واشنگٽن ۽ ماسڪو جا مزا
”وڇڙي ڪونج قطارا“
کان پوءِ مليون هجن. سيءُ به جوڀن تي هيو، پر دوست جي ڀاڪر ۾ اچڻ کان پوءِ سردي ته الائي ڪيڏاهن ڀڄي هلي وئي. سردي ايئن ڀڄي وئي جيئن گڏهه تان سڱ هليا ويا هجن. سامان گاڏي ۾ رکي پوءِ سٺ ستر ڪلوميٽر واشنگٽن شھر کان پري ميري لينڊ اسٽيٽ (Maryland) جي هڪ خوبصورت شھر هيگرس ٽائون ۾ پھتاسين، جتي سائين ممتاز ڀٽو صاحب جا ٻار شدت سان انتظار ۾ ويٺا هيا. سڀ ملياسين. اسانجي ڀاڄائي گھر ۾ وڏي چاهت سان سنڌي طعام تيار ڪيا ۽ وڏي پيار ۽ پاٻوه سان کائڻ جي ميز کي طعامن سان سجايو. گھڻا ۽ لذيذ طعام ڏسي دلبر پيٽ کائڻ کان اڳ ڄڻ ته بک کي ڀڄائي ڪڍيو. پوءِ آهستي آهستي ڪڏهن ممتاز ته ڪڏهن اسانجي ڀاڄائي ڏويون ڀري منھنجي پليٽ وجھندا وڃن پيا، ۽ چون ته ڀاءُ هي ڇا آهي هيتري ته اسان وٽ جھرڪي کائي ويندي آهي ۽ توهان لڳي ٿو ته لڄ ٿا ڪريو. پنھنجو پيٽ ايترو ته طعام کائي ڦوڪجي ويو، جو ڪرسي تان اٿڻ به محال ٿي ويو. ڪافي دير تائين سنڌ سونھاري جي وڻن ٽڻن پوک پلاءَ، يارن دوستن جون خبرون هڪٻئي کي ڏنيون سين ۽ ورتيون سين. ممتاز سائين رکي رکي ڪنھن نه ڪنھن دوست جو ذڪر ڪري انھن کي واري واري سان سڀني کي ياد ڪندو وڃي ۽ انھن سان گھاريل گھڙيون بار بار ياد ڪري خوشيءَ جو اظھار ڪندو پئي ويو.
هر پنجن منٽن کان پوءِ مرحوم پاشا کھڙو، مسعود کھڙو، مرحوم امداد ڀٽو عرف ڀائو، ذوالفقار مگسي، ڊي آءِ خان جو ڪنڊي نالو ياد ناهي، رمضان مغيري، مير مٺل مغيري، مرحوم عليڏنو انڙ، مرحوم سڪندر ٻگھيو، پنھنجي وڏي ڀاءُ منظور ڀٽو ۽ ڊاڪٽر لياقت ڀٽو ۽ ٻين جي تمام سٺن لفظن سان تعريف ڪري يادون تازيون ڪندو رهيو. بھرحال اهو بلڪل واضع هيو ته سنڌ ۽ سنڌ جي ماروئڙن جي اڪير هر حال ۾ ستائي ٿي. جيترو پري پنھنجي ڏيھه کان گھاري ٿو چاهي اتي ڪيترو به آسودو ۽ پرامن زندگي گذاري ٿو پر وري به ڍول فقيروانگر:
عمر مون نٿا وسرن، ويڙھيچن جا واڙا،
ڀڄي ڀور ٿيندءِ ڪنجيون ڪلف تاڙا.
رات ته صرف ڳالھين ۾ گذري وئي ۽ سموري وقت ۾ ننڊ جو ڪو احساس ڪونه ٿيو، بس ٿوري دير لاءِ اکيون مس ٻوٽيون ته فجر جو ٽائيم ٿي ويو. يعني سياري جي ڍونڍ رات جيڪا الاهي گھڻي وڏي هوندي آهي، اها سڪڙجي اونھاري جي راتين وانگر ٿي وئي. خير جو صبح ٿيو نيرن جي ماني کاڌي سون، پوءِ شھر گھمائڻ لاءِ مختلف جاين تي وٺي ويو ۽ پنھجي دوستن سان ملاقاتيون ڪرائي واپس اچي گھر ڀيڙا ٿياسين. ٻئي ڏينھن جمعة المبارڪ هيو، ممتاز ڀٽو جي گھر جي ڀرسان چڱي وڏي مسجد هئي اتي وڃي جمعي نماز ادا ڪئي. تقريباً ٽي ساڍا ٽي سؤ کن ماڻھو جمعي نماز ۾ شامل هيا.
ممتاز ڀٽو صاحب تعلقي ميروخان جي ڀرسان ڳوٺ محمود خان ڀٽو جو رهواسي ۽ محمود ڀٽو جو لاڏلو فرزند آهي. مان جڏهن 1984ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شھدادڪوٽ هيس ته انھيءَ وقت ممتاز صاحب ٽوف چوسول يونين ڪائونسل جو چيئرمين هيو.
هيگرس ٽائون کان پرڀرو سنڌي فيملين جي گڏجاڻي رٿيل هئي، مونکي به ساڻ وٺي ويو، اتي به ڪافي دوستن سان ملاقات ٿي جيڪي ورهين کان اتي آمريڪا ۾ آباد ٿي ويا آهن. اهي دوست اتي ڪافي خوشحال زندگي گذارن پيا، پر جڏهن به سنڌجي ڳالھه ٿيندي هئي ته اُهي ڪجھه لمحن لاءِ ماضي ۾ گم ٿي پنھنجي عزيز اقاربن جي تلاش ۾ محو ٿي پي ويا، جنھن جا اثر انھن جي چھرن تي چٽا نظر اچن پيا.
1989ع کان پوءِ سائين علينواز ميمڻ صاحب سان سندس گھر تي ملاقات ٿي ۽ رات جي ماني گڏجي کاڌي ۽گذريل وقت کي ياد ڪري خوب دل وندرائي. سائين علي نواز ڄاوا ته شڪارپور ۾ پر تعليم شروعات واري لاڙڪاڻو ۾، اعليٰ تعليم کان وٺي گذريل ڇھه ڏهاڪن کان آمريڪا جي پاڻ کي حوالي ڪيو اٿن، پر اڄ به سنڌ سان محبت سندس وار وار ۾ خوب سمايل آهي. پاڻ واشنگٽن کان ٿورو پنڌ پري رهن ٿا، ۽ ماشاءَ الله اتي به پنھنجي علائقي جي روح وانگر هر هڪ جي جسم ۾ رليل آهن.
اتي وڃڻ کان پوءِ محسوس ٿيو ته هڪ هفتو هتي گھمڻ لاءِ تمام گھٽ آهي. مونکي خبرئي ڪانه پئي ته هڪ هفتو ڪيئن گذري ويو! ممتاز سائين جو اصرار هيو ته مان اڃان ڪجھه وقت وڌيڪ رهان، پر اهو منھنجي لاءِ ممڪن ڪونه هيو، جو مونکي مشڪل سان هڪ هفتو ايڪس پاڪستان ليو ملي هئي. پروگرام مطابق مون ريلوي جو سفر شروع ڪيو، واشنگٽن کان نيو يارڪ جو، اتان منھنجي واپسيءَ جي ٽڪيٽ ورتل هئي.
ممتاز جڏهن پاڪستان ۾ هوندو هو يا جڏهن آمريڪا اچي آباد ٿيو ته مان مذاق خاطر کيس هميشه ڊاڙي ڪوٺيندو هيم. هينئر به جيستائين مان ممتاز کي ڊاڙي نه چوان، تيستائين سڪ پوري ڪونه ٿيندي آهي. ممتاز کي ويسر جي گھڻي عادت آهي، جنھن ڪري جڏهن ڪنھن شئي لاءِ ها ڪندو آهي پوءِ اها ڳالھه وسري ويندي آهي، تنهنڪري مان کيس ڊاڙي چوندو آهيانس، باقي دل جو بلڪل صاف ۽ اجرو ڪنھن جي لاءِ پنھنجي من ۾ بغض ڪونه رکي. دوستي ياري جو ڪوڏيو، نڀائڻ وارو جوان ۽ منهن تي سچ چئي ڏيڻ وارو عظيم انسان آهي.
الله جي در دعا آهي ته اسان جي هن انمول درياء دل دوست سائين ممتاز ڀٽو عرف ڊاڙي کي ۽ سندس اولاد کي پنھنجي حفظ و امان ۾ رکي.
فيبروري 2006ع ۾ پاڪستان پھچي پنھنجي ڪرت سان لڳي وياسين. اپريل جي مھيني ۾ ليٽر مليو ته نيشنل ڊفينس ڪاليج ۾ هڪ سال جي ٽريننگ لاءِ سليڪٽ ڪيو آهي. انوقت اين ڊي سي جي ڪيل ڪورس جي ڊگري قائد اعظم يونيورسٽي ڏيندي هئي. هن وقت اين ڊي سي پاڻ يونيورسٽي ٿي وئي آهي.
گريڊ ويھين کان ايڪويھين جي پروموشن واسطي اسٽاف ڪاليج لاهور يا نيشنل ڊفينس ڪاليج اسلام آباد، ٻنھي مان هڪ ڪرڻو هوندو آهي، انھيءَ کان بغير پروموشن جي لائق ڪونه ٿيندو. اسٽاف ڪاليج جو مدو ڇهه مھينه جڏهن ته اين ڊي سي جو هڪ سال هئي. هينئر اها به ڇهه مھينا ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس وارن اسٽيب ۽ اين ڊي سي وارن کي لکيو ته اسين سال لاءِ آفيسر کي اسپيئر ڪري ڪونه سگھنداسين، انهيءَ ڪري اين ڊي سي جي بجاءِ اسٽاف ڪاليج لاهور نامينيٽ ڪيو. ٿوري عرصي کان پوءِ ٻيو ليٽر اچي مليو ته اسٽاف ڪاليج جي ٽريننگ لاءِ نامينيٽ ڪيو ويو آهين، جولاءِ 2006ع کان اسٽاف ڪاليج لاهور ۾ اين ايم سي (NMC) لاءِ رپورٽ ڪيو. اسٽاف ڪاليج جو پرنسپال هينئر ريڪٽر گھڻو ڪري رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل جاويد هيو. جنرل صاحب جنرل مشرف جو خاص ماڻھو هيو ۽ ڪارگل جي جيڪا به حڪمت عملي هئي، چون پيا ته هيءُ انجو روح روان هيو. انھيءَ ڪري سنڌين سان في سبيل الله گھڻي محبت هوندي هيس. هڪ دفعي ڪلاس هليو پئي ته هن ٽانٽ ڪندي سنڌي ماڻھو چوندي انھيءَ حد تائين وڃي نڪتو ته ڄڻ ملڪ جا سڄڻ صرف هي آهن ۽ پاڪستان جي نالائق ترين قوم صرف سنڌي آهن. جنرل جو هميشه هڪ ڊڪٽيٽر وارو رويو هوندو هيو، هر ڪنھن سان ۽ ڪنھن به قسم جي مخالفت برداشت ڪونه ڪندو هيو. مان ليڪچر هلندي اٿي چيو ته اهو سڄو ڪوڙ ۽ ڊرامو سنڌين جي لاءِ توهان پيدا ڪيو آهي. جنرل صاحب غصي ۾ چوڻ لڳو ته ويھي رهه، مون چيو ته تون جيڪو ڪجھه چيو اهو غلط آهي. مون چيو جنرل صاحب مان ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڊي سي رهيو آهيان ۽ مون وٽ ثبوت آهن ته جنرل صاحب جو لھجو ٿڌو پئجي ويو، ۽ پوري ڪلاس جي سامھون چيائين ته مان پنھنجا لفظ واپس ٿو وٺان. منھنجي چوڻ جو اهو مقصد ڪونه هيو جيڪو تو سمجھيو، پر مان وري به پنھنجا چيل لفظ واپس ٿو وٺان. ڪلاس ختم ٿيو چيف انسٽرڪٽر مسٽر شاهد راجه مونکي گھرايو ۽ چيائين ته منھنجي طرفان شابس هجي جو جنرل صاحب کي پھريون دفعو تو قابو ڪيو ۽ پنھنجا لفظ وٺڻ تي مجبور ٿيو، راجه شاهد صاحب ڊي ايم جي جو ۽ اسان کان چار سال سينيئر هيو.
بھرحال جنرل صاحب کي منھنجو اهڙي طرح ڪلاس ۾ چوڻ هرگز گواره ڪونه هيو، تنھن ڪري هميشه هو مونکي شڪي ۽ اڻوندڙ واري نگاه سان ڏسندو هيو. 2006ع نومبر ۾ فارين ٽوئر جو پروگرام ٺھيو جيڪي چوائس اسان کان ورتي هئي، مونکي انجي برعڪس ٻئي پاسي راونو ڪيو. هر شئي ۾ الله جي حڪمت هوندي آهي، مان ۽ ٻيا ڪجھه ساٿي روس ڏانھن اسٽڊي ٽوئر تي وياسين. ماسڪو، لينن گراڊ، ۽ هڪ ٻن شھرن ۾ تقريباً پندرنهن ڏينھن رهياسين. سردي ۾ برو حال، آمريڪا واري سردي ته روس جي سردي مقابلي ۾ ڪجھه ناهي. سردي مائنس ويھه کان ڇويھه پئي گھمي. ماسڪو ۾ اسانکي هڪ هوٽل تي وٺي هليا، سرديءَ ۾ اسان جي جان پئي نڪري ته اتي جيڪي هيا تن چيو ته سردي روڪڻ جي لاءِ هتان جو پاڻي پيئڻ تمام ضروري آهي پر انجي توهان کي ٽيسٽ شايد مزو نه ڏئي، پر سردي جي لاءِ اڪثير آهي. ڏسڻ ۾ بلڪل پاڻي جھڙو، پر ٿورو گھاٽو. گرائيپ واٽر واري بوتل جيتري پر ٽرانسپيرنٽ هئي. ان تي جيڪي ڪجھه لکيل هيو اهو رشين زبان ۾ هيو، تنھن ڪري سمجھه ۾ ڪونه پيو اچي ته ڇا لکيل آهي. بھرحال هڪ گلاس ڀري اڳيان رکين مون به کڻي سپ هنئي، جيئن نڙي مان هيٽ لھندي وئي تيئن ڪنن مان ٺڪاءُ ۽ دونھون نڪرندو ويو. ٽيسٽ به هڪ عجيب قسم جي جيئن تيئن ڪري ٻه ٽي ڍڪ ڀريا ڪنن مان دونھان نڪرندا ويا ۽ جسم مان سردي ختم ٿي وئي ۽ ماني به ڍئو ڪري کاڌي. ماني کائي جڏهن واپس آياسين، هوٽل تي آرام ڪرڻ کان پوءِ صبح جو لينن گرانڊ روانا ٿياسين. ٻئي ڏينھن تي خبر پئي ته اهو رات وارو پاڻي دراصل رشين برانڊي هئي.
لينن گرانڊ ۾ زار بادشاهه جا محلات ۽ انھن جي دفن ٿيڻ جون جايون ڏسي اچي هوٽل تي پھتاسين. اتي ٻڌائن پيا ته جولاءِ جي مھيني ۾ ڪجھه ايتريون ننڍيون راتيون ٿينديون آهن، جو مغرب نماز کان ٿورو بعد صبح جي آذان جو وقت ٿي ويندو آهي.
ماسڪو روس جي گادي وارو شھر ۽ تاريخي شھر آهي. 2006ع ۾ شھر جي آبادي تقريباً هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ هئي. هيءُ موسڪوا ندي جي ڪناري تي اڏيل هڪ خوبصورت شھر آهي. اتي ڪنھن دوست ٻڌايو ته ماسڪو جي انڊرگرائونڊ ريلوي سسٽم جوڙڻ لاءِ گھڻي ڀاڱي ٻي مھاڀاري جنگ جي قيدين کان کوٽائي جو ڪم ڪرايو ويو. ماسڪو 1918ع کان وٺي رشين فيڊريشن جو گادي وارو شھر ٿيو، انھيءَ کان اڳ سينٽ پيٽرس برگ گادي جو شھر هيو. ماسڪو شھر ۾ هڪ پارڪ جي ڀرسان وڏي شاندار مسجد هئي، جيڪا تقريباً ستر سال بند هئي، جيڪا هينئر کليل هئي ۽ اسان کي ظھر نماز پڙهڻ جو موقعو نصيب ٿيو. مونکي چڱي طرح ياد ناهي، ماسڪو باقي بلڪل هڪجھڙيون پنج يا ست وڏيون بلڊنگون ٺھيل هيون، جيڪي تمام شانائتي انداز ۾ جڙي راس ٿيون هيون. انھن بلڊنگن مان هڪ يونيورسٽي ۽ ٻي هڪ بلڊنگ ۾ اسان کي رشين فيڊريشن جي فارن آفيس جي آفيسر اسان کي روس متعلق بريفنگ ڏني. مون اتي اهو محسوس ڪيو ته اتي هر ٻيو ماڻھو هڪٻئي کان کلي طرح ڳالھه بيان ڪرڻ ۾ ڊڄي پيو ته متان هي منھنجي خلاف مٿي رپورٽ نه ڪري. ايئن پئي لڳو ته هر هڪ ٻئي کي ڪي جي بي جو ايجنٽ پيو تصور ڪري. گورنمينٽ جو خوف سڀني جي مٿان تلوار وانگر لٽڪيل هيو. 1992ع کان پوءِ پرائيويٽ پراپرٽي وٺڻ جي شروعات ٿي، جنھن جو گھڻو فائدو يھودين ورتو. ماسڪو ۾ هن وقت ڪيترائي کرب پتي ماڻھو رهن ٿا. ماسڪو جي ٻھراڙي واري هوٽل ۾ جتي اسان رهيل هياسين، اهو هوٽل هڪ پاڪستاني پنجاب واسي جو هيو، تنھنڪري کائڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس ڪانه ٿي، پاڪستاني کاڌو مليو پئي. سينٽ پيٽرس برگ ۾ به جنھن هوٽل ۾ رهياسين، انجو انتظام به پاڪستاني پنجاب واسي جو هيو، پوءِ اها خبر ناهي ته هو انجو مالڪ هيو يا نه.