وڇ ڪلي آھر ڪڏندي آھي
وڏڙن جي واتان اسان ٻڌندا هياسين ته چوندا هيا ته ”ابا وڇ هميشه ڪلي آهر ڪڏندي آهي.“
جيڪي هميشه سنڌ جو ڪارڊ استعمال ڪري ڪامياب ٿيندا آيا آهن انھن پھريون دفعو اسان سنڌي آفيسرن کي جائز حق ڏيڻ کان محروم ڪيو. تنھنڪري اسان کي انھيءَ مشڪل فيصلي کي قبول ڪرڻو پيو.
منھنجو ٻيو بيچ ميٽ ان وقت چيف سيڪريٽري پنجاب هيو. مون ان سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته پارٽنر مان چاهيان ٿو ته پنجاب ۾ سروس ڪريان. ڇو ته مون سنڌ، بلوچستان ۽ مرڪز ۾ سروس ڪئي آهي تنھنڪري منھنجي لاءِ پنجاب ۾ گھرائڻ لاءِ مرڪزي سرڪار کي خط لک. مون وڌيڪ چيو ته منھنجي ڪابه چوائس ڪانه هوندي، ڀلي مونکي اوقاف جو سيڪريٽري لڳاءِ. مونکي چيائين ته ڪوئي مسئلو ناهي، مان گھڻو ڪري رات سي ايم صاحب کان منظوري وٺي خط لکان ٿو. مونکي اڳ جي ته خبر هئي ته نواز ليگ وارن جي منشور مطابق هو مونکي ڪونه پوسٽ ڏيندا، پر وري مون سوچيو ته متان هاڻي انھن سي او ڊي تي دستخط ڪيون آهن ۽ جلاوطن به رهيا آهن، تنھن ڪري ٿي سگھي ٿو ته پراڻي پاليسي کي بدلايو هجين. بھرحال ٻن ڏينھن کان پوءِ فون تي ڳالھائڻ ٿيو ته چيائين ته يار مون ڪوشش ڪئي پر ڪاميابي ڪانه ٿي. مونکي پوءِ ڪنھن دوست ٻڌايو ته سي ايم صاحب ڪافي ناراضگي ڏيکاري سي ايس کي. مونکي سي ايس پنجاب ڪونه ٻڌايو پر ٻئي دوست سان ڳالھيون ڪندي اهو ذڪر نڪتو جنھن ۾ هن انکي اهو ٻڌايو.
منھنجو هڪ ٻيو دوست سليم سيال صاحب اسٽيٽ لائيف انشورنس ۾ ڪم ڪندو آهي. سيال صاحب جو تعلق مظفرڳڙه ضلعي سان آهي. منھنجو ان سان چئن پنجن سالن کان وٺي سٺو رستو رهيو آهي. هڪ دفعي مونکي ڏينھن جو ٻارهين وڳي فون ڪري چيائين ته سائين ٻه ڳڀا ماني جا اچي مونسان گڏ کائو ۽ هڪ ٻه ٻيا دوست به هوندا. بليو ايريا ۾ آفيس هئي سو مان تقريباً ڏيڍ بجي وڃي سيال صاحب جي آفيس پھتس. سيال صاحب کي خبر هئي ته مان دال ڏاڍي شوق سان کائيندو آهيان، تنھن ڪري پنھنجي گھران زبردست مزيدار دال به ٺھرائي کڻي آيو. کاڌو سڀ گھر کان ٺھرائي پنھنجي آفيس ۾ کائڻ لاءِ سڏيو هيائين. مون کان علاوه ٽي ٻيا به دوست گھرايا هيائين. ماني کائڻ کان اڳ منھنجو انھن ٽنھي دوستن سان تعارف ڪرايائين. انھن کي چيائين ته سائين ڄامڙو صاحب نال زيادتي ٿي هي، هڻ ول تسان ڪوئي مدد ڪرو.
مونکي پوءِ ٻڌايائين ته هي تنوير گيلاني صاحب آهي ۽ وزيراعظم جو سڳو سوٽ آهي. ٻيو سھيل گيلاني اچ شريف جو آهي ۽ وزيراعظم جو ڀاڻيجو ۽ ٽيو هڪ ملڪ صاحب اهو به وزيراعظم جو ڪافي ويجھو. ملڪ صاحب کي ته مون اڳ به وزيراعظم هائوس ۾ ڏٺو هيو ۽ وزيراعظم سان ڪافي گھرائپ به هيس، جيڪو ڳالھائڻ مان نظر اچي پيو.
تنوير گيلاني ۽ سھيل گيلاني واقعي لڳا پئي ته خانداني ماڻھو آهن. تنوير گيلاني صاحب مونکي ڀاڪر پائيندي چيو ته جمن توکي خبر هجڻ کپي ته سيال صاحب منھنجو ننڍو ڀاءُ آهي ۽ هينئر کان وٺي تون منھنجو ڀاءُ جھڙو دوست. باقي رهي ڳالھه تو سان جيڪا زيادتي ٿي آهي، جو تنھنجا سڀ بيچ ميٽ پروموٽ ٿي ويا آهن ۽ ڪجھه جونيئر به پڻ، تنھن لاءِ منھنجو واعدو آهي ته مان يوسف کان پاڻھي ڪم ڪرائيندس. مون چيو ته سائين توهان جي مھرباني. منھنجي پٺي تي هٿ رکي چيائين ته انھي ۾ مھرباني جي ڪابه ڳالھه ناهي، اها منھنجي ذميواري آهي تون فڪر نه ڪر.
ٻئي ڏينھن پنھنجي آفيس ويٺو هيم ته پٽيوالي ٻڌايو ته سائين تنوير صاحب ملڻ لاءِ آيو آهي، مون چيو ته توکي خبر آهي ته مون وٽ سڀڪو بغير اجازت وٺڻ جي ايندو آهي، تو ڇو ڪين ٻڌايو ته هتي سڀڪو بغير اجازت جي اچي ملندو آهي. پٽيوالي چيو ته سائين مون اهو عرض ڪيو پر پاڻ ٻاهربيھي رهيا، چون ٿا ته صاحب کي اطلاع ڪر. خير پٽيوالو ويو ۽ تنوير صاحب کي اندر وٺي آيو. جيئن اندر آيا ته مان اٿي وڃي اڳڀرو ٿي مليم ۽ سائيڊ واري رکيل صوفه سيٽ تي وڃي ويٺاسين. چانھه ۽ ان سان گڏ بسڪيٽ يا سنيڪس پي ايم آفيس ۾ اسانکي فري ۾ ملندا هيا، جو اڪثر عوامي نمائندا ايندا هيا، انھن کي چانھه ۽ ڪافي جي صلاح ڪبي هئي. تنھنڪري جيڪڏهن ڪوبه مھمان ايندو هيو ته انھن لاءِ به اسان جي لاءِ مفت ۾ هيون، جنھن مان اسان سڀ سينيئر آفيسر پنھنجي مھمانن جي تواضع ڪندا هياسين. تنوير صاحب کان مون پڇيو ته سائين ڪافي يا چانھه؟ تنوير صاحب ڪافي ۽ سھيل صاحب چانھه جي لاءِ چيو. ٿوري دير کان پوءِ پٽيوالي سڀ شيون اچي ٽيبل تي رکيون.
تنوير گيلاني صاحب چيو ته جمن اسان رات جي ماني تي يوسف سان گڏ هياسين ۽ تنھجو ذڪر نڪتو. تنوير جيئن ته يوسف رضا گيلاني کان عمر ۽ رشتي ۾ وڏو هيو، تنھن ڪري سيد يوسف رضا گيلاني کي صرف يوسف چوندو هيو. چيائين ته يوسف به چاهي ٿو ته توکي پروموٽ ڪري پر چيائين ته يوسف جي لاءِ ڪو انھيءَ سلسلي ۾ شايد ڪو مسئلو آهي، جنھن کي مان پاڻھي منھن ڏيندس. چيائين ته اڄ مان ملتان وڃان ٿو، مھيني اڌ کان پوءِ مان وري ايندس. بھرحال منھنجو تنوير ۽ سھيل گيلاني سان رابطو هوندو هيو. ملتان کان جڏهن به ايندا هيا ته ملتاني حلوه کڻي ايندا هيا. مھيني ٻن کان پوءِ ڪجھه ٻاويھين گريڊ ۾ پروموشن ٿيا، ان پروموشن جي لسٽ ۾ هڪ به سنڌي ڪونه هيو بشمول منھنجي. مون تنوير سائين کي ٻڌايو ته سائين پرموشن ٿيا پر ان لسٽ ۾ منھنجو نالو ناهي. چيائين ته مان ايڏانھن اچان ٿو پوءِ ملنداسين. تنوير گيلاني جڏهن به اسلام آباد ايندو هيو ته ملڻ لاءِ مون وٽ ضرور ايندو هيو. تنوير صاحب ملتان کان سڌو منھنجي آفيس آيو ۽ مونکي چيائين ته اها لسٽ مونکي ڏي، جن جا ٻاويھين گريڊ ۾ پروموشن ٿيا آهن. مون لسٽ تنوير سائين کي ڏني، تنوير لسٽ ڏسي منھنجي آفيس مان ملٽري سيڪريٽري کي فون ڪري ٻڌايائين ته مان اسلام آباد آيل آهيان ۽ يوسف کي ٻڌاءِ تي رات جي ماني تي مان پي ايم هائوس ايندس. ملٽري سيڪريٽري پنجن منٽن کان پوءِ فون تي تنوير صاحب کي ٻڌايو ته پي ايم صاحب پريزيڊنٽ هائوس وڃڻو آهي، تنھنڪري پي ايم صاحب چيو ته صبح ناشتي تي توهان اچو.
ٻئي ڏينھن تنوير صاحب ملاقات کان پوءِ مون وٽ آيو۽ مونکي چيائين زرداري توکي سڃاڻيندو آهي؟ مون چيو ته ها. ٿوري دير لاءِ خاموش ٿي ويو. مون چيو ته سائين خير ته آهي؟ چيائين ته نه بس مون کي رڳو ڪنفرم ڪرڻو هيو. هيڏانھن هوڏانھن جون ڳالھيون ڪرڻ کان پوءِ وڃڻ لاءِ موڪلائي پيو ته مون چيو توهان ڇاجي ڪري اهو پڇيو؟ چيائين ته يوسف چيو ته مان جمن ۽ ٻه ٻيا به سنڌي آفيسر هيا جن کي پروموٽ ڪرڻ پئي چاهيو جڏهن صدر زرداري صاحب سان پروموشن متعلق ڳالھايو ته صدر صاحب سڀني جي لاءِ منع ڪري ڇڏيو، مان ڇا ڪريان. سھيل سائين به هيو، ان چيو ته جمن تنھنجو پروموشن مامي کان ڪرائينداسين.
مارچ 2012ع جون آخري تاريخون هيون، تنوير گيلاني ۽سھيل گيلاني صاحب منھنجي آفيس آيا. مونکي اچي چيائون ته گذريل آچر تي يوسف ملتان آيو هيو ۽ اتي يوسف رضا گيلاني جو ننڍو ڀاءُ مجتبيٰ، تنوير جو وڏو ڀاءُ جيڪو موسيٰ پاڪ گادي جو گادي نشين جيڪو تنوير جو وڏو ڀاءُ ۽ يوسف رضا جو ڀيڻويو، سھيل ۽ ٻيا گھر جا سڀ ڀاتي ماني تي گڏ ٿياسين، اتي سڀني تنھنجي پروموشن لاءِ هڪ زبان ٿي ڳالھايو آهي ۽ سڀني سان واعدو ڪري آيو آهي ته مان جلدي جمن ڄامڙو جو پروموشن ڪندس. مون چيو ته سائين توهان جي مھرباني، پر توهان هروڀرو زور نه ڏيوس، باقي منھنجي اچي ٽي چار مھينا سروس رهي ٿي پوءِ رٽائر ٿينداسين. تنوير صاحب چيو ته مان توکي ٻاويھه گريڊ ۾ رٽائر ڏسڻ چاهيان ٿو. ٻن ڏينھن کان پوءِ منھنجي آفيس ۾ تنوير، سھيل ۽ هاشمي آيا. هاشمي صاحب ايڪيو پراپرٽي ٽرسٽ بورڊ جو چيئرمين هيو. هاشمي کي منسٽر آف اسٽيٽ جو درجو مليل هيو. هاشمي اٿي مونکي چيو ته اڄ کان وٺي تون منھنجو باس آهين. اتي آفيس ۾ چانھه پي پيتائون ته پرنسپل سيڪريٽري جو فون آيو ته جمن توکي مبارڪ هجي، جو تنھنجو پروموشن ٿي ويو ۽ ٿوري دير ۾ نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ وارو آهي. اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ فيڪس اچي مليو ته محمد جمن ڄامڙو ٻاويھين گريڊ ۾ مجاز اٿارٽي پروموشن ڪيو آهي، پروموشن کان پوءِ سيڪريٽري انٽرفيٿ اينڊ نيشنل هارموني ڊويزن جو مقرر ڪيو وڃي ٿو. جيڪو اڳ ۾ اتي جاويد اقبال اعواڻ سيڪريٽري هيو، اهو منھنجو بيچ ميٽ هيو، مون ان کي فون ڪيو ته ڪٿين آهين چيائين ته مان لاهور ۾ آهيان. مون ٻڌايو ته منھنجي پوسٽ ٿي آهي تنھنجي جاءِ تي، پوءِ توهان ڪڏهن ايندا جو چارج ڏيون وٺون. مونکي چيائين پارٽنر مونکي اچڻ ۾ هفتو کن لڳندو باقي تون وڃين هينئر چارج ازيوم ڪري ڇڏ ۽ مونکي خوشي ٿي ته تنھنجو رهيل پروموشن ٿي ويو.
الله جو شڪر ادا ڪندي وڃي فيڊرل سيڪريٽري جي عھدي تي فائز ٿياسين. سول سروس ۾ فيڊرل سيڪريٽري هڪ مئراج هوندو آهي. انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ملڻو اهو ڪجھه هوندو آهي، جيڪو رب ڪائنات پنھنجي بندي لاءِ لکيو آهي. رزق جو مالڪ الله آهي پر وتايو فقير وانگر ته الله ڏئي ته اٿو پر کنگھڻ کڙڪڻ کان پوءِ.
مينارٽي جي سلسلي ۾ پريزيڊنٽ هائوس فنڪشن هيو ۽ صدر زرداري صاحب ان ۾ چيف گيسٽ هيو ۽ مونکي انھي سلسلي ۾ اتي وڃڻ ٿيو. جڏهن فنڪشن ختم ٿيو ته اتي لنچ جو انتظام به پڻ ڪيل هيو. جڏهن لنچ لاءِ گڏ ٿياسين ته زرداري صاحب اتي مليو ۽ منھنجي ڳٽي تي ٿڦڪي ڏيندي ڦڪي کل منھن تي آڻيندي چيائين ته ”جمن تون ملان ٿي گيا هيئن“ ڇو ته ان وقت منھنجي ڏاڙهي چڱي وڏي هئي.
بھرحال جڏهن الله ڏيڻ چاهيندو آهي ته اسباب پاڻھي ٺھندا ويندا آهن. منھنجو تنوير گيلاني صاحب محسن آهي ۽ مان تنوير گيلاني کي محسن ڪري سمجھندو آهيان ۽ جڏهن به ملتان کان گذرندو آهيان ۽ ٽائيم جي اڻاٺ نه هوندي آهي ته مان ضرور تنوير سائين جو سلام ڪري پوءِ اڳتي ويندو آهيان. تنوير سائين هميشه مونکي ملتان ۾ پنھنجي گھر ۾ ڀائرن وانگر رهائيندو آهي. تنوير سائين مھمانوازي جو ڀڙ ۽ مھمان جي خدمت ڪرڻ ۾ وسان ڪين گھٽائيندو آهي. ناشتو هجي يا لنچ، ملتان جي کائڻ جي هر مشھور لذيذ کائڻ جي شئي سان ٽيبل ڀريل هوندي. وري پاڻ بار بار اٿي اهي شيون هڪ هڪ ڪري مھمان جي پليٽ ۾ وجھندو ويندو. اسان جڏهن به تنوير سائين وٽ ناشتو ڪندا آهيون ته سڄو ڏينھن ماني جي طلب ڪانه ٿيندي آهي، هو ايترو ته کنجي پيٽ ڀري ڇڏيندا آهن.
پروموشن کان اڳ مون سنڌ جي تقريباً سڀني ايم اين ايز ۽ سينيٽرس کي چيو ته سائين اسين هتي توهان جي خدمت ڪريون ٿا ۽ هيءُ منھنجو جائز حق آهي ۽ ٻيا دوست کلون ڪن ٿا ۽ ٽوڪ واري انداز چون ٿا ته سائين هاڻي ته سنڌي ماڻھو جي حڪومت آهي. مون چيو ته اهي هتان وارن جون ٽوڪون اسانکي ڏکيون ٿيون لڳن ۽ اندر سڙندو آهي، جڏهن هو اسان کي ايئن چون ٿا. سواءِ هڪ ٻن جي باقي سڀ چوندا هيا ته اسان بي وس آهيون.