جان جيڪب ۽ هاڻي جي جيڪب آباد
سيوي يا سبي جي گرمي ته مشھور آهي جو اتان جا ماڻھو چوندا آهن، الله سائين سيوي جي گرمي هوندي دوزخ کي ٺاهڻ جي ڪھڙي ضرورت هئي؟ سيوي جيڪب آباد کان تقريباً هڪ سؤ سٺ پنجھٺ ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي، تنھنڪري جيڪب آباد گرمي جي لپيٽ ۾ رهندو آهي. گرميءَ جي موسم ۾ برف به پنھنجو اثر گھٽ ڏيکارڻ تي مجبور هوندي آهي.
جيڪب آباد جو هر ماڻھو سوچڻ تي مجبور هوندو آهي ته برگيڊيئر جان جيڪب اهڙي موتمار گرميءَ جي باوجود پنھنجي سڄي حياتي جيڪب آباد جي حوالي ڪئي، جو ايتري تائين مرڻ کان پوءِ اباڻي ٿڌي آبھوا ڏانھن وڃڻ جي مقابلي ۾ جيڪب آباد جي مٽيءَ ۾ دفن ٿيڻ کي ترجيح ڏنائين. جيڪب آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ اين 65 تي روڊ جي کاٻي پاسي جيڪب آباد جي قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي. جيڪب آباد جا ماڻھو مون پاڻ ڏٺو ته اڄ تائين وڏي عزت ۽ احترام سان وڃي سندس قبر تي سندس مغفرت لاءِ دعا جا هٿ کڻندا آهن. جنھن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته جيڪب آباد جي ماڻھن ۾ جان جيڪب جي لاءِ دل ۾ ڪيتري عزت ۽ احترام آهي.
مونکي شهر جا ٻه جھونا رهواسي مليا، جن ٻڌايو پئي ته سائين جيڪو هن وقت جيڪب آباد شھر آهي اهو ته اسان تصور به ڪونه ڪيو هيو ته اسانجي زندگيءَ ۾ ايئن کنڊرات ٿي ويندو. پاڪستان کان اڳ باقاعده رستن ۽ ڳلين جي صفائي ٿيندي هئي، پخالي رستن تي ڇنڪار ڪندا هيا. ڳليون تمام ڪشاده هونديون هيون. هندو مسلمان پاڻ ۾ امن ۽ ڀائيچاري واري فضا ۾ گڏ رهندا هيا. معتبر ۽ شريف جي عزت هوندي هئي. جيڪڏهن رستي ويندي کير هارجي پوندو هو ته به صاف ۽ چٽو اڇو هوندو هيو. کير کي زمين تي به مٽي ڪانه لڳندي هئي. ابا هاڻي ته نه اهي پخالي رهيا آهن رستن تي ڇنڪار ڪرڻ وارا، نه وري اهڙا ڪشاده رستا ۽ صاف ڳليون بچيون آهن. اڳي نالين جي مٿان صبح جو سوير ڀنگي اچي صفائي ڪري ان جي مٿان چونو هاري هليا ويندا هيا. هاڻي اهي سڀ وڏا ڪشاده رستا وڃي باقي بچيا آهن جو گڏه گاڏو به گذري نٿوسگھي. ڇانو لاءِ وڻ لڳل هوندا هيا، جتي مسافر يا واٽ ويندڙ ويھي جھٽ آرام ڪندا هيا. هاڻي ته ابا اهي وڻ به ويا ته اهي واهيرا به ويا.
اڳي رئيسن جا عاليشان وڏا گھر ٺھيل هوندا هيا، جتي ماڻھن جو اچڻ وڃڻ لڳو پيو هوندو هيو، لنگر به حال آهر پيو هلندو هيو. ڀلا ڀلا ٽانگا پيا مسافرن کي هيڏاهن کان هوڏانھن آڻيندا ۽ کڻي ويندا هيا. ابا صبح جو جڏهن ٽانگا هلندا هيا ته گھوڙن جي هلڻ سان روڊن تي سنب لڳڻ سان جيڪو سريلو آواز نڪرندو هيو ڏاڍو من موهيندڙ ۽ ڪنن کي سرور ايندو هيو. وقت تي ريل گاڏي جو اچڻ ۽ وڃڻ اهڙو ته پڪو هوندو هيو جو ماڻھو پنھنجي گھڙي جو ٽائيم ان مطابق سيٽ ڪندا هيا. ڪنھن جو ڪو خط پٽ ايندو هيو ته پوسٽ آفيس جو پوسٽ مين شاندار ڊريس ۾ ايندو هيو. پوليس جو دٻدٻو ايترو هوندو هيو، جو هڪڙو سپاهي سڄي ڳوٺ کي سلھاڙي وٺي ايندو هيو. مجال آ جو ڪو ڪُڇي!
چاچي جي ڳالھين ٻڌڻ کان پوءِ جڏهن شھر جي ڪھڙي به پاسي کان لنگھڻ ٿيندو هيو ته محسوس ٿيندو هيو ته واقعي اسان جي نسل وڏن جي ٺھيل ٺڪيل شين کي تباھه ۽ برباد ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي آهي. جڏهن رستي سان ڏسندو هيم ته هي بگٽي صاحب جو بنگلو آهي. هي جمالي صاحب جو بنگلو آهي، هي کوسو صاحب جو بنگلو آهي، هي سومرو صاحب جو بنگلو آهي. پر انھن بنگلن جي اها رونق ۽ آب و تاب غائب ۽ وڏا وڏا دروازا بند پيا آهن، انھن بنگلن جي سامھون گند ۽ ڪچري جا ڍير لڳا پيا آهن. ”اهي ڏينھن اهي شينھن.“
رستي تان گذرڻ ڄڻ ته پلصراط تان ٽپڻو وانگر هنيانءُ ڏڪائي ڇڏي. خبر ڪانه پوندي ته گڏهه گاڏو ڪٿان آيو ڌڪ هڻي نڪري ويندو، ماڻھو کي خبرئي ڪانه پوندي ته هي ڇا ٿي ويو بلڪل افراتفري وارو ماحول. رستن ۽ گھٽين تي قبضا، ڪو روڊ رستو ڀڃ ڊاهه کان خالي ڪون.
ننڍي هوندي ٻڌندا هياسين ته واڻيا وياج وٺندا آهن پر اهو ايڏو ڳاٽي ڀڳو وياج ڪونه هوندو هيو، جيڪو مونکي خبر پئي ته مسلمان وٺن ٿا. هندو مون پاڻ ڏٺو ته جيڪڏهن ڪنھن ڏي پئسه هوندا هين ته اهي ڍڳو ڍور وٺي وري باقي ڇڏي به ڏيندا هيا. هاڻي ته حالت اها هئي جو مان ڪھڙو حال اوريان. هڪ دفعي هڪ ماڻھو آيو، جنھن ٻڌايو ته سائين مون هڪ بروهي کان سٺ ستر هزار روپيه ورتا، اڄ کان ست اٺ سال اڳ، هاڻي انھن ستن اٺن سالن ۾ هڪ لک کان وڌيڪ روڪ رپيه واپس به ڏنا آهن، انھيءَ کان علاوه پنج جريب زمين به وڪرو ڪري انھن پئسن ۾ ڏني آهي، پوءِ به اڃان چوي ٿو ته جيڪڏهن هن مھيني ۾ نوي هزار روپيه واپس ڪندين ته ٺيڪ نه ته ايندڙ مھيني ۾ لک روپيه ڏيڻا پوندا. مون پڇيو ته اهو بروهي ڪٿي آهي؟ ٻڌايائين ته هلڻ جھڙو ناهي گھر ۾ بيمار پيو آهي، ۽ هينئر پاڻ کڻائي ڪراچي ويو آهي. اتفاق سان اهو منھنجو اتي آخري ڏينھن هيو، جو مان انجي مدد ڪرڻ لائق ڪونه هيس. پر افسوس ڏاڍو ٿيو ته اسين ڪيئن ڪنھنجي مجبوري مان ناجائز فائدو وٺون ٿا.
جيڪب آباد شھر جھڙيءَ طرح خوبصورت انداز ۾ تعمير ۽ ترقي ڪري وڌيو هيو. اهڙيءَ طرح جيڪب آباد شھر کي بيدردي سان لٽي تباهه ڪيو ويو آهي. پراڻن رستن جا ڪٿي آثار نظر اچن پيا، جن مان لڳي پيو ته هي شھر پلاننگ تحت ٺھيو هيو. پر هاڻي اهي سڀ ماضي بعيد جو قصو بڻجي چڪو آهي.
هڪ دفعي فون ڪري بابل جکراڻي منھنجي آفيس آيو، منھنجي ان سان پھريون دفعو ملاقات هئي، باقي مون بابل لاءِ ٻڌو هيو ته ايم اين اي به رهيو آهي. اچڻ سان مليو ڪرسي تي ويٺو پنھنجي پٽ اعجاز جکراڻي جيڪو ان وقت ايم اين اي هيو، انجي خلاف شروع ٿي ويو. مان هن جون ڳالھيون ٻڌڻ ۾ محو ٿي ويس، ٿوري دير کان پوءِ مون ڏٺو ميز تي ڪجھه آلاڻ ٿي وئي ۽ وقفي وقفي سان پنھنجي منھن تي هٿ ڦيري پيو. اعجاز تان بس ڪري، پنھنجي ڀائٽي تعلقه ناظم تي شروع ٿي ويو. مون بال پين کڻي ڪاغذ تي ڪجھه ڳالھيون نوٽ ڪيون. جڏهن بس ڪيائين ته مون چيو مير صاحب هاڻي ڳالھه ٻڌ! تو سان پٽ ۽ ڀائٽي وڏي زيادتي ڪئي آهي، مان سڀ نوٽ ڪيون آهن، هاڻي تون وڃ مان پاڻھي ٻنھي خلاف قانوني ڪاروائي ڪريان ٿو. مان انھن جي خلاف سرڪار ڏانھن لکان ٿو ۽ تو سان جيڪي به زيادتيون ڪيون اٿن مان توکي سڀ وٺرائي ڏيان ٿو. مير صاحب پريشان ٿي ويو، چيائين ته سائين ايئن نه ڪيو، مان ٻنهي کي معاف ڪيو، بس هاڻي توهان ڇڏيو، مون چيو ته مير صاحب هي ڪاغذ ڏسين ٿو؟ چيائين ته ها! مون چيو ته هينئر صرف خالي پنو ناهي، اها تنھنجي سو چوهٽ جو بيان آهي. ان بيان تان ڦري ڪونه ٿو سگهين ۽ مان ٻنھي کي اهڙو قابو ٿو ڪيان جو ڏيھه ويھي ڏسندا.
چوڻ لڳو سائين انھن ٻنھي جي اليڪشن تي مون ٻه ٻوريون روپين جون خرچ ڪيون آهن. توهان کي خبر ناهي شايد مان ماڻھن جو اليڪشن ۾ احسان ڪونه کڻندو آهيان. اليڪشن جي رات ماڻھن کي گھرائي جيتري رقم گھرندا آهن، مان انھن جي مدد ڪندو آهيان. سائين توهانکي ڪھڙي خبر، ماڻھن ۾ غربت آهي مدد ڪرڻ اسانجو فرض آهي. مون چيو ته اهو توهان غيرقانوني ڪم ٿا ڪيو. چوڻ لڳو ته ڪوئي غير قانوني ناهي، اسان ووٽ ڏيڻ وارن جو احسان ڪونه کڻون، نڪي هو پيئسن جو احسان سمجھن هي ته واپار آهي. بار بار الو الو چوي پيو، مونکي سمجھه ۾ ڪونه پيو اچي ته الو ڪھڙي شئي آهي. مون پڇيو ته ميرصاحب هي الو ڇا آهي؟ چيائين: الاهي بخش سومرو.
منھنجي فيملي ٻارن جي تعليم خاطر ڪراچيءَ ۾ رهندي هئي، تنھن ڪري ٻارن جو فڪر هميشه رهندو هيو. اها هڪ حقيقت آهي ته جڏهن ٻار چوڏهن پندرهن سالن جي عمرکان مٿي چڙهي ٿو ته ٻار پنھنجي ماءُ کان آهستي آهستي ڊڄڻ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ پيءُ جو ٿورو گھڻو ڀَوَ وري به رهيس ٿو. اهائي عمر آهي جو انکان پوءِ ٻار بگڙجي سگھي ٿو، جيڪڏهن انھن جي مٿان اها نظر نٿي رکجي ته. مان ٻارن کي جيڪب آباد انھي ڪري نه پيو وٺي اچان جو ڪل آفيسر ذائقه البدلي جي ڪابه خبر نه هوندي آهي. هلي ته سال به هلي، نه هلي ته هفتو به نه هلي، ايئن سمجھو ته پوسٽنگ هڪ چائنيز ميڊ شئي آهي، جنھن تي ڪوئي اعتبار ناهي.
ٻارن جي مستقبل خاطر ته اهي جيئن صحيح انسان ٿين، انھيءَ لاءِ مون فيصلو ڪيو ته ڪٿي اهڙي جاءِ تي پوسٽنگ ڪرائجي جو جيڪڏهن هڪ ڊپارٽمينٽ کان ٻئي ڊپارٽمينٽ ۾ پوسٽ ٿئي ته به اسٽيشن ساڳي هجي. انھيءَ ڳالھه کي نظر ۾ رکندي مون اسلام آباد ۾ پوسٽنگ ڪرائڻ جو سوچيو. اسلام آباد پوسٽنگ ڪرائڻ جي لاءِ ٻه شيون منھنجي ذهن ۾ هيون.
اسلام آباد ۾ سنڌ جي نمائندگي اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، تنھنڪري اتي وڃي پنھنجي صوبي جي جيتري ٿي سگھي خدمت ڪجي. ٻيو ته ٻارن سان گڏ هجان ته جيئن اهي سٺا انسان ٿين.
جڏهن مير ظفرالله جمالي صاحب پنھنجي ڳوٺ لاءِ آيو ته مون کيس عرض ڪيو ته مونکي اسلام آباد سيڪريٽريٽ ۾ ڪٿي به پوسٽنگ ڪيو. چيائين ته ڇا ٿو چوين؟ سنڌي ۽ بلوچي آفيسر اسلام آباد ۾ رهڻ پسند ڪونه ٿا ڪن، ۽ تون اسلام آباد وڃڻ ٿو گھرين؟ مون چيو ته سائين مان اسلام آباد ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار آهيان! پنھنجي پي ايس او وحيد کي چيائين ته پرٽيڪيولر وٺي مونکي اسلام آباد ۾ ڏجانءِ.
ٻيو مون عرض ڪيو ته سائين اسان جي ڳوٺ ۾ گئس جي سھولت ناهي، جيڪڏهن مھرباني ڪري گمبٽ شھر کان ڳوٺ تائين گئس جي عنايت ڪيو. پي ايس او کي چيائين ته درخواست وٺي مون کي اسلام آباد ۾ ڏجانءِ. مون درخواست ٽائيپ ڪرائي ٽن ڳوٺن جي هڪ درخواست ٺاهي ڏني.
پير لولائي ڳوٺ، ڳوٺ حاجي غلام جعفر ڄامڙو، ڳوٺ وڏيرو مينھون خان ڄامڙو، پي ايس او سان مان رابطي رهيس ته جيئن گئس وارو ڪم جلدي ۾ پرائيم منسٽر ڊائريڪٽو جاري ٿئي. تقريباً ٻن هفتن کان پوءِ پي ايس او وحيد صاحب ٻڌايو ته ٻئي ڊائريڪٽوز هليا ويا آهن.