آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

محمد جمن ڄامڙي جي آتم ڪٿا خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن  جي تجربن جو نچوڙ آهي. ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنھن سنڌ جي ٺپ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاھ گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بہ حاصل ڪيائين تہ ننڍڙيون نوڪريون بہ ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22 هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو.

Title Cover of book سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

نوابشاهه ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جا پروٽوڪول

مونکان اڳ نوابشاهه جو ڊي سي غلام علي شاهه پاشا هيو. غلام علي شاهه پاشا اسان پاڻ ۾ بيچ ميٽ به آهيون. شاهه صاحب فون ڪري چيو ته مھرباني ڪري توهان 03 جنوري 1989ع تي اچي مونکان چارج وٺو، مون چيو ته ٺيڪ آهي. مان جنوري 03 تي وڃي ڊي سي نوابشاهه جي چارج وٺي ڪم شروع ڪيو. نوابشاهه منھنجي لاءِ ڪو نئون علائقو ڪونه هيو، تنھن ڪري مونکي علائقي جي ضرورتن ۽ مسئلن کي سمجھڻ ۾ ڪا دير ڪانه لڳي. نوابشاهه سان پراڻي وابستگي جي ڪري ڪافي دوست ملڻ لاءِ آيا. پھرين ٻن ڏينھن ۾ تقريباً ضلعي جي گھڻن دوستن سان ملاقات ٿي، جنھن ۾ احمد علي جلباڻي، شوڪت شاهه، چوڌري جميل بئريسٽر، سلام خان زرداري، غريب نواز زرداري، خان محمد جمالي، غلام مصطفيٰ جمالي، آفتاب شاهه، فيض محمد هيسباڻي، محمد علي ڀرڳڙي، چوڌري محمد ايوب، رحيم بخش جمالي، اصغرعلي رند، مير ڪرم جمالي، ولي محمد شاهه، غلام سرور شاهه، عبدالستار راڄپر، امان الله ڏاهري شاهه پور چاڪر کان، عطا محمد ڏاهري، سمون خان ڏاهري، وڪيل علي محمد ڏاهري، عبدالله چانڊيو، عبدالستار ڪيريو، سيد جيئل شاهه، رئيس رضا محمد ۽ مٺل ڏاهري، غلام الرسول زرداري، چوڌري عبدالطيف، پھلوان غلام محمد شر، جسٽس علي محمد بلوچ، چوڌري غلام نبي، عنايت رند، ڊاڪٽر عمر ڏاهري، شبير سھتو ۽ ٻيا شامل هئا.
هفتي کان پوءِ رحيم بخش جمالي جيڪو انوقت ايم پي اي هيو تنھن فون ڪيو ته سائين ضلعي نوابشاهه جو سپاف جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري مون وٽ ويٺا آهن، جيڪڏهن فرصت آهي ته مان هينئر اچان يا توهان جڏهن ٿورو فارغ ٿيو ته فون ڪجو. مون چيو ته ڀلي هليا اچو، ٿوري دير کان پوءِ رحيم بخش جمالي ۽ ٽي چار سپاف جا ضلعي عھديدار آيا. جنوري جو ٽيون هفتو هيو، سردي به جام هئي. سپاف جي صدر جي قميص جا سڀ بٽڻ کليل هيا. مون جڏهن ڏٺو ته سپاف جي صدر جا بٽڻ کليل ۽ ڪرسي تي ويھڻ جو طريقو وڏائي سان ڀرپور هيو. سپاف جي صدر پنھنجو تعارف ڪرائڻ شروع ڪيو ته مون انکي اتي روڪي چيو ته اڳ ۾ ٻاهر وڃ ۽ قميص جا سڀ بٽڻ بند ڪري پوءِ آفيس ۾ اچي ويھه. پھريان ته هن کي اها ڳالھه سٺي ڪونه لڳي، پر رحيم بخش چيس ته صاحب صحيح ٿو چوي، ٻاهر وڃ ۽ بٽڻ بند ڪري اچ. ٻاهر وڃي بٽڻ بند ڪري آيو پر نفسياتي طور پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪرڻ لڳو.
رحيم بخش جمالي صاحب چيو ته سائين اسانجي نوجوانن جي ڪجھه ٻڌو. مون چيو ته ڀائو ٻڌايو ڇا مسئلو آهي؟ سپاف جو صدر شروع ٿي ويو ته سائين ڪنڊيارو، نوشھروفيروز ۽ هڪ ٽئين ڪاليج جي پرنسپالن اسان سان جنرل ضياءَ جي دور ظلم ۽ زيادتيون ڪيون آهن. سپاف جي ڪيترن ئي شاگردن کي ڪاليج کان نيڪاليون ۽ جٺيون ڪيون آهن. هينئر اسان جي حڪومت آئي آهي ۽ اهي سڀ پرنسپال اتي اڃا تائين ويٺا آهن. ٽن ڏينھن کان پوءِ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا پيپر ٿيڻا آهن. هاڻي اسان اهو ٻڌائڻ آيا آهيون ته جيڪڏهن اهي پرنسپال انھن ڪاليجن ۾ هوندا ته اسان امتحان ٿيڻ ڪونه ڏينداسين.
مون چيو ته بس يا ڪو ٻيو مسئلو به آهي؟ چيائون ته بس اسان جو اهو چوڻ آهي. مون انھن جي سامھون پنهنجي پي اي کي چيو ته مونکي سڀئي ايس ڊي ايمز ملائي ڏي. هڪ هڪ ڪري ايس ڊي ايم ملائيندو ويو ۽ سپاف جي عھديدارن ۽ رحيم بخش جمالي جي سامھون مون سڀني کان پڇيو ته هينئر جيڪو امتحان ٿيڻو آهي، انھي لاءِ ڇا انتظام ڪيا اٿو. سڀني ٻڌايو ته قلم 144 لڳل آهي، فوٽو اسٽيٽ ڪرڻ واريون سڀ مشينون امتحان جي وقت بند ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. مون ورائي سڀني کي چيو ته ڳالھه چڱي طرح ٻڌو ته امتحان جي مرڪز کان ٽي سو گز جي پنڌ تائين ڪنھن کي به اچڻ نه ڏجو، چاهي اهي ڪير به هجن. يا ڪي شاگرد تنظيمن جا عھديدار هجن، چاهي اها سپاف هجي، جئي سنڌ هجي يا ڪا ٻي، جيڪڏهن ڪنھن به طرح قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪن ته اتي جو اتي ٻڌي قانون جي حوالي ڪيو، ڪنھن به قسم جي رعايت ناهي ڪرڻي.
سپاف جي صدر اتي چيو ته سائين اها ته اسان جي بيعزتي آهي ۽ حڪومت به اسانجي ۽ اسين خاموش ٿي ويھون. اسان پنھنجي طرفان ڪوشش ڪري امتحانن ۾ گڙ ٻڙ ڪنداسين. مون چيو ته بابا توهان پنھنجو ڪم ڪيو، اسين پنھنجو ڪم ڪنداسين، جيڪڏهن توهان امتحان جي سينٽرن جي ڀرپاسي به ويا ته اسين قانون مطابق امن و امان قائم ڪرڻ لاءِ سڀ اپاءُ وٺنداسين. رحيم بخش جمالي ۽ سپاف جا دوست آفيس کان ٻاهر نڪري ويا. رحيم بخش جمالي خاموش رهيو ڪنھن به قسم جو ردعمل ظاهر ڪونه ڪيو. امتحان جي موقعي ته پوري ضلعي ۾ ڪٿي به سپاف يا ڪنھن ٻئي شاگرد تنظيم ڪنھن به قسم جي ڪا اهڙي ڳالھه ڪانه ڪئي، جو امتحان ۾ ڪا رنڊڪ ٿي ۽ امتحان خير خوبي سان ٿي ويا.
1989ع جنوري جي آخر يا فيبروري جي پھرئين هفتي ۾ عبدالستار ڪيريو آيو ته ۽ چيائين ته سائين منھنجي سؤ ايڪڙ زمين سڪرنڊ بڇيري باءِ پاس تي قاضي احمد روڊ وٽ آهي. مان اها زمين چاهيان ٿو ته توهان نوابشاهه پبلڪ اسڪول لاءِ تجويز ڪيو. مون چيو ته مان سرزمين ڏسي تنھن کان پوءِ حتمي ٻڌائيندس ته آيا اُها زمين پبلڪ اسڪول لاءِ موزون آهي يا نه. انھن ڏينھن ۾ عبدالستار ڪيريو صاحب سڪرنڊ شگر مل جي ٺھرائڻ ۾ اڳيان هيو ۽ زرداري صاحب جي ويجھن دوستن ۾ شمار ٿيندو هيو. سرزمين مون ڏٺي پبلڪ اسڪول لاءِ موزون هئي، مون کي ڪيريو صاحب چيو ته زمين جي قيمت هڪ لک روپيه توهان تجويز ڪيو. مون چيو ته سائين منھنجا ايتري ته پوري پروجيڪٽ جي به قيمت ڪانه ٿيندي جيتري توهان جي زمين جي ٿيندي. تنھنجي غيرآباد زمين آهي اٺ کان نو هزار کان مٿي جي قيمت ڪانه ٿيندي، انھي جي جاءِ تي توهان ايتري قيمت چئو ٿا سا ته مان ڪنھن به حالت ۾ تجويز ڪونه ڪندس. ڪيريو صاحب چيو ته توهان کي هڪ لک روپيه في هڪ ايڪڙ جي قيمت تجويز ڪرڻي پوندي ۽ تڪڙ ۾ ٻاهر نڪري ويو. انھي وقت سٺي زمين جي قيمت به ڏهه ٻارهن هزار کان وڌيڪ ڪانه هوندي هئي.
عبدالستار ڪيريو صاحب هفتي کان پوءِ وري فون ڪري ٽائيم وٺي آيو ۽ چوڻ لڳو ته منھنجي اوطاق تي هلو ۽ چانھه پيو. مون چيو ته ڀائو اتي آهيون، ڪنھن موقعي تي اتان گذرڻ ٿيو ته چانھه اچي پيئنداسين. زور ڀرڻ لڳو ته نه هاڻي، مون چيو هينئر ته مان ڪونه هلندس. وري چيائين منھنجو هڪ ذاتي ڪم آهي اهو ڪيو. مون چيو ته ٻڌايو، چيائين ته ايس پي کي چئو ته عبدالله چانڊيو کي گرفتار ڪري. مون چيو ته ڇاجي ڪري عبدالله کي گرفتار ڪري؟ چيائين ته هن ڏانھن منھنجا حساب ڪتاب رهيل آهن. مون چيو ته پوءِ انھي لاءِ سول ڪيس ڪيو، جيڪڏهن توهان جو پاڻ ۾ ڪنھن حساب ڪتاب جو ڪو معاملو آهي باقي منھنجو اهو ڪم ناهي ته مان ڪنھن کي بغير ڪنھن ڏوهه جي گرفتار ڪرايان. بھرحال هي ڪافي مايوس ٿي واپس ويو. جيستائين مان نوابشاهه ۾ هيس تيستائين مون عبدالله کي گرفتار ڪرڻ ڪونه ڏنو، ڇوته هن جو ڪوئي قصور ڪونه هيو. عبدالله چانڊيو ۽ عبدالستار ڪيريو جي اڳ پاڻ ۾ گھاٽي ياراني هئي پوءِ ڇاجي ڪري هڪٻئي سان بگڙيا اهو چئي نٿو سگھجي.
مون نوابشاهه وڃڻ شرط اهو طئه ڪيو هيو ته جيترو ٿي سگھي اوترو ضلعي جي عوام کي سھولت ڏجي. انھيءَ ڪري مون هفتي ۾ ٻه ڏينھن رکيا هيا، جنھن لاءِ مان نوشھروفيروز وڃي مورو، نوشھرو فيروز ۽ ڪنڊيارو تعلقه جا روز مره جا معاملا اتي وڃي مسئلن کي ٻڌي ۽ جيڪو منھنجي حساب سان صحيح هوندو هيو ڪندو هيس. روينيو ڪيسن جي انھن تعلقن متعلق اتي وڃي فيصلو ڪندو هيس. ڊوميسائيل ۽ پي آر سي به اتي وڃي صحيح ڪندو هيس. منھنجي اها عادت رهي آهي ته ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ ۽ پي آر سي هميشه مان پنھنجي دستخط سان جاري ڪندو هيس. انھي ڪري گھڻو ڪري ڊوميسائل وٺندڙ کي گھڻو وقت ڪونه لڳندو هيو. مون کي ياد ناهي جو ڪڏهن به ميز تي ڪوئي فائيل اڪلائي بغير سمھيو هجان.
مارچ جو مھينو هيو، صبح سوير مان گھر واري آفيس ۾ ويٺو هيم ته مرحوم پنھل چانڊيو جو پٽ نالو هينئر ياد نٿو اچي، گھڻو ڪري غلام عباس نالو هيس. آيو ۽ چيائين ته ادا ٻاهر گاڏي ۾ ويٺو آهي. مون چيو ته ڀلي هليا اچن. وري چيائين ته سائين ٻاهر گاڏي ۾ ويٺل آهي. مون چيو ته ڀاءُ هليو اچي ڪنھن به قسم جي روڪ ٽوڪ ڪانھي. وري چيائين ته ڊي سي صاحب هو سنڌ سرڪار جو ايڊوائزر آهي. مون چيو ته پوءِ مان ڇا ڪيان؟ چيائين ته سائين هو ٻاهر گاڏي ۾ ويٺو آهي. نيٺ سنڌ سرڪار جو ايڊوائزر صاحب آيو ۽ اچڻ سان چوڻ لڳو ته اهو ڪھڙو طريقو آهي جو مان ٻاهر آيو آهيان ۽ توهان آڌرڀاء لاءِ نٿا ٻه قدم ڀري ٻاهر اچو. مون چيو چانڊيو صاحب اهو ٻڌاءِ ته توهان ڪڏهن سنڌ سرڪار جا ايڊوائزر ٿيا آهيو. چيائين ته ڪالھه، مون چيو ته توهان وٽ سنڌ سرڪار جي نوٽيفڪيشن آهي چيائين ته نه. مون چيو حضرت اهو ٻڌاءِ ته مونکي ڪيئن خبر پوي ته توهان ايڊوائزر آهيو. مون چيو ته آرام سان ويھه ۽ مونکي اهو ٻڌاءِ ته تو مونکي فون ڪري ٻڌايو ته مان اچان ٿو ۽ فلاڻي تاريخ يا ٽائيم تي. چيائين ته نه، مون چيو ته اهو ڪھڙو طريقو آهي جو منھنجي آفيس اچڻ کان پوءِ چوين ٿو ته ”جاڙا خان ڪتو جھل ته مان اچان“.
چوڻ لڳوته پروٽوڪول منھنجو حق آهي. مون چيو ته بادشاهه پروٽوڪول وٺڻ لاءِ به طريقيڪار مقرر آهي، جيڪڏهن توکي پروٽوڪول جو ايترو شوق آهي ته اڳم پروٽوڪول کي سمجھه ۽ ان مطابق اچ ته انھي حساب سان جائز پروٽوڪول ملندو. پنھنجي ڀاءُ کي ٻاهر ڪڍي چيائين ته تون ٻاهر هل مونکي ڊي سي صاحب سان ٿورو ڳالھائڻو آهي. چيائين ته ڄامڙو صاحب توهان ته منھنجي ڦوري لاهي ڇڏي، يار گھٽ ۾ گھٽ تون مونکي منھنجي ڀاءُ جي سامھون ايئن نه چئين ها. چيائين ته همراهه کي شوق هيو ته مان ايڊوائيزر ٿيو آهيان ته ڊي سي ۽ ايس پي تي رعب ٿيندو. مون چيس ته جيڪڏهن توکي پروٽوڪول کپي ته ڪراچي کان ٻاهر نڪرڻ کان اڳ پنھنجي سيڪريٽري جي معرفت ليٽر لکندو ڪر ته ايڊوائيزر صاحب فلاڻي ڏينھن تاريخ تي هن ٽائيم تي ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ ايندو، ڪٿي ويندو ۽ ڇالاءِ ٿو اچي، ٿورو تفصيل ڏياري موڪليندو ڪر ته پوءِ اسين توهان جو استقبال اچي ڪنداسين. چيائين سائين مھرباني اڳتي مان ايئن ڪندس.