اسين سنڌ سرڪار کي ڪونه ٿا مڃيون. مون پڇيو ته ان جو مطلب ته توهان هن حد جا مالڪ آهيو. چوڻ لڳا ته بلڪل، مون چيو چلو انجو مطلب ته مان توهان جي حد ۾ آهيان. چوڻ لڳا ته توهان بلڪل صحيح سمجھيو. مون چيو ته جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ ڀلا جيڪڏهن ڪو توهان جي حد ۾ مھمان اچي ته انکي چانھه ۽ ماني جي صلاح به ڪونه ڪندا آهيو. چوڻ لڳا ته سائين ايئن ڳالھه ناهي، مون چيو ته هلو مونکي چانھه پياريو مان توهان جو مھمان آهيان. چيائون ته سائين هلو، مان انھن سان گڏ هاسٽل ڏانھن ويس. انٽرنيشنل هاسٽل جي سامھون ٻاهر مون گاڏي روڪي ۽ ٻاهر گاڏي مان لھي آيس، مون حجائتي انداز ۾ چيو ڀائو چانھه پياريو پر ڪڙڪ چانھه هجي. سڀني جو زور هيو ته هاسٽل جي اندر هلو مون کين چيو ته وڻ جي ڇانو ڏاڍي سٺي آهي، اتي ڪجھه ڪرسيون پيون هيون مان اتي ويھي رهيس. اڌ ڪلاڪ انھن سان ڀوڳ ٺڪاءُ ڪري روانو ٿي ويس.
1986ع ۾ ڪمال راهمون نالي ايل ايم سي جو شايد سيڪنڊ يا ٿرڊ پروفيشنل جي اسٽوڊنٽ جو ڪاليج اندر قتل ٿيو، انھي کان پوءِ ڄامشورو ڪيمپس جي جملي هاسٽلن تي چوديواري ڏيڻ جو فيصلو ٿي ويو. چوديواري جو مسئلو اڳئي زيرغور هيو پر انکان پوءِ ترت فيصلو ٿيو.چوديواريءَ جي ڪري گھٽ ۾ گھٽ ڌاڙيلن ۽ ڏوهاري ماڻھن جو رهڻ مشڪل ٿي ويو.